Monday, July 11, 2022

باڪو جي سفر جون ساروڻيون - ڊاڪٽر فياض لطيف

باڪو جي سفر جون ساروڻيون

باڪو جا پُربهار سَت ڏينهن ۽ راتيون

ڊاڪٽر فياض لطيف



تاريخ ۶ اپريل ۲۰۲۲ع تي رات جو ڏهين بجي ڌاري پياري دوست جامي چانڊيي فون ڪري چيو ته، ’فياض! تياري ڪر، پاڻ ٻن ٽن ڏينهن ۾ آذربائيجان پيا هلون‘.

پُڇيم ٻي سنگت ڪهڙي هلندي؟

چيائين، ’تون، مان، مرتضى سيال ۽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري. مون ٻنهي دوستن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، هو تيار آهن. بس تون ها ڪر ته، پروگرام کي حتمي شڪل ڏيون‘.

وڌيڪ ٻڌايائين ته، ڪنهن ٽريول ايجنٽ دوست باڪو لاءِ ستن ڏينهن جو بهترين ۽ سستو پيڪيج موڪليو آهي، انهيءَ ڪري پاڻ چارئي دوست گڏجي هلي باڪو گهمي ٿا اچون.

منهنجا ڪجهه دوست باڪو ياترا ڪري آيا هئا، ۽ انهن موٽي اچي باڪو جون اهڙيون تعريفون ڪيون هيون، جو ان کي ڏسڻ جو اشتياق ٿي پيو هو.

مون جامي سان بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، هلڻ لاءِ ها ڪئي.


جامي جهڙو هر دل عزيز دوست ۽ مرتضى جهڙو هڏ ڏوکي سنگتي ساٿ ۾ هجن، ۽ مٿان وري آذربائيجان جهڙي حسين ملڪ گهمڻ جي ڪوٺ ملي ته، ڪير انڪار ڪري سگهندو؟.

ان ڳالهه کي ٻه ڏينهن گذري ويا، جامي سان ڪوبه رابطو نه رهيو. مون سمجهيو، هو گهڻ ڪاريو ماڻهو آهي، ڪمن ۾ مصروف هجڻ ڪري کائنس ڳالهه وسري وئي هوندي.

واٽس اَپ تي ڏٺم ته مرتضى ’باڪو ٽوئر‘ جي نالي سان هڪ گروپ ٺاهيو آهي ۽ اُن تي جامي جا ٻه ٽي ميسيج رکيل آهن، جنهن ۾ هُن پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ جي ڪاپين موڪلڻ سان گڏ اسان کي پنهنجي اداري مان ترت موڪل وٺڻ جو مشورو پڻ ڏنو هو، جنهن مان لڳو ته پروگرام پڪو آهي.

ٻي ڏينهن ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي گهر جامي سان ملاقات ٿي، جتي اسان ٻنهي اسحاق کي به هلڻ جي صلاح ڪئي. پهريان هن انڪار ڪيو، ڇو ته هو اڳ ئي علي دوست عاجز ۽ خليل ڪنڀار سان گڏ باڪو گهمي آيو هو، پر پوءِ اسان جي اصرار تي هن به هلڻ جي حامي ڀري. گڏيل صلاح سان هلڻ جي تاريخ ۱۱ اپريل ۲۰۲۲ع طئي ٿي. مون، اسحاق ۽ مرتضى جي، هڪ ئي يونيورسٽي ۾ ملازم هجڻ ڪري، اسان ٽنهي گڏجي موڪل جون درخواستون ڏنيون، جيڪي گڏيل ڪوششن سان جلد ئي منظور ٿي ويون. جامي، نوڪريءَ جي ٽوڪريءَ کان آجو ۽ آزاد ماڻهو آهي، اُنهيءَ ڪري هُن کي ڪيڏانهن به وڃڻ لاءِ ڪنهن جي اجازت نامي جي لوڙ نه هوندي آهي، اهو ئي سبب آهي، جو هُن نه رڳو پنهنجي پسند سان آزاد زندگي گذاري آهي، پر اسان مان سڀني کان وڌيڪ سياحت ڪرڻ سان گڏ انيڪ مُلڪ به گُهميا آهن.

ڊاڪٽر علم الدين انصاري، جيڪو سنڌ گورنمينٽ جو ملازم آهي، ان جي مقرره تاريخ تائين موڪل نه ٿي سگهي، انهيءَ ڪري اسان جو پروگرام ۱۱ بدران ۱۴ اپريل طئي ٿيو.

ٽڪيٽ ۽ ويزا وغيره اچي وئي ۽ اسان تيارين ۾ لڳي وياسين.

چوڏهن تاريخ تي اسان جي فلائيٽ رات جو ٽي بجي هئي، انهيءَ ڪري اسان گهران ماني کائي، اسحاق ۽ مرتضى کي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني مان کڻي، رات جو ڏهين بجي ڌاري ڪراچي روانا ٿياسين. رستي ۾ هڪ ٻئي سان موج مذاق ڪندا، هڪ بجي ڌاري ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتاسون. بورڊنگ ۽ ٻي انتظامي جانچ پڙتال مان جان ڇڏائي، اچي لائونج ۾ ويٺاسين.

سنگت جي سَنگ ۽ صحبت ۾، ٻه ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا، خبر ئي نه پئي، اوچتو جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ سَڏُ ٿيو. سڀني پنهنجا پنهنجا هينڊ بيگ، جيڪي جامي جي صلاح سان کنيا هئا، سنڀالي ڪُلهن ۾ وڌا. شاهي بَسِ ۾ چڙهي، جهاز تائين پهتاسين. اسان جون ٽڪيٽون گڏ ڪَٽجڻ ڪري، جهاز ۾ سيٽون به گڏ مليون. جيئن ته اسان جي فلائيٽ ڪنيڪٽيڊ هئي، انهيءَ ڪري اسان جو جهاز تقريبن ٻن ڪلاڪن جو سفر ڪري، دبئي ايئرپورٽ تي لٿو، جتي ڇهن ڪلاڪن کان پوءِ باڪو لاءِ اسان کي ٻي جهاز ۾ سوار ٿيڻو هو. دُبئي ۾، هُن ٽوئر جو بندوبست ڪندڙ جمشيد ڏهر به اچي اسان سان ساٿ ۾ سلهاڙيو.

دبئي ايئرپورٽ ميلن ۾ پکڙيل ۽ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي. ان جو هر حصو جهڙوڪر ڪراچي ايئرپورٽ جي عمارت جيترو ڪشادو آهي. اُن جو رَن وي ايترو ته وسيع آهي، جو اُن تي هر گهڙي انيڪ جهاز لهن ۽ اُڏامن ٿا. اسان کي جنهن حصي ۾ وهاريو ويو هو، اهو به هڪ ننڍڙو شهر ٿي محسوس ٿيو، جتي کاڌي جي شين کان وٺي، ’پيئڻ‘ جي سامان تائين، پرفيوم، سگريٽ، بيگ، مطلب ته روزمره زندگي جي استعمال ۾ ايندڙ هر چيز جهجهي مقدار ۾ موجود هئي.

دُبئي، انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي، اُن ڪري اُتي روزانو ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اچن ۽ اُڏامن ٿا، انهيءَ ڪري لائونج ۾، هر ملڪ جا مختلف صورتن ۽ لباسن وارا ماڻهو نظر آيا. ڪي ڪارا، ڪي ڀورا، ڪي سانورا، ڪي سُندر، ڪي جُبن ۾ ملبوس، ڪي بُرقعن ۾ بند، ڪي گوڏن کان ڦاٽل جينز پاتل، ته ڪي وري اِسڪرٽ اوڍيل، مطلب ته وڻ وڻ جي ڪاٺي هڪ هنڌ ڪَٺي ٿيل هئي.

اسان مان ڪنهن دوست فيس بڪ تي پنهنجي هن گڏيل سفر جي حوالي سان اسٽيٽس رکيو هو، سو اهو جيئن دُبئي ۾ مقيم اسان جي مشترڪه ليکڪ دوست عباس ڪوريجي ڏٺو ته، رابطو ڪيائين، پر اسان جو سفر اڃا اڳتي هو، ۽ دُبئي جي ويزا نه هجڻ ڪري، ملڻ پڻ ممڪن نه هو، اُنهيءَ ڪري کيس ٻي ڀيري دُبئي اچڻ ۽ ملڻ جو چئي، موبائل تي ئي کائنس موڪلايوسون.

جنهن کان پوءِ وقت گذارڻ لاءِ سنگت سان گڏ پوري لائونج ۾ هڪ ٻه ڦيرا ڏئي، اُتي موجود مارڪيٽ ڏسڻ کان علاوه خدا جي خدائي ۽ دو رنگي دنيا جا روپ سَروپ پڻ پَسياسون. ٿڪجڻ بعد هڪ ڪافي شاپ تي اچي ويٺاسين، جتي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پسند موجب ’پيتو ۽ کاڌو‘.

ايتري ۾ باڪو جي فلائيٽ لاءِ مسافرن کي سڏيو ويو ۽ اسان به قطار ۾ شامل ٿي، ڪائونٽر تي ڪاغذن جي ضروري چڪاس کان پوءِ جهاز ۾ اچي سوار ٿياسين. جهاز جو عملو گهڻو ڪري، عرب ۽ آذربائيجاني هو، اُنهيءَ ڪري سندن انگريزي ڳالهائڻ جو انداز ۽ تلفظ به اهڙو هو، جو وڏي ڪوشش ۽ پوري ڌيان کان پوءِ مس وڃي ڪو لفظ ٿي سمجهه ۾ آيو. کاڌي ۾ وٽن مُرغي مِڪس ۽ سبزي مِڪس کاڌو هو، جيڪو هر ڪنهن کان پُڇي، اُن جي مرضي مطابق ٿي ڏنائون. اسان مان ٽن ڄڻن مُرغي مِڪس ورتو، پر مرتضى ۽ علم الدين کين سبزي مِڪس جي فرمائش ڪئي. مُرغي وارو کاڌو ته کائڻ لائق هو، پر سبزي وارو الائي ڇا هو، نتيجي ۾ ٻنهي دوستن لنگهڻ تي رات گذاري.

منجهند ڌاري جهاز هلي باڪو ايئرپورٽ تي لاٿو، جتي ٻاهر اڳ ئي پئڪيج ۾ مليل ڊرائيور ’آرزو‘ گاڏي سميت اسان جي انتظار ۾ بيٺو هو، جنهن اسان کي اُتان کڻي، ڪانٽينينٽل هوٽل تي پُڄايو. سڀ ٿڪل هئاسين، انهيءَ ڪري آرام لاءِ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ وڃي آرامي ٿياسين.

باڪو جون راتيون هجن يا ڏينهن، اُنهن جو پنهنجو سَحر ۽ حُسن آهي. توڙي جو سمنڊ جي آغوش ۾ هجڻ ڪري، هِن شهر ۾ فطري طرح وڻ، ٻوٽا ۽ ساوڪ ايتري گهڻي ڪو نه آهي، پر رياست جي ذميواري، ذوق، دلچسپي ۽ پنهنجي مُلڪ ۽ ماڻهن سان محبت جو وڏو ثبوت اُهو آهي ته، اُنهن اُن ڪَميءَ کي به جهجهي مقدار ۾، هٿرادو وڻ ۽ ٻوٽا پوکرائي، اهڙي حَسين نموني سان پورائو ڪيو آهي، جو ڪنهن به ماڻهوءَ کي ائين محسوس ڪو نه ٿيندو ته، هي خِطو ڪو سامونڊي ۽ تيل واري زمين تي قائم آهي. هر جاءِ تي باغ باغيچا، گلن جون رونقون ۽ هُٻڪارون، ايتري تائين جو سمنڊ جي ڪِنارن ۽ بِيچن تي به اوهان کي وڻن، ٻوٽن، ڇَٻراٺي ۽ ڀانت ڀانت جي گُلن جي اهڙي گُل و گُلزاري ملندي، جو گهڙيءَ کن لاءِ اوهان کان اهو وِسري ويندو ته، اوهان سمنڊ جي ساحل تي آهيو يا ڪنهن چَمن ۾ پَسار پيا ڪريو.

هر جاءِ تي اوهان کي ماڻهن جا هجوم ملندا، پارڪن کان وٺي، هوٽلن، روڊن، گهٽين، رستن، سامونڊي ڪِنارن، پَبن، بارن ۽ نائيٽ ڪِلبن تائين، جيڏانهن نگاهه ڪبي، تيڏانهن نِرمل نظارا نظر ايندا. ڪو به ڪنهن کي ’سَتائڻ‘ ۽ اسان جي ماڻهن وانگر ’چِتائڻ‘ جي مَشق ڪندي ڪو نه ملندو، پر سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ مَستُ مَگن نظر ايندو. هي ماڻهو ڪمال جا خوش اخلاق، خوش پوشاڪ، سيڪيولر ۽ شخصي آزاديءَ جا نه رڳو قائل آهن، پر مذهب کي انسان جو انفرادي ۽ داخلي معاملو سمجهڻ ۾ ايمان رکندڙ آهن.

ائين به ڪونهي ته، هي ماڻهو ڪو مذهب کان پَري ۽ اُن جا اِنڪاري آهن، ڪيترين جاين تي اسان انهن ۾، مذهب لاءِ محبت جو جذبو ۽ احترام جو احساس به پَسيو. ڪيترن ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن عبادت گاهن ۾ عبادت ۽ فرض ادائگي ڪندي به ڏٺو. هِتي وَلين ۽ درويشن جون ڪجهه درگاهون به نظر آيون، جن ۾ انتهائي عقيدت ۽ تعظيم سان ماڻهن حاضري ٿي ڀَري، پر هِتي عبادت گاهون ۽ درگاهون ڌنڌي ۽ ڪاروبار جو ذريعو نه آهن. هِتي اسان وانگر وِک وِک تي ڪا پيراڻي گادي ۽ مِيراڻي مَستند به نظر ڪو نه آئي، جتي اسان جي مُلڪن جيان مجبور ۽ لاچار ماڻهو، پنهنجن پنهنجن مسئلن جي حَل لاءِ ’ڀوتارن ۽ سردارن‘ جي درن تي ڀٽڪندا ۽ سندن ’ڪمدارن‘ کي مِيڙيون ۽ مِنٿون پيا ڪندا آهن، پر اُهي ڪُند ذهن ۽ دل جا ڪَٺور هِنن مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن تي تَرسُ کائڻ بدران تُرسُ ٿيندا آهن.

هِتان جي پوليس، اسان جي پوليس وانگر خوفائتي ۽ ڀَوائتي ڪونهي، جنهن کي ڏسندي ئي ماڻهن جو اَڌ ساهه نِڪري ويندو آهي، پر هِتي جي پوليس انتهائي ’پياري ۽ سهڪاري‘ آهي. هي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ، اُنهن جا کيسا ڦَلهوٽڻ، اُنهن کي هِيسائي، ڇِڙٻون ڏئي، تذليل ۽ تضحيڪ ڪرڻ وارا نه، پر اُنهن جي خوشي، سَرهائي ۽ سَهنجائي جا ضامن ۽ سندن مال، عزت ۽ آبرو جا محافظ آهن. هِتي گهٽي گهٽي ۾ اوهان کي نوجوان، خوش شڪل ۽ خوبصورت مردن سان گڏ خوش مزاج ۽ حسين عورت پوليس آفيسر مِلنديون، جيڪي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کان ’خرچي ڪڍڻ‘ جي نيت کان بيٺل نه هوندا آهن، پر ماڻهن جي حفاظت ۽ اُنهن جي مدد لاءِ منتظر کَڙا هوندا آهن.

خود اسان سان هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. اسان کي سمنڊ تي وڃڻو هو، سو پنڌ ئي پنڌ نظامي اِسٽريٽ جا روڊ لتاڙيندا، پُراڻي باڪو کان ٿيندا، مختلف مُوڙ پارِ ڪندا، هڪ اهڙي شاههراهه تي اچي پهتاسين، جنهن جي پرين پاسي سمنڊ هو، پر جيئن ته روڊ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ تمام گهڻي هئي، جنهن ڪري روڊ پارِ ڪرڻ مشڪل هو. هِن شهر ۾ هون ته هر روڊ پار ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿوري پنڌ تي ’اَنڊر پاس‘ جي سهولت موجود آهي، پر هِتي اسان کي ڪا ويجهي ’اَنڊر پاس‘ نظر ڪو نه آئي، جنهن ڪري ٿوري وِٿي ڏِسي، اَڌ روڊ ڪِراس ڪيوسين، پر ٻي پاسي واري ٽريفڪ جاري هجڻ ڪري، مُنجهي وچ تي بيهي رهياسين. ايتري ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس جي گاڏي سائرن وَڄائيندي، اسان جي ڀرسان وچ روڊ تي اچي بيٺي، نتيجي ۾ ڪِولين جيان قطارون ڪري ڊوڙندڙ ڪارين جا قافلا رُڪجي ويا. اسان سمجهيو ته، قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، سو اڄ ضرور ٻَڌباسين. سائرن وَڄائيندڙ ڪار جي ڊرائيورنگ هڪ خوبرو خاتون ڪري رهي هئي، جنهن مُسڪرائي اسان کي روڊ ڪِراس ڪرڻ جو اِشارو ڪيو ۽ اسان ائين سڪون سان روڊ پارِ ڪري، سمنڊ جي ڪِناري تي پُڳاسين. سوچيو پئي، جي پنهنجي ديس ۾ اهڙي ڪوتاهي ڪريون ها ته، ٻيو نه ته ڇِڙٻون ۽ دَڙڪا ته واهه جا مِلن ها.

هِتي پينو فقيرن، هيروئني هٿڙي هڻندڙن ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ عاملن جا مَڪار ٽولا به نظر ڪو نه ٿا اچن، جيڪي وَهمن، وِسوسن ۽ عقيدن جي اَنڌ جو بَکُ بڻيل، اسان جي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن کي پنهنجي ڦنڌ ۾ ڦاسائي، کين ڦُري ناڙ ڪندا آهن. هِتي ’پِنڻ ۽ ٻئي جي اڳيان هٿ ٽَنگڻ‘ کي مَعيوب تصور ڪيو وڃي ٿو، اُنهيءَ ڪري اسان کي باڪو جي گهٽين، بازارين، ماڳن ۽ مَڪانن تي گُهمندي ڦِرندي، سواءِ هڪ ٻن پوڙهين ۽ لاچار ڪُراڙي عورتن جي، جن ڪجهه کائڻ جيترن پئسن جي گهُر ٿي ڪئي، باقي ڪٿي به ڪو ڌڻي جا واسطا ڏئي دانُ پِندڙ ۽ ڪوڙا قَسمَ کڻي، آئي وَئي کان پَئسن تَڳائڻ وارو ڪو ڍونگي فقير ڪو نه ٽَڪرايو.

هِتي ماڻهو پِنڻ بدران پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، اُن جي مڃتا طور ڪجهه حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا، اُن ڪري گهٽين، بازارين، چونڪن، چوراهن ۽ پارڪن ۾، اوهان کي مختلف آرٽسٽ هر وقت پنهنجن پنهنجن صلاحيتن جو نماءُ ڪندي ۽ ماڻهن کان دَادُ وَٺندي نظر ايندا. ڪٿي ڪو وائلن ۽ گِٽار وَڄائيندي، اُن جي سُرن ۽ سَرگمن سان ماڻهن جا روح ريجهائيندي ملندو، ته ڪٿي ڪو باجي ۽ بانسريءَ جي ڌُنن تي ماڻهن کي رقص ڪرائڻ ۽ کين بي خود بڻائڻ جي ڪِرت ۾ مشغول ۽ مَگن محسوس ٿيندو. ڪٿي ڪو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي، ’اِسٽريٽ ٿئيٽر‘ پيش ڪندي نظر ايندو، ته ڪٿي ڪو مَداري پنهنجا ڪَرتب ڏيکاري، ماڻهن کي کِلائيندو ۽ خوش پيو ڪندو. ڪٿي ڪو جلالي دُهل تي ڏونڪو هَڻي، ڌَمال جو ماحول جوڙڻ ۽ ماڻهن کي جهومڻ ۽ نچڻ جون دعوتون پيو ڏيندو.

مطلب ته هي ماڻهو، اسان جي ماڻهن وانگر هر وقت مسئلن ۽ مجبورين جا سوين مڻ بارَ ڪُلهن تي کڻي جيئڻ بدران هر گهڙي زندگيءَ کي زندهه دلي سان ’چوڙڻ ۽ ماڻڻ‘ جا نه رڳو مُشتاق آهن، پر جياپي کي جيئڻ جو هر حَسين گُر ۽ هُنر به خوب ڄاڻن ٿا.

باڪو دراصل آذربائيجان جي گادي جو هنڌ آهي، جنهن جي آبادي ۱۱۱۶۵۱۳ آهي، جيڪو ڪئپسين سمنڊ جي اُولهندي ڪناري تي آباد آهي. آذربائيجان جي ڪل آبادي ۱۰۳۱۰۲۹۱ آهي، جنهن ۾ % ۹۹ سيڪڙو مسلمان، جن ۾ % ۸۵ شيعا، % ۱۵ سُني ۽ باقي ٻين ڌرمن جا ماڻهو رهن ٿا. ’باڪو‘ لفظ لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اهو فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنى ’جابلو هوائون‘ آهي. باڪو جو تاريخي حوالو ۸۸۵ کان به اڳ جو ملي ٿو، ڇو ته هِن جي تاريخي آثارن مان عيان آهي، ته هِن خِطي جا ماڻهو هِتي حضرت عيسى کان به صديون اڳي موجود هئا. باڪو جي تحريري تاريخ مان سُڌ پوي ٿي، ته هي علائقو ’شروان شاهان‘(Shirvan Shahs’) جي قبضي ۾ هو، جن هِن کي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ گاديءَ جو هنڌ بڻايو. ۱۳، ۱۴ صديءَ ۾ هيءُ منگولن جي تسلط هيٺ رهيو. ۱۷۳۲ع ۾ پيٽر ــ۱ (Peter -I)، هتي قابض ٿيو. ۱۷۳۵ع ۾ پارسين هن علائقي کي فتح ڪيو. آخر ڪار ۱۸۰۶ع ۾، روس هِن خِطي کي پاڻ سان شامل ڪري، باڪوءَ کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. هِن وقت هي شهر پنهنجي تيل جي صنعت، خوشگوار آبهوا، عاليشان عمارت سازي، سامونڊي بيچن، تاريخن ماڳن مڪانن، آزاد ۽ رومانوي ماحول، خوش مزاج ۽ خوبرو ماڻهن ۽ بهترين رياستي نظام سبب دنيا ڀر ۾ وڏي ناماچاري رکي ٿو.

رومانوي داستانن ۽ قصن ڪهاڻين ۾ پڙهيل پَرين جي ديس جهڙو هيءُ حَسين ڏيهه پنهنجي جمالياتي ڏيک، ڪشادي روڊن رستن، وڻندڙ موسم، بهترين آبهوا، لاجواب صفائي سُٿرائي ۽ مقامي ماڻهن جي شائستگي، سونهن، سندرتا، قربائتي رويي ۽ رنگين مزاجي سبب هي شهر سياحن کي پاڻ ڏانهن گهڻو موهي ۽ متوجهه ڪري ٿو.

هونءَ ته هِن شهر جون گهڻيون شيون قابلِ ديد ۽ قابل ذڪر آهن، پر هِن شهر جون عمارتون ۽ ماڻھو ڏاڍا موهيندڙ ۽ حَسين آهن. هِن ماڻهن کي خدا جيترو سُهڻو ۽ حَسين بڻايو آهن، هِنن ايترو ئي آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر جي مدد سان پنهنجي شھر جي عمارتن، روڊن ۽ رستن کي سونهن ۽ سُندرتا سان سَنواريو آهي. هر عمارت آرٽ جو هڪ شاهڪار ٿي لڳي. هر جاءِ تي صفائي سُٿرائي ايتري، جو ڪٿي به ڪو ڪَکُ پَنُ، مِٽي ۽ گندُ ڪِچرو نظر نه ايندو. هر روڊ رستي تي روزانو هزارين گاڏيون ۽ ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر ڪٿي به ڪا مِٽي ۽ دَز نه ملندي. جڳهه جڳهه تي ڊَسٽ بِن موجود هيون، جن کي ’گندَ ــ پِيٽيون‘ چوڻ به عجيب ٿو لڳي، ڇو ته اُهي به اهڙيون ته سُٺيون ۽ هر جاءِ تي سليقي سان رکيل هيون، جو ڄڻ ته شهر جي سونهن، زيب ۽ زينت جو حصو ٿي محسوس ٿيون. ڪيترا ئي ماڻهو روڊن رستن تي مختلف شيون کائيندي ۽ پيئندي نظر آيا، پر مجال آ جو ڪنهن رستي تي پَنو به اُڇلايو ٿي. هر ڪنهن ساري سنڀالي ڪَکُ به ’ڊسٽ بِن‘ ۾ پئي وِڌو.

اسان وانگر هِتي هِن مُلڪ ۾ پيرن، درويشن ۽ وَلين جون ايتريون درگاهون به ڪو نه آهن. اسان کي سفر ۾ ڪٿي ڪجهه الله لوڪ ماڻهن جون مزارون به مليون، جتي ڪجهه ماڻهو پنهنجي عقيدت ۽ پيار وچان حاضري ڀريندي ۽ انهن جي تعظيم ڪندي به نظر آيا، پر جهڙيءَ ريت اسان جا ماڻهو پنهنجا ڍڳا، ڍور کَپائي، قرض کڻي پيرن ۽ مُرشدن جي درگاهن تي ديڳيون لاهيندا ۽ اُنهن درگاهن جي گادي نشينن کي ’ڏَنُ ۽ نذرانو‘ ڏيندا آهن، اهڙي ڳالهه هِتي ڪٿي به ڏسڻ لاءِ ڪو نه ملي..

اسان جي ماڻهن وانگر هي ماڻهو ٽوڻي ڦيڻي ۽ ڌاڳي سَڳي ۾ اعتقاد گهٽ رکن ٿا، پر جهڙيءَ ريت اسان جا ڏيهي، درويشن ۽ پيرن جي درگاهن تي وَڻن ۾ ڌاڳا ۽ ڪَپڙن جون رِيڙون ٻَڌندا ۽ مُرشدن جي مزارن جي پِڃرن ۾ تالا هڻندا ۽ مُرادون پوريون ٿيڻ جي صورت ۾، وڏن دُهلن دَمامن سان اُهي اچي کوليندا آهن. ائين باڪو جي دل سَڏجندڙ، ’نظامي اسٽريٽ‘ ۾، هڪ لوهه جو ’جهنگلو‘ پيل ڏٺو، جنهن ۾ هَنڌ هَنڌ تي تالا لڳل هئا. پُڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته، اُهي هِتان جا عاشق ۽ معشوق جوڙا پنهنجي تعلق ۽ رشتيداريءَ جي پائداريءَ لاءِ لڳائي ويندا آهن، خبر ناهي هي پنهنجون مُرادون پوريون ٿيڻ جي صورت ۾، اسان جي ماڻهن وانگر دُهلن دَمامن سان ديڳيون لاهيندا ۽ مِٺايون وِرهائيندا آهن، اَلائي نه، پر اُهو پوري وِشواس سان چئي سگهجي ٿو ته، هي ماڻهو ’زندگيءَ کي جيئڻ‘ ۽ ’محبتن کي ماڻڻ‘ جو حَسين هنر ڄاڻن ٿا.

رمضمان شريف جي مهيني هجڻ باوجود اسان کي باڪو ۾ ڪٿي به، اُن جو ’نمائشي انداز‘ نظر نه آيو. ڪيترا مَقامي توڙي غير مُلڪي روزائت به مليا، ڪيترن شاپنگ مالن ۾، رمضان جي ’مَرحبا‘ لاءِ حَسين سائن بورڊ به آيزان ڏِٺا، مسجدون ۽ ٻين ڌرمن جون عبادت گاهون به ڏٺون، جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي عقيدي ۽ اعتقاد موجب عبادت ڪري، بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي واپس وري، ٻيهر پنهنجي دنياوي ذميوارين ۾ مصروف ٿي ٿي ويو. هتي عبادت گاهون ۽ انسان جي رهائش جا آسڻ، هڪجهڙا ئي حَسين نظر آيا. ڪنهن به عبادت گاهه تي ڪنهن ڌرمي ٺيڪيدار جي اَجاراداري ۽ قبضاگيري نظر نه آئي. هر جاءِ تي خدائي حُسن ۽ انسان جي ڪمال شعوري ڏات ۽ ڏانءَ جي ڪرشماتي شاهڪارن کي پَسي، نه رڳو عجيب سڪون آيو، پر هر وِکَ تي هنئين ۾ هڪ حَسرت به جاڳي ٿِي، ته ڪاش پنهنجي ڏيهه ۾ به ڪڏهن اهڙا ڏينهن ڏسي سگهون!.

هِن شهر کي ڏينهن جو سج جي روشني ۽ موسم جي ٿڌڪار محبوب بڻائي ٿي ته، رات جو چنڊ جا جَرڪندڙ ڪِرڻا، حَسين چھرن جي حُسناڪي، ٿڌيون ۽ مدهم روشنيون ۽ ماڻھن جو موهيندڙ ماحول چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿو.

جيئن جيئن رات ٿئي ٿي، باڪو جو حُسن ۽ حيرتون جاڳي پون ٿيون. عمارتن جي لائيٽنگ کان روڊن رستن جي رونقن ۽ معصوميت جي ماڪ سان ڌوتل موهيندڙ چهرن تائين، هر طرف سونهن ۽ سُندرتا جو سمنڊ ڇوليون هَڻندو محسوس ٿئي ٿو. ماڻهن جي چهرن تي اطمينان ۽ هٿ هٿن ۾ ڏئي گُهمندڙ جوڙن جي اکين ۾ اعتماد ۽ آزادي جي سَرهائي سچ ته مَلول دل ۽ مايوس ماڻهن جي روح ۾ به جياپي جي جوت جاڳائي ڇڏي ٿي.

هِن شهر کي هِتان جي انتظاميه جنهن صفائي سُٿرائي ۽ سليقي سان سَنواريو ۽ سَنڀاليو آهي، اُهو حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ آهي. ڪشادي روڊن، جن تي هڪ ئي وقت چئن پنجن گاڏين جون قطارون سفر ۾ روان دوان نظر ٿي آيون، اُنهن جي پاسي ۾ ايترا ئي ويڪرا ڦٽ پاٿ، جن تي ماڻهن جا هجوم هليا گهميا ٿي، پر ڪٿي به پيهه، مِٽي ۽ ڪو گند ڪچرو ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. وڻن کان وٺي عمارتن ۽ باغ باغيچن تائين هر شيءِ ايتري ته ڌوتل پوتل ۽ اُجري ٿي ڀاسي، جو لڳو ٿي ته ڄڻ هاڻي هاڻي برسات وَسي بس ڪئي آهي. نيو باڪو ته جديد انداز ۾ تعمير ڪيو ويو آهي، پر پراڻي باڪوءَ جي گهرن، گهٽين ۽ ماحول کي جنهن انداز سان هِنن ماڻهن محفوظ ڪيو آهي، اُن کي ڏسي حيرت سان گڏ پنهنجي مُلڪ لاء هڪ خواهش پڻ ڪَرُ کڻي اُٿي ٿي ته، اُهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جو پنهنجو ديس، جيڪو فطرت کان وٺي معدنيات، درياءَ، سمنڊ، تاريخي ماڳن مڪانن مطلب ته، هر قسم جي وَسائل سان مالامال آهي، اُن جا اهڙا ڏينهن ڪڏهن ايندا؟

ٻن ڏينهن کان پياري دوستن جامي چانڊئي، پياري اسحاق سميجي، مرتضى سيال، ڊاڪٽر عِلم الدين انصاري ۽ پنهنجي لاڙڪاڻي واسي جمشيد ڏهر سان رولاڪيون ڪندي، باڪو جي حُسناڪين کي پَسندي ۽ دلبر دوستن سان ڪچهريون ڪندي ۽ ٽهڪ ڏيندي، هر لمحو حسين ۽ سَڦل ٿو محسوس ٿئي.

باڪو هڪ شاندار سياحتي ماڳ سان گڏوگڏ بهترين ثقافتي ۽ اعلى تعليمي درسگاهن جو ديس به آهي. هِن شهر ۾ باڪو اِسٽيٽ يونيورسٽي (Baku State University)، جا ۱۹۱۹ع ۾ قائم ٿي. خزر يونيورسٽي (Khazar University)، جنهن جو ۱۹۹۱ع ۾ بنياد پيو، آذربائيجان ٽيڪنيڪل يونيورسٽي (Azerbaijan Technical University)، جيڪا ۱۹۵۰ع ۾ وجود ۾ آئي، ۽ ٻيا به ڪيئي سائنس ۽ آئل اِنڊسٽري جي حوالي سان ادارا پڻ موجود آهن. انهن کان سواءِ هِتي هڪ خاص تيل جي صنعت جي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ يونيورسٽي سان گڏ آذربائيجان اڪيڊمي آف سائنس (Azerbaijan academy of Science) جي نالي سان هڪ بين الاقوامي معيار جي وڏي يونيورسٽي پڻ قائم آهي، جنهن ۾ سائنسي تحقيق جي حوالي سان ڪيترا ئي شعبا قائم آهن، جن مان هر هڪ شعبو پنهنجي طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ميدان ۾، نئين کوجنائن ۽ دريافتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

باڪو جهونجهارن، شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن جي ڌرتي هجڻ سان گڏ عاشقن، عُشاقن، عالمن ۽ سائنسدانن جي سرزمين به آهي. معروف سائنسدان ليو ڊاوڊووچ لانڊانLev Davidovich Landan, (born 9 Jan 1908, died 1April,1968 )جو تعلق به باڪو سان هو، جنهن کي فزڪس جي شعبي ۾ غير معمولي خدمتون ۽ ڪارناما سرانجام ڏيڻ جي نتيجي ۾ ۱۹۶۲ع ۾ نوبل پرائيز سان نوازيو ويو هو.

ويهين صدي تائين باڪو کي تيل جي ذخيرن ۾، دنيا ۾ سڀ کان اول درجي جي حيثيت حاصل هئي. هن وقت توڙي جو کيس اُن سلسلي ۾ ساڳيو درجو ۽ مَقام حاصل نه آهي، پر پوءِ به وٽس اڃا تيل جا وڏا ذخيرا موجود آهن، جنهن ڪري هِن جي معاشي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جو وڏو ذريعو تيل ئي آهي.

باڪو ۾ اسان کي سواءِ هڪ ٻن جاين تي، آذربائيجان جي آزاديءَ جي سرواڻ ۽ باڪو جي جديد باني سياستدان حيدر علييف جي ڦوٽو کان سواءِ، ٻيو ڪٿي به ڪو ڪمرشل سائن بورڊ يا ڪنهن سياسي ليڊر جي تصوير نظر نه آئي. سائن بورڊن بدران چوڪن ۽ چوراهن تي وڏيون ايل. سي. ڊي اِسڪرين ڏٺيون، جن تي شهر جا موهيندڙ منظر ۽ نظارا ڏيکاريا ٿي ويا. جيئن اسان جي مُلڪ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾، وِکَ وِکَ تي مختلف سياستدانن جا تصويري پوسٽر لڳل هوندا آهن، جيڪي اڪثر ’سُلطان راهي‘ اِسٽائيل جا هجڻ ڪري، پاڻ ڏانهن متوجهه ۽ مائل ڪرڻ بدران ماڻهن کي ڊيڄاريندا ۽ ڪنبائيندا وڌيڪ آهن، اهڙو ڪَلچر هِتي پوري آذربائيجان ۾ ڪٿي ڳولهيئي نه لَڀندو.

آذربائيجان مختلف دورن ۾، مختلف مُلڪن جي حڪمراني هيٺ رهيو آهي. ڪڏهن ايران ته ڪڏهن سويت يونين جي ماتحت رهندڙ هِن مُلڪ جي ماڻهن به، دنيا جي ٻين ديسن جي ماڻهن وانگر تَسلط ۽ غلامي جا ڏَنگ ۽ ڏُهاڳ به برداشت ڪيا آهن، پر ۳۰ آگسٽ ۱۹۹۱ع ۾ سويت يونين کان ڌار ٿي، هِن مُلڪ هڪ آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾، سُک ۽ سوراج جو ساهه کنيو آهي. اُن جي آزادي ۾، سڀ کان وڏو ڪردار، هِن ڏيهه جي سورمي حيدر علييف جو تسليم ڪيو وڃي ٿو، اُهو ئي سبب آهي، جو جيئن عوامي خدمتن ڪارڻ اسان وٽ ذوالفقار علي ڀٽي جي شُهرت ۽ مَقبوليت آهي، ائين ئي هِتي حيدر علييف جي حيثيت ۽ اهميت آهي. هُن نه فقط زندگيءَ ۾ ماڻهن جون دعائون ۽ محبتون ڪمايون، پر مَرڻ کان پوءِ به ماڻهو ساڻس تمام گهڻو پيار ڪن ٿا. هِن وقت آذريبائيجان جو صدر، اڳوڻي عوامي ليڊر حيدر علييف جو پُٽُ الهام علييف (IIham Aliyve) آهي، جڏهن ته اُن جو وزيراعظم علي اسدوف (Ali Asadov) آهي.

هِن مُلڪ ۾ مختلف مذهبن ۽ ڌرمن سان گڏ مختلف مَسلڪن، نظرين، نسلن ۽ ٻولين ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهن ٿا، پر اوهان کي ڪٿي به اسان وانگر مذهبي تفريق ۽ مَسلڪ، رنگ، نسل ۽ ذات پات جا ’وِيڇا ۽ وِڇون‘ نظر ڪو نه ايندا.

آذربائيجان جي لوڪن وٽ شاعرن، اديبن، آرٽسٽن ۽ عالمن جي وڏي عزت آهي، اهو ئي سبب آهي، جو مُک جاين تي نه فقط اُنهن جا وڏا حَسين مجسما نصب ٿيل ملن ٿا، پر اُنهن جي نالن سان مَنسوب ڪيتريون گهٽيون، ماڳ، ميوزيم، روڊ ۽ رستا به نظر اچن ٿا.

نظامي گنجوي (۱۱۴۱ ـــ ۱۲۰۹)، به آذربائيجان جو هڪ اهڙو مشهور ۽ مقبول ڪوي آهي، جنهن سان هِتان جا ماڻهو والهانه محبت ڪن ٿا. هُن جو اصل نالو جمال الدين اَبو محمد الياس هو. هو هڪ ئي وقت فارسي ٻوليءَ تي وڏي دسترس رکندڙ سگهارو نثرنگار، منفرد موسيقڪار، نرالو مُصور ۽ ڪمال جو رومانوي شاعر هو. هِن جي شاعريءَ جا اَثرَ نه صرف مَقامي شاعرن، پر هندستان ۽ ايران جي ادب ۽ شاعريءَ تي به چِٽا محسوس ٿين ٿا.

هُن جي نالي سان، نه فقط باڪو شهر جي اَهم ڪاروباري مرڪز واري حصي ۾، ’نظامي اسٽريٽ‘ مَنسوب آهي، پر اُتي ئي سندس نالي سان هڪ عاليشان ’نظامي ادبي ميوزيم‘ پڻ قائم آهي. نظامي اِسٽريٽ، جنهن کي پوري شهر جي دل به چئي سگهجي ٿو، ڇو ته اُتي هر قسم جي ڪاروبار کان وٺي، تفريح، موسيقي، محبتن، صحبتن ۽ سونهن جي سمنڊ تائين، زندگيءَ جي حُسناڪين سان معمور هڪ نرالو جهان موجود ملي ٿو.

آذربائيجاني ادب ۾، نظامي کان علاوه خاقاني (۱۱۲۰ ـــ ۱۱۹۰)، امام الدين نسيمي (۱۳۶۹ ـــ۱۴۱۷)، مرزا فتعلي آخوندوو (۱۸۱۲ ـــ ۱۸۷۸)، خورشيد بانو ناتوان (۱۸۳۲ ـــ ۱۸۹۷)، احمد جواد (۱۸۹۲ ــ ۱۹۳۷)، جافر جبارلي (۱۸۹۹ ـــ ۱۹۳۴)، سليمان رستم (۱۹۰۶ ـــ ۱۹۸۹)، ۽ بختيار وهابزاده (۱۹۲۵ ـــ ۲۰۰۹) تائين اديبن، ڪلاڪارن ۽ شاعرن جي هڪ ڪهڪشان آهي، جن پنهنجي قلم جي رَتُ ۽ سَت سان آذربائيجاني ادب جي سرزمين کي سدا سائو ۽ سرسبز رکيو آهي.

آذربائيجان جي سرڪاري ٻولي ته ’آذري‘ آهي، جيڪا اصل ۾ تُرڪيءَ جو حصو ئي آهي ۽ اڪثر ماڻهو اُها زبان ڳالهائن ٿا، پر اُن سان گڏوگڏ هِتي ٿوري گهڻي فارسي (Persian)، انگريزي (English), ليزگيان (Lezgian)، تاليش (Talysh)، آوار (Avar)، روسي (Rassian)، ٽاٽ (Tat)، تساخر (Tsakhur) ۽ خنالگ (Khinalug) ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون.

آذربائيجان جاگرافيائي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ حصو سامونڊي آهي، ٻيو حصو غير آباد ۽ تيل تي محيط ۽ ٽيون حصو جابلو ايراضيءَ تي مشتمل آهي، جنهن جا ٽي پهاڙ بازارديوزيو (Bazardyuzyu) (4466 m)، شاهه داغ (Shahdag) (4243 m)، ۽ توفنداغ (Tufandag) (41911 m) پنهنجي پنهنجي انفراديت سبب تمام گهڻا مشهور آهن.

 بازارديوزيو (Bazardyuzyu) هي ديو قامت پهاڙ ٻن مُلڪن آذربائيجان ۽ داغستان جي وچ تي آهي، جنهن جي نالي مان ئي اُن جي خصوصيت جي خبر پوي ٿي. بازار (Bazar) جي معنى مارڪيٽ ۽ ديوزيو (dyuzyu) جو مطلب رُخ يا طرف آهي. مقصد مارڪيٽ جو ڏَسُ پَتو ٻُڌائيندڙ. ڪنهن دور ۾ هي جبل پنهنجي اوچائي ڪارڻ مختلف مُلڪن ڏانهن سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندو هو.

شاهه داغ (Shahdag) جبل پڻ پنهنجي اوچائي ۽ ٿڌ سبب سياحن کي پاڻ ڏانهن گهڻو مائل ڪري ۽ موهي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ ’شاهه‘ لفظ جي معنى ’وڏو يا بادشاهه‘ آهي ۽ ترڪي زبان ۾ ‘داغ‘ جبل کي چوندا آهن، يعني جبلن جو بادشاهه. هِن علائقي ۾ ٽي حسين ڍنڍون پڻ آهن، جن جو نه رڳو شفاف پاڻي ۽ سُندر ماحول، مَن کي سُڪون بخشي ٿو، پر اُنهن ڍنڍن جي چوڏس پکڙيل فطرت جا رنگ ۽ موسم جي دلڪشي، ماڻهوءَ جي روح کي تازو ۽ توانو ڪري ڇڏن ٿا.

توفنداغ (Tufandag) ٻن لفظن (Tufan) + (dag) جو مُرڪب آهي، جن مان توفن (Tufan)، جي معنى ’واءُ يا طوفان‘ ۽ داغ (dag)، جي معنى ’جبل‘ آهي، يعني ’طوفاني هوائن وارو پهاڙ‘. اُن تي اُهو نالو اُنهيءَ ڪري پيو، جو هِتي ٻارنهن مهينا ئي تيز ۽ بَرفيليون هوائون گُهلنديون رهنديون آهن. هي ٽن شهرن گُبا (Guba)، گُسار (Gusar) ۽ گبالا (Gabala) جي وچ تي موجود هڪ اهڙو عجيب پهاڙ آهي، جيڪو پنهنجي فطرتي حُسناڪين ۽ برفاني هوائن سبب نه فقط مُلڪان ملڪ مشهور آهي، پر هِتي روزانو ڪيترا ئي سياح اچي، هِن ماڳ جي فطرتي حُسن ۽ برف باريءَ جو مزو ماڻن ٿا.

صبح جو ڪانٽينيٽل هوٽل (Continental hotel) مان ناشتو ڪري، گبالا (Gabala) لاءِ نڪتاسين ته گاڏي ۾ ويهندي ئي چرچن ۽ ٽهڪن جو دور شروع ٿي ويو. گاڏي جو ڊرائيور، جنهن جو نالو ’آرزو‘ هو ۽ هُو ڏِيکَ وِيکَ ۾ صفا اِنڊين فلمي اداڪار ’اَمريش پوريءَ‘ جهڙو ۽ عمل ۾ پڪو مارڪسي ڪامريڊ ٿي لڳو، تنهن اسان مان هر هڪ کي واچ ڏانهن اشارو ڪري، وقت جو اَحساس ٿي ڏياريو، ته يارنهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته هُن سان ڏهين بجي جو ٽائيم رکيل هو، پر سنگت جي روايتي سُستي ۽ تياري سبب دير ٿي وئي هئي. هي ماڻهو وقت جا ڏاڍا پابند ۽ بنهه پروفيشنل آهن، اُنهيءَ ڪري وَٽن وقت جو وڏو قدر ۽ احساسُ آهي. شايد اُهو ئي سبب آهي، جو هُو ايتري تڪڙي ترقي ڪري، اُسريل دنيا سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ مِلائي بيٺا آهن.

آذربائيجان جي ۶۶ ضلعن مان گبالا/ قبالا هڪ ضلعو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي تاريخي ماڳن مَڪانن ۽ فطرتي نظارن، پهاڙي آبشارن سان گڏوگڏ هڪ پهاڙي هِل اِسٽيشن پڻ آهي، جيڪا باڪو کان لڳ ڀڳ اَڍائي سوَ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جتي نه رڳو باڪو جي نسبت سردي تمام گهڻي آهي، پر اُتي ساوڪ ۽ سرسبزي به تمام جهجهي آهي. هِن ڪوهه مَريءَ جهڙي ٿڌي ۽ حسين جابلو اوچائي واري ماڳ جي وڏي خوبي اُها آهي ته، هِتي نه رڳو سخت سردي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي بارش ۽ بَرف باري ٿئي ٿي، پر هي پورو علائقو پنهنجي فطرتي نظارن، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ حسين پهاڙن، چوطرف ڦهليل سرسبزي ۽ ساوڪ، گهٽ آبادي، پُرسڪون ۽ سانتيڪي ماحول هجڻ سبب سياحن کي پاڻ ڏانهن گهڻو موهي ۽ متوجهه ڪري ٿو.

باڪو کان نڪرندي ئي رستي جي ٻنهي پاسن کان وڏي فاصلي تائين فقط ويراني ۽ ڪٿي ڪٿي آبادي به نظر آئي، ويندي هڪ ماڳ، جنهن کي ’اسماعيليا‘ ٿي چيائون، جنهن کان پوءِ وَڻن ۽ ساوڪ جو هڪ وَڻندڙ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو جيئن اڳتي وڌندا وياسين ته ’لَشِ گِرين‘ ٿيندو ٿي ويو. اسماعيليا تي پهريون ڊاٻو ڪري، روڊ جي پاسي کان لڳل ٺِيلهي واري کان ڪجهه ڊراءِ فروٽ ورتوسين، جيڪو هڪ ڇوڪرو ٻن ۽ ٽن مَنتن (مَنت، باڪو جو هڪ روپيو، جيڪو پاڪستان جي ۱۱۳ روپين جي برابر آھي) ۾، پلاسٽڪ جي هڪ ڪوپ ۾ سُڪل مِيوَن جون مختلف جِنسون ڏئي رهيو هو.

اُن کان پوءِ ڀرسان ئي هڪ ڪيفي ۾، چانهه/ ڪافي پيئڻ لاء سنگت جي سَٿَ سميت داخل ٿياسين. ڪيفي ۾ جيئن گِهڙياسين ته دوستن کي پاتل اَجرڪَ، اسان جي گفتگو ۽ ٻين ڏِيک وِيک جي اهڃاڻن مان پَرکي هڪ راڳي، جنهن هڪ ساز تي ڪجهه آذري گيت ٿي جهونگاريا، تنهن اسان کي پاڪستاني سمجهي، ’مَرحبا ياشيخ چَئي‘ پُرجوش آجيان ڪئي ۽ ڪجهه استقباليه گيت ٻُڌايا. هُو هر مصرع کان پوءِ اسان کان نالا پُڇي، اُهي ’خوش آمديد‘ جي معنى ۾، پنهنجن گيتن ۾ ڏاڍي سُريلي انداز ۾ استعمال پيو ڪري، جنهن ڪري هر ڪنهن ساڻس کِلي ۽ خوش ٿي گڏ ڦوٽو ڪڍرايا.

دوستن پنهنجي پنهنجي پسند موجب چانهه ۽ ڪافي جا آڊر ڏنا. مزو تڏهن ٿيو، جڏهن شُگر فِري جو آڊر ڏيندڙ سنگت کي به کَنڊُ مِليل ڪافي ڏني وئي. ٻين دوستن ته جيئن تئين ڪري پيتي، پر اسحاق سميجي صفا نابري واري، ته هُو اُها ڪافي نه، پر شُگرِ فِري ڪافي پيئندو. واري واري سان سڀني دوستن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ انگريزي جا جوهر ڏيکاريندي، شُگر فِري ڪافي آڻڻ لاء بيري کي جَتن ڪيا، پر جيئن ته هِتان جا ماڻهو آذري ٻوليءَ کان سواءِ ٻي ڪا ٻولي گهٽ سمجهن ٿا، اُنهيءَ ڪري هُو ٻي جي سمجهڻ بدران ڪَنِ اُها ٿا، جيڪا کين ڀيڄي ۾ اچي ٿي. آخرڪار سڀني وَسَ ڪيا، پنهنجي انگريزي ۽ اِشارن جي ٻوليءَ جي واھَڙن وَهائڻ کان پوءِ بِيرو مُطمئن ٿي ڪافي شاپ ڏانهن ويو، اسان مِڙني سُکَ جو ساهه کنيو ۽ سمجهيوسين ته اسحاق کي هاڻي شُگر فِري ڪافي ملي ويندي. ٿوري دير ۾ بيري کَنڊُ جي وڏي پيالي ڀَري اچي سميجي صاحب جي سامهون رکي ۽ اسان سڀ کِلَ ۾ ويڙهجي وياسين ۽ اسحاق کي چيوسين ته ڪافي ۾ کَنڊُ وِجهڻ بدران هاڻي کَنڊُ جا ٻه ٽي ڦَڪَ هَڻي ڇَڏِ.

ڪافي شاپ کي الوداع چئي، گبالا روانا ٿياسين. رستي ۾هڪ ’وائين فيڪٽري‘ اَبقيورا (Abqura) هئي، جنهن جي پياري اسحاق بار بار وڏي ساراهه ٿي ڪئي، اُتي رُڪياسين. تُرڪي ٻوليءَ ۾ ’اَبقيورا‘ لفظ جي معنى ئي ’انگوري رَسُ‘ آهي. هونءَ ته هيءَ فيڪٽري گبالا ڏانهن ويندڙ روڊ تي، اهڙي جَڳهه تي ٺهيل آهي، جتي آسپاس ڪا گهڻي آبادي نظر ڪو نه ٿي آئي، پر فيڪٽريءَ جي پُٺيان هڪڙي ننڍڙي ڍنڍ ۽ انگورن جي پري پري تائين ڦَهليل فصل، هِن جاءِ کي وڌيڪ حسين بڻائي ٿي ڇڏيو ۽ رستي سان ايندڙ ويندڙ مسافرَ هِن جاءِ ڏانهن ڇِڪجي، هِتي ٻه گهڙيون گهارڻ تي مجبور ٿي ٿيا.

فيڪٽريءَ جي ڀَرِ ۾، هڪ حَسين بيٺڪ ٺهيل هئي، جتي پِياڪن کي تازي اَنگوري رَسُ جا پيالا پيش ڪيا پئي ويا. جامي ۽ ڊاڪٽر علم الدين جي خواهش هئي ته، تازي انگوري رَسُ مان چَس وٺجي. هڪ ٽيبل ۲۰۰ مَنت يعني پاڪستاني ۲۲۶۰۰ روپين ۾ بُڪ پئي ٿي. بيٺڪ جو اَندريون ماحول انتهائي جاذب ۽ جميل هو، پر ’پنهنجي گاڏيءَ کان گاهه گهڻو هجڻ ڪري‘، ٽيبل تي سَجايل ’جامن ۽ جاذب بوتلن‘ جو درشن ڪري، سفر ۾ گهڻو’کائڻ ۽ پيئڻ‘ کان وڌيڪ گهڻو ’پَسڻ ۽ پُرجهڻ‘ واري اصول کي اَپنائيندي، ڪجهه ڦوٽو ڪڍرائي، اڳتي رَوانا ٿياسين.

سڄو رستو ساوڪ ۽ گهاٽن وَڻن سان ايترو ته سينگاريل هو، جو وِکَ وِکَ تي دل ٿي چاهيو ته اُتي ڦوٽوگرافي ڪجي، ٻن ٽن جاين تي بيهي ڦوٽوگرافي به ڪئي، پر اَمريش پوري اِسٽائل ڊرائيور ’آرزو‘ جي ڪِر ڪِر ۽ ڪِروڌ هو ته، جيڪڏهن ائين رستي ۾ بيهندا هلياسين ته گبالا جون چيئر لفٽ بند ٿي وينديون، پوءِ پنڌ ئي اَجايو ٿيندو. چوي ته هُو به ٺيڪ پيو، ڇو ته ڇهه بجي کان پوءِ سَرديءَ ۽ بَرف باريءَ ڪري چيئر لفٽ بند ڪري ڇڏيندا آهن، پر رستي ۾ موجود فطري حُسن وِکَ وِکَ تي وَنگ وجهي ٿي ڇڏيا.

خير گاڏيءَ جي دَريءَ مان فطرت جي حُسناڪين کي پَسندي ۽ پُرجهندي چَئِي بَجي ڌاري گبالا پهتاسين. گاڏيءَ مان ٻاهر نڪرندي ئي سَرديءَ پنهنجن ڀاڪرن ۾ ڀَري، اسان جو خوب آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسان سڀئي ڏاڍا سَرها ۽ خوش ٿياسين، ڇو ته پنهنجي ديس مان گرميءَ جون سَٽون سَهي، هِتي پهتا هُياسي، اُنهيءَ ڪري ٿَڌِ مَزو ٿي ڏنو، پر جيئن ته مٿي پهاڙيءَ تي سخت سردي هئي، اُنهيءَ ڪري سڀني دوستن سرديءَ کان بچڻ خاطر ٿيلهن مان لوئيون، سوئيٽر ۽ ڪوٽ ڪڍي ساڻ کنيا. پياري اسحاق اَجرڪ ۽ جيڪيٽ سان گڏ پنهنجو ڪارو چَشمو به کنيو، جيڪو پنهنجي جاه و جلال ۾ اهڙو ٿي لڳو، جهڙو اڪثر وِيلڊنگ ڪرڻ وارن وٽ ھوندو آهي. هُو اُن چَشمي سان ڦوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ، اُهو ڪنهن نه ڪنهن دوست کي ڏئي پيو ڇڏي، وري ڦوٽو ڪڍائڻ وقت سنگت کان ساري سَنڀاري پيو وَٺي. ائين سندس اُهو تاريخي چَشمو، جنهن سان رستي ۾ هُن ڪيترا ئي يادگار ڦوٽو ڪڍرايا، اُهو هِتي هِن هِلِ اِسٽيشن تي ڀَڄي پيو. ٿيو ائين جو پياري اسحاق جيئن ڦوٽو ڪڍرائي، اُهو ’تاريخي چَشمو‘ لوهي گِرل تي رکيو، ته اُهو اُتان ڪِري ٽُٽِي پيو، جنهن جو کيس سڄي واٽ وڏو افسوس رهيو، پر سموري سنگت ڏاڍي سَرهي ٿي، ڇو جو اُن وِيلڊنگ اِسٽائيل چَشمي مان مِڙني جي جانِ ڇُٽي پئي.

پاڻ سڀئي هڪ حَسين هوٽل جي پاسي مان نڪرندڙ ڏاڪڻين تان چڙهي، مٿي هڪ پهاڙي آستاني تي پهتاسين، جتان ٽِڪيٽون وَٺي، چيئر لفٽ ۾ چڙهڻو هو. ٽڪيٽ وٺڻ لاء جيئن ڪَئبن ڏانهن وَڌياسين ته اکيون پٿرائجي ويون. هڪ ڪَنڌاري ڏاڙهونءَ جهڙي وينگس، جنهن ٽڪيٽون ٿي ڏنيون، اُن جو حُسن ايترو ته پُرڪشش ۽ جاذب هو، جو مون سميت ڪيترن ئي دوستن کان رَڙِ نِڪري وئي ۽ بي ساخته دل چيو ´سبحان الله`. باڪو ۾ هونءَ ته حُسن ڀَلو ڀَلِ آهي، پر ٻن ٽن ڏينهن کان هِتي جيتريون به حسينائون ڏِٺيون آهن، هيءَ دوشيزه پنهنجي خد و خال ۽ وَصبن ۾، مِڙني کان نِرمل ۽ نرالي هئي. دل چاهيو ته اُتي ئي ڪا گهڙي بُت بڻجي، اُن خدائي حُسن کي ڏسندو ۽ اُن جي حُسن جي حِصار کي اکين ۾ اوتيندو رهجي، پر پاڻ کي اڳتي وڃڻو هو، اُنهيءَ ڪري اڳتي وڌي چيئر لفٽ ۾ چَڙهياسين.

انساني سونهن ۽ فطرتي حُسن ۾ ڪيڏي نه ڇِڪ ۽ مقناطيسي ڪشش ٿئي ٿي، جو اُهي ماڻهوءَ کي زَمان ۽ مَڪان جي جَنجهٽ کان ڪجهه گهڙين لاء آزاد ڪري ڇڏن ٿا. پهاڙن تي چوطرف وڻڪاري ۽ ساوڪ جي چادر وِڇائي پئي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪِريل برف جي نظارن روح کي ڏاڍي راحت ٿي ڏني. چيئر لفٽ مان سامهون نگاهه ٿي ڪئي ته، گبالا جو شهر، اُن جون ديو قامت عمارتون هڪ ننڍڙي ٽُٻڪي جيان ٿي لڳيون ۽ سَڄو وايو مَنڊل وان گوگ جي ڪنهن شاهڪار پينٽنگ جيان ٿي ڀاسيو. پاسي ۾ موجود پهاڙَ، اُنهن تي موجود وڻ ۽ ٻوٽا، جيڪي سخت سرديءَ ۽ برف باريءَ جي ڪري سُڪڙجي ۽ مُرجهائجي ويا هئا، اُنهن تي لهندڙ سج جا پوَندڙ پاڇا، اُنهن کي وڌيڪ حَسين بڻائي رهيا هئا. ڪٿي ڪٿي پهاڙن جي مختلف رنگ برنگي پٿرن ماحول کي وڌيڪ موهيندڙ بڻائي ٿي ڇڏيو. موسمون ۽ ماحولَ ماڻهوءَ جي مزاج تي ڪيڏا نه مثبت اَثرَ وِجهن ٿا، جو انسان جي اَندر جون ساريون مُندون ئي مَٽجي ٿيون وڃن. هي حسين نظارا ڏسي ۽ موسم جو لطف ماڻي، اسان جي دِل به گَد گَد ٿي پئي هُئي.

ڪوهه ڪاف جي پهاڙيءَ جون هيءُ ٽي هزار سال کن پراڻيون ٽَڪريون، جن جي اوچائي تمام وڏي هئي، اُنهيءَ ڪري اُنهن تي چيئر لفٽ لاءِ ٻه اِسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، ته جيئن سياحن کي هڪ ته سفر ۾ سَهنجائي ٿئي ۽ ٻيو ته اُهي هِتان هِن خوبصورت جابلو سلسلي جو سُهڻي نمونيءَ سان سير به ڪري سگهن. اسان لفٽ ۾ چڙهي پهرين اِسٽيشن تي پهتاسين، جتان آسپاس جي ماحول ۽ منظرن مان محظوظ ٿيڻ کان پوءِ آخري پوائنٽ تي پهچڻ لاءِ ٻيهر ٻي چيئر لفٽ ۾چَڙهياسين، جنهن آخري منزل تي رَسايو.

مٿي هر طرف برف وِڇائي پئي هئي. مختلف جاين تي پهاڙي نظارن جو مشاهدو ڪرڻ ۽ ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ پڻ بهترين بندوبست ٿيل هو. هڪ پهاڙ تي ٻن پاسن کان هٿرادو لوهي گيڊرن جا ٽُڪرا ڏئي، اُنهن جي مٿان شيشي جي ڇَت سان خوبصورت گيلري ٺاهي وئي هئي، جنهن تي بيهي، ماڻهو نه رڳو حد نگاهه تائين پکڙيل ۽ سرسبزي جي قالين سان سَجايل پهاڙن جو حسين نظارو ڪَري پيو سگهي، پر سڄي گبالا شهر ۽ اُن جي آسپاس جي پَسمنظر جو موهيندڙ مشاهدو به ماڻي پيو سگهجي. اُن ٽِئرس تي بيهڻ ۽ ڦوٽو ڪڍرائڻ لاءِ ٽن ماڻهن جي اِجازت هئي، اُنهيءَ ڪري اُتي پاڻ به ڪجهه اڪيلا ۽ ڪجهه ٽن جي گروپَ ۾ گڏجي ڦوٽو ڪڍراياسين.

پهاڙَ جو پورو مَنظر ۽ پَسمنظر ايترو ته مُوهيندڙ ۽ حَسين هو، جو اُتان چُرڻ تي دل ئي نه ٿي چاهيو، مٿان لهندڙ سِج جي ڪِرڻن سموري وايومَنڊل کي اَهڙو ته پُرڪشش بڻائي ڇڏيو هو، جو مَن گُهريو ٿي ته، دنياداريءَ جي سڀني چِنتائن کي وِساري، فطرت جي هِن حسين آغوش ۾ وِيهي رَهجي ۽ هِن دلڪش واديءَ ۾ وِيٺو روح کي ريجهائجي.

 جيئن ته وقت تمام ٿورو هو ۽ شام ٿيڻ ڪري چيئر لفٽ جي بند ٿيڻ جو سَمو به اچي سوڙهو ٿيو هو، اُنهيءَ ڪري واپسي ڪئي سين. مون سمجهيو هو ته هيٺ ٽڪيٽ ڪائونٽر تي موجود اُن حُسن پَريءَ رڳو منهنجي روح جي تارن کي ڇيڙي جلترنگ بڻايو هو، پر منهنجي شاعر دوست اسحاق سميجي کي پڻ اُن جي سونهن ۽ سُندرتا موهي وڌو هو. هيٺ لهڻ شرط اسان ٻئي سُندري جي آخري ديدار لاءِ اُن ڪَئبن ڏانهن وڌي ويا هئاسين، پر ڊيوٽي جي وقت پوري ٿيڻ ڪري هوءِ اُتان هَلي وَئي هئي.

اسان پنهنجن نيڻن ۾، سندس حُسن جي سانڍيل اَمر احساساتي عڪس کي ساڻ کڻي، هيٺ بيٺل گاڏيءَ ڏانهن موٽيا هئاسين. اڃا چند ڏاڪا مَس هيٺ لٿاسين ته، هوءَ پَريان پهاڙيءَ واري پاسي ويندي نظر آئي. هوءَ ڪافي پَري وڃي چُڪي هئي. دل چاهيو ته، هڪ ڀيرو سامهون بيهي ساڻس ٻه لفظ ڳالهائجن. هِتان جي موسمن ۽ مَنظرن جي حُسناڪين بابت پُڇجي ۽ پنهنجي ڏيهه جي سونهن ۽ سُندرتا جون ساڻس پَچارون ڪَجن. هُن کان هِتان جي ادب ۽ شاعريءَ جا اَحوال وَٺجن، هوءَ، جيڪا سراپا شاعريءَ جو استعارو هُئي، اُن کان نالو پُڇجي. هِن ڏَڪائيندڙ سرديءَ ۾، ڪٿي ڪنهن ڪافي شاپ تي ويهي ساڻس ڪافي پيئجي، پر هوءَ ڪوهه ڪاف جي پَري، پهاڙي مُوڙ کان مُڙي گهڻو اڳتي هَلي وئي هئي. هُن کي ويندو ڏسي، منهنجي هنئين تي ڪنهن شاعر جون هِي سِٽون هُري آيون هُيون.

حُسن کي عشق جي دنيا جو خدا ڇو نه ڪَجي،

دِل جي ڪَعبي ۾ نمازن کي اَدا ڇو نه ڪَجي.

هِتي پَهاڙن جي هَنج ۾ هڪ شاندار هوٽل قائم آهي، جنهن جو نالو ’توفنداغ‘ (Tufandag) هو. هِن هوٽل جي وڏي خوبي ۽ خصوصيت اُها آهي ته، هڪ ته هِن جي لوڪيشن انتهائي حَسين آهي ۽ ٻيو ته پهاڙي منظر ۽ نظارا اُن جي سامهون آهن، اُن ڪري اُهو هر ايندڙ ويندڙ سياح کي پاڻ ڏانهن نه فقط تمام گهڻو موهي ۽ متوجهه ڪري ٿو، پر سائي رَنگ جي پٿر سان ٺهيل هجڻ ڪري، اُهو ڄڻ ته هِن فطرت جي گُل و گلزار واديءَ جو اَٽوٽ حصو محسوس ٿئي ٿو. مان ۽ ڪجهه دوست، اُن هوٽل کي ڏِسڻ ۽ اُن ۾ رهائش بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اوڏانهن سُري وياسين. هوٽل جي مئنيجر سان ملاقات ٿي، جنهن ٻڌايو ته هڪ ڪمري جو ڪِرايو ۵۰۰ مَنت يعني پاڪستاني ۵۶۵۰۰ روپيه آهي، پر رمضان مهيني سبب هتي سياح گهٽ اَچن ٿا، اُن ڪري توهان کان ڪمري جا ۳۰۰ مَنت يعني پاڪستاني ۳۳۹۰۰ روپيه وَٺندس، هوٽل ۾ رهائش جا ريٽ ٻُڌي، اسان جا ٺَپَ ئي ٺَري ويا.

هوٽل ۾ رهائش واري خواهش تان هٿ کڻي، اُن کي صرف ڏسڻ ۽ چڱيءَ ريت گُهمڻ تي اِڪتفا ڪئي سين. هوٽل هر لحاظ کان پُرآسائش ۽ حَسين هو، جنهن ۾ ڪجهه ڦوٽوگرافي ڪري، موٽي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين.

گبالا ٽي هزار کن آباديءَ تي مُحيط هڪ اهڙي حَسين وادي آهي، جيڪا پنهنجي فطرتي حُسناڪين، تاريخي حيثيت، سانيتڪي ماحول، ٿڌي موسم ۽ سياحتي ماڳ مَڪان هجڻ ڪري، نه صرف پنهنجي ڏيهه واسين، جيڪي کائڻ، پيئڻ، چوڙڻ، ماڻڻ ۽ گُهمڻ گهتڻ جا تمام گهڻا شوقين آهن، اُنهن لاءِ وڏي وقعت جي حامل آهي، پر غير مُلڪي سياحن لاءِ پڻ هي ماڳ وڏي ڪشش رکي ٿو.

هِتي ڪوهه ڪاف جبلن جي حَسين سلسلي ۽ سرد موسم سان گڏوگڏ هڪ خوبصورت پارڪ ۽ نوهر ڍنڍ (Nohur Lake) به ڏسڻ وَٽان آهي. ڍنڍ جي ٻن پاسن کان ساوڪ جو لباس پهريل اوچا ۽ حَسين پَهاڙ آهن ۽ باقي مِيلن ۾ پکڙيل وڻن جي جُهڳٽن ۽ سرسبزيءَ جو هڪ موهيندڙ لينڊ اِسڪيپ آهي. اوچي پهاڙن ۽ مِيلن ۾ پکڙيل ڍنڍ جي اَجري پاڻيءَ تان جيئن ئي اکين جون آڙيون اُڏامي، لينڊ اِسڪيٽ ڏانهن لَڙن ٿيون، ته ائين ٿو لڳي، پاڻ ڄڻ بهشت ۾ بيٺا آهيون ۽ زندگي مَسرتن سان سرشار ۽ مِحو رقص آهي.

اُنهن پهاڙن جي پاسي ۽ ڍنڍ جي آغوش ۾، هڪ ريسٽورنٽ به هو، جتي وقت جي ڪَميءَ سبب پاڻ وڃي نه سگهياسين. البته ڍنڍ جي اورئين ڪِناري تي اَڏيل شاندار هوٽل نوهر گول (Nohur Gol) تي چار گهڙيون گهاريوسين ۽ اُتي ڪجهه ڦوٽو به ڪڍراياسين. ڍنڍ جي سِيرَ لاءِ بِيڙيون به بيٺل هُيون، پر اسان کي باڪو واپس وَرڻو هو، اُنهيءَ ڪري گهڙي کن اُتي جي نظارن سان اکين ۽ دل کي وِندرائي، گبالا کي الوداع چئي، باڪو ڏانهن موٽ جي رستن تي راهي ٿياسين.

ڪالهه گبالا جي ياترا ڪري موٽي اچڻ کان پوءِ رات جو سنگت، ڪِلب جو چَڪر هڻڻ جو پروگرام ٺاهيو. اُن پروگرام جو سڄو سَهرو ڊاڪٽر علم الدين عرف ’خَفتي‘ جي سِر تي سونهين ٿو. ڊاڪٽر علم الدين، پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر، مزاج جي لحاظ کان ’محبتي‘ ۽ خَفت جي لحاظ کان ’کشٽي‘ ماڻهو آهي، اُنهيءَ ڪري اسان هِن ٽوئر ۾ سندس تخلص ’خفتي‘ رکيو هو. هِن جي ’محبتي ۽ عاشق مزاج‘ سُڀاءَ سبب نظامي اِسٽريٽ ۾، اسان سڀني کان وڌيڪ ’سُڃاڻ ۽ لَئي‘ هُن شخص جي هئي، جتان به گذريو ٿي ته، چار ماڻهو سُري اچي، نه رڳو هُن جا سلامي ٿي ٿيا، پر ساڻس ’اَندرَ اورون‘ به ٿي اُوريائون.

هِن سفر ۾ جيئن ته اسان چار ڄڻا، جامي چانڊيو، اسحاق سميجو، مان ۽ مرتضى سيال اديب ۽ شاعر هياسين ۽ هيءُ اڪيلو ماڻهن جون نبضون تپاسيندڙ ڊاڪٽر هو، اُنهيءَ ڪري هُن کي به سنگت پاران شاعراڻو تخلص ’خفتي‘ عطا ڪيو ويو، جنهن تي سنگت سان گڏ هُو به ڏاڍو سَرهو هو. ڊاڪٽر عِلم روايتي ڊاڪٽرن وانگر خشڪ ۽ رڳو پئسا ڪمائيندڙ مشين نه آهي، پر جذبن ۽ احساسن سان مالا مال هڪ حَساس ۽ عاشق مزاج ماڻهو آهي، اُنهيءَ ڪري هِن پوري سياحتي سفر ۾ هُن سان گڏجي، اسان به لمحي لمحي کي خوب اِنجواءِ ڪيو آهي.

گهڻن ماڻهن جي چهرن تي ’ماسڪ‘ چَڙهيل هوندا آهن، اُنهيءَ ڪري اُنهن کي ’ڄاڻڻ ۽ سُڃاڻڻ‘ ۾ ڏاڍي دِقت ۽ ڏُکيائي ٿيندي آهي، پر ڊاڪٽر عِلم الدين هڪ خوش مزاج ۽ زندهه دل انسان آهي. هُو جاميءَ جو پُراڻو ساٿي رهيو آهي، پر مون، اسحاق ۽ مرتضى جي ساڻس ايتري ويجهڙائي نه هئي، جنهن ڪري ڪافي محتاط رهڻو ٿي پيو، پر هِن سفر ۾ جلد ئي ساڻس اهڙي جُڙي وئي، يا هُن خود جوڙي ورتي، جو اسان سڀني کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ ته هُن سان سالن کان پنهنجائپ، پيار ۽ هُجت جو رشتو ۽ سُٻنڌُ هجي.

مان، اسحاق، عِلم الدين ۽ جمشيد ڏَهر، جيڪو اسان جي هِن سموري سفر جو سهولت ڪار ۽ گائيڊ به آهي، اسان چارئي گڏجي ڪِلب نڪتاسين، باقي جامي ۽ مرتضى شهر جي سير سپاٽي جو سعيو ڪيو. جامي جيئن ته ’واڪ‘ کي گهڻي ترجيح ڏيندڙ آهي، اُنهي ڪري هِتي به هُو اُن مشق کي جاري رکيو پيو اچي، جنهن ۾ مرتضى ساڻس سٺو ساٿ نِڀايو، اُنهي ڪري هِن ٽوئر ۾ عِلم الدين هِنن ٻنهي جو نالو ئي ’واڪ گروپ‘ رکي ڇڏيو هو.

باڪو ۾ ڏينهن جو شين جو وَهنوار ۽ رات جو دلين جو ڪاروبار ٿئي ٿو، اُنهيءَ ڪري هِتي ’نائيٽ ڪِلبس‘ ائين آهن، جيئن اسان وٽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پرائيوٽ اسڪول ۽ اَسٽيٽ ايجنسيون کُليل هونديون آهن. هر ڪِلب جا اصول ۽ قائدا پنهنجا پنهنجا آهن. ڪنهن ڪِلب جي اِنٽري فِري آهي ته، ڪنهن جي اِنٽري فيس آهي. ڪي ڪِلبس ته اهڙيون به آهي، جتي پهچڻ لاءِ فِري ٽئڪسيءَ جي سهولت موجود آهي، پر جيئن ’تيل تِرن مان نِڪرندو آهي‘ ائين اُهي ڪِلب وارا ٽئڪسي وارن کي ڪِرايو ادا ڪري، پوءِ اُهو اُتي ويندڙن کان ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻيڻ تي وَصول ڪندا آهن.

اسان به ’ٽَنيل‘ نالي باڪو جي هڪ مشهور ڪِلب تي بنا ڪِرايي واري ٽئڪسي ڪري وڃي لٿاسين. ڪِلب جي فيس ته في ماڻهو ۲۰ مَنت مقرر هئي، پر سنگت لاهو گاهو ڪَرائي ۱۵ مَنت ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ ڪِلب ۾ داخل ٿياسين. هَلڪي روشني ۽ تيز ميوزڪ ۾، هر طرف رقص ۽ رنگينيءَ جي دنيا نظر ٿي آئي. هر ڪو مَڌُ ۽ محبت جي سُرورن ۾ مَستُ ۽ مَگن لڳو پيو هو. ائين ٿي لڳو سُرن ۽ دلين سان گڏ ڌرتي ۽ آڪاس به ڌَڙڪي ۽ رقص ڪري رهيا هئا.

رات دير تائين ڪِلب جي رنگينين، موسيقي جي مَڌر سُرن ۽ ڪڻڪ جي عَرق مان ٺهيل مَشروب جو مزو ماڻي، سنگت دير سان هوٽل تي موٽي، اُنهيءَ ڪري صبح/ ڏينهن جو جاڳ به ڏاڍي دير سان ٿي. پروگرام اُهو جُڙيو ته اڄ دير تائين هوٽل تي ئي ڪچهري ڪَبي ۽ شام جو شهر جو سير سفر ڪري، هلي سمنڊ جو دَرشن ڪبو. جامي جي ڪمري تي سموري سنگت گڏ ٿي. سڄو ڏينهن ڪچهري، لطيفن، ٽَهڪن ۽ هَلڪي ڦُلڪي علمي ۽ ادبي ڳالهين سان گڏ، کائڻ پيئڻ جو سلسلو جاري رهيو.

هِتي فروٽ ڏاڍو سٺو ۽ تازو ملي ٿو ، اُنهيءَ ڪري طَئي اُهو ٿيو ته، اُن جي وَٽَ به ڪجي. اسان پهريان جنهن ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ رهون پيا، اُهو ايئرپورٽ جي قريب ۽ شهر کان ڪجهه پَرڀرو هو، اُن ڪري اُهو ڇڏي، هاڻي نظامي اسٽريٽ جي ويجهو هڪ ٻي هوٽل، جنهن جو نالو ’ڊايونيس‘ آهي، اُن ۾ شفٽ ٿيا آهيون، جيڪو نه رڳو ڏِيکَ وِيکَ ۾ حَسين ۽ موهيندڙ آهي، پر اسان لاءِ ھر لحاظ کان ڪارائتو ۽ مُفيد به آهي، ڇو ته هڪ ته اُهو شهر جي هَنج ۾ آهي، اُنهيءَ ڪري گُهمڻ ڦِرڻ لاء گاڏي جي ضرورت نه ٿي پوي ۽ ٻيو ته ڪمرن ۾ رستن طرف گيلريون هجڻ سبب ڏينهن يا رات جو اُتي ويهي، رستن جي رونقن ۽ رنگينين کي ماڻڻ ۽ سنگت سان ڪچهري جو مزو به سڪون سان وٺي سگهجي ٿو.

اسان جي هوٽل جي سامهون هڪ دوشيزه جو ننڍڙو فروٽ شاپ آهي، شايد سندس اُهو گهر به آهي، جنهن جي روڊ واري پاسي کان هوءَ فروٽ ۽ سَبزيون کَپائي ٿي. هِتي عورتون توڙي مرد ڪاروبار ڪن ٿا. اڪثر دوڪانن توڙي شاپنگ مالن ۾ اُهو ڪم مردن کان وڌيڪ عورتون ڪندي ملن ٿيون. هي ماڻهو پورهئي ۾ عارُ محسوس نه ٿا ڪن، پر اُن سان پيارُ ڪن ٿا. هِتي جا ماڻهو مزدور ٿي ڪَمائن ۽ امير بڻجي کائن ۽ کپائن ٿا.

فروٽ شاپ واري وينگس کان ڪجهه صوف وٺي، گيلري ۾ ويٺل سنگت سان گڏجي کاڌا. صوف نه صرف رَسيلا ها، پر انتهائي لذيذ ۽ مزيدار به ها. اَنگوري رَسُ جي مشتاق ۽ محبوب دوست جامي جي صلاح سان سنگت ڪڻڪ جي عرق مان ٺهيل مشروب مان به ٻه چار سُرڪيون ڀريون، جن ويتر مَزي ۽ سُرور کي نه صرف ٻِيڻو ڪري ڇڏيو، پر محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ايتري تائين شام جا پاڇا به لڙي آيا ۽ شهر جون حُسناڪيون به آهستي آهستي مَچڻ ۽ رَچڻ لڳيون. پاڻ به تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين. هوٽل جي گيٽ کان نڪرندي ئي شهر شروع ٿي وڃي ٿو. ھوٽل کان ٿوري پنڌ بعد نظامي اسٽريٽ شروع ٿئي ٿي. نظامي اسٽريٽ ۾ گِهڙندي ئي سونهن ۽ حُسن جو سمنڊ ڇُلندي محسوس ٿئي ٿو. نظامي اسٽريٽ صرف هڪ ’گهٽيءَ‘ جو نالو ناهي، پر هڪ ’دنيا‘ آهي، جنهن ۾ شاهي شاپنگ مالس کان وٺي کاڌي پيتي جي هوٽلن، وِندر وِرونهن، پبس ۽ ڊانس ڪِلبن تائين هڪ وڏو جهان موجود آهي. اُن کان علاوه اُن جون ڪُشاديون، پُررونق ۽ شاهي گهٽيون، جنهن ۾ شام کان آڌي رات تائين هڪ ميلي جو ماحول ملي ٿو. سچ ته هيءَ اِسٽريٽ ھتان جي ماڻهن توڙي سياحن لاءِ نه رڳو وڏي سڪون ۽ وِندر جو سامان مُهيا ڪري ٿي، پر باڪو جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي جو پڻ حسين نقش پيش ڪري ٿي.

اسان جي سنگت جو هي ’پنجڪڙو‘ جيئن ئي سمنڊ جي ديدار لاءِ نظامي اسٽريٽ مان گذريو ته، ٻن ٽن جاين تي ڊاڪٽر عِلم الدين جي ’سُلطاني سنگت‘، اسان مِڙني کي نه فقط گرم جوشي سان ڀليڪار ڪيو، پر عِلم الدين کي بار بار ’قُربَ ــ ڪچهريءَ‘ جي دلي دعوت ڏئي، سندن ’آشياني‘ تي ساڻ هَلڻ لاءِ پڻ وڏو اصرار ٿي ڪيو، پر هُو کين ٻي ڏينهن جو آسرو ڏئي، اسان سان ساٿ ۾ سلهاڙيو.

سمنڊ جي ڪِناري تي پهچي قرار اچي ويو. هر طرف ايتري صفائي سُٿرائي ۽ شاندار انتظام ڏسي، هڪ طرف سَرهائي ٿي ته، ٻي طرف پنهنجي مُلڪ جي سمنڊ جي حالتِ زار کي ساري ڏاڍو ڏک به ٿيو.

صُبح جو يارهين ڌاري هوٽل کان نڪري، آذربائيجان جي تاريخي ۽ عجائباتي ماڳ ينارداغ (ٻَرندڙ جبل) لاءِ روانا ٿياسين، جيڪي باڪو کان ڪلاڪ کن جي فاصلي تي هو. گاڏي باڪو جي آرامده ۽ ڪشادي روڊن تي ڊوڙندي رهي ۽ اسين اُن مان هِن حَسين شهر جي عاليشان عمارتن، رستي ۾ ايندڙ ننڍن ننڍن شهرن جا نظارا ڪندا ۽ پنهنجن پنهنجن ڪمن ۽ مصروفيتن ۾ مشغول، هِتان جي مَن موجي ۽ موهيندڙ ماڻهن کي ڏِسندا پَسندا ۽ پاڻ ۾ هِن شهر جي ترتيب، توازن ۽ بهتر انتظامي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندا ۽ پنهنجن حڪمرانن جي نالائقين ۽ پنهنجي ڏيهه جي ڪَسمپُرسيءَ تي گفتگو ڪندا رهياسين. وِچ وِچ ۾ سنگت جي مَزيدار جملي بازي به جاري رهي، جنهن سفر کي وڌيڪ خوشگوار ۽ وَڻندڙ ٿي بڻايو.

شهر کان نڪرندي ئي رستي جي هڪ پاسي کان نه رڳو سامونڊي سلسلو شروع ٿي ويو، پر اُن جي ڪِناري بلڪ روڊ جي ٻنهي پاسن کان اَڻ کٽ ’آئل ريفائنري‘، جون فيڪٽريون به نظر آيون. ۱۰۰ ڪلوميٽرن جي اُن پنڌ ۾، رستي سان اسان وَرلي ڪا ساوڪ ۽ سرسبزي ڏٺي، جيڏانهن نگاهه ٿي ڪئي، رڳو بُٺ زمين ۽ سمنڊ ٿي نظر آيو. هِتي تيل ۽ گئس جا ايترا ته ذخيرا آهن، جو ڪيترين ئي جاين تي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ به اُن جا آثار ۽ اَثر محسوس ٿيا ٿي.

اسان جي پهرين منزل ينارداغ جو ماڳ هو، جيڪو هڪ پهاڙ جو ٽُڪرو آهي، جنهن ۾ ۶۵ سالن کان ٻارهو ئي باهه ٻَرندي رهي ٿي. جبل جي مختلف هنڌن تان باهه اُٻڙڪا ڏئي اُڀري ۽ ڀَڙڪي رهي هئي. ٻاهر اَڻ لَکي گئس ۽ تيل جي بوءِ محسوس ٿي رهي هئي، جنهن مان لڳو ٿي ته پهاڙ ۾ تيل ۽ گئس جا جهجها ذخيرا آهن، جن جي ’ليڪيج‘ باهه کي ڀَڙڪايو ٿي. باهه ۾ ماڻهن ڪجهه سِڪا اَلئي ڪهڙي منشا تحت اُڇلايا هئا، جيڪي چڱي مقدار ۾ اُتي نظر آيا، جن مان ڪجهه سَڙي ڪارا ٿي ويا هئا ته ڪجهه سلامت هئا، اُنهن ايترن سِڪن کي ڏسي، اسان سوچيو پئي، جي هيءُ ماڳُ، اسان جي مُلڪ ۾ ھجي ها ته، نه صرف اُهي سِڪا ڪو شاهينگ کِسڪائي وڃي ها، پر هِن باهه جي سموري مَنظر کي پڻ ڪنهن ’مُرشد‘ جو معجزو سمجهي، ڪنهن نه ڪنهن طرح پوڄيو ۽ ڪاروبار جو ذريعو بڻايو وڃي ها، پر هِنن ماڻھن هِتي اُن کي نه فقط سياحن جي مشاهدي ۽ تفريح لاءِ عام ڪيو آهي، پر اُن سلسلي ۾ هڪ شاندار ۽ جديد سائنسي انداز جو ميوزيم پڻ قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ جڳهه جڳهه تي ننڍڙيون اِسڪرينن لڳل هجڻ سان گڏ هڪ تمام وڏي اِسڪرين لڳل هئي، جنهن تي باهه جا اُهي منظر ڏيکاريا پئي ويا. اُن کان علاوه هِن ميوزيم ۾ آذربائيجان جي آثارِ قديمه جون ڪجهه شيون انتهائي سيبتي سليقي رکيون ويون هيون، جن کي ڏسي، معلومات سان گڏ تمام گهڻي سَرهائي ۽ طمانيت حاصل ٿي.

 هِن ماڳ تي گهڻي هوا هجڻ ڪري ٿڌ به واهه جو هُئي، وِيتر کُليل ميدان هجڻ ڪري سيءُ سَرير ۾ سِيرون ڪري ٿي لَٿو، اُنهيءَ ڪري سڄي سنگت اچي باهه جي ڀَرِ وَرتي ۽ پاڻ کي سيڪي نه فقط چُست ڪيوسين، پر پاڻ کي ڦوٽو گرافي لاء پڻ تيار ڪري ورتوسي. سڄي سنگت مان ڦوٽن جو خَفت ۽ شوق پياري اسحاق کي مِڙئي سَرسُ ۽ سَوايو آهي، اُنهيءَ ڪري هر ماڳ تي هُو مختلف اندازن ۽ اسٽائيلن ۾ جيستائين ڦوٽو نه ٿو ڪڍرائي تيستائين کيس مَزو ئي نه ٿو اچي. ڪڏهن ڪنهن پٿر تي ويهي، ڪڏهن ڪنهن ساوڪ ۾، ته ڪڏهن ڪن گُلن جي جُهڳٽن ۾ بيهي ته ڪڏهن وري ڪنهن وَڻ تي چڙهي مختلف پوزن سان ڦوٽو ڇڪرائي ٿو، اُن ڪري هِتي به پهريون ڦوٽو سميجي صاحب باهه کي پُٺي ڏئي ڪڍرايو. هِن ٽوئر ۾ پيارو مرتضى سيال ’ڦوٽو فريم‘ جو ماهر قرار ڏنو ويو آهي، جيڪو آساني سان نه رڳو وڏو ۽ ننڍو ڪري ڄاڻي ٿو، پر پنهنجي مَهارت سان ڦوٽو به اهڙا ڪمال جا ٿو ڪڍي، جو ڌڻي پنهنجو ڦوٽو ڏسي، ڪا گهڙي پاڻ کي ’حسين‘ هجڻ جي مغالطي جو شڪار بڻجي پوَن ٿا، اُنهيءَ ڪري هِن ٽوئر ۾ مرتضى جي وڏي ڊِمانڊ آهي. پيارو اسحاق ۽ ڊاڪٽر عِلم الدين ته وَرُ وَرُ ڪري مرتضى کان ڦوٽو پيا ڪڍرائن ۽ اسان به رُنگَ ۾ مِڙئي اِستفادو حاصل ڪري، موقعو هٿان نه ٿا وِڃايون.

ميوزيم جو چَڪرُ هَڻڻ کان پوءِ اُتي موجود هڪ ڪافي شاپ تان ’بليڪ ٽِي‘ پِي، پنهنجي ٻي منزل گوبستان لاءِ روانا ٿياسين، جيڪو اُبتي پنڌ تي هو، اُنهيءَ ڪري باڪو موٽي اچي، اُتان وري پوءِ گوبستان جي رستي تي راهي ٿياسين، جنهن ڪري سفر ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. گوبستان (لاوو بڻيل پهاڙ)، ڪيسپين سمنڊ جي ڀرسان موجود هڪ اهڙو پهاڙ آهي، جيڪو لاوي جي صورت ۾ ڦاٽي ڦاڪون ٿي پيو آهي. هِن ماڳ جي دريافت ۱۹۶۶ع ۾ ٿي آهي. ۶۰۰۰ کن ايراضي تي پکڙيل هِن لاوو بڻيل پهاڙ جي هڪ وڏي خصوصيت اُها آهي ته، هيءُ نه فقط هِتان جي اَوائلي تهذيب ۽ تمدن جي قدامت جو ڏَسُ ڏئي ٿو، پر اُن سان گڏوگڏ هِنن ماڻهن جي ٻولي، ثقافت ۽ اَوائلي دور ۾ زندگي بَسر ڪرڻ جي طور طريقن کي پڻ هِتي موجود اُهڃاڻن مان آساني سان پَرکي ۽ پَروڙي سگهجي ٿو. هِتي مختلف جاين تي پهاڙن تي اُڪريل نقش نگاري ۽ چِٽسالي به چڱي ملي ٿي، جيڪا گهڻي حد تائين موهن جي دڙي ۽ دنيا ۾ موجود ٻين ڪيترن ئي تاريخي ماڳن سان وڏي حد تائين مَماثلت رکندڙ آھي، جنهن تي تحقيق ڪري، نوان نتيجا اَخذ ڪري سگهجن ٿا.

هِن ڦاٽي پيل جبل جون فطري طرح مختلف صورتون ۽ شڪليون ٿي پيون آهن. ڪٿي غار جي صورت ۾ آهي ته، ڪٿي پَکڙيل پَٿرن جي شڪل ۾ ڦَهليو پيو آهي ته، ڪٿي وري سُندر لينڊ اسڪيپ جو منظر پيش ڪري ٿو. هِن تاريخي ماڳ جي اهميت ۽ وقعت ته پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، پر اُن سان گڏوگڏ هِتي اُن کي جنهن سَليقي ۽ سِيبتائي سان محفوظ ڪري، سياحن لاءِ شاندار ماحول ۽ سهولتون پيدا ڪيون ويون آهن، جيڪي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن.

هِن ويران پهاڙ ۾ ھَنڌَ هَنڌَ تي سَياحن جي ويهڻ لاءِ آرامده بينچون رکيل هُيون. مُسافرن جي رَهنمائي لاءِ نه رڳو رَستن جي نشاندهي ٿيل هُئي، پر تاريخي ماڳن ۽ اُهڃاڻن جي حفاظت لاءِ پڻ جوڳو انتظام نظر آيو. رستي جي ٻنهي پاسن توڙي اُنهيءَ جاءِ تي رَسيون/ نوڙِيون ٻَڌل هُيون، جتي ڪنهن جاءِ جي حفاظت گُهربل هُئي. اُن کان علاوه هر جاءِ تي ننڍا ننڍا لوها بورڊ لڳل هئا، جن تي موجود ۽ متعلقه شيءِ بابت معلومات درج ٿيل هئي. اُتي کاڌي پيتي جو هڪ شاندار هوٽل ۽ ڪيفي به موجود هئا. سڀ کان موهيندڙ هِتان جو ميوزيم هو، جنهن ۾ نه فقط هِتان جي تاريخ ۽ تهذيب سان مُنسلڪ اوائلي شيون رکيل هيون، پر جديد اليڪٽرانڪ آلات جي مدد سان اُنهن جي اِسڪرين تي ڊسپلي، نِيريشن ۽ پِرزنٽيشن به ڪمال جي هئي. هلڪي لائيٽنگ، پُراِسرار آوازن ۽ مڌهم ميوزڪ ۾، اُھو سمورو ماحول طلسمي محسوس ٿي رهيو هو ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ پاڻ به اُن ئي دنيا جو حصو بڻجي ويا هجون. گاڏي ۾ ويهڻ کان پوءِ دوست جامي چانڊيي سنگت سان انسان جي اوسر ۽ خاص ڪري آفريڪا ۽ آذربائيجان جي قديم تهذيبن بابت انتهائي تفصيلي ۽ زبردست معلومات شيئر ڪئي.

سنڌ، هر لحاظ سان ڪيڏي نه تهذيب يافته، خوشحال، تاريخي آثارن سان مالا مال ۽ فطري حُسناڪين سان سَرشار آهي، موهن جي دڙي کان وٺي، اَروڙ، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، ڪارونجهر، ڪينجهر، مَنڇر، گورک ۽ ٻين اهڙن انيڪ تاريخي ماڳن ۽ مَڪانن تائين سنڌ ڪيتري نه آسودي ۽ اَمير آهي، پر اَفسوس جو، اُنهن جو ڪو حيدر علييف جهڙو وارث ۽ سنڀاليندڙ ڪونهي، جنهن نه فقط آذربائيجان/ باڪو جي جديد تعمير ۽ ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هُن هِتان جي ماڻهن کي آزاد جياپي سان آشنا ڪري، مُلڪ کي معاشي خوشحاليءَ سان پڻ مالامال ڪيو آهي....گوبستان جي ماڳ تان هڪ عجيب خوشي ۽ پنهنجي ديس جي باري ۾ مَلال جو هڪ اَفسرده احساس ساڻ کڻي، پاڻ باڪوءَ جي روشنين ۽ رنگينين ڏانهن واپسي ڪَئيسين.

باڪو جون راتيون انتهائي رنگين، زندگيءَ جي حُسن ۽ حقيقتن سان سَرشار، موهه ۽ مَستيءَ سان لبريز، آزاديءَ جي احساسَ سان مالا مال، بي خودي ۽ بي خوفائيءَ سان ڀرپور، سَپني جي سَچائي ۽ سَچائيءَ جي خواب سان مَخمور ۽ طِلسماتي جادوءَ جهڙيون ٿين ٿيون. هر طرف ماڻهن جا سمنڊ جيان ڇوليون ماريندڙ هجومَ، جوانيءَ جي خُمارن ۾ مدهوش ۽ هٿ، هٿن ۾ ڏئي گُهمندڙ جوڙا، پنهنجي پنهنجي ڪَچهرين ۾ مَگن ۽ پنهنجي پنهنجي راندين روندين ۾ مشغول ٻار ۽ پوڙها، جنهن طرف نظر ڪجي ٿي، شهر، زندگيءَ سان ڀرپور هڪ سَحرانگيز نظارو پيش ڪري ٿو. خاص ڪري نِظامي اِسٽريٽ، هِن ڌرتيءَ تي ’جَنت الفِردوس‘ جو هڪ نِرالو ۽ نِرمل نقش ۽ عڪس پيش ڪري ٿي.

اُن جي برعڪس باڪو جو صُبح، سِجَ جي اُجريل ڪِرڻن سان ڌُوتل پوتل ۽ عجيب سانت جي ڀاڪرن ۾ وِيڙهيل محسوس ٿئي ٿو. ائين ٿو لڳي جيئن سمنڊ سڄي رات رقص ڪري سُتو هجي ۽ ڇولين کي ڪِنارن جي ٻانهن ۾ مِٺي مِٺي ننڊ وَٺي وَئي هُجي. سُنسان ۽ ماڻهن کان خالي روڊ، رستا ۽ گهٽيون، سواءِ پکين جي وَڻندڙ ٻُولين ۽ ڪنهن ڪنهن گهٽي، روڊ ۽ رستي تان گذرندڙ ڪجهه گاڏين جي، باقي رڳو سانت ئي سانت وَسي ٿي.

باڪو جا ماڻھو ۽ شهرُ اڪثر سڄي رات جاڳن ٿا، باقي سواءِ نوڪري پيشه، پورهيتن ۽ شاگردن جي، جيڪي ۹ بجي ڌاران پنهنجن پنهنجن ڪَمن ڪارين سان ٻاهر نِڪرن ٿا، نه ته ٻي مخلوق سارو ڏينهن سُمهيل ۽ گهڻو ڪري گهرن تائين محدود رهي ٿي ۽ شام ٿيندي ئي، وري مِيلي ۽ جَهميلي جو جَهان جوڙن ٿا، جنهن مان لڳي ٿو ته، هي ماڻهو نه رڳو معاشي طور آسودا ۽ اَمير آهن، پر داخلي ۽ احساساتي طرح به مطمئن آهن. هَلندي گُهمندي ڪنهن به ماڻهوءَ کي اوهان وِيچارن ۾ وِيڙهيل، وِڃايل، اُداس ۽ اُٻاڻڪو نه ڏسندؤ، بلڪ مُرڪندڙ، ٻَهڪندڙ ۽ زندگيءَ جي سرشاريءَ ۽ عجيب اطمينان سان مالا مال محسوس ڪندؤ. يقينن ماڻهن سان مَسئلا ۽ مجبوريون به هونديون، پر سچ ته هي ماڻهو جياپيءَ کي جيئڻ ۽ ماڻڻ جو حَسين هُنر خوب ڄاڻن ٿا. اسان جي روڳي ماڻهن وانگر زندگيءَ کي فقط چُوڙن، گِهلن ۽ گُذارن ڪو نه ٿا.

ڪالهه زينارداغ ۽ گبالا واري ياترا ڪري، دير سان موٽڻ ۽ آڌيءَ رات تائين سنگت سان گڏ شهر جون رولاڪيون ڪرڻ سبب ننڊ مان دير سان اُٿياسين ۽ هر ڪو ناشتو ڪري پنهنجن پنهنجن ڪَمرن ۾ مُقيد ٿي ويو. ڪنهن موبائل سان روح رِيجهايو، ڪنهن ٽي وي تي مَقامي موسيقي ٻُڌي ۽ فلمون ڏسي مزو ماڻيو، ڪنهن اَنگوري رَسُ مان راحت وَرتي ته، ڪَن خاص ڪري جامي ۽ جمشيد ڏهر پنهنجا پنهنجا پروفيشنل ۽ لکڻ پڙهڻ جا ٿورا گهڻا رَهيل ڪم اُڪلايا. ڊاڪٽر عِلم الدين پنهنجي ’ڪِرت‘ ۾ مَشغول رهيو. مون ۽ اسحاق گذريل ڏينهن جي سفر جون يادگيريون ۽ احساسَ سَهيڙي، فيس بوڪ تي دوستن سان شيئر ڪيا ۽ ائين ڏينهن ڄڻ اَک ڇنڀ ۾ گذري ويو.

شام جو ڇَهين ڌاري سڀئي دوست تيار ٿي ٻاهر نڪتاسين، ۽ طئي اُهو ڪيو ته اَڄُ ڪجهه ’شاپنگ مالس‘ گُهمڻ سان کان علاوه ’نِظامي ميوزيم‘ ۽ ’اولڊ باڪو سِٽي‘ جو سير سفر به ڪبو. سڀ کان پهريان شاپنگ مال ڏسڻ ۽ اُتان ٿوري گهڻي خريداري ڪرڻ لاء نڪتاسين. ٽئڪسي ڪري شهر جي هڪ وڏي شاپنگ مال ’گارجلڪ‘ پهتاسون، جتان ٿوري خريداري ڪَئي سين، پر خريداريءَ کان وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڏٺو وائٺو، خدا جي قدرت ۽ اِنساني مُخلوق جي سُونهن ۽ سُندرتائن جو لطف ماڻيوسون.

هِتي شين جا اَگهه توڙي جو اُتان جي رَهاڪن، اَتي ڪَمائيندڙن، اُتي ئي کائيندڙن ۽ کَپائيندڙن لاء مُناسب آهن، پر اسان جهڙي مِسڪين مُلڪن جي ماڻهن لاءِ تمام گهڻا مَهانگا آهن. جيڪا شيءِ هِتي اسان کي سَوَ ۾ ملي سگهي ٿي، اُها اُتي پَنجوڻ تي ملي ٿي. هِنن سڀني شاپنگ مالس ۾ گهڻو ڪري بِرانڊيڊ شيون ملن ٿيون، اُنهيءَ ڪري شيون تمام گهڻيون مَهانگيون آهن. مُناسب ۽ غريب غربي جي خريداريءَ لاءِ بازاريون به شايد هونديون، پر اسان کي اُهي ڪٿي نظر ڪو نه آيون.

مارڪيٽ مان واپسيءَ تي، مِيٽرو جي ٽِڪيٽ وَٺي اُن ۾ سفر ڪيوسين. مِيٽرو هِتان جي سَستي ۽ تيز ترين سواري آهي، اُنهيءَ ڪري اُن تي روزانو هزارين ماڻھو سفر ڪن ٿا. مِيٽرو لاءِ هيٺ ايترو اونهو رستو ٺاهيو ويو آهي، جو اُن مان لهڻ کان پوءِ مٿي روڊ تي اچڻ لاء لفٽ جو استعمال لازمي ٿي پوي ٿو، جنهن کان سواءِ ٻاهر روڊ تي رَسڻ ممڪن نه آهي. مِيٽرو جي مٿان ديو قامت عمارتون بيٺل آهن ۽ هيٺان سموري شهر لاءِ مِيٽرو سروس جي سهولت موجود آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي اڪثريت سفر ڪري ٿي.

باڪو جي عمارتن، روڊن، رستن ۽ بازارين کي يورپ جي ٻين شهرن وانگر نه رڳو جديد انداز سان تعمير ڪيو ۽ جوڙيو ويو آهي، پر اُنهن جي اِنتظامي طرح ڪمال نمونيءَ سان سارَ سَنڀارَ به ڪئي وئي آهي، جنهن کي ڏسي، پنهنجن حڪمرانن جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار تي نِدامت ۽ پيشيماني ٿئي ٿي.

شاپنگ تان موٽي ۽ گهڙي کن هوٽل تي آرام ڪرڻ کان پوءِ ’نِظامي لٽريچر ميوزيم‘ جو رُخُ ڪيو، جيڪو نظامي اسٽريٽ جي مرڪز ۽ آغوش ۾ قائم آهي. هيءُ ميوزيم معروف شاعر ۽ آذربائيجان جي قومي ڪوي نِظامي گنجوي، جنهن جو اصل نالو محمد الياس هو، جي نالي سان منسوب آهي.

ميوزيم جي مُک دروازي تي پهتاسين ته اُتي گيٽ تي هڪ مخصوص يونيفارم پاتل شخص سان مُکا مِيل ٿيو، جنهن کي ٻُڌايوسين ته اسان کي ميوزيم گُهمڻو آهي. هُن ٽُٽل ڦِٽل انگريزي ۾ پُڇيو ته ڪِٿان جا آهيو؟

اسان کيس ٻُڌايو ته سنڌ جا آهيون، جڏهن نه سمجهيو ته چيوسين پاڪستان جا آهيون ته ٻَهڪي پيو. تَڪڙ ۾ در ٻِيڪڙي اَندر ويو ۽ تُرت ئي واپس موٽي، اندر اچڻ جو چيائين. اندر داخل ٿيندي ئي سامهون هڪ اَڌڙوٽ عمر جي شانائتي خاتون نظر آئي، جنهن اسان جو وڏي گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سَرهي ٿي چيائين،’پاڪستان، آذربائيجان گَرديش‘. آذري ٻوليءَ ۾، ’گَرديش يا ڪَرديش‘ دوست کي چَوَن ٿا. اسان ٽِڪيٽ وغيره جو پُڇيو ته، چيائون ٽِڪيٽ آهي، پر پاڪستانين لاء اِنٽري فِري آهي.

اسحاق کِلي چيو، ’واهه، هي ماڻهو پاڪستانين جي ايتري عزت ڪن ٿا، جيتري گهڻن جي پنهنجن گهرن ۾ به ڪونهي ڪا‘!

مٿان جاميءَ جو جملو، ’اَبا! جيڪو جنهن جو نصيب، ڪنهن جي نصيب سان ڪنهن جي ڪهڙي رِيسَ‘!. سڀني ۾ ٽَهڪڙو مَچي ويو ۽ مايون حيران پريشان ٿي، اسان کي ڏسڻ لڳيون، پر پوءِ سمجهي ويون ته، اسان پاڻ ۾ مَذاق مَستي پيا ڪريون.

هِتان جا ماڻهو خوش مزاج ۽ کُليل ذهن جا آهن، اُنهيءَ ڪري ٻين جي خوشين ۾ نه رڳو خوشي محسوس ڪن ٿا، پر اسان جي اڪثر ماڻهن وانگر ٻين جي مسئلن ۾ اَجائي ٽنگ اَڙائي، ڪنهن کي پريشان ۽ تنگ ڪرڻ واري ريت/ ڪُريت کان به ڪوهين ڏور رهن ٿا. هِتي هر ماڻهو پنهنجو جيون سَرهائي ۽ آزاديءَ سان گذارڻ سان گڏ ٻي کي زندگي چوڙڻ ۽ ماڻڻ جو پڻ پورو موقعو ۽ اختيار ڏئي ٿو، اُن ڪري ڪو ڪنهن جي مامري ۾ رُخنو وجهڻ بدران هر فرد پنهنجيءَ ۾ مَست ۽ مشغول نظر اچي ٿو.

پاڪستاني ماڻهن جي هِتان جا ماڻهو تمام گهڻي تعظيم ۽ عزت ڪن ٿا. اُن جو هڪ سبب شايد اُهو به آهي ته، آذربائيجان جي روس کان آزاد ٿيڻ بعد سڀ کان اول اُن کي آزاد رياست جي حيثيت ۾ پاڪستان ئي تسليم ڪيو هو ۽ اُن کان علاوه هر ڏُکئي وقت ۾، پاڪستان هِن مُلڪ ۽ ماڻهن سان هر لحاظ کان سَهڪاري ۽ ٻانهن ٻيلي پڻ رهيو آهي.

نِظامي ميوزيم گهُمائيندڙ خاتون اسان کي عاليشان قالين وڇايل ڏاڪڻ تان ميوزيم جي پهرين فِلور تي وٺي آئي، جتي ترتيب سان ٺهيل انيڪ ننڍڙا ننڍڙا ڪَمرا هئا، جن مان ٻي ڪَمري ۾ داخل ٿيڻ جو رستو پڻ هو. هر ڪَمري ۾ مختلف ڪارنر قائم ٿيل هئا، جتي اَڇن ڪَپڙن ۾ مَلبوس هڪ خوبصورت ناري مُقرر ٿيل هئي، جيڪا خود اُن ڪارنر جي هڪ حسين حقيقت ۽ موهيندڙ زندهه مورتي ٿي محسوس ٿي.

اسان جي اُها گائيڊ خاتون، جيڪا نه صرف سُٺي ۽ روانيءَ سان انگريزي ڳالهائي رهي هئي، پر کيس پنهنجي مُلڪ جي تاريخ، تهذيب، ادب ۽ ڪلچر بابت به سُٺي ڄاڻ هئي، اسان کي هڪ هڪ ڪارنر ڪري، گهُمائيندي ۽ اُن بابت ڄاڻ ڏيندي هَلي. هِتان جا ماڻهو گهڻو ڪري انگريزي گهٽ سمجهن ٿا، اُنهيءَ ڪري کين انگريزي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي. هُو فقط پنهنجي ٻوليءَ کي ئي ترجيح ڏين ٿا. هِنن کي پنهنجي ٻوليءَ سان وڏو اُنس ۽ عشق آهي. اسان وانگر ’انگريزيءَ جي بيماريءَ ۾ وَرتل ۽ اُها نه ڳالهائي سگهڻ جي اَحساسِ ڪَمتريءَ جو شِڪار نه آهن‘. اُن خاتون ٻُڌايو ته هيءَ عمارت اصل ۾، هڪ فِلور تي مُحيط هوٽل هو، جنهن کي سويت يونين ٽُٽڻ کان پوءِ هِتي قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومت ميوزيم ۾ تبديل ڪيو آهي. هِن وقت هيءُ ميوزيم چئن فِلورن (طبقن) تي مُشتمل آهي. هر فِلور کي موضوعاتي لحاظ سان ترتيب ڏنو ويو آهي ۽ اُن ۾ اُنهيءَ نسبت سان ڪارنر قائم ڪيا ويا آهن.

پهرين ڇَتِ (گرائونڊ فِلور) تي ميوزيم جي انتظاميه ۽ اسٽاف جون آفسيون آهن. ٻيو فلور آذربائيجان جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ تمدن جي حوالي سان مختص آهي، جنهن ۾ اُن موضوع سان لاڳاپيل هر شيءِ اهڙي ترتيب ۽ سليقي سان سجائي ۽ سنڀالي رکي وئي آهي، جو اُن کي ڏِسي ۽ گُهمي، هِن ڏيهه جي اَوائل کان وٺي هِن وقت تائين جي سموري تاريخ، تهذيب، ڪلچر ۽ تمدن جو هڪ جَهلڪَ ۾، مُشاهدو ماڻي ۽ اُن کي چڱي حد تائين ڄاڻي سگهجي ٿو.

ٽين فلور تي عِلم، آرٽ، ادب ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپيل شيون اهڙي ته ترتيب سان رکيون ويون آهن، جو ڪجهه لمحن جي اندر هِتان جي فنون لطيفه کان سُٺي آشنائي ٿي وڃي ٿي. هِن ميوزيم ۾، نه رڳو اديبن ۽ آرٽسٽن جي نالن سان جدا جدا ڪارنر موجود آهن، جن ۾ اُنهن جي ذاتي استعمال جي شين سان گڏوگڏ سندن سموريون تخليقون ۽ تحريرون پڻ رکيون ويون آهن، پر اُنهن جا سُهڻا مُجسما ۽ عاليشان قسمن جي فريمن ۾ بند ٿيل سندن آدم قد تصويرون پڻ موجود آهن.

هِنن ماڻهن وٽ شين کي سانڍڻ ۽ سانڀڻ جو، نه صرف ڪمال ڏانءُ ۽ سَليقو آهي، پر وَٽن پيشڪش جو پڻ موهيندڙ انداز آهي. هر تاريخي ۽ ثقافتي شيءِ کي شانداز نموني سان محفوظ ڪرڻ ۽ اُن کي انتهائي نفاست ۽ نزاڪت سان ماڻهن جي مشاهدي لاءِ ميوزم ۾ سَجائي رکڻ جي وٽن خاص مهارت آهي، اُنهيءَ ڪري هر روز مختلف مُلڪن کان سوين سياح سِيڙجي، هِتان جي تاريخي ۽ ثقافتي شين کي ڏسڻ سان گڏوگڏ هِن شهر جي رونقن ۽ رنگينين مان خوب لطف اَندوز ٿين ٿا.

جيئن ته اسان کي پُراڻي باڪو وڃڻو ھو، اُنهيءَ ڪري ميوزيم جو چوٿون حصو نه گُهمي سگهياسين، جنهن ۾ جديد دور جي اديبن، شاعرن ۽ آرٽسٽن جي ڪم، ڪردار ۽ زندگيءَ جي مجموعي ڪارڪردگيءَ کي محفوظ ڪيو ويو هو.

ميوزيم گُهمائيندڙ خاتون کان مُوڪلائڻ جي ڪئي سون ته، اسحاق کيس ٻُڌايو ته اسان چارئي ليکڪ ۽ اديب آهيون ته، مائي اول گهول ٿِي وَئي. اِصرار ڪيائين ته ’وِيزيٽرس بُڪَ‘ تي پنهنجا تاثرات لکڻ سان گڏ اوهان جو هڪ گروپ ڦوٽو به گهرجي، جيڪو هُو پنهنجي رڪارڊ تي رکڻ پيا چاهن. تاثراث لکڻ جي گڏيل ذميواري جامي نِڀائي، جنهن کان پوءِ گروپ ڦوٽو ڪڍرائي، گائيڊ خاتون ۽ ميوزيم جي ٻين ملازمن کان موڪلائي، ’اولڊ باڪو سِٽي‘، ڏانهن پنڌ ئي پنڌ نِڪري پياسين.

نِظامي اِسٽريٽ جي رنگن، رونقن ۽ سُڳنڌن جو واسُ وَٺندي، هڪٻئي سان ڪچهري ڪندي، ڪٿي ڦوٽو ڪڍرائيندي، ڪٿي ڪنهن چرچي ڀوڳ تي ٽهڪن جا ٽاڪوڙا مَچائيندي، جيڪي باڪو جي ڪيترن ئي بي پرواهه جوڙن کي گهڙي کن لاء متوجهه ڪرڻ ۽ کِلڻ تي مجبور ڪري پيا وجهن، ته ڪٿي وري پاڻ باڪو جي حُسناڪين ۾، گُم سُم سڀئي دوست وِکَ وِکَ کڻي اڳتي ٿي وڌياسين. توڙي جو اولڊ باڪو، نِظامي اِسٽريٽ کان ايترو پَري ڪونهي، پر اسان کي اُن جي ٻٽي/ جاڙي شاهي دروازن تائين پُهچڻ ۾ چڱو وقت لڳي ويو.

اولڊ باڪو، ڪسپيئن سمنڊ جي ڪِناري تي اَڏيل ۽ هڪ ڪوٽ جي اندر بند ٿيل، اهڙو اوائلي شهر آهي، جنهن جي عمارتن، گهٽين، سَرائن، مَسجدن، مَندرن، ڪَليسائن ۽ اُتي آباد ماڻهن، مطلب ته اُن جي هر شيءِ کي ڏِسي، هِينئون حيرت ۾ پئجي وڃي ٿو. ڇا ته هِن شهر جي عمارتن جو نقش و نگار آهي. صفائي سُٿرائيءَ کان وٺي گهِٽين ۽ گهرن جي اهڙي ته حسين سَجاوَٽ ٿيل آهي، جو اُن کي پَسي نه فقط ڪجهه ساعتن لاءِ انسان گهري سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو، پر هزارين سال پُراڻي هِن شهر ۾، گِهڙندي ئي آدمي ڄڻ ته ڪنهن جادوئي ۽ طِلسمي جهان ۾ پُهچي وڃي ٿو!.

اسان نيو باڪو جي نظارن جو درشن ڪندا جيئن ئي اولڊ باڪو شهر جي مُکُ جاڙن دروازن وٽ پهتاسين ته، غلام حيدر دائود پوٽو ملاقاتي ٿيو، جيڪو اسحاق جو دوست هو ۽ هڪ ڏينهن اڳ اسان سان هوٽل تي مِلي ۽ پُراڻي شهر گُهمڻ جي دعوت ڏئي ويو هو.

غلام حيدر اصل نصرپور جو آهي. نصرپور، جيڪو ڪاشيءَ جي ڪم ۽ مِصري شاهه جي ڪافين ڪري، دنيا ۾ هَنڌين ماڳين مشهور آهي. هِن وقت توڙي جو ڪاشيءَ جي ڪم جو اهو اوج نه رهيو آهي، پر مِصري شاهه جي شاعريءَ ۽ هِتان جي محنتي نوجوانن جي ڏيهه توڙي پَرڏيهه ۾، اڃا به ساڳي هاڪَ ۽ ڌاڪَ آهي. راشد دائودپوٽو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي شعبي ۾، استاد هجڻ سان گڏ عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ اسان جو پيارو دوست آهي، اُن جو تعلق به نصرپور سان آهي.

غلام حيدر اين سي اي لاهور مان ۲۰۰۸ع ۾ وزيوئل آرٽ ۾ ايم اي (آنرس) ڪرڻ کان پوء ۲۰۱۰ع ۾ لنڊن جي پرنسس آف ٽريڊيشنل اڪيڊمي آف آرٽس مان ايم اي ڪئي آهي ۽ هِن وقت لنڊن جي سهڪار سان ڪراچي ۾ قائم هڪ آرٽ اسڪول ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جنهن جي هڪ برانچ باڪو ۾ به آهي، جتي هُو هر سال هڪ مهيني جي لاءِ پڙهائڻ ايندو آهي.

هُو تمام گهڻو ذهين، محنتي ۽ فرض شناس شخص آهي، اُنهيءَ ڪري هُن پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ سان وڏو مانُ ۽ مَرتبو ماڻيو آهي. هُن سان منهنجي هيءَ پهرين ملاقات هئي، پر هُو ايترو پيارو ۽ پُرخلوص ماڻهو محسوس ٿيو، جو لڳو ٿي ته ساڻس سالن جي شناسائي ۽ دوستي آهي.

غلام حيدر دائود پوٽي تفصيلي ڪچهري کان پوءِ ٻُڌايو ته، هُن پرائمري کان وٺي اِنٽر تائين سموري تعليم پنهنجي ڏيهه جي سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان پرائيويٽ طور حاصل ڪئي آهي. هُن پهريون ڀيرو اين سي اي ۾ ريگيولر داخلا ورتي ۽ اُتان پهرين پوزيشن سان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اِسڪالرشپ تي وڌيڪ پڙهڻ لاء لنڊن ويو، جتان آرٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن جي ڊگري وٺي، وطن واپس ورڻ بعد هُو ’لنڊن اَڪيڊمي آف آرٽ‘ ۾ پڙھائي رهيو آهي.

غلام حيدر دائودپوٽي ٻُڌايو ته، هُو هر سال هڪ مهينو باڪو ۽ هڪ مهينو لنڊن ۾، آرٽ جي شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ ايندو آهي. آرٽ ۾ هُن جي مَهارت ڪاشي، قالين ۽ اُن سان لاڳاپيل ٻين هُنرن ۾ آهي. هِن باهمت ۽ سُڄاڻ دوست جي ڪَٿا سُڻي، سچ ته نه فقط تمام گهڻي خوشي ۽ مسرت ٿي، پر هِن پورهيت جي ٻار ۽ باصلاحيت سنڌ واسي دوست تي تمام گهڻو فخر پڻ محسوس ٿيو، ڇو ته نصرپور جهڙي ننڍڙي شهر مان اُسريل هِن هاريءَ جي سُلڇڻي اولاد پنهنجي محنت ۽ جستجو سان جيڪو مَقام ۽ حيثيت ماڻي آهي، سنڌ ۾ شايد اُها آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کي نصيب ٿي هوندي. غلام حيدر اسان مِڙني دوستن کي ساڻ ڪري، اولڊ باڪو جي مختلف گهٽين ۾ گُهمائيندو ۽ اُتي موجود عمارتي شاهڪارن جي مختصر معلومات ڏيڻ سان گڏوگڏ اُتي جي ماڻهن جي مزاج، روايتن ۽ سندن ثفافت تي به روشني وجهندو رهيو.

هزارين سال پراڻي باڪو جي هِن شهر کي ڏسندي ۽ پَسندي هر لحاظ کان حيرت پئي آئي. هِنن ماڻهن اُن اَوائلي دور ۾ به، ڪهڙي نه ڪماليت سان هِنن شاندار عمارتن جي، نه رڳو تعمير ڪئي آھي، پر اُن جي گهرن، گهٽين ۽ سموري خارجي توڙي داخلي منظر ۽ ماحول کي حسين ۽ حيرت ۾ وِجهندڙ نمونيءَ سان جوڙيو آهي. جَسُ وري اُنهن کي به ڏيڻ گهرجي، جن هِن خوابن جهڙي خوبصورت ۽ تصوراتي حُسناڪين جهڙي حقيقي حَسين ۽ موهيندڙ ماڳ کي، ساڳي نزاڪت ۽ نفاست سان سنڀاليو ۽ محفوظ ڪيو آھي.

هِن شهر جي هر عمارت، آرٽ جو شاهڪار ۽ هر گهٽي ۽ گهيڙ حيرتون آڇيندڙ ٿي لڳو. ڏينهن جو ته هِن پوري شهر جو منظر موهيندڙ ۽ پيارو ٿو ڀاسي، پر رات جو هلڪي روشنين جي جهرمر سان جَرڪندڙ هيءُ عجوبي جهڙو ماڳ ڄڻ ته مائيڪل اينجليو جي ڪا جيئري جاڳندي تجريدي آرٽ ٿو محسوس ٿئي.

اسين قلعي جي مُکُ ٽاور کان ٿيندا، ڪٿي سَنهين ۽ ڪٿي ويڪري ٿي ويندڙ گهٽين مان گذرندا هڪ اهڙي مسجد وٽ اچي بيٺاسين، جنهن جو نه صرف گُنبذ تمام گهڻو اوچو ۽ عاليشان هو، پر اُن جي پوري اڏاوت موهيندڙ، انوکي ۽ منفرد هئي، جنهن لاء چيو وڃي ٿو ته، اُها هزار سال پُراڻي آهي، ليڪن اُن جي جوڳي سارَ ۽ سنڀارَ هجڻ سبب اُها ڄڻ ته ڪجهه سال اڳ جي ٺهيل ٿي محسوس ٿئي. هِن مسجد کان علاوه ٻيون به ڪيئي مسجدون ۽ ٻين مذهبن جي ماڻهن جون عبادت گاهون پڻ ڏٺيون، جيڪي نه صرف تعميرات جو عاليشان نمونو ٿي لڳيون، پر اُهي مَساوات ۽ محبت جو هڪ اَنوکو مثال محسوس ٿي ٿيون، جتي ڌرم ۽ مذهب جو ڪوئي وِيڇُو ۽ وِيرُ نظر نه ٿي آيو.

اولڊ باڪو جي سموري شهر جي حفاظت خاطر شيروان شاهه ــ ۳ (Shirvanshah iii) (۱۱۲۰ـــ ۱۱۴۹) جي حُڪم تي (۱۱۳۸ ـــ ۱۱۳۹) ڌاري اُن کي چوڌاري هڪ مضبوط ڪوٽُ ڏنو ويو هو، جنهن جي ديوارن جي ويڪر ۳.۵ ميٽر ۽ اوچائي ۸.۱۲ ميٽر هئي. ڪنهن وقت ۾ اهو ڪوٽ ۱۵۰۰ ڪلوميٽر ڊگهو هو، جيڪو هِن وقت وڃي ۵۰۰ ميٽر بچيو آهي. هِن قلعي جي اندر موجود شهر جي پکيڙ ۵۳ ايڪڙ ٻُڌائي وڃي ٿي. هِن قلعي کي ڪيترا ئي مورچا آهن، پر ڪيسپئين سمنڊ جي سامهون هڪ اهم مورچو آهي، جنهن کي ميڊين ٽاوَر (Maiden Tower) چيو وڃي ٿو، جنهن جي وڏي خوبي اُها آهي ته، اُتان نه فقط پُراڻي باڪو جو سمورو شهر نظر اچي ٿو، پر سمنڊ تي پڻ پري تائين نظر رکي سگهجي ٿي، جتان شهر کي سدائين سامونڊي حملا آوارن جو اَنديشو لاحق هوندو هو. هِن قلعي جي اهميت ۽ وقعت کي محسوس ڪندي، يونيسڪو ۲۰۰۰ع ۾، اُن کي ’ورلڊ ڪلچرل هيريٽيج لسٽ‘ ۾ شامل ڪيو آهي. هِن قلعي جي تصوير هِن وقت باڪو جي سِڪي ۱۰ مَنت تي موجود آهي. هِن شهر جي چوڌاري شروان شاهه آخستان اول (Shirvanshah Akhistan -I) جي دور ۾، هڪ ٻيو ڪوٽ پڻ اَڏيو ويو هو، پر اهو هِتي روس جي تسلط واري دور ۾، ڊاهي ختم ڪيو ويو هو. هِتي ۱۵ صديءَ ڌاري شروان شاهان جو اَڏيل هڪ شاهي محل پڻ موجود آهي، جنهن کي بنا ڪنهن جهجهڪ جي عمارت سازيءَ جو شاهڪار چَئي سگهجي ٿو.

اولڊ باڪو سِٽيءَ‘ جي رهائشي عمارتن توڙي هوٽلن کان وَٺي، گهٽين، روڊن ۽ رستن تائين هر شيءِ نفاست، نزاڪت ۽ جمالياتي حُسناڪي جو حَسين ۽ موهيندڙ منظر پيش ڪري ٿي. هر هوٽل، ڪيفي توڙي سَراءِ ۾، لائيٽنگ، ميوزڪ ۽ ٻي ضروري زيبائش جو اهڙو حُسناڪ بندوبست ٿيل هو، جنهن کي پَسي، ’هوٽلنگ‘ جا هِيراڪَ ته هِرکي پَوَنِ ٿا، پر اسان جهڙا مِرچ مصالحن کان وونئون ويندڙ ماڻهو به، اُنهن جي جُوتِ ۽ جاذبيت کان متاثر ٿي، اُتي ڪجهه گهڙيون گهارڻ ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ تي مجبور ٿي پَوَنِ ٿا. هِتان جي هوٽلن جو کاڌو پيتو ته مُناسب ۽ ٺيڪ آهي، پر اُهو جنهن پُرتڪلف انداز ۽ پُرڪَشش نموني سان پيش ڪيو وڃي ٿو، اُهو انتهائي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هِتي ماڻهو تفريح ۽ هوٽلنگ تمام گهڻي ڪَن ٿا. رات جو هر ڪيفي توڙي کُليل فِضا ۾قائم کاڌي پيتي جا هوٽل ماڻهن سان ڀريل نظر ايندا. هي ماڻهو گهر ۾ شايد رڳو ناشتو ۽ مانجهاندو ڪن، باقي اڪثر رات جي ماني ٻاهر کائن ٿا. سُٺو کاڌو کائڻ ۽ سُٺو ڪپڙو پَهَرڻ هِتان جي ماڻهن جي ڄڻ ته سرشت ۾ شامل آهي.

اسان غلام حيدر سان گڏ گُهمندا ڦِرندا هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ موجود ’سراوا شاهه هوٽل‘ تي اچي بيٺاسين، جيڪو ڪنهن به فور اسٽار هوٽل کان گهٽ نه هو. غلام حيدر ٻُڌايو ته، هُو اُن ئي هوٽل ۾ رهيل آهي. اسان مان ڪجهه دوست لِفٽ ۾ ۽ ڪجهه ڏاڪڻ تان چڙهي، چوٿين ماڙ تي آياسين، جتي رنگ برنگي روشنين ۾ رات جا رنگ وڌيڪ حَسين ٿي محسوس ٿيا. سڄو هال ماڻهن سان سَٿيو پيو هو. هَلڪي تُرڪش ميوزڪ، مڌهم روشني، حَسين ماڻهو، هم خيال دوستن جو ساٿ، رات ۽ اُن جون راحتون، سڀ سانگُ سَجايو ۽ وڌيڪ سُندر محسوس ٿي رهيو هو.

پاڻ ٻاهر گئلريءَ ۾، اُنهيءَ جاءِ تي ڪُرسيون رکرائي ويٺاسي، جتان ڏيئن جيان روشن شهر جو ڏِيکُ ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ ڌرتيءَ تي آڪاش لهي آيو هجي ۽ هر طرف ستارن جو قالين وِڇايو پيو هجي. سامهون ’فِليمنگ ٽاوَرس‘ جون ٻاهه جي شعلن وانگر ٻَرندڙ ۽ ٻُجهندڙ روشنيون، اُن جي آسپاس آسمان کي ڇُهندڙ ۽ روشنين سان جَرڪندڙ ڪيئي ٽاور، ۽ دور دور تائين ڦهليل روشنيون، جن جي رنگينين ماحول کي وڌيڪ موهيندڙ بڻائي ٿي ڇڏيو.

مَٿي هوا ايتري تيز ۽ ٿڌي هئي، جو سيءَ کان بچڻ ۽ ٿڌ لڳي وڃڻ جي ڊپ کان مجبور ٿي، اُتان اُٿي هال ۾ اچي ويٺاسين. هال ۾ ڪيئي ’حورون‘ پنهنجن پنهنجن پيارن ۽ دل وارن سان گڏ، موسيقي ۽ موهه جي ڳالهين مان سُرور ماڻي رهيون هُيون. هَلڪي ميوزڪ ۽ ٿڌي روشنيءَ، هال جي ماحول کي ويتر حَسين بڻائي ڇڏيو هو. مٿان وري غلام حيدر دائود پوٽي جي پيار سان پيش ڪيل گرم ڪافيءَ مان ڀَريل سُرڪين ۽ تازي پيسٽرين سُرور کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو هو. رات گهڻي گذري چُڪي هئي، اُنهيءَ ڪري حيدر کان موڪلائي، موٽي هوٽل تي پهتاسين ۽ هر ڪو پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾، باڪو جي سڄي ڏينهن جون سُندر يادون ساڻ کڻي، ننڊ جي آغوش ۾ وڃي آهليو.

باڪو ۾ اسان جا سَت ئي ڏينهن ائين بَسر ٿيا، جيئن اُهي ڏينهن ڪي سپني ۾ گذريا ھجن. اهڙو سپنو، جنهن جي هر ساعت سُندرتائن ۽ سُڳنڌن سان مُعطر ۽ مَخمور هجي. اَڄُ اسان جو هِن شهر ۾ سَتون ۽ سفر جو آخري ڏينهن هو، تنهن ڪري هڪ طرف مَن ۾، پنهنجي محبوب وطن، عزيزن ۽ پرين پيارن ڏانهن وَرڻ جي سَرهائي هئي، ته ٻي پاسي باڪو جهڙي حسين ۽ سحر انگيز شهر کي ڇڏڻ جو عجيب غَمُ به دامن گير هو. سَتن ڏينهن جي هِن مختصر عرصي ۾، اسان مِڙني دوستن جي باڪو جي شهر، اُن جي پُرڪشش عمارتن، روڊن، رستن، سمنڊ، ماڻهن، مطلب ته اُن جي هر حَسين شيءِ سان اهڙي اُنسيت، پنهنجائپ ۽ پيار جو روح ۽ رِشتو جُڙي ويو هو، جو اُن کي ڇڏڻ ۽ الوداع ڪرڻ تي، ڪنهن جي به دل نه ٿي چاهيو. اسان مان هر هڪ جي تمنا ۽ خواهش اُها هئي، ته جيڪر اڃا ڪجهه وڌيڪ ڏينهن هجن ها، ته هِن سَحر انگيز ۽ طِلسمي شهر جي نُدرتن ۽ نِرملتائن کي ماڻيون ۽ وڌيڪ دريافت ڪريون ها، پر جيئن ته اسان جي موڪل ۽ ويزا جو مُدو ايترو ئي هو، اُنهيءَ ڪري واپسي جي تياري ڪئي سين.

ڪجهه دوستن رات ئي پِيڪنگ ڪري ڇڏي هئي، ٻيا جيڪي رات ٻين ’خَفن ۽ خَفتن‘ ۾ رُڌل هئا، اُهي صبح اُٿندي ئي اُن ڪَم کي لڳي ويا. ناشتو ڪري، هر ڪو پنهنجن پنهنجن مصروفيتن ۽ سفر جي سبنت ۾ مشغول ٿي ويو.

اسان جي فلائيٽ شام جو ٽي بجي هئي، اُنهيءَ ڪري طئي اُهو ڪيو هو ته، يارهين بجي هوٽل کان نِڪري، ’حيدر علييف ميوزيم‘ گُهمڻ کان پوءِ سِڌو ايئرپورٽ هَليو هَلبو. دوستن جي تياري جي ريڙ پيڙ ۾، اسان کي هوٽل تي ئي ٻارنهن ٿي ويا. اسان جي ٽوئر جي ڊرائيور آرزو عرف امريش پوري جي رَڙِ مٿان رَڙِ ھُئي، ته دير ٿي وئي آهي، هاڻي سِڌو ايئرپورٽ تي هلون. هُن کي اسان کان وڌيڪ ايئرپورٽ تي رَسڻ جو اُلڪو ۽ فِڪر هو. هُن جو چوڻ هو، ته اِنٽرنيشنل فلائيٽ هجڻ ڪري، اسان کي ايئرپورٽ تي ’بورڊنگ ۽ ڪليئرنس‘ وغيره جي مرحلن مان گذرڻ لاءِ ٻه اَڍائي ڪلاڪ اڳ موجود هجڻ کپي، اسان چاهيو ٿي، ته ڪلاڪ کن ۾ ميوزيم گُهمي، پوءِ ايئرپورٽ هلجي.

حيدر علييف ميوزم، جنهن ۾ آذربائيجان جي تاريخ، تهذيب ۽ ڪلچر جي اَملهه شين کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ هِن مُلڪ جي جديد باني حيدر علييف جي هر شيءِ کي پڻ هٿيڪو ڪيو ويو آهي، اُن کي ڏِسڻ تمام ضروري هو، ڇو ته منهنجي خيال ۾، ڪنهن به مُلڪ ۽ شهر جي حقيقي شناخت، اُن جا ميوزيم ۽ تعليمي ادارا ڪرائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته اُنهن جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ قابليت جو اصل چهرو اُتي موجود ملندو آهي.

اسان جي هِن سَفر جو ڊرائيور ’آرزو عرف اَمريش پوري‘ زبان کان وڌيڪ اشارن جي ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي ٿو، ڇو ته کيس انگريزي جا ٻه ٽي لفظ ئي ڳالهائڻ اچن ٿا. هِنن ماڻهن مان ڪنهن تي به انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ جو جُنون سوار نه آهي. وڏي ڳالهه ته ٽوئرسٽ مُلڪ هجڻ باوجود هي ماڻهو ڪنهن بين الاقوامي ٻوليءَ يا رابطي جي زبان کي اهميت ڏيڻ بدران پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي اهم سمجهن ٿا، اُنهيءَ ڪري پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي، ڪوئي عار نه، پر اُن تي فخر محسوس ڪن ٿا.

آرزو پنهنجي مُلڪ جي ٻي هر فرد وانگر، نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ سان اَٿاهه محبت ڪري ٿو، پر پنهنجي پُورهئي سان به سندس والهانه عشق آهي، اُنهيءَ ڪري هُو وقت جي پابنديءَ سان گڏوگڏ ڪمال فرض شناسيءَ سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي ٿو. بهرحال هُو اُنهيءَ تي راضي ٿيو، ته اسان ڪلاڪ ۾ ميوزيم گُهمي وٽس پهچون ٿا.

اسان ٽڪيٽون، جيڪي ۱۵ مَنت (پاڪستاني ۱۶۹۵ روپيه) هڪ ماڻهوءَ جي حساب سان مِليون، وَٺي ميوزيم ۾ داخل ٿياسين. ڪجهه دوست فوٽو ڪڍرائڻ جي خفت سبب ٻاهر رهجي ويا، جن جو ڪافي انتظار ڪرڻو پيو. هڪ وقت گهٽ ٻيو سنگت جون گوهيون، پر شابس آ جاميءَ کي، جنهن سڀني دوستن کي ڳولي، مِيڙي مُٺِ ٿي ڪيو.

جامي چانڊيو ۾ علمي، فڪري ۽ شعوري طرح هُون ته انيڪ خوبيون آهن. هُو جيتريون رولاڪيون ڪري ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان مِلي جُلي، اُٿي ويهي، ڏُکي سُکيءَ ۾، انهن سان نِڀائي ٿو، اهو به ڏاڍو مشڪل ڪم آهي، جيڪو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي وَسَ جي ڳالهه نه آهي، پر هُو دوستيءَ ۾ به دلبر ماڻهو آهي. هُو جيترو ذهن جو ڪُشادو آهي، ايترو ئي دل ۽ دَسترخوان جو سَخي آهي. جامي هر مزاج ۽ سوچ جي ماڻهوءَ سان، نه رڳو جُڙي هلڻ جو هُنر خوب ڄاڻي ٿو، پر اُنهن کي جوڙي ساڻ کڻڻ جا وٽس گُرَ ۽ گُڻَ به واهه جا آهن. هُو ماڻهن سان اَنيڪ اختلافن جي باوجود به اُنهن جي ڪم ۽ ڪردار جي بنياد تي کين تسليم ڪرڻ ۽ کين لکين عزتون ڏيڻ وارو انسان آهي. هُو ڪيترن ئي ڪمن ۽ مصروفيتن ۾ رُڌل هجڻ باوجود لِکڻ پڙهڻ کي به ڀرپور وقت ڏئي ٿو. مون کي حيرت ٿيندي آهي، ته هي ماڻهو، اُهي سڀئي ڪم، ايتري سگهاري انداز ۽ سليقيءَ سان ڪيئن ٿو سرانجام ڏئي. جامي، جيترو دوستيءَ ۾، محبوب ماڻهو آهي، اوترو ئي سفر جو سُهڻو ساٿي به آهي.

حيدر علييف ميوزيم (Hyder Aliyve Museum)، جيڪو باڪو جي جديد باني حيدر علييف جي نالي سان منسوب ۽ اُن جي ’سِگنيچر‘ (صحي) جي طرز تي ٺهيل آهي. حيدر علييف سويت آذربائيجان جو (۱۹۶۹ع کان ۱۹۸۲ع تائين) پهريون سيڪريٽري هجڻ کان علاوه هِن مُلڪ جو ۱۹۹۳ع کان ۲۰۰۴ع تائين صدر پڻ رهي چڪو آهي. چيو وڃي ٿو ته، نه رڳو باڪو جي سونهن، سَجاوٽ ۽ اُن جي انتظامي بهتريءَ ۾ هُن جو وڏو هٿ آهي، پر آذربائيجان جي آزاديءَ ۾ هِن سورهيه سَپوت جو پڻ وڏو ڪردار رهيو آهي.

حيدر علييف ميوزيم، جيڪو ۶۱۹،۰۰۰ اسڪوائر فوٽن تي ٺهيل آهي، جنهن جي ڇَتِ جي اوچائي تقريبن ۲۴۳ فوٽ آهي. اُن جو نقشو هڪ عراق ڄائي، پر برطانيه ۾ مُقيم هڪ ذهين انجنيئر خاتون زها حديد (Zaha Hadid) ڊزائين ڪيو آهي. هِن ميوزيم جي وڏي خصوصيت ۽ خوبصورتي اُها آهي، ته هيءُ بنا ڪنهن ٿوڻي ٿنڀي جي، آرچ تي بيٺل آهي، جنهن کي انجنيئرنگ جي زبان ۾ نيو فيوچرازم (New Futurism) چئجي ٿو. سچ ته هي ميوزيم جديد فنِ تعمير جو هڪ نادر نموني آهي. هِن ميوزيم جي تعمير ۲۰۰۷ع ۾ شروع ٿي، جيڪو ۱۰ مئي ۲۰۱۲ع تي جُڙي راس ٿيو. هِن تي خرچ جو تخمينو ۲۵۰ ملين ڊالر ٻُڌايو وڃي ٿو.

هي ميوزيم ٽن فلورن تي مشتمل آهي. گرائونڊ تي آفيسون، سياحن جي وِيهڻ ۽ ڦوٽوگرافي ڪرڻ لاءِ وڏو ۽ ڪشادو صحن آهي، جتي حيدر علوي جي استعمال ۾ آيل ڪجهه گاڏيون ۽ چند ماڊل مجسما به رکيل آهن، جن سان ماڻهن گڏ بيهي، تصويرون ٿي ڪڍرايون.

هِن ميوزيم جي پهرئين فلور تي تاريخ ۽ تهذيب سان لاڳاپيل مواد انتهائي باترتيب نموني ۽ سليقي سان سينگاري رکيل هو. هِن فِلور تي پوري شهر جو ماڊل به موجود هو.

ٻئي فِلور تي ثقافت ۽ آرٽ سان لاڳاپيل اَنيڪ شيون ’ڊسپلي‘ ٿيل هُيون، جن ۾ موسيقي جي مختلف سازن کان وٺي، هُنرن ۽ لوڪ ورثي تائين، فنون لطيفه جي هڪ وڏي دنيا موجود مِلي ٿِي. اُتي ڪيترا ئي موسيقيءَ جا ساز موجود هئا، پر هڪ ڪارنر ۾ اهڙا ساز به رکيل هئا، جن جي سامهون، ماڻهو بيهڻ سان اُهو سازُ وَڳو ٿِي. اِليڪٽرانڪ ڊِوائيس جي مدد سان، اُهو سمورو ڪم اهڙي سليقي ۽ حِرفت سان ٿيل هو، جو هر ماڻهو اُن مان نه فقط لطف اَندوز پئي ٿيو، پر پهرين نظر ۾، هڪ لمحي لاءِ هر ڪو حيران ۽ ششدر به ٿي پئي ويو.

 ميوزيم ۾ آرٽسٽن جي فنپارن، حيدر علييف جي تصويرن کان وٺي ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏِسڻ ۽ سِکڻ لاء موجود هو، پر اسان وٽ وقت محدود هو. ڪلاڪ ڪيئن اَکِ ڇنڀ ۾ گذري ويو، اُن جي سُڌِ ئي نه پئي. ميوزيم کي مڪمل نه گُهمي سگهڻ جي حَسرت ساڻ کڻي، ٻاهر بيٺل گاڏيءَ ۾ تڪڙا تڪڙا اچي سَهيڙياسين.

گاڏيءَ ۾ ويهڻ کان پوءِ ڊرائيور’اَميريش پوري‘ جهاٽڪو ڪري اچي ايئرپورٽ تي پهچايو. گاڏي مان لٿاسين مَسَ ته، هڪ ڪرڙوَڍ شخص سامان کڻڻ لاءِ رِيڙهو بيهاري، گاڏي مان اهڙي خلوص سان ٿيلها لاهي، ريڙهي ۾ رکڻ شروع ڪيا، جو اسان مان ڪنهن به کيس مَنع نه ڪئي. رِيڙھو سَٿي بيٺو ته، ٿورو پَرڀرو بيٺل جاميءَ اُهو لَقاءُ ڏِسي چيو، ’اَبا! مِيلي جي موٽَ اَٿوَ، اَڳ ئي باڪو وارن کيسا خالي ڪيا اَٿوَ، مٿان هيءُ وري اهڙي مَهٽ ڏيندوَ، جو گهر پهچڻ مَحال ٿي پوندوَ!‘. اُهو ٻُڌي، سنگت پنهنجو پنهنجو ٿيلهو سُڃاڻي وڃي، اُن کي ڪُلهو ڏنو ۽ چاچو رِيڙهي وارو ’گرديش... او گرديش‘ چئي پويان سَڏيندو رهيو ۽ اسان ٽهڪ ڏيندا ۽ هڪ ٻئي تي مزيدار جملا ڪَشيندا ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين.

سامهون ٻن ڳڀرو جوانن خوش اخلاقي جو مظاهرو ڪندي، اسان کي کِلي کِيڪاريو ۽ سامان تورائڻ جو چئي، اسان کي اڳتي وٺي آيا. سڀني کان اڳيان هجڻ سبب سڀ کان اول مون ۽ اسحاق پنهنجا بيگ هِنن حوالي ڪيا. هُنن تُورڻ بَجاءِ بنا پُڇڻ جي، ٻنهي بيگن تي ريپرنگ (ڪَلِي جو ڪَوَرُ چاڙهي)، پنج پنج مَنت جي طلب ڪئي. اسان حيران ٿي کين چيو ته، اسان کان پُڇڻ کان سواءِ اوهان اُنهن تي ڪَلي ڇو چاڙهي ۽ ايترا پيسا اوهان کي ڇو ڏيون؟

پنج منت معنى لڳ ڀڳ پاڪستاني ڇهه سَئو روپيا. اسان جڏهن ڪراچي کان باڪو پئي آياسين ته، ڪراچيءَ ۾ اُن جا ٽي سَئو روپيا وَرتا هُئائون، پر هِنن ته ڪَلُورُ پئي ڪيو. هڪ بيگ جا ايترا پئسا!؟

 سَتن ڏينهن ۾، ھيءُ پهريون ڀيرو هو، جو ھيءُ ’باڪو جا ڊاڪو‘ اسان سان ائين پيش اچي رهيا هئا. سڄي سفر ۾، ڪٿي به ائين نه ٿيو هو، ڇو ته مجموعي طرح هي ماڻهو انتهائي پُرخلوص، کرا ۽ پروفيشنل آهن. سواءِ چند ’چَمڪيلي جاين‘ جي، جتي پنهنجي ڪجهه سنگت کي به چڱو سَٽڪو آيو، باقي سرسري طور باڪو جا ماڻهو محبوب ۽ هر وجهه دلبر ۽ دلفريب آهن.

اسان به ٺِپري هِڻي بيٺاسون ته کين روپيو به نه ڏبو. اسان جي اُها جَهڳِ جَهڳِ ڏِسي، ٻي سگنت اُتان کِسڪي وڃي بورڊنگ ڪائونٽر تي پهتي. اُن وَٺُ پَڪڙَ ۾، ھُنن منهنجي بيگ جو هينڊل ڀَڃي وڌو، پوءِ ته اسان به ساڻن واهه جي ڪئي. اسان ٻنهي جي انگريزيءَ ۾ ڏنل سنڌي داٻن مان اچي ڦاٿا. نيٺ هَڻُ هَڻان ڪري، منهنجي بيگ جو هينڊل جوڙي ڏيڻ ۽ ٻنھي بيگن تان ريپر لاھڻ سان گڏ اسان کي ايلاز ڪري اسان مان جان ڇڏايائون. اسان پنهنجون بيگيون ريڙهي، بورڊنگ ڪائونٽر ۽ ٻين چيڪنگ جي مرحلن مان گذري، سنگت سميت اچي انتظار گاهه ۾ پهتاسون.

ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسان جي فلائيٽ لاءِ، اسان کي سَڏ ٿيو، پر ڊاڪٽر عِلم الدين ۽ مرتضى سيال غائب هئا. ڊاڪٽر عِلم ته گهَنتريءَ جو ماهر آهي، جو باڪو ۾ به بيٺي بيٺي ڪنهن ’هرڻيءَ‘ جي پويان سنگت کان ائين کِسڪي ٿي ويو، جو خبر ئي نه ٿي پئي ته، ڪيڏانهن اُڏامي ويو، پر مرتضى ته اُن معاملي ۾، بنهه سَنت ۽ وَڳَ جو ساٿي آهي. چڱي انتظار ۽ ڳولا کان پوءِ ٻئي مِليا، جي پاڻي پيئڻ/ وَٺڻ ۽ واش روم لاءِ ويل هئا. سڀئي گڏجي اچي جهاز ۾ سوار ٿياسين، جنهن اسان کي باڪو کان دُبئيءَ لاءِ کَنيو. رستي ۾ اچانڪ جهاز ۾ گوڙ محسوس ٿيو. ڏٺوسين ته اسان جي سِيٽَ جي پويان ويٺل هڪ همراهه کان پگهر لارون ڪري وَهي رهيو هو ۽ هڪ خاتون پاٺي مان ’وِڃڻو‘ ٺاهي، کيس هَڻي رهي هئي ته، جيئن هُو آرام محسوس ڪري. توڙي جو جهاز جي اي. سي هَلي رهي هئي ۽ سُٺي ٿڌڪار ٿِي محسوس ٿي، پر پوءِ به هُن جا پگهر نه ٿي بيٺا ۽ ساهه کڻڻ ۾ کيس وڏي ڏکيائي پيش اَچي رهي هئي. پُڇڻ تي خبر پئي ته، هُو دل جو مريض آهي ۽ سفر دوران اڪثر ساڻس اُهي مسئلا پيش ايندا آهن.

جهاز ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب جهاز جو عملو پريشان هو. گهڙي گهڙي فون تي رابطو ڪري پنهنجي ڊاڪٽر کان هدايتون وٺي، مريض کي آڪسيجن ۽ ٻيو گهربل ’فرسٽ ايڊ‘ ڏئي رهيا هئا، پر مريض سامت ۾ نه ٿي آيو. مريض جي تڪليف ۽ اُن خوبرو خاتون جي پريشاني ڏسي، اسان جو دوست ڊاڪٽر عِلم الدين به اُٿي کَڙو ٿيو ۽ وڃي اُن خاتون سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ڏئي، خبرون چارون ڪرڻ لڳو. هُن جهاز جي عملي ۽ اُن خاتون کي ٻُڌايو ته، هُو به ڊاڪٽر آهي ۽ مريض جي صحت جي بهتريءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ڊاڪٽر عِلم، مريض جو بلڊ پريشر وغيره چڪاسي، کين چند دوائون تجويز ڪيون، جن مان وٽس ڪجهه موجود به هُيون، پر جهاز جي عملي ٿورائتي انداز ۾، اُهو چئي معذرت ڪئي ته، هُو مريض کي ڪا به دوا مُقرر ڊيوٽي ڊاڪٽر جي اجازت کان سواءِ نه ٿا ڏئي سگهن.

بهرحال اسان جي دوست ڊاڪٽر انصاريءَ جي عملي ڪوششن رنگ لاتو ۽ نه رڳو ٿوري وقت کان پوءِ مريض سامت ۾ اَچي ويو، پر ڏٺوسين ته ڊاڪٽر عِلم به اُن خاتون سان ڪچهري ڪري وڏي فرحت ۽ خوشيءَ ۾ هو.

اسان سمجهو ته، سندس خيال ۽ خدمت ڪندڙ اُها خاتون اُن مريض جي گهر واري يا ٻي ڪنهن ويجهي رشتي ۾ هوندي، ڇو ته هوءَ مريض جي حوالي سان ايتري فڪرمند ۽ پريشان ٿِي محسوس ٿي، پر اُهو معلوم ڪري حيرت سان گڏ بي انتها خوشي ۽ سَرهائي به ٿي ته، هوءَ هُن جي ڪنهن به رَت جي رِشتي، ڌرمي تعلق ۽ سماجي ٻَنڌڻ ۾ ٻَڌل نه هئي، پر اِنسان هجڻ جي ناتي هُن لاءِ ايتري همدردي ۽ احساسُ محسوس ڪري، هُن جي صحت جي بحاليءَ لاءِ ڊُڪي ۽ ڊوڙي رهي هئي. يقينن رَت جي رشتن ۽ ٻين سماجي سُٻنڌن جي پنهنجي وقعت ۽ حيثيت آهي، پر جيڪڏهن ماڻهپي ۽ اُنيست جو جذبو زندهه آهي ته، بنا ڪنهن غرض ۽ لوڀ جي، جيڪا ڪنهن جي مدد ۽ خدمت ڪجي ٿي، اُن جو آنند ۽ اطمينان ئي اُور آهي.

اسان اَڍائي ڪلاڪن جي اُڏام کان پوءِ دُبئي ايئرپورٽ تي لَٿاسين، جتان ٻن ڪلاڪن جي وقفي بعد هڪ ٻي جهاز کنيو، جنهن اچي، ڪراچي ايئرپورٽ تي لاٿو. اِيئرپورٽ تي جانچ پڙتال جي مختلف مرحلن مان پَارِ پَئي، سامان کڻي ايندڙ پَٽي (Laguage Belt) جي مٿان اچي بيٺاسين، جتي مختلف ملڪن جي ماڻهن سان گڏ ’وڏي پيٽن ۽ نِرالي ڊول ڊال واري مخلوق‘ کي ڪثير تعداد ۾ ڏٺوسين. اسان سَتن ڏينهن ۾، اهڙي مخلوق اُتي ڪٿي نه ڏٺي هئي.

ٿوري انتظار کان پوءِ مون، مرتضى ۽ ڊاڪٽر عِلم الدين اَنصاريءَ جا بيگ پهچي ويا، پر جامي ۽ اسحاق جا بيگ پوئتي ها، جن جو انتظار ڪري ڪري ڄَنگھون سُڪي پيون، پر بيگ نه پهتا. آخر سامان کڻي ايندڙ پَٽو (Conveyer Belt) به سَهڪي بيهي رهيو، پر سامان نه آيو.

جامي جيئن ته سدائين سفر ۾ هوندو آهي، اُنهيءَ ڪري ساڻس اهڙا معاملا ۽ مسئلا ڪيئي ڀيرا پيش اچي چڪا آهن، پر اسحاق، جيڪو اسان وانگر ڇَٺِي ڇَهماهي ٻاهر نڪري، تنهن لاءِ هي سانحو، ڪو سولو نه هو. سندس سڄو سامان، لٽا، ڪپڙا، سوکڙيون پاکڙيون سڀ اُن بيگ ۾ پيل ھيون. ڳالهه ته ڏُکَ جي هُئي، پر ڇا پيو ڪري سگهجي؟

ڪَمپلين ڪائونٽر تي بيگن نه پهچڻ جي شڪايت ڪئي سين، جن ٿوري دير ۾ تصديق ڪري ٻڌايو ته، ٻئي بيگيون باڪو مان ئي لوڊ نه ٿيون آهن. هڪ فارم ڏنائون، جيڪو ڀري وٽن جمع ڪرايوسين. اُن کان پوءِ اچي بُڪ ڪرايل سِيوِن سيٽر ۾ ويٺاسين، جيڪا ڪراچي ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪري، حيدر آباد طرف روڊ تي تيز تيز ڊوڙڻ لڳي.

اسحاق جيڪو، پاڻ وڏو ٽوڻائي، غضب جو حاضر دماغ ۽ ڪمال جو جملي باز آهي، جنهن هِن سڄي سفر ۾ گهڻن جون کنڌيون کڻي ڇڏيون هُيون، تنهن کي سنگت جو ٿورو مُنجهيل ۽ گُهنجيل ڏٺو ته، کين وارو مِلي ويو ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حال آهر ۽ انداز سان اسحاق جي ’بيگ وڃائجڻ‘ تي ساڻس ڏک ونڊيو.

وِچَ وِچَ ۾، جامي جي اُنهيءَ جملي به واهه جو ٽهڪن جو موقعو فراهم ٿِي ڪيو. ’هاءِ اسان جا بيگَ....هاڻي ڪهڙي مُنهن سان گهر وڃبو، سڀ تحفا تحائف ته بيگن ۾ ھا‘.

مٿان وري اسحاق جو اُهو غم ۽ غصي سان ٽِمٽار فقرو ته ’رڳو اسان ٻنهي جا بيگ ئي ڇو گم ٿيا، اسان سان ٻيا دوست به ته گڏ هئا نه....!!‘

موٽ ۾ جملو، ’ادا جيڪا رب جي رضا....!!‘.

وري ٽهڪن جا ٽاڪوڙا....

سڄي سنگت کِلي کِلي کيري ٿي پئي... اهو حال ڏسي جامي چيو، ’بس بهائي يه خوشي ڪي آنسو‘! ۽ وري ٽهڪن جا جلترنگ.

رستي ۾ سدا بهار هوٽل تي جامي سڄي سنگت کي بهترين ڪڙهائي کارائي ۽ ائين باڪو کان حيدرآباد تائين جو هي يادگار سفر پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهتو.

باڪو جون سَتَ سُهانيون راتيون ۽ سُندر ڏينهن، دوستن جو حسين ساٿ ۽ سپنن جهڙو سفر، زندگي ۾ وڏي عرصي تائين ياد رهندو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش ميگ ۾، مئي-جولاءِ ۲۰۲۲ع دوران، ٻارھن قسطن ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment