سئيڊن ۾ تجربي هيٺ آيل ڪجهه
شيون
عبدالله عثمان
مورائي
سئيڊش ٻوليءَ ۾
نانگ کي اورم چوندا آهن، اسٽاڪ هوم جو هڪ علائقو آهي اورمنگي ۽ اهو علائقو نانگن
جي ڪري ئي مشهور آهي، جيئن ئي ان علائقي ۾ وڃبو ته روڊ جي پهرئين رائونڊ ابائوٽ تي
فن تعمير، علائقي جي نسبت ۽ آرٽ کي ذهن ۾ رکي مختلف رنگن جي ٽن نانگن جون منڍيون ٺهيل
آهن، جنهن سان خبر پوندي ته هاڻي اسان ان نانگن واري علائقي ۾ آهيون. منهنجو اتي هڪ
نئين تعمير ٿيندڙ پروجيڪٽ تي گرائونڊ واٽر جي سلسلي ۾ مهيني ۾ ٻه ٽي دفعا وڃڻ ٿيندو
آهي. هڪ دفعي منهنجي هڪ فرينچ ڪليگ رڙ ڪري چيو ته هتي نانگ اٿئي خيال ڪجانءِ. اسان
جيترو وقت به اتي هئاسين اهو نانگ اسان کان ٻه ٽي ميٽر پري اتي ئي ويٺو رهيو، نه
هن اسان کي تنگ ڪيو ۽ نه ئي اسان وري ان کي ڇيڙيو. مون کي ياد آهي ته اسان جڏهن سنڌ
۾ واٽر مئنيجمينٽ ۾ هئاسين ته ڪافي دفعا اهو تجربو ٿيو جو تمام خطرناڪ نانگ آس پاس
موجود هوندا هئا، يا وري صبح جو جڏهن فيلڊ ۾ ويندا هئاسين ته اتي خبر پوندي هئي ته
واٽر ڪورس جي کاٽي يا سڌائي ڪرڻ دوران خطرناڪ نانگ ظاهر ٿيا جن کي مزدورن يا هارين
اتي جواتي ماري ڇڏيو. هتي سئيڊن ۾ نانگ ضرور آهن پر خطرناڪ ناهن. يورپ ۾ آئرلينڊ
وري اهڙو ملڪ آهي جتي نانگ بنهه ڪونه ٿين.
هتي تربيت يافته ڪتا
نابين ماڻهن جو سهارو ٿين ٿا، واٽ ويندي ڪڏهن ڪڏهن نظر ايندو آهي ته نابين مرد يا
عورت پنهنجي ڪتي جي مدد سان پيا ويندا آهن. هونءُ به سئيڊن يا ترقي يافته ملڪن جو
انفراسٽرڪچر يا پبلڪ ٽرانسپورٽ اسپيشل ماڻهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي جوڙيل هوندو
آهي. بسن، ريل گاڏين ۽ اتي پليٽ فارمن، روڊ پار ڪرڻ، گاڏين بيهارڻ، عمارتن ۾ اندر
يا ٻاهر وڃڻ مهل ۽ لفٽن ۾، ۽ ٽوائيليٽن ۾، مطلب ته ڪوشش ڪري اسپيشل ماڻهن جي
زندگين کي وڌ ۾ وڌ سولو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ٿيل آهي. يورپ جي ٻين ملڪن جي ته
خبر ناهي پر هتي سئيڊن ۾ اهو قانون آهي ته هر ٻار نون سالن جي عمر تائين پاڻيءَ ۾
مڪمل ترڻ سکي وٺي ڇاڪاڻ ته ترڻ اچڻ کي هتي ”لائيف سيونگ“ اسڪل يا مهارت چيو وڃي ٿو
جيڪو هر ڪنهن کي اچڻ گهرجي. گهڻي قدر هتي ماڻهو ارڙهن سالن جي عمر تائين گاڏي هلائڻ
۽ ان جو لائسنس پڻ وٺي ڇڏين، گاڏي هلائڻ به هڪ قسم جو اسڪل ۽ مهارت ۾ شامل آهي. ڪافي
ماڻهو گهوڙي سواري پڻ ننڍي عمر ۾ ئي سکي وٺن. اسڪول جي شاگردن کي هتي سئيڊن ۾ سرڪاري
خرچ تي اسٽڊي ٽوئر جي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن پڻ وٺي وڃن، جيڪا هڪ صحت مند
سرگرمي هجي ٿي جنهن سان شاگردن کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو.
هتي گذريل ڪجهه
سالن کان وٺي انڊيا جا حيرت انگيز طور تي تمام گهڻا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آئي ٽي
۽ ڪمپيوٽرس جي فيلڊ ۾ نوڪرين جي سلسلي ۾ آيا آهن. ان جي ڪري هتي ديسي ريسٽورنٽس ۽
دڪانن جو سلسلو به وڌيو آهي. ڪو ترقي يافته ملڪ ڪنهن به ملڪ جي ايڏي وڏي تعداد ۾
ماڻهن کي سڌيون نوڪريون ڏئي پاڻ وٽ گهرائي ٿو ته ان جو مطلب ته هڪ ته هو انهيءَ
فيلڊ ۾ مهارت رکندا هوندا ٻيو ته ٻن حڪومتن جي وچ ۾ اهڙي قسم جي ايگريمينٽ ٿيل
هوندي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو هوندو.
ننڍي هوندي جڏهن
جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ اسڪول مان گرمين جون موڪلون ٿينديون هيون ته وڏي خوِشي ٿيندي
هئي، آخري ڏينهن تي پنهنجي ڪلاس جي بينچن کي هڪ ٻئي جي مٿان رکي ٻن مهينن لاءِ
آزاد ٿي ويندا هئاسين. آءٌ پهرين ئي ٻن ٽن ڏينهن ۾ اسڪول جو جيڪو ٻن مهينن لاءِ
هوم ورڪ ملندو هو اهو ڪري جان ڇڏائي پوءِ باقي ڏينهن مزي سان موڪلون گذاريندو هئس.
ساڳي طرح سان هتي به موڪلون ٿين ٿيون پر مزي واري ڳالهه ته اسڪول سان گڏوگڏ آفيسون
به گهڻي قدر بند ٿي وڃن ٿيون يا انهن ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڪم ڪندا آهن باقي ٻيا سڀ
جا سڀ موڪلن تي هليا ٿا وڃن. اهي اصل ۾ موڪلون سال ۾ ماڻهو ڪڏهن به وٺي سگهي ٿو پر
جن ماڻهن کي ٻار آهن، اهي خاص ڪري هاڻي ئي وٺن ٿا ته جيئن ٻارن سان گڏ وقت گذارين.
گهڻا خاندان ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪاڏي هيڏي هوڏي
گهمن ٿا يا پنهنجن اباڻن ڳوٺن جو رخ ڪن ٿا. هتي انهن موڪلن وارن ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻي
قدر اهو چوندي نظر ايندا آهن ته جيئن ته اسان جي ٻلي، ڪتو يا ڪو ٻيو ننڍو جانور اڪيلو
ٿيندو سو انهن جي لاءِ انهن کي ڪو سار سنڀال ڪرڻ لاءِ ماڻهو کپي، گهڻي قدر پاڙي
وارن کي گهر جون چاٻيون ڏين يا ٻلي يا ڪتو ئي کين ڏئي وڃن. ساڳئي طريقي سان انهن
کي اهو به فڪر هجي ٿو ته گهر ۾ پوکيل گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ به ڪنهن پاڙي يا
خاندان جي ڪنهن ٻئي ماڻهوءُ کي اها ذميواري ڏجي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment