Sunday, July 31, 2022

پاڪستان جي خوبصورت ۽ تفريحي ماڳن جو سير

پاڪستان جي خوبصورت ۽ تفريحي ماڳن جو سير

ميوارام نجار

 


نگرپارڪر جو سير

(نگرپارڪر ايندڙ سياح ڪهڙي رستي سفر ڪن ۽ هن سفر ۾ ٻيا ڪهڙا ماڳ گهمن.)

اسان جو ملڪ پاڪستان قدرت جي حسين سنگم سان مالا مال آهي جنهن ۾ معدنيات کان علاوه ڪيتريون ئي خوبصورت واديون سياحن لاءِ پڻ منتظر آهن. سو هن ملڪ جي ڪجھ حسين خوبصورت وادين جو جڏهن مون سير ڪيو ته منهنجي دل کان انهن جو احوال لکڻ رهجي نه سگهيو سو انهن وادين جي اهميت، روڊ رستا، سفر، جاگرافي بيهڪ، رهڻي ڪهڻي، آبادي وغيرہ بابت معلومات هاڻي روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۾ قسط وار شايع ٿيندو.


چؤماسي جون برساتون جيئن ئي شروع ٿينديون آھن ته ملڪ جا مڙئي ماڻھو برسات ۾ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پروگرام پيا ٺاهيندا آھن جيئن ته انهن ڏينهن ۾ يعني جون جولائي ۽ آگسٽ ۾ اڪثر ڪري ٻارن کي به اسڪولن مان موڪلون هونديون آهن تنهن ڪري ڪٽنڀ جا ڪٽنڀ ڪشمير، ڪوھ مري، نارائڻ ڪاگان، هنزه، اسڪردو ۽ سوات وغيره لاءِ تفريحي پروگرام ئي ٺاهيندا آھن پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿر ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ سبب اڪثريت ٿر جي سفر کي اولين ترجيح ملي رهي آھي. ٿر جي تتل واري تي جڏهن انهن ڏينهن ۾ برساتي ڇنڊون پون ٿيون ته اتي گرمي جو زور ٽٽي پوي ٿو ۽ سڄي ٿر جون وارياسي ڀٽون قدرت جي حسين سائي چادر سان ڪشمير جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ ٿري ماڻھن جي چهرن تي رونقون واڇن مان پيون نسرنديون آھن ۽ سياح انهن جي خوشين کي ڄڻ چار چنڊ لڳائڻ ايندا آھن. هونئن ته برسات جي ڏينهن ۾ ٿر جا سڀئي ننڍا وڏا ڳوٺ خوبصورت ۽ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آھن پر نگرپارڪر ۾ هميشه چوماسي جون گچ برساتون پونديون آھن ۽ ڪارونجهر جبل جي سونهن ويتر سياحن کي پاڻ ڏانهن گهڻو ڇڪي ٿي. هن دفعي ته برساتون به سٺيون پيون آهن سو سياح جيئن جو تيئن نگر پارڪر جي سير لاءِ اڃي رهيا آھن.

نگرپارڪر جي سفري رستي لاءِ هن وقت انٽر نيٽ جي بهترين سهولت هئڻ ڪري گوگل جي ميپ کان به پتو لڳائي سگهي ٿو تنهن هوندي به ٻاهريان کان ايندڙ ماڻهن کي ٿر ياترا لاءِ سولو ۽ آسان سفر ڪٿان کان شروع ڪرڻو آھي؟ ان لاءِ سڀ کان پهرئين ٿر جي ڊويزن واري شھر ميرپورخاص پهچڻو پوندو. ميرپورخاص کان ٿر وڃڻ لاءِ ٻه اهم رستا آھن. جيڪي جرواري شاخ يا ٽي تلوار کان شروع ٿين ٿا. هڪ ڏکڻ طرف روڊ جيڪو ۲۹۸ ڪلوميٽر جو مفاصلو ميرواھ- ڊگهڙي- جهڏو ۽ نئوڪوٽ جي قلعي تان گهمندي، مٺي جي گڊي ڀٽ مان سڄي شھر جو نظارو ڏسندي ڏسندي اتان کان وايا اسلام ڪوٽ رستي نگرپارڪر پهچائنيدو ۽ ٻيو رستو ساڳئي جرواري شاخ ميرپورخاص کان اوڀر طرف نڪرندڙ ۲۸۲ ڪلوميٽر روڊ جو مفاصلو جنهن ۾ عمرڪوٽ شھر جو قلعو، مومل ماڙي، اڪبر اعظم جو جنم ماڳ ڏيکاري وايا ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ جي نڍين وڏين سائي خوبصورت ڀٽن جي نظاري سان نگرپارڪر پهچائيندو. جڏهن ته ڪراچي کان به الڳ نگرپارڪر لاءِ ٺٽي وايا سجاول ۽ بدين روڊ به آھي جيڪو ۴۶۸ ڪلوميٽر جو مفاصلو آھي. نگرپارڪر جي هن سير ۾ ٻيا به اهم تفريحي ماڳ گهمڻ جهڙا آھن جيڪي هيٺيان آھن.

 

مائي بختاور ايئرپورٽ:

هي ائير پورٽ اسلام ڪوٽ کان ۲۰ ڪلوميٽر عمرڪوٽ روڊ تي آھي جيڪا ٿرپارڪر جي پهرئين انٽرنيشنل ائير پورٽ آھي، هڪ بلين رقم جي لاڳت سان ٺھندڙ هن ايئر پورٽ جو افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري ۱۱ اپريل ۲۰۱۸ع تي ڪيو. ڪيو جيئن ته هن کي پهريان ٿر ائيرپورٽ جو نالو ڏنو ويو هو پر پوءِ هارين جي اڳواڻ مائي بختاور لاشاري جيڪا هارين جي حق لاءِ وڙھندي ۲۲جون ۱۹۴۷ع ۾ هڪ زميندار جي هٿان شھيد ٿي وئي هئي تنهن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. تمام خوبصورت ائيرپورٽ آھي پر هتي صرف ڪي خاص جهاز لهن ۽ اڏامن ٿا.

 

اسلام ڪوٽ شھر:

اسلام ڪوٽ جيڪو عمرڪوٽ واري رستي کان ۱۱۵ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي جڏهن ته مٺي کان ۴۰ ڪلوميٽر جو مفاصلو ٿيندو. هن جو پراڻو نالو اسلام گڙھ ھو جيڪو ٽالپرن جي قلعي ٺهرائڻ ڪري پيو. مير فتح خان هي قلعو ٺھرايو هو تنهن وقت ۱۲ لک روپيه خرچ آيو هو. قلعي ۾ بارود خانو به هو ۽ هڪ جيل به هو، سوا سئو سپاهين رھڻ لاءِ رهائشيون به هيون. ۱۸۸۴ع ۾ کوٽائي دؤران هٿيارن جا ڀڳل ٽڪرا هٿ آيا آھن. هن وقت قلعي جو ته ڪو نالو نشان به ناهي بلڪه شھر جون ڪيتريون ئي قديم جايون قلعي جي سرن سان ضرور ٺھيل آھن. هتي پورڻ ڀارتي سنت نيڻورام وڏو آشرم به آھي جتي ايندڙ ويندڙ مسافر، ڌنار، واٽھڙو ۽ سياح ساهي لاءِ ترسندا آھن ۽ انهن جي خدمت لاءِ شيواداري پرساد به ڪرائيندا آھن. هن آشرم تي سدائين ستسنگ هلندو رهندو آھي. سنت نيڻورام کي پکين ۽ جانورن سان بيحد لڳاء هو سو سندس آشرم تي اڄ به قسمين قسمين جا پکي سنت جي درٻار تي مڌر آواز ۾ مٺا مٺا ٻول ٻوليندا آھن.انهن پکين جي لاءِ وڏو ٿلهو پڻ ٺھيل آھي جتي شهر جا ڪيترائي ماڻھو پکين جي لاءِ داڻي پاڻي جو بندوبست ڪندا آھن.

 

گوري مندر:

نگرپارڪر واري رستي تي ويرواھ شهر کان ۱۴ ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ آهي هي مندر راجسٿان ڀارت جي مائونٽ آٻو جي طرز تي ٺھيل آھي جيڪو ۱۲۵×۶۰ فوٽ آھي جيڪو ۱۳۷۵ع ۾ تعمير ڪيو ويو. مندر ۾ ۲۴ ننڍا ننڍا خانا آھن جيڪي تٿانڪر ڀڳوان ڳؤ جي آرام لاءِ مختص ڪيا ويا هئا، مندر زمين جي اندر آھي. پاسي ۾ زمين اندر هڪ ڊگهي سرنگھ به آھي جنهن بابت ڪيتريون ئي روايتون آھن پر افسوس جو هينئر هن جين مندر سار سنڀال نه لهڻ ڪري پوري طرح سان کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي.

 

ڀالوا:

 نگرپارڪر ڏانهن ويندي ساڳئي رستي تي هي قديم ڳوٺ آھي جتي مارئي ڄائي هئي. هتي مارئي جو کوھ ۽ ڪونڊي به موجود آھي روايت موجب مارئي انهي کوھ مان پاڻي ڪڍي ڇيلڙن کي پيارئيندي هئي. ثقافت کاتي پاران اتي مارئي جو مجسمو ۽ پڪي عمارت پڻ ڏني آھي. هتي خوبصورت گهوڙن ۽ اٺن تي سياح چڙھي ٿر جي ڀٽن جو مزو وٺندا آھن. ماضي ۾ هتي مارئي جو ميلو به لڳندو هو.

 

ويرواھ شهر:

هي قديم شھر ويري نالي رٻاري جو ٻڌايل آھي جيڪو نگر پارڪر کان ۱۴ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي هتي جين ڌرم وارن جو ڍٺل قديم مندر به آھي جنهن جي بتن کي ”جکن پيرن جا ڏهرا“ چوندا آھن. سنڌي لوڪ گيت جي مشھور فنڪاره فوزيه سومرو جو جنم به هتي ٿيو هو.

 

پاري نگر:

ويراواھ شهر جي ڀرسان پاري نگر بندر هو تنهن بابت منگهارام اوجها پنهنجي ڪتاب پراڻو پارڪر ۾ لکي ٿو ته ”پاري نگر جو بنياد پهرئين عيسوي صدي ۾ پيو. هن شهر جي آبادي چاليھ ھزار ماڻھن تي مشتمل هئي. تنهن وقت موجوده ڪڇ جو رڻ سمنڊ جي صورت ۾ موجود هو. ڪڇ جي رڻ مان جهاز سڌو اچي ٻه تڙ وٽ لنگر انداز ٿيندا هئا جيڪو ويرواھ کان ٻه ميل الهندي طرف بندر هو. هتي جين ڌرم وارن جو راڄ هو. پر حڪومت پرمارن جي هٿ ۾ هئي. انهي بابت اهو تضاد به آھي ته دهلي جي فوج پاري نگر کي ۱۲۲۶ع ۾ تباھ ڪيو هتي جو قديم ڪٽھڙو مشھور آھي جيڪو دوائن جي ڪم اچي ٿو.“ بهرحا ل هن وقت هن پاري نگر به رڳوڊٺل کنڊراتن جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي.

 

ڀوڏيسر جي مسجد:

نگرپارڪر کان ۵ ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ ڀوڏيسر جي قديم مسجد به ڏسڻ جيان آھي جيئن ته منگهارام اوجها پراڻي پارڪر ڪتاب ۾ لکيو آھي ته ڀوڏيسر هڪ شھر هو جيڪو ڀوڏي سوڍي ۱۳۷۵ع ڌاري ٻڌايو هو. هتي اها عاليشان مسجد گجرات جي حاڪم بهمني خاندان جي سلطان محمود شاھ بيگڙي بن مظفر ۱۵۰۵ع ۾ ٺهرائي هئي. ڪي تاريخدان لکن ٿا اها مسجد ۱۴۳۶ع جي ٺھرايل آھي. هي مسجد ۳۰ چوپرس فوٽ آھي. مسجد جي ڀرسان قديم قبرستان جا آثار ڏسجن ٿا ۽ پاسي ۾ هڪ خوبصورت تلاءُ به آھي جنهن کي ڀوڏيسر جو تلاءُ چوندا آھن. هن تلاءَ ۾ مينهن جو پاڻي ٻارنهن ئي مهينا هوندو آھي. جنهن جي ڊيگھ ۲۰۰×۴۰۰ فوٽ آھي.

 

ڀوڏيسر جو مندر:

 تلاء کان ٿوري مفاصلي تي ئي هڪ قديم مندر به آھي جيڪو ٻه طبقي ٿلهي تي ٺھيل آھي. هڪ روايت موجب هي مندر پوني نالي عورت پنهنجي مڙس جي وفات کانپوء يادگار طور ٺھرايو هو. چورس ڪمري تي ٻڌل هن مندر جو منهن اوڀر طرف آھي. ۳۳ فوٽن جي اوچائي آھي پهچڻ لاءِ ۱۵ ڏاڪا اٿس ۽ هر هڪ ڏاڪي جي ماپ ۱۴ فوٽ آھي. اڳيان ورانڊو به آھي.

 

نگرپارڪر شھر ۽ ڪارونجهر جبل:

نگرپارڪر ٿرپارڪر ضلعي جو تعلقو ۽ سنڌ جي سرحدي علائقي جو آخري شھر آھي. تمام پراڻو شھر آھي شهر جا دوڪان ۽ عمارتون به پراڻين سرن جون ٺھيل آھن. شھر ۾ پراڻو جين مندر بلڪل ئي کنڊر جيان لڳي ٿو. پراڻو آکاڙو به هن شھر ۾ آھي. نگرپارڪر تعلقي ۾ ست يونين ڪائونسلز آھن تعلقي جي آبادي ڏيڍ لک کان مٿي آھي. ڪارونجهر جبل جي پاڙ ۾ وسندڙ هن شھر ۾ هندو توڙي مسلم ڀائچاري سان رهن ٿا. مسڪين جهان خان کوسي جون يادون هن شھر سان جڙيل آھن. ننڍي شھر هوندي هتي سياحن جي رهڻ لاءِ نالي ماتر هوٽلون آھن. پر شهر داخل ٿيڻ کان پهرئين سنڌ ثقافت کاتي پاران هڪ روپلو ڪولهي ريسٽورينٽ جي نالي سان خوبصورت هوٽل آھي جنهن ۾ رهڻ لاءِ بهترين لگزري ڪمرا ۽ ٿري کاڌو پڻ ملي ٿو.

نگرپارڪر شھر جي ڏکڻ ۽ اولھ ۾ خوبصورت ۽ مشهور ڪارونجهر جبل ڪڪڙ جي بيضي جيان پکڙيل آھي ڪارونجهر کي ديومالائي به چئبو آھي. مگهارام اوجها پراڻي پارڪر ۾ ۳۰ ميل ڊيگھ ۽ ۲۰ ميل جڏهن ته سنڌ گزيٽيئر ۾ ٻاهرئين قطار جي ڊيگھ ۱۹ ڪلوميٽر ۽ اوچائي ۳۰۵ فوٽ، گولائي ۱۲ ميل ۽ وڏي ۾ وڏي چوٽي ۱۰۰۰ فوٽ ڄاڻايل آھي.

هن جبل جون کير ٿر جيان هڪ سلسلو آھي جنهن جون ۴۵ ٽڪريون آھن. جنهن مان چڻيزن جي ٽڪري، ساڏو ڻوس جي ٽڪري، ڍيڍ ويري جي ٽڪري، ڏاتي جي ٽڪري، چوڙي جي ٽڪري، ڀورائي جي ٽڪري، کارس جي ٽڪري، ساڪري ويري جي ٽڪري اهم آھن جنهن مان گرينائيٽ جو پٿر ملي ٿو جيڪو نهايت ئي قيمتي پٿر آھي ۽ اهو دنيا جي اٺن قيمتي پٿرن مان هڪ آھي. انگريزن جي دؤر ۾ هن جبل جي چوٽي تي ڪرنل تروٽ چوٽي لڳائيندو هو تنهن ڪري ڪارونجهر جي چوٽي کي ”تروٽ جي چوٽي به چئبو آھي“.

ڪارونجهر جبل جي چوٽي سان سانوڻي جي انهن ڏينهن ۾ بلڪل ڪڪر ٽڪر کائيندي لنگهن ٿا اهو نظارو دل کي حسين وڻندڙ لمحن مثل هوندو آھي ڪجھ ماڻھن جو چوڻ آھي ته اهي ڪڪر نه پر هڪ قسم جي گئس نڪري ٿي جنهن سان هتي ماڪ نٿي پوي. هن جبل تان برساتي ويهڪرن جو پاڻي وڏي گجگوڙ جي آواز سان وهي ٿو. تاريخ ريگستان جي ليکڪ رائيچند هريجن موجب هن جبل مان ننڍيون وڏيون ۱۶ نديون نڪرن ٿيون. جنهن ۾ گھرٽياري، گورڌڙو، ڀٽياڻي، موندڙو ۽ سابوسڻ شامل آھن. هتي ڪيترين ئي قسمن جي وڻن، ٻوٽن ۽ ڳاھ سان گڏ بيشمار جڙي ٻوٽيون به ٿين ٿيون. جنهن لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حڪيمن جا ٽولا به لٿل هوندا آھن. هونئن ته ڪارونجهر ٻين جبلن جيان ٺوڙھو جبل آھي پر برسات جي انهن ڏينهن ۾ جبل جون قطارون ساوڪ ئي ساوڪ سان سھڻيون لڳنديون آھن. ڄڻ ڪارونجهر هريالي جو هار پاتو هجي. هن جبل مان کوکر، ڳڻ ول، ستا واڙي جهنگلي بصر، شوجاتي ۽ اٺ ڪنٺي وغيره شامل آھن پر انهن سڀني ۾ گوگارو اھم آھي. جنهن مان کنوئر ملندو آهي هن جبل کي ڪيترن ئي ڪوين پنهجي شاعري ۾ مهانتا ڏني آھي. سڏونت سارنگا، ڄام اڍو ۽ هوٿل پري، ڀيرو ۽ گاوڙي، موندر جي ستي ڦول جا لوڪ داستانن ۾ به ڪارونجهر جو ذڪر ملي ٿو.

مرحوم نواز علي کوسي ڪارونجهر جي ساروڻين بابت ٻڌايو هو ته ڪارونجهر جبل ٻرندڙ جبل به آھي ڪڏهن ڪڏهن اسان ان مان ايندڙ ڌماڪن جي آواز سان رات جو ڇرڪ ڀري جاڳي پوندا آھيون. هن جبل بابت اها چوڻي به عام آھي ته ”ڪارنجهر جبل روزانو سوا سير سون ڏيندو هو“. هن جبل تي هندوئن جا ۱۰۸ تيرٿ آسٿان به آھن. پانڊوئن پنهنجي تيرنهن سال جي بنواس دؤران هتي رهيا هئا جنهن ڪري ڪجھ آسٿانن کي ڀيم گوڏو، ڀيم جو تلاء، ارجڻ ٻاڻ، انچليسر، گئو مک وغيره به چئبو آھي پر هتي جو مشھور تيرٿ آسٿان سالڌرو ڌام آھي هن ڌام تي پاراسر رشي ۶۸ تيرٿن جي پاڻي سان آيل ٻين مها رشين منين کي پاڻي سان وهنجاريو هو ۽ هڪ يگيه ڪيو هو. ان ياد سان هتي سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ وڪرم سنبت سال جي ماگھ مهيني ۾ مهاشوراتري تي ڀڳوان شو جو ميلو يعني فيبروري ۾ ۽ ٻيو ڪتي مهيني جي پونم يعني آڪٽوبر -نومبر۾ وڏو ميلو لڳندو آھي جيڪو ٽن ڏينهن تائين هلندو آھي.هن ميلي ۾ پوري ملڪ مان جٿا ايندا آھن. سالڌرو مندر جي ڀر ۾ پاڻي جو تلاءُ مرگي ڪنڊ به آھي جنهن ۾ ياتري سنان ڪندا آھن ۽ گيتا پڙهي، پوڄا پاٺ ڪري، مري ويلن پنهنجن پيارن جو تارڻو ڪندا آھن ۽ انهن جي روح لاءِ دعائون گهرندا آھن. هتي رهڻ لاءِ وڏا ھال، ڪمرا ۽ باٿ روم به آھن. نگرپارڪر جي آسپاس ۾ ٻيا به ننڍا ننڍا ڪيترائي قديم اسٿان آھن. جنهن ۾ چندن گڊ جي قلعي جا کنڊرات، لورائي جو تلاءُ، ڀاڻسر تلاءُ، ڪجلاسر، نرياسر تلاءُ وغيره شامل آھن.

 

روپلي ڪولهي جو ماڳ:

نگرپارڪر کان اتر اوڀر طرف روڊ تي ۱۵ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڳوٺ ڪونڀاري روپلي ڪولهي جو ڳوٺ آھي جنهن جي آڪھه مان اڄ به وارث رهندڙ آھن. انگريزن روپلو ڪولهي کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڪيئي ايذاء ڏنا، تشدد ڪري هٿن جي ترين تي ڪپھ جون وٽيون ٺاهي باھ ڏني ته هو انگريزن سان بغاوت کان هٿ کڻي ۽ پوءِ به روپلي آڻ نه مڃي ته انگريزن کيس روپلي جي زال ميڻاوتي کي روپلي جي سامهون پيش ڪري روپلي جي نازڪ حالت ڏيکاريندي چيو ته هن کي چئو ته هي اسان جو ساٿ ڏئي.

پر ميڻاوتي روپلي کي چيو؛ ”روپلا! جي تو ڌرتي ۽ قوم سان غداري ڪئي ته ماڻھو مون کي مهڻا ڏيندا، ان کان بهتر آھي تون انياء خلاف سر ڏئي سرهو ٿجان ته جيئن آئون هڪ بهادر ديش ڀڳت جي بيواھ ٿي فخر سان جيئي سگهندس.“ نيٺ انگريز گودڙو نئي جي ڪناري تي ۲۲ آگسٽ ۱۸۵۹ع رات جو ۸ بجي ٻٻر جي وڻ ۾ رسو وجهي روپلي کي ڦاسي ڏئي ويا هئا هن ديس خاطر انگريزن جي هٿان ڦاهي کائي روپلو امر ڪردار ٿي ويو. سياحن لاءِ سندس يادگار نگرپارڪر ڀرسان گودڙي ندي جي ڪناري تي قائم ٿيل آھي.

 

ڪاسبو:

ڪاسٻو، نگرپارڪر شهر کان لڳ ڀڳ ۱۲ ڪلوميٽر اوڀر ڏکڻ طرف آھي. جيڪو ٿر جي سڀني ڳوٺن کان نهايت ئي سرسبز ۽ خوشحال ڳوٺ آھي. هتي زمين جو پاڻي مٺو ۽ ٿوري اونهائي تي هئڻ ڪري ٽيوب ويلن ذريعي ٻنييون آباد آھن. هتي بصر، ٻاجهر، گوار، مڱ، تر وغيره جو پڻ ڀرپور فصل لهي ٿو. راما پير جو قديمي مندر سياحن کي درشن لاءِ ڇڪي ٿو. جتي ستسنگ جو ماحول جڙيو پيو آهي. وڏا وڏا قديمي وڻ جنهن مٿي مورن ۽ ٻين مقامي پکين جو مٺيون مٺيون ٻوليون دل کي عجيب سرور بخشين ٿيون هتي هندو مسلم ۾ پختي ايڪتا هئڻ ڪري مندر جي آرتي ۽ ڀڄنن ۾ به مندر جي نم هيٺ نابين يوسف فقير جا آلاپيل گيت ۽ وايون ڪوبه خلل نٿيون وجهين. اهو ئي سبب آھي جو هندو توڙي مسلم مندر ۾ محبتون ورهائڻ ايندا آھن. جنهن جي رهڻ لاءِ وڏا هال ۽ ڪشادا ڪمرا ته باٿروم به آھن ۽ هڪ وڏي ٿلهي تي پکين کي داڻو چڳو ڏيندا آھن.

 

چوڙيو:

چوڙيو، نگرپارڪر کان ۴۰ ڪلوميٽر پري آھي. جنهن جو سفر ڪچو رستو هئڻ ۽ وچ مان برساتي نئين جي هئڻ ڪري ڏاڍو اڙانگو آھي. هتي عام توڙي برسات جي ڏينهن ۾ سفر لاءِ صرف لانگ جيپون ئي پهچائيديون آھن. تنهن ڪري هتي سياح گهٽ ئي پهچندا آھن پر هن سير جو هي آخري خوبصورت ماڳ آھي ڇو جو پريان سڏ پنڌ تي پاڪ ڀارت سرحد آھي. رات جي مهل بارڊر جون بتيون سڄي علائقي کي روشن ڪن ٿيون. هتي جابلو ٽڪري تي درگاماتا جو مندر آھي. جتي خدمتگار ايندڙ سياحن جي ڏاڍي خدمت ڪندا آھن. انهن جي رهڻ لاءِ کاڌي پيتي ماني، پاڻي، چانھ وغيره جو به بندوبست ڪندا آھن.

جيئن ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان برساتن جي انهن ڏينهن سنڌ ۾ خاص ڪري نگرپارڪر ئي گهمڻ لاءِ سياحن جي نظرن جو خاص مرڪز بڻيل آھي سنڌ سرڪار کي هن تفريح ماڳ تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي سياحن جي سهولتن لاءِ اتي ڪي خاص سفري سهولتون، عجائب گهر، ڪارنجهري جي چوٽي لاءِ رستو، چيئر لفٽ، سستي ريسٽرينٽ وغيره جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن هي پوائنٽ پاڪستان ۽ دنيا سطح تي نمايان هجي.

 

حسن ابدال ۾ پنجا صاحب گردواري جو درشن!

سفرنامي جي هن ٽئين قسط ۾ آئون پنهنجي پريوار سان گڏ پاڪستان جي اترئين علائقن جي سير لاءِ اسھيو آهيان. شيڊول ۾ اسلام آباد، ناران، ڪاگان، سوات وغير جهڙا خوبصورت ماڳ شامل آهن. ٻارن کي ريل گاڏي ۾ چڙھڻ جو ڏاڍو شوق هو. هونئن به جيڪڏهن ڪٽنڀ گڏ ھجي ته ريل جو سفر آرامده ۽ سک سهنج وارو ضرور آهي تنهنڪري مقرر تاريخ کان هفتو اڳ ۾ اسان ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ڇڏيا هئا سو حيدرآباد سنڌ کان رحمان بابا ريل گاڏي جي ڇهن سٽن واري بڪنگ ۾ ۲۰ آگسٽ ۲۰۲۱ع جو سوار ٿي ريل گاڏي جي ڇڪ ڇڪ واري آواز ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ننڍين وڏين شهرن واري اسٽيشن کي نظرن مان ڪڍندي ڪڍندي ٻئي ڏينهن هڪ وڳي راولپنڊي اسٽيشن تي پهتاسين. جتان کان وري ۱۰۰ڪلوميٽر جو مفاصلو وين ذريعي سفر ڪري تربيلا ۾ پهتاسين. هتي منهنجو ننڍو ڀاء ڪانهو مل انجنئير آهي. جنهن کي ڪواٽر مليل آهي سو اتي اسان پنهنجي سفر جي ٿڪاوٽ لاٿي سين ۽ پوءِ ڀائو سان گڏجي گهمڻ جهڙن ماڳن جي فهرست ٺاهڻ لڳاسين.

هتان کان ٽئڪسي وارا ڪي پي ڪي جي ماڳن جو سير ڪرائڻ جا چار هزار روپيه روزانه ڏهاڙي وٺن ٿا جڏهن ته سي اين جي يا پئٽرول سياح پاڻ ڀرائيندو. سو اسان به ڀاء جي واقفيت واري هڪ ٽئڪسي کي چار هزار روپيه ڏهاڙي تي آماده ڪري سڪون سان سمهي رهيا سين ۽ ٻئي ڏينهن انهي ٽئڪسي ذريعي ٻارن سان گڏ صبح سوير تربيلا جي مقام کان اسلام آباد گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين..

اڄ جي سير جو پهريون شھر حسن ابدال آھي، جيڪو راولپنڊي کان ۴۰ ڪلوميٽر اتر اولھ ۾، جي ٽي روڊ تي ۽ شاهراھ قراقرم جي شروع ٿيڻ کان پهرئين ضلعي اٽڪ جو تمام تاريخي ۽ خوبصورت شھر آھي. جيڪو نورزئي عرف حسن ابدال جي نسبت سان ۱۷۵۷ع ۾ ٺھيو. هتي سکن جو گردوار ”پنجا صاحب“ ڏسڻ جو موقعو مليو..

پنجا صاحب بابت اها تاريخ ملي ٿي ته هتي مٿانهون جابلو ٽڪري ۾ مٺي پاڻي جو قدرتي چشمو هو، جيڪو اڄ به موجود آھي، جتي قندهاري بابا پاڻ رهندا هئا جڏهن ته هيٺانهون علائقي ۾ مٺي پاڻي جي ڏاڍي تنگي هئي. گرونانڪ صاحب پنهنجي سفر دؤران هتي رهي پيا هئا ته مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري گرونانڪ صاحب ٻالي مرداني کي مٿان کان مٺو پاڻي ڀري اچڻ لاءِ حڪم ڪيائين پر جڏهن ٻالو مردانو مٿي پهتو ته قندهاري پاران مٺي پاڻي جو ٺپ جواب مليو، تڏهن گرونانڪ هڪ دفعو ٻيهر ٻالي مرداني کي مٿي وڃي پاڻي ڀرڻ جو وري حڪم ڏنائين تڏهن هن دفعي پاڻي لاءِ ٺپ جواب ته ٺھيو پر اٽلو هڪ جابلو وڏو ٽڪري وارو پٿر کائنس مٿان کان هيٺ اڇليو ويو ته گرونانڪ صاحب جن پنهنجي مبارڪ هٿ سان پنجو هڻي اهو پٿر روڪيو ته ان جاء تي ئي هڪ خوبصورت ٿڌي ۽ مٺي پاڻي جو چشمو نڪري پيو. چون ٿا ته اصل ۾ شاھ ولي اعلئ کي رڳو گرونانڪ صاحب کان اهو چشمو ظاهر ڪرڻ لاءِ اهو کيل ڪرائڻو هو ۽ پوءِ پاڻ اچي گرونانڪ صاحب کان حال احوالي ٿيا هئا ۽ گلي مليا هئا. اڄ به هن گرداوري تي مٺي۽ تمام برف جهڙي ٿڌي پاڻي جو خوبصورت چشمو موجود آھي. پاڻي ايترو ته صاف آھي جهڙو شيشو هجي. وڏيون وڏيون مڇيون ترندي صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. گردواري جي جابلو پٿر تي گرونانڪ صاحب جو مبارڪ هٿ جو پنجو به اڪريل آھي. هتي ياترائين جي رھڻ لاءِ ۵۰۰ کان مٿي صاف سٿرا ڪمرا مفت ۾ آھن ۽ کاڌي لاءِ به هر وقت پرساد ملي ٿو. هر سال بيساکي ميلو به لڳي ٿو. ميلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ياتري ته ايندا ئي آهن پر ڀارت سميت دنيا جي ٻين ملڪن مان به ياتري ايندا آهن. تمام خوبصورت ۽ گهمڻ جهڙو شھر آھي. جنهن جي مٿئين جابلو چوٽي تي شاھ ولي الله حسن ابدال بابا جي مزار آھي جڏهن ته مغليه دؤر جي لاله رخ جو مقبرو به هن شھر ۾ آھي. گرونانڪ جي هن درٻار ۾ اسان کي ڏاڍو روحاني سڪون مليو سفري ٿڪاوٽ پڻ ختم ٿي وئي ٻارن سکن کي پهريون دفعو ڏسي به انهن سان رلي ملي فري ٿي ويا ۽ پاڻي جي تلاء ۾ وهنجي خوب لطف اندوز ٿيندي انهن سان يادگيرين جون تصويرون پڻ ڪڍائڻ لڳا. هونئن به ٻارن جي ڪچي ذھين تي اهڙا تفريح ماڳ گهمائڻ سان گڏ انهن کي تاريخي معلومات به ڏجي ته اهي ڪڏهن به انهن تاريخي ماڳن کي وساري نه سگهندا.

 

خانپور ڊئم جو سير

حسن ابدال ۾ پنجا صاحب گردواري جو درشن ڪري ۽ پوءِ هن شهر جون بازارن پڻ ڏٺيون سين جيڪي خوبصورت هيون ۽ ضرورت جون سڀئي شيون هتي آساني سان مليون پئي. اڄ موسم به جهڙالي هئي ۽ گرمي به گهٽ هئي. هتي گرمي پد ۲۸ ڊگري هو. هوڏانهن عمرڪوٽ فون ڪري پڇا ڪيم ته هتي ڏاڍي قهر جي گرمي هئي ۽ انهن جون اکيون اڀ ۾ هيون بلڪل ائين ئي جيئن لطيف چيو ته

اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اڀ ۾.

پر هتي اسان لاءِ اها ٿڌي موسم سفر ۽ گهمڻ لاءِ بلڪل ئي بهار جيان هئي. سو

حسن ابدال جي خوبصورت ماڳن کان پوءِ اسان خانپور ڊيم جي سير لاءِ روانا ٿياسين. جيڪو اسلام آباد کان ۴۰ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي خيبر پختونخواه صوبي جي خانپور ضلعي تعلقي هري پور ۾ ھرو درياءَ تي واقع آھي.

هن ڊيم جي پيڙھ جو پٿر ۱۹۶۸ع ۾ رکيو ويو جڏهن ته افتتاح ۱۹۸۳ع ۾ ٿيو ۽ ۱۳۵۲ ملين جي لاڳت سان. هن ڊيم جي ڊيگھ ۱۲۹۶ فوٽ ۽ بلندي ۱۱۴ فوٽ آھي جڏهن ته ۱۱۰۰۰۰ ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش پڻ موجود آھي. هن ڊيم ذريعي راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو. هي ڊيم خيبرپختون خواه ۽ پنجاب جي وسيع علائقي کي آباد ڪري ٿو. گرمي وارن ڏينهن ۾ ڊيم واري هن درياء سان نڪرندڙ نھر ۾ راولپنڊي، اسلام آباد، ايبٽ آباد، ۽ هري پور شهر سميت ٻين شهرن جا ماڻهو وهنجڻ لاءِ ايندا آهن ۽ پوءِ اهو هجوم وارو منظر هن ڊئم جي خوبصورتي ۾ رونق جو وڌاءُ ڪندو آهي. جيتوڻيڪ خانپور ڊيم مين روڊ کان ٽي ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي پر پڪنڪ پوانئنٽ مين روڊ کان صرف هڪ فرلانگ جي مفاصلي تي آھي. هتي ڊئم جو سير لاءِ ٻيڙيون موجود آهن. ٻن ماڻھن لاءِ هڪ خاص ننڍي ٻيڙي جنهن کي مقامي ماڻهو سائيڪل چوندا آھن جڏهن ته اٺ ماڻھن لاءِ ننڍين ٻيڙين ۽ ان کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ وڏن ٻيڙن ذريعي ڊيم جي آس پاس جي سندر جابلو ٽڪرين ۽ ٻيٽن جو سير ڪري سگهجي ٿو. اسان ننڍا وڏا ۹ ڄڻا ننڍي ٻيڙي ۾ سوار ٿي ڊئم جو سير ڪيوسين. ٻيڙي وارا هونئن ته هڪ فيملي لاءِ ته ڪرايو هڪ هزار روپين تائين وٺندا آھن پر گراهڪ جتي ڦاٿو اها ڪار لڳي پئي آھي سو اسان به پنهنجي پڪائي واري مريادا نه ڇڏي ۽ اهو سير فقط چارسؤ روپين ۾ ڪيوسين.

خانپور ڊئم تمام بهترين پڪنڪ پوائنٽ آھي جتي ٻيڙي سوارن کي خاص قسم جا جاڪيٽ پارائيندا آھن جنهن سان ٻڏڻ جو خطرو گهٽ هوندو آھي. هن پوائنٽ جي خاص مزي جي ڳالھ اها به آھي ته هتي پيرا شوٽ ۾ اڏام به ڪري سگهجي ٿي. پريان کان اڏامندڙ پيرا شوٽ نهايت ئي وڻي ته رهيا هئا پر ڊپ وچان اسان ته پيراشوٽ ۾ اڏام نه ڪئيسين. هي اسلام آباد ڏانهن وڃڻ لاءِ رستي ۾ هڪ مختصر پوائنٽ ڏٺي هئي جنهن جو اسان جي شيڊول واري لسٽ ۾ نالو نڪو نشان هو پر پوءِ به دل تفريح ڪندي گدگد ٿي وئي ۽ اسان جي هي تفريح به ڏاڍي دلچسپ رهي خاص ڪري ٻيڙي ۾ ڊيم جي سير جو ٻارن کي ڏاڍو مزو آيو.

 

عالمي ثقافتي ورثي ٽيڪسلا جو سير!

خانپور ڊئم جي سير کانپوء اسلام آباد ڏانهن روانگي دؤران رستي ۾ قديم ۽ تاريخي شھر ٽيڪسلا گهمڻ جو موقعو به اسان نه وڃايو. جيئن ته اسان پنهنجي سفر جو آغاز تربيلا ڊئم جي مقام کان اسلام آباد ڏانهن ڪيو هو پر مفاصلي موجب راولپنڊي کان ايندي اتر اولھ ۾ ٽيڪسلا اندازن ۳۳ ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي جي ٽي روڊ تي آھي. ٽيڪسلا خود تعلقو آھي جڏهن ته ضلعو راولپنڊي آھي. هن شھر بابت تاريخ ٻڌائي ٿي ته سڪندر اعظم هن شھر تي ۳۲۶ ق. م. ۾ قبضو ڪيو ۽ پنج ڏينهن تائين هتي ديرو ڄمائي ويهي رهيو ته نيٺ راجا امڀي سڪندر اعظم جي اطاعت قبول ڪئي ۽ پوءِ سڪندر اعظم راجا پورس سان وڙھن لاءِ جهلم درياء جي ڪناري وڃي پهتو.

باختر جي يوناني حڪمرانن ديمريس ۱۹۰. ق. م. ۾ گندهارا جو علائقو فتح ڪري ٽيڪسلا کي پنهنجي گادي جو هنڌ بڻايائون. مهاراجا اشوڪ اعظم جي عهد ۾ به هن شھر جي رونق عروج تي هئي ۽ ٻڌ جي تعليم جو مرڪز هو. ستين عيسوي صدي ۾ مشهور چيني سياح هيون سانگ پڻ هتي آيو هو جنهن پنهنجي سفر نامي ۾ هن شھر جي عظمت جو ذڪر ڪيو آھي.

ٽيڪسلا تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان تمام جهونو شھر آھي هن جا قديمي آثار الڳ الڳ پکڙيل آھن جنهن کي ڏسڻ لاءِ ۽ پراڻي قبائلي علائقي جي ماڻھن جي رهڻي ڪهڻي کان حقيقي طور واقف ٿيڻ لاءِ ڏينهن جا ڏينهن رهڻو پوندو پر اسان جي شيڊول ۾ اڄ صرف اسلام آباد گهمڻ جو هو ۽ هن رستي جي سفر ۾ هي هڪ تاريخي شهر ۽ قديم ثقافت جو اهم باب ڏسڻ لاءِ ٿوري ساهي لاءِ ترسيا ٿئي پر اها ٿوري ساهي به ٻن ڪلاڪن جي هئي. هتي اسان کي عجائب گهر جي ملازمن مخاطب ٿيندي چيو هو ته هي عجائب گهر منجهند جو ساڍي ۱۲ وڳي بند ٿي ويندو سو سڀ کان پهرئين اسان ميوزم ۾ ئي گهڙي پياسين. جتي ميوزيم ۾ رکيل گندهارا تهذيب جا نودرات، ٻڌ مت جا مجسما، مهاتما گوتم ٻڌ جو مجسما پراڻي تاريخ جا اهڃاڻ ظاهر ڪري رهيا آھن. اهي سڀئي نودرات اهڙي نموني سان صفائي سٿرائي ۾ رکيل هئا ڄڻ مهاتما گوتم ٻڌ ڪالھ ئي هتي موجوده هئا ۽ اڄ به سندن جسم خاڪ نالي ماتر دنيا کان وئراڳ وٺڻ لاءِ واجهائي رهيا هجن ته دنيا ۾ سک ناهي بلڪه سک جو ساگر پاڻ اندر ئي ڀريو پيو آ صرف پاڻ ڄانچڻ سان سڌ ٿئي پوندي آهي.

جيئن ته ٽيڪسلا کي گڏيل قومن جي اداري يونسڪو پاران ۱۹۸۰ع ۾ عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو هو. ميوزم ۾ رکيل نودارات هن دؤر جي نسبت اڄ جي دنيا علم جي لحاظ کان ڪيتري ته مشينگري ٽيڪنالوجي سبب عروج تي آھي تڏهن به پراڻي ثقافتي ورثن کي اڄ به هينئي سان هنڊائي ان جي دؤر جو قدر ڄاڻي ٿي. ميوزيم جي عمارت نهايت ئي خوبصورت آھي جنهن ۾ صفائي جو به خاص بندوبست ٿيل آھي. آچر جو ڏينهن هئڻ ڪري ساڍا ٻارنهن وڳي ميوزيم جيئن بند ٿيڻ جو اعلان ٿيو ته اسان ٻاهر نڪري ميوزم جي بوڪ اسٽال ۾ ڪتاب جانچڻ لڳاسين ۽ هڪ ٻه ڪتاب وٺڻ کان پوءِ ميوزم جي احاطي ۾ ٺهيل خوبصورت بئنچن ۽ پارڪ تي ويهي پاڻ سان گڏ آندل کاڌو، برياني، ڏهي وغيرہ کائي ڪري ٽيڪسلا شهر گهمڻ جو ارادو ته ڪيوسين پر شهر ٿورو اندر هئڻ ڪري ٽرئفڪ جي رش ڏسندي ساڳئي ٻاهرئين باء پاس کان ٽيڪسلا جي خوبصورت ثقافت سان وابسته ٺهيل شيون دوڪانن تي نهايت ئي سندر نموني سان سينگاريون پيون هيون ۽ اهي سڀئي ثقافتي شيون سياحن کي ٽيڪسلا گهمڻ لاءِ مائل ڪري رهيون هيون پر ٽيڪسلا گهمڻ لاءِ صرف هڪ ڏينهن ڪافي ناهي سو اسان پريان کان ئي ڪار جي شيشي مان اهي سڀ شيون ڏسندي ڏسندي اسلام آباد ڏانهن روانا ٿياسين.

 

اسلام آباد ۾ راول ڍنڍ ۽ شڪر پڙيان جو تفريحي احوال!

ٽيڪسلا کان پوءِ اسان پاڪستان جي گادي واري خوبصورت شھر اسلام آباد ۾ گهڙياسين. جيئن ته اسلام آباد حيدرآباد کان موٽر وي رستي ۱۲۴۶ ڪلوميٽر جڏهن ته ريلوي لائين تي ۱۵۲۱ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. جنهن کي ۱۹۶۰ع ۾ پاڪستان جي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو ويو. هن کان اڳ ۾ ڪراچي پاڪستان جو گادي جو هنڌ هو. تمام جديد ترين شهر آهي. جنهن روڊ رستا ته هونئن به خوبصورت آهن، ساڻ گڏ ميٽرو بس جي جديد سهولت به شهرين جي سفر کي آرائش ڏي ٿي. پاڪستان جي پارليامينٽ، وزير اعظم هائوس، وغيره سميت ڪيتريون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن پر اسان پنهنجي لسٽ ۾ مٿين ذڪر ڪيل بجاء ڪجھ عوامي تفريحي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ سرفهرست رکيا آهن.

جيئن ته اسلام آباد جي آبهوا سياري ۾ وڌيڪ سردي جڏهن ته اونهاري ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد ۳۵ ڊگري سينٽي گريڊ تائين هوندو آهي. گهڻو ڪري موسم نارمل ئي هوندي آهي. اڄ آگسٽ مهيني جي ٻاويھ تاريخ آهي سو هتان جي جهڙالي موسم ۾ پهريان ته راول ڊئم ۽ ڍنڍ جو سير ڪيوسين. جتي ٻيڙيون ۽ ٻار خوب هڪ ٻئي جا سفري ساٿي ٿي ويا جڏهن ته خوبصورت اٺن، گهوڙن تي سياحن جو سوار، ڍنڍ جي خوبصورتي لاءِ ڄڻ اعزاز مثل هو. هي ڊيم ۱۹۶۲ع ۾ پنجاب حڪومت جي ڪوشش سان ٺھيو. جيئن ته راول ڍنڍ هڪ مصنوعي ڍنڍ آھي جيڪا ۸.۸ اسڪوائر ڪلوميٽر تي ڦھليل آھي ۽ گهرائي ۱۲۰ فوٽ اٿس. هن ڍنڍ ۾ ڪورنگ درياء ۽ مارگله پهاڙن مان پاڻي جا ننڍا وهڪرا اچن ٿا. راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي پاڻي هتان کان ئي مهيا ٿئي ٿو. هن ڍنڍ جي سير کان پوءِ شڪر پڙيان ماڳ ڏانهن اڳتي وڌياسين جيڪا راول ڍنڍ کان پنج منٽن جي سفر تي ئي خوبصورت عمارت آھي ڀرسان ئي لوڪ ورثا ثقافت کاتي جي به خوبصورت عمارت آھي جنهن کي به اسان ڏٺوسين. ۱۹۴۷ع کان اڳ ۾ هتي ڪکڙ قبيلائي ماڻھو رهندا هئا جيڪي پوءِ هوريان هوريان لڏپلاڻ ڪري ويا. جيئن ته هتي جو عجائب گهر مشھور آھي. جتي شڪر پڙيان ۾ پاڪستان جي تاريخ جي اهم ڪردارن جون يادگار نشانيون، مجسما، تاريخ ۾ قومي هيروز جي آزادي لاءِ تحريڪ جون ڪوششون مجسمن جي صورت ۾ ڏيکاريون ويون آھن ته ۱۸۵۷ع جي آزادي لاءِ پهرئين جنگ کي به نروار ڪيو ويو آھي ۽ ان سان گڏ گندهارا تهذيب کي به يادگار رکيو ويو آھي. انهن سڀني ۾ آرٽ جا ايترا ته خوبصورت رنگ ڀريل آھن جو منهنجي ۽ ٻارڙن جي دل ته اتان نڪرڻ جي ئي نه پئي ڪئي، توهان به جڏهن اسلام آباد اچو ته هن عجائب گهر ۾ يقينن توهان ڏسندي ڏسندي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائي ڇڏيندا.

عجائب گهر جي سامهون وري پاڪستان مومينٽ جي خوبصورت منارن جيان ديوارون ٺھيل آھن جيڪي ڪجھ سال اڳ ۲۰۰۷ع ۾ ئي ٺاهيون ويون آھن. جيڪي چئن وڏين ۽ ٽن ننڍين ديوارن سان بلڪل گلاب جي گل جي پکڙين جيان خوبصورت ٺهيل آهن چار وڏيون ديوارون پاڪستان جي چئن صوبن ۽ ٽي ننڍيون ديوارون گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن کي ظاهر ڪن ٿيون. هي پڪنڪ پوائنٽ اسلام آباد زيرو پوائنٽ کان ۶۰۹ فوٽن جي بلندي تي آھي تنهنڪري هتان کان اسان اسلام آباد جي خوبصورت وادين، رستن ۽ عمارتن کي ڏورانهن کان ڏسي رهيا هئاسين. هتان جي منظر ڪشي جي بهترين ڦوٽو گرافي به ڪمال جي هوندي آھي سو عمارت سان يادگيري جي لمحن جا ڪيترائي ڦوٽو ڪئمرا جي ڪينواس ۾ قيد ڪياسين. هتي هرسال ۲۳ مارچ جو پيرڊ به ٿيندو آھي. ٻار هتان جي تفريح مان ڏاڍا لطف اندوز ٿيا ۽ پوءِ وري فيصل مسجد ڏانهن روانا ٿياسين.

 

فيصل مسجد اسلام آباد جي تاريخ ۽ مارگله جي پهاڙن ۾ دامن ڪوھ جو نظارو.

اڄ صبح تربيلا جيڪو اسان جو ٻيو گهر آھي ۽ اهو اسلام آباد کان اتر اولھ ۾ هڪ سؤ ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي اتان کان اسان صبح جو ڇهين بجي گهمڻ لاءِ نڪتا هئاسين. رستي ۾ پهرئين گردوار پنجا صاحب حسن ابدال، ٻئي نمبر تي خانپور ڊئم، ٽئين نمبر تي ٽيڪسلا۽ پوءِ چوٿين نمبر تي اسلام آباد جنهن ۾ وري راول ڊئم ۽ شڪرپڙيان جو سير ڪيوسين جنهن جو تفصيل اڳ ۾ لکيو آھي ۽ هن وقت ۲۲.۰۸.۲۰۲۱ جي شام جو ساڍا چار بجي اسان فيصل مسجد جي احاطي ۾ بيٺا آھيون. واھ ڇا ته اڇي سنگ مرمر جي ٺھيل عاليشان مسجد آھي جنهن جو ذڪر هن عمر تائين رڳو ڪتابن ۾ پڙھيو هو ۽ ٽيليويزن تي اها مسجد ڏٺي هئي پر اڄ هن خدا جي گهر جو ديدار؛ اکين جي نور کي روحاني سڪون سان روشناس ڪيو آھي. جيتوڻيڪ هن مسجد جو ديدار اسلام آباد جي مارگله پهاڙن وارن علائقن ۽رستن تان به ڪري سگهجي ٿو پر مسجد اندر سياحن جو وڏو هجوم ۽ گوڙ گمسان هئڻ باوجود به دل گد گد ۽ ذھين لرزشي سڪون سان گونجيو پئي.

جيئن ته هي پاڪستان جي سڀ کان وڏي مسجد ۽ ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان عظيم مسجد جو اعزاز رکي ٿي جنهن جي تعميرات ۾ سعودي حڪمران شاھ فيصل بن عبدالعزيز جو وڏو سهڪار هو. آڪٽوبر ۱۹۷۶ع ۾ تنهن وقت ۱۲۰ ملين امريڪي ڊالر جي لاڳت سان شروع ٿيندڙ ۴۶ چورس ايڪڙن ۾ ھن مسجد جو ڪم جون ۱۹۸۶ع ۾ مڪمل ٿيو جيئن ته مسجد جي ڪم جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي شاھ فيصل جي وفات ٿي وئي هئي تنهن ڪري مسجد جو نالو به سعودي حڪمران شاھ فيصل جي نالي سان منسوب ڪري فيصل مسجد رکيو ويو. مسجد اندر جديد برقي فانوس به لڳل آھي ته ديوارن تي خوش خطي ڊزائين سان قرآني آيتون به اڪريل آھن. مسجد جي خوبصورت منارن جي بلندي ۹۰ ميٽر آھي ۽ هڪ ئي وقت لک کان به وڌيڪ نمازي نماز پڙھي سگهن ٿا. هن عظيم عاليشان مسجد جي تصوير پنج هزار روپين جي نوٽ جي بئڪ سائيڊ تي به ڏنل آھي. ٻارن هن مسجد جي تاريخ کي غور سان ٻڌندي ئي چيو ته اسان هن فيصل مسجد کي نصاب ۾ به پڙھيو آھي ۽ اسان سڀني کي مسجد جي ديدار سان سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ ختم ٿي وئي ۽ پوءِ دامن ڪوه ڏانهن روانا ٿياسين.

 

دامن ڪوه:

فيصل مسجد کان دامن ڪوھ ڏھ منٽن جي سفر تي آھي پر آچر جوڏينهن ۽ شام جو پهر هئڻ ڪري مارگله جبلن جي وڙ وڪڙ واري هن روڊ تي رش جيئن جو تيئن هئي بهرحال اسان پوءِ به اڌ ڪلاڪ ۾ ھتي پهچي وياسين. هي پڪنڪ پوائنٽ سمنڊ جي سطح کان ۲۴۰۰ فوٽ ۽ اسلام آباد شھر کان ۵۰۰ فوٽن جي بلندي تي آھي. جتان سڄي اسلام آباد شھر جو نظارو ڪرڻ اسان لاءِ انتهائي آسان ٿي پيو. اسان جي ٿرپارڪر ۾ مٺي جي گڊي واري ڀٽ جي پڪنڪ پوائنٽ به دامن ڪوه جيئن ٺاهي وئي آھي اها ڳالھ الڳ آھي ته مٺي جي آبادي ٽي لک جڏهن ته اسلام آباد جي آبادي ۱۸ لک آھي پر اسلام آباد ۱۹۶۰ع ۾ گادي جي هنڌ ٿيڻ کانپوء جيئن جو تيئن ترقي ڪئي آھي ۽ جديد طرز تي بهترين شھر ۽ صفائي ۾ اعلئ مثال رکندڙ شھر آھي. هوڏانهن اسان جو مٺي شھر به ائين ئي ترقي ڪري پيو ۽ مٺي جهڙي شھر جي صاف سٿرائي به سنڌ جي ٻين شھرن جي ڀيٽ ۾ الڳ نمايان آھي.

دامن ڪوه تي اسلام آباد ۾ رهندڙ ڪانٽيئي شھر ضلع ٿرپارڪرجو دوست داس نارائڻ Das Narain به ملڻ آيو جنهن ٻڌايو ته هي اسلام آباد جي سڀ کان بهترين پڪنڪ پوائنٽ آھي. هتي اڪثر ڪري شام جي وقت فيمليز پنهنجي ٻارن سان گڏ تفريح لاءِ اينديون آھن. ٻارن جي وندر لاءِ جهولا، گهوڙا، گاڏيون وغيره ته هتي ڄام ئي آھن پر چؤ طرف سر سبزباغ جهڙو گهاٽو جهنگل هئڻ ڪري هتي ڀولڙن کي به جيئن جو تيئن وڻن مٿان ٽپا ڏيندي ته هيٺ ماڻھن جي وچ ۾ به ڦرندي ڏٺا سين. ڪيترائي ته انهن کي چپس،ڪيلا، مڪئي ۽ ڦلا وغيره کارائي رهيا هئا. ٻارن سان گڏ وڏا به انهن سان تصويرون ڪڍائي رهيا هئا انهن مان ڪي وري انهن کي جڏهن ڇيڙي رهيا هئا ته انهن سان اهي باندر غصي واري ڪيفيت جو مظاهرو به ڪري رهيا هئا. ٻار هن پوائنٽ مان ايترو ته لطف اندوز ٿيا جو واپس تربيلا مڙڻ ئي وسري ويا. بهرحال گهور انڌاري ۾ جڏهن لهندڙ سج جي ڳاڙھاڻ جا ڪرڻا آرس ڀڃي موٽ کائي مارگله جي پهاڙن ۾ سمائجي ويا ۽ رنگا رنگي لالٽين جون روشنيون رات جو استقبال ڪرڻ لڳيون تنهن مهل اسان جي ٽئڪسي به واپسي جو رخ ڪيو ۽ اسلام آباد جي مشهور شاپنگ سينٽر سينٽاروس ۾ داخل ٿياسين. جنهن جا پنج ئي ماڙ نهايت ئي جديد طرز تي ماهر انجنيئرن جي ڪمال جو اعليٰ مثال آھن. هتي دنيا جي اوچين اوچين ڪمپنيز جا شاپ آھن. اسان ڪجھ ريفرشمينٽ ڪئي پر هن جو بل عام بازار کان ڏهوڻ تي هو. يعني شاپنگ سينٽر جا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ جيترا اگھ آھن. رات جي اٺين وڳي هتان کان سڌو واپس تربيلا ڏانهن روانا ٿياسين ۽ رات ڏھ بجي گهر پهتاسين ۽ سڀاڻي سوات گهمڻ جو شيڊول ٺاهيوسين.

 

پاڪستان جي سوئزرلينڊ سوات جو سير.

سوات شروع ۾ هي هڪ ڪوهستاني رياست هئي ۽ هتي ٻڌ مت جي تهذيب به هئي. ۱۹۷۰ع ۾ هن کي ضلعي جي اهميت ڏني وئي. مالاڪنڊ ڊويزن جو صدرمقام سيدو شريف هن ضلعي ۾ ئي آھي. ۵۳۳۷ چورس ڪلوميٽر ايراضي رکندڙ ھن ضلعي جي ڪل آدمشماري سورنهن لک به کان وڌيڪ آھي. پاڪ فوج پاران هتي هر سال گرمين ۾ جشن سوات به ملهايو ويندو آھي. تنهن سوات لاءِ اسان به گهڻي وقت کان ئي سنڀريل هئاسين سو ۲۴آگسٽ۲۰۲۱ تي ٽئڪسي وارو صبح سوير ئي ڇھ بجي تربيلا واري گهر پهچي ويو. بس ڪلاڪ کن ۾ اسان به تيار ٿي ڪار ۾ ويٺا سين ۽ پنهنجي سفر جي شروعات ڪئي.

تربيلا کان ڪالام سوات ۲۶۰ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي ۽ گوگل ميپ اتي پهچڻ لاءِ مفاصلو ۲۶۷ ڪلوميٽر ۽ وقت ساڍا ڇهن ڪلاڪن جو ٻڌائي رهيو هو جڏهن ته اسلام آباد کان ڪالام سوات ۳۲۷ ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ آھي. ايڏي وڏي وقت جو سبب سنگل ۽ وڙ وڪڙن وارو روڊ آھي جنهن تان ڪار ۴۰ کان ۶۰ جي اسپيڊ ۽ رستي ۾ گاڏين جي وڏي رش پڻ هوندي آھي. بهرحال اسان سوات موٽر وي M۱۶کان سفر شروع ڪيوسيين جتان چين جي سهڪار سان سي پيڪ جي پروجيڪٽ تحط ۱۳۰۰ميٽرن تائين جبل اندران ڊبل سرنگن رستي روڊ ٺھيل آھي جيڪو ٻن جبلن جي ڦيري کان بچائي ٻن ڪلاڪن جو مفاصلو ڏيڍ منٽ ۾ طئي ٿئي ٿو. ھونئن اڳ ۾ اسلام آباد کان مردان رستي سياح ايندا هئا ته انهن کي پنج ڪلاڪ اڃا به وڌيڪ ڦيري وارو سفر ڪرڻو پوندو هو ۽ هاڻي M۱۶ موٽروي جي ڪري گذريل ٻن سالن کان سوين سياح سوات جو سير ڪن ٿا. سوات خود هڪ ضلعو ۽ هڪ وادي يا ماٿري جو نالو آھي. جيئن اسان وٽ ٿر، لاڙ وغيره. ڪالام، مالم جبا، بحرين ۽ مينگورا هن جا شھر آھن مينگورا ۾ سوات جو عجائب گهر به قائم ٿيل آھي.

ڪلاڪ ڏيڍ کن ۾ اها موٽر وي به چڪدار شھر ۾ ختم ٿي. جيئن ته سوات ۾ سي اين جي اسٽيشن نه آھي تنهنڪري چڪدارا شھر کان سي اين جي فل ٽانڪي ڪرائي اڳتي روانا ٿياسين. هاڻي سنگل روڊ تي جتي اڃان سوات جي خوبصورت سيم شروع ئي مس ٿي هئي جو رستي تان سوات جي سياحن جي گاڏين مان لٿل فيميليز خوبصورت وادين ۾ ٿوري ٿوري مفاصلي تي گلم وڇائي ائين وايومنڊل سان منڊليون مچائي رهيون هيون جيئن اسان وٽ جڏهن ٿر پاسي تازي برسات وٺي هجي ۽ اسان جي شهر جي چوڌاري وارياسي ڀنل ڀٽن تي شھري برسات جو مزو وٺڻ لاءِ گڏ ٿيندا هجن. اسان به گهڙي گهڙي ڪار مان ائين پئي لٿاسين ۽ مست موسم جي تفريح لاءِ قدرت جي سينگاريل سوات جي جبلن سان مخاطب پئي ٿياسين ته نيٺ اسان جي ڊرائيور جيڪو هتان جي وادين جو واقف هو تنهن چيو؛

”او ڀائي صاحب، سوات سارا ايسي واديون سي ڀرا هي، اگر هم جگه جگه پي رڪين گي تو ڪالام شھر رات ڪو بهي نهين پهنچ پائين گي..“

سو اسان به واپس ڪار مان انهن نرالن نظارن جو ديدار ڪندي ڪندي مينگورا پهتاسين اتان وري پئٽرول ڀرائي مينگورا شهر، بحرين ۽ ٻين ماڳن کي صرف دري تان ڏسندي ڏسندي ڪلاڪ ٻن ۾ شام جو ٽئين وڳي ڌاري سوات جي سهڻي شھر ڪالام پهتاسين. جتي سوات ندي جي ڪناري تي قائم مشھور خوبصورت هوٽل نورپئليس ۾ وڏو ڪمرو ورتوسين. جڏهن ته ڊرائيور کي هوٽل مالڪ الڳ ڪمرو مفت ۾ ڏنو.

ڪالام شھر ۾ اسان کي هلڪي هلڪي سردي پئي لڳي، هتان جي هوٽلن ۾ ڇت ۾ بجلي جو پکو نه هئڻ معنئ هتي ٻارنهن ئي مهينا موسم ٿڌو هئڻ برابر آھي. ندي ڪناري هوٽل هئڻ ڪري سوات ندي تان ٿڌي برفيلي پاڻي جي وهڪرو بلڪل ئي صاف شيشي جيان هو. هتان کان ٻيون جيڪي پڪنڪ پوائنٽس آھن اهي وري مٿانهون جبلن ۾ آھن جتي روڊ نه هئڻ ڪري وري الڳ جي جيپ ڪرڻي پوندي آھي جنهن جو ڪرايو پنج کان ست هزار روپيه آھي. اسان اها جيپ طئي ڪري صبح جو پنج بجي جو ڊرائيور کي ٽائيم ڏئي بي فڪر سان سوات جي سندر وادين جي پيادل تفريح ڪئيسين.

قدرت جي سونهن سان سينگاريل ساون جبلن جي ٽڪرين تان ڪالام شھر صفا ننڍڙو لڳي رهيو هو. ڪٿي شام جي سج جا پاڇولا پرھ ڦٽڻ جهڙا آثار ڏئي رهيا هئا، ته ڪٿي وري اسو ماه جي ڌارولن جيان ٽڪرين کي بادل ڇهندا ڇهندا ماڪ ڦڙن جو احساس ڏئي رهيا هئا. شھرجي چوگرد سڀئي ٽڪريون سياحن جي سندرتا سان به سوڀيا ڏئي رهيون هيون ته سياحن جي ڪري سڄو شهر به سجي رهيو هو. ڪالالم ۾ هوٽل جو ڪاروبار عروج تي آھي. هتان جي هوٽل مالڪ ٻڌايو ته ڪالام شهر جي سموري زمين وڪرو ٿي وئي آھي. هتان جي زمين جو في مرگله پلاٽ پنج لکن روپيه به ملي ته به سستو آھي. توهان ته آگسٽ ۾ آيا آھيو پر اپريل. مئي. جون. جولا ۾ هتي ايتري ته رش ھوندي آھي جو هوٽلن ۾ ڪمرا به نٿا ملن ۽ پوليس شھر جي ٻاهرئين چيڪ پوسٽ تان ئي سياحن کي واپس روانو ڪري ڇڏيندي آھي. اهو سڀ چين جو سهڪار ئي آھي جنهن جي سي پيڪ واري پروجيڪٽ تحط اسان خوشحال آھيون. ڪيتريون ئي نيون هوٽلون به ٺھي رهيون آھن جنهن سان پوءِ هتي سياحن جو رهڻ اڃا به سولو ٿي پوندو. هتي هڪ رات ترسڻ لاءِ في ڪمري جو ڪرايو ۳۵۰۰ کان ڏھ هزار روپين تائين آھي. کاڌي پيتي ۾ هوٽلن جا طعام مرغي، سبزي، دال وغيره ايڏا لذيذ به نه آھن جيترا انهن جا مهانگا اگھ آھن. چانھ جي چسڪي ۾ رڳو دٻن وارو کير آھي، ڪٿي ڪٿي خالص کير واري چانھ ملي ٿي پر اهو في ڪپ ستر روپيه آھي. هينڊي ڪرافٽس، سوات جون شالون۽ گرم سويئٽر، وغيره جا به هتي ڄام دوڪان آھن. اسان کي انهن سندر وادين ۾ گهمندي گهمندي ست ٿي پيا ۽ پوءِ ترت ئي واپس هوٽل جي روم ۾ داخل ٿياسين رات جي ماني هوٽل ۾ کاڌي ۽ صبح سوير سوات جي ٻين وادين گھمڻ جي ارادي سان سمهي رهياسين. سوات ۾ ست ڏينهن گھمو ڦرو ته به گهٽ آھن ڇو جو هن وادي کي قدرتي سونهن عطا هئڻ سبب سوات کي پاڪستان جو سوئزرلينڊ به چيو ويندو آھي. اسان ٻيا به سوات جا ماڳ ڏٺاسين.

 

هندوڪش جبل سوات جي چڙهائي ۽ مھوڍنڍ جو ٿڌو پاڻي.

هندوڪش جبلن جي قطارن کي اسان ننڍي هوندي ٽئين ڪلاس جي سماجي اڀياس ۾ پڙھيو هو ته ان مهل انهن جبلن کي ڏسڻ صرف هڪ خواب ۽ بلڪل خالي خيال جيان ئي هو ڄڻ اسان جبلن بابت ڪنهن شاعر جي شاعري کي لفظن جي مالها ۾ دل سان هنڊائي پيا واه واه ڪندا هئاسين پر هندوڪش کي ڏسڻ جو خواب اڄ ساڀيان ٿيو هو جو سوات جي شھر ڪالام ۾ اسان صبح جو ساڍا چار بجي اٿياسين ۽ ڪلاڪ کن ۾ تيار ٿيندي ئي ڪالھ کان اڳواٽ بڪنگ ٿيل جيپ جيڪا اسان جي هوٽل ٻاهران بيٺل هئي تنهن ۾ سوار ٿي مهوڍنڍ ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪا ڪالام کان ۴۰ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ۹۴۰۰ فوٽ جي بلندي تي هندوڪش جبلن جي قطارن جي وچ ۾ آھي.

هن رستي ۾ سڀ کان پهريون اسٽاپ سوات جو جنگل اسٽاپ هو. اسان سنڌي ۾ هن کي جهنگ چوندا آھيون. مار! ڇا ته جهنگ آ، هڪ سؤ فوٽ کان به اوچا اوچا وڻ جنهن کي مقامي ماڻھو چيڙ چوندا آھن ائين بيٺا آهن ڄڻ ۲۰۰ فوٽ جا ڊگها بانس ڌرتي تي پوريل هجن تنهن کان علاوه ديال ۽ نندر نالي وڻ به هن جهنگ کي سرسبز ۽ وڻندڙ وايومنڊل کي خوبصورتي جي رنڱن سان موهي رهيا ھئا. ٻارن جڏهن هتي لڪ لڪوٽي راند پئي ڪئي ته اهو پڻ پتو پيو ته جهنگ جي وڻن کي جيڪڏهن ڪو پٺ ڏئي لڪي وڃي ته پوءِ ڀلي پيا ڳولها ڪريو، مجال آ جو سڏ ڏيڻ کان سواء ملي سگهي بلڪل ائين ئي جيئن اسان فلمن ۾ ڏٺو آ، هوئنن به لالي ووڊ جي بيشمار فلمن جي شوٽنگ به هن جهنگ ۾ ئي ٿيندي رهندي آھي. تنهن کانسواء هن جهنگ ۾ رات ٽڪڻ لاءِ وري خيما به لڳل آھن جنهن جو ڪرايو ۱۰۰۰ کان ۱۵۰۰ روپيه في رات آھي. هن جهنگ ۾ جيڪڏهن بجلي جو بندوبست نه ٿيل هجي ها ته هتي ڪير به نه رهي سگهي ها.

 جهنگل کان پوءِ ٻيو اسٽاپ اوشو شھر جو آھي جنهن ۾ فقط ٿورا ئي کاڌ خوراڪ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جا دوڪان هئا. جيئن ته ڪي پي ڪي ۾ پاڻي جي اڻهوند ناهي هر ٻن ٽن ڪلو ميٽرن تي قدرتي ٿڌي پاڻي جا چشما آھن ۽ هتي سوڊا بوتلن ۽ جوس جي دٻن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ فرج جي ضرورت ناهي بلڪه مقامي ماڻھو ٿڌي پاڻي جي چشمي مان پائيپ لڳائي ان مان ننڍا ننڍا سوراخ ڪري ڦوهاري جيان پاڻي کي وهائين ٿا ۽ ان جي ٿڌي پريشر سان بوتلون ٿڌيون رهن ٿيون. اوشو شھر ۾ سڀئي دوڪان ۽ اڪثر گهر ڪاٺ جا ئي آھن پر پراڻي تهذيب جيان پيارا لڳن ٿا. ندي ڪناري هن شھر مان گذرندي ڪٿي ڪٿي قدرتي پاڻي جي آبشارن جي نظاري قلب کي قرار پئي ڏنو.

هتان کان اڳتي ٻن ڪلو ميٽرن تي بافر جو ماڳ به آھي جتي چين جي سهڪار سان ڊئم ٺھي پيو. تنهن کان اڳتي مٽلتان ڳوٺ ۽ پلو گاه جا سندر نظارن ۾ اسان صبح جو ناشتو هڪ ڌاٻهي نما هوٽل تي ڪيوسين. ندي ڪناري هتي چشم شفا نالي سان وڏو ٿڌي پاڻي جو چشمو آھي. ۽ هتي بجلي جا اڪثر ٿنڀا ڪاٺ جا ئي آھن. هتان کان پوءِ جبلن جي جڙ منهجان اوچي پٿريلي رستي تي چڙھندي چڙھندي جڏهن هيٺ ڏٺو سين ته ڏاڍو خوف پئي لڳو هڪ ته هتي موبائل نيٽ ورڪ جي سروس به نه هئي ۽ ٻيو جڏهن وري سامهون کان ڪا گاڏي ڪراس ٿئي ڪيائين ته ماڳهين دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويندي هئي گهڙي پل ۾ بنا تسبيھ جي ڀڳوان کي هزارين دفعا ياد ڪيوسين ۽ پوءِ مس مس اچي مھوڍنڍ تي شڪر شڪر ڪندي پهتاسين. پشتو ۾ مھوڍنڍ مڇين واري تلاء کي سڏين ٿا، هونئن به هتي ننڍيون هوٽلون جنهن کي اسان سنڌي ۾ ڇپرا هوٽل يا ٻين ٻولين ۾ ڌاڀا هوٽل چئون تنهن جي اڳيان پاڻي جو ڀريل حوض لازمي ملندو جنهن ۾ زنده مڇيون پيون ترنديون آھن سو گراهڪ کي تازي مڇي ٺاهي ڏيندا آھن.

هندوڪش جبلن جي قطارن ۾ مهوڍنڍ چؤطرف ساوڪ سان سهڻي لڳي پئي هئي. صبح جي مهل هئڻ ڪري آگسٽ جي هن مهيني ۾ به ڏاڍي سردي لڳي رهي هئي سو هڪدم پهريان ته اسان پاڻ سان گڏ آندل سوئيٽر ۽ جاڪيٽ پائي شالون اوڍيوسين. ڍنڍ جو پاڻي اهڙو ٿڌو ڄڻ ڄميل برف هجي! سو ٻار ڍنڍ ۾ وهنجڻ بدران هٿن سان لهرن کي ڇهندي ئي ڍنڍ جي پاڻي ڄميل رت جي ٿڌين آڱرين کي ڏسي رهيا هئا. ٻيڙين ۾ ۽ گهوڙن تي چڙھي فوٽوگرافي به ڪئي سين۽ ڍنڍ جي تفريح ۾ ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. جيئن ته هتي اوچائي لڳ ڀڳ ڏھ هزار فوٽ هئي پر اڃا جڏهن جبلن جي چوٽين ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺوسين ته اهي اسان کان تمام پري ۽ اوچيون هيون جتي برف سان اڇيون پڻ لڳي رهيون هيون. اها برف ته ضرور پگهري رهي هئي پر هيڪاندي پاڻي جي ته خبر ئي نٿي پئي ته ڪٿان ڪٿان کان آبشارن جي صورت ۾ هيٺ گجگوڙ سان وهي رهيو آھي. هتان کان واپسي ڪالام جي هوٽل تي پهچندي پهچندي ٻنپهرن جو هڪ ٿي ويو هو ۽ جلد ئي واپسي جو سامان ڪار ۾ رکي ناران ڏانهن روانا ٿياسين.

ڏينهن جي ماني رستي ۾ هوٽل تي کاڌي ۽ پوءِ بهشام واري پهاڙن ۾ پهتاسين ته هي جابلو رستو ته ماڳهين ايستائين جي سفري رستن ۾ سڀ کان ڏکيو، اڙانگو، سڃو ۽ سوڙھو رستو هو. هتان جي چڙھاين تي چڙھندي ڪنهن مهل ڪار واپسي پئي ٿي ته ان مهل دل هٿن مان پئي نڪتي! ڏاڍو سوڙهو هي رستو مانسره کان ٿيندي ناران تائين ڏھ ڪلاڪ جو سفر هو پر سوڙھو رستو صرف مانسره تائين هو سو اسان کي رات بهشام شھر ۾ ٿي وئي هتان کان اڳتي سفر ڪرڻ لاءِ دل به ٿئي ڪئي سو هتي اسان جي عزيز جانهيري واسي ايس ڊي او واپڊا ويد وياس واپڊا جي ريسٽ هائوس ۾ اسان جي رھڻ جو بندوبست ڪيو هو. جتي رات جي ماني کاڌي ۽ ويد وياس سان ڪچھري ڪري واپڊا جو پلانٽ پڻ ڏٺوسين ۽ پوءِ سڀاڻي ناران جي تفريح جي ارادي سان سمهي رهياسين.

 

ناران ۾ سنڌين جو ڪاروبار ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ جو نيرو پاڻي.

خيبر-پختونخواه جو بشام شھر شانگله ضلعي جو سڀ کان وڏو ڪاروباري شھر آھي. پاڪستان جي اترئين علائقن ۽ خاص ڪري تفريحي ماڳن ڏانهن وڃڻ لاءِ بشام شھر ۾ ساهي لاءِ ترسڻو ئي پوندو آھي. جتي اسان رات رهي ٻئي ڏينهن پرڀات ويلي ئي سنڌو درياء جي ڪناري ڪناري مانسره مان گذر ڪندي ڪاغان، ناران جي روڊ تي چڙھياسين.

سمنڊ جي سطح کان ۷۵۰۰ فوٽ بلندي تي ناران شھر مانسره کان ۱۱۹ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي جڏهن ته اسلام آباد کان ۲۶۷ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آھي. وچ ۾ بالاڪوٽ شھر مان به گذر ٿيو جيڪو ۲۰۰۵ع جي زلزلي ۾ تباھ ٿيو هو پر هاڻي وري نئين سر اڏجي خوبصورت شهر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آھي. ناران جو رستو به وڏن وڙ وڪڙن وارو آھي جيڪڏهن انهن وڏن جبلن جو ڦيرو نه هجي ته مانسره کان سڌو ناران چئن ڪلاڪن بدران ڏيڍ ڪلاڪ ۾ سفر ٿئي پر هاڻي چين جي سهڪار سان جبلن ۾ سرنگن جو ڪم ۽ بجلي لاءِ ڊئم جو ڪم به تيزي سان هلي پيو ايندڙ ٻن سالن ۾ اهو سفر گهٽ وقت ۾ اڃا به آسان ٿي ويندو؛ اسان پاڻ ۾ اهڙي موضوع تي گفتگو ڪندي ۽ ڪار جي دري مان خوبصورت نظارا ڏسندي ڏسندي ڏينهن جو ۲ وڳي ناران شھر ۾ پهچي وياسين. جتي اسان جي عزيز ٽلومل Tilok Chowhan ڪاڳا ۽ سيٺ ڀمرلال پرمارBhamarlal Parmar  اسان جي رهڻ جو اڳواٽ ئي هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو. تنهن ۾ سامان وغيره رکي چانھ پئي ترت ئي سيف الملوڪ ڍنڍ جي سير لاءِ جيپ ۾ چڙھي روانا ٿياسين.

سيف الملوڪ ڍنڍ ناران شھر کان پندرهن ڪلوميٽر اوڀر طرف آھي. هي جابلو رستو اهڙو ته اڙانگو آھي جو واقف ڊرائيور کان سواء ڪنهن ٻئي ڊرائيور جي وس جي ڳالھ ناهي. هي ڍنڍ دنيا جي خوبصورت ترين ڍنڍن مان هڪ آھي. جيڪو مشھور رومانوي قصي پري بديع الجمال ۽ شھزادو سيف الملوڪ جي محبت جي داستان سبب مشھور آھي. ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان ۱۰۵۰۰فوٽ تي واقع آھي اندازن ۱۴۲۰فوٽ ڊگهي ۽ ۴۵۰ فوٽ ويڪري آھي. هن ڍنڍ جي پاڻي جو رنگ موسم جي مناسبت سان بدلجندڙ ڏسڻ ۾اچي ٿو يعني صاف موسم ۾ نيرو، بادل هجن ته سائو ۽ جهڙ هجي ته گهاٽي سائي رنگ جو ڏيک ڏيڻ لڳندوآھي. ڍنڍ جي چؤطرف جبلن جون چوٽيون برف ڄميل هئڻ ڪري اڇي چادر جهڙيون لڳيون پئي ۽ جبلن جي هيٺانهون حصي تي آرٽسٽ برف سان مجسما ٺاهي پنهنجي فن تي داد به وٺي رهيو هو جڏهن ته جبلن کان وري آبشارن جي صورت ۾ پاڻي جي وهڻ جو منظر به ڏاڍو نرالو هو جتي سياحن جو هڪ وڏو هجوم ميلي مثل هو. بازارون، اٺ، گهوڙا، جوڙيون، ٻار وغيره ڍنڍ کي فطرت جي سونهن سان سينگاري رهيا هئا. برف ۾ ٻار سئ سبب ڏڪندي ڏڪندي به گد گد ٿي برف جي ذرڙن کي هڪٻئي مٿان هڻي لطف اندوز ٿي رهيا هئا. هتي برف جي ٿڌ هئڻ ڪري رات رهڻ جو ڪوبه مناسب بندوبست ناهي. هتان جا دلڪش منظر روح کي عجيب راحت ڏئي رهيا هئا. هر نظارو اسان سان مخاطب هو جنهن کي فوٽو گرافي جي ڪينواس ۾ قيد ڪري ٽن ڪلاڪن تائين ڍنڍ جي سير کانپوء جڏهن جيپ ۾ ويٺاسين ته اسين سڀ سئ سبب ڏڪي رهيا هئاسين ۽ جيپ جا سمورا شيشا بند ڪري واپس ناران جي هوٽل ۾ پهتاسين.

رات جي ماني کائڻ کانپوء ناران شھر ڏانهن نڪتاسين ته بازار ۾ رش پهرئين کان به وڌيڪ هئي. اسان جيان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هتي آيل سياح سڄو ڏينهن ڪاغان ۽ ناران جون واديون واديون گهمندي گهمندي سڀ ڄڻ ھينئر هجوم جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آھن. منهنجي خيال ۾ پاڪستان ۾ ايترا سياح شايد ئي ڪنهن تفريحي ماڳ تي نه هجن. مالڪ سائين به هر هڪ کي روزي رسائي رهيو آھي جو ناران جي هر دوڪان تي گراهڪن جا هجوم هئا، ڪوبه واندو ويٺل نه هو. اسان جي عزيز سيٺ ڀمرلال ٻڌايو ته ناران جا اڪثر دوڪان ڏينهن رات کليل ئي هوندا آھن ناران گهمڻ لاءِ اپريل کان جولاء تائين ايتري ته رش هوندي آھي جو ڏھ ڏينهن اڳواٽ ئي هوٽل تي ڪمرا بڪ ڪرائڻا پوندا آھن.

اسان جا ٿري ميگهواڙ به ڏاڍا محنتي آھن. اهي جتي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون ڪندي اڳڀرا آھن ته دنيا جي سطح ڪارباري جي ڪنب ۾ به اهي اڳڀرا ضرور آھن. مون ڪي پي ڪي گهمندي اڪثر پٺاڻ ۽ هندڪو ٻولي وارن جا ئي ڪارباري دوڪان ڏٺا پر ناران ۾ سنڌين جا اٺ دوڪان ڏسي ته فخر ٿيو پر وڏي سرهائي اها به ٿي جو اهي سنڌي به اسان جا ٿري ميگهواڙ آھن جيڪي اسان جي ٿر جي هينڊي ڪرافٽس کي فخر سان سنڌي ٽقافتي نمائش جيان پيش ڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ثقافتي اسمن کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھن. اهي هتي جي سرسبز خوشحال ۽ وسندڙ شھر ۾ هوندي به ٿر جي جنم ڀومي وارياسي اڃايل ڀٽن کي جيئن جو تيئن سارين ٿا. اسان جي ٿر ۾ هٿ جو ڀرت ڀريندڙ نارين کي ڪهڙي خبر ته ناران ۾ هي ڀرت ڪيئن ڪيش ٿئي ٿو.. بهرحال ان ماڳ تان؛ اسان کي آيل ڏسي سچ مڃو ته هتي رهندڙ دوستن انيڪ محبتون ونڊيون ناران کانسواءِ ميگهواڙن جا اسلام آباد ۽ لاهور ۾ به وڏا ڪاروبار آھن جيڪي پنهنجي ڪرت ۾ لڳا پيا آھن.

رات ۲ وڳي تائين اسان ناران جو شھر گهمندا رهياسين پر شهر ۾ رش واري رونق ختم نه ٿي هئي. رات جو هوٽل جي بالڪوني مان جڏهن ٻاهر نظر ڪري ڏٺوسين ته سنڌين جو هڪ وڏوٽولو جئي سنڌ جئي سنڌ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي جاڳيل ناران کي ڇرڪائي رهيو هو. اسان کي ته الهي ڪنهن مهل ناران جي نمرتا ڀريل نيڻن ۾ ننڊ جي جهپڪي آئي جو اک کلي ته صبح ٿيو هو پر شھر ائين ئي کليو پيو هو؛ شايد اڃا سڀئي سياح ستا نه هئا جو هاڻي ڪي ٻاهر واڪ ڪندڙن جي ڊوڙ ۾ هئا ته ڪي وري اسان جيان سامان سهيڙي ناران کي الوداع ڪري، ڪوھ مري ڏانهن وڃي رهيا هئا.

 

نظارا ڪوه مري جا ڪهڙا آھن.

ڪوھ مري جي نظارن جو ذڪر هيل تائين رڳو ڪنن ٻڌو هو پر اڄ مري جي وادي سان روبرو مکا ميلي لاءِ پنڌ ۾ هئاسين جو صبح سوير ناران کان نڪري اسان مانسره رستي ايبٽ آباد شھر پهتاسين. جيڪو پڻ نهايت ئي خوبصورت شهر ۽ ضلعو پڻ آھي. هتي جي رهاڪو ماڻھن کي هزاري وال چوندا آھن جڏهن ته مقامي ٻولي هندڪو آھي. شهر ۾ڪجھ گهڙيون ترسڻ کانپوء اسان هتي جي مشهور هرنوئي ڍنڍ جيڪا ڪوھ مري واري روڊ جي ڪناري تي پنهنجي خوبصورتي ۾ نمايان آھي جتي ايبٽ آباد جي مقامي ماڻھن کان علاوه ڪوھ مري ايندڙ ويندڙ سياح ساهي پٽي ڍنڍ جي رونق کي چار چنڊ لڳائين ٿا؛ سو ٻارن جڏهن ڍنڍ ڏٺي ته ڄڻ ڪنهن وڏي تفريح جو تحفو مليو هجي سو گهڙي پل ۾ ئي ڍنڍ جي موج مستي ۾ محو ٿي مزا ماڻڻ لڳا.

هرنوئي ڍنڍ جي سير کانپوء ڪناري ڪناري اسان ڪوھ مري ڏانهن اڳتي وڌياسين. هتان کان ڪوھ مري ۶۱ ڪلوميٽر جڏهن ته ساڳئي رستي نٿيا گلي ۴۲ ڪلوميٽرن جو مفاصلي تي آھي. هي رستو به سنگل ۽ وڙ وڪڙن ۾ اوچائي تي هو پر ويڪرو ضرور هو. ڪجھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي کانپوء ٿڌي ٿڌي هوا اسان کي استقبال جو احساس ڏئي رهي هئي ته اڃان ٿوري اوچائي واري مفاصلي تي بادل جي ڌنڌ به اسان کي ڇهي رهي ھئي ڪنهن ڪنهن مهل ته ڌنڌ نما ڪارن ڪڪرن جي ڪاراڻ ايتري ٿي وئي هئي جو هر گاڏي جو بتيون ٻري رهيون هيون. رستي ۾ مونڪي اسپاٽ به هڪ پوائنٽ آھي جتي روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڀولڙا/ ڀولڙيون به تفريح کي توانو ڪري رهيون هيون ۽ جڏهن ڪلاڪ ڏيڍ ۾ نٿيا گلي پهتاسين ته هي ماڳ ماڳهين ئي خوبصورتي ۾ نرالو مقام آھي. پارڪ، ويل چيئر، جهولا، ٻارن جون گاڏيون، گهوڙا، اٺ وغيره سڀ تفريح لاءِ وندر بڻيل ھئا، ۸۲۵۰ فوٽ جي اوچائي هئڻ ڪري پڇن (ڪڪرن) جي ڌنڌ ماڪ جهڙي ماحول جو تاثر پئي ڏنو. ٻئي طرف ”آءِ لو نٿيا گلي“ جي لوگو سان سياح فوٽو ڪڍائڻ لاءِ پنهنجي واري جي انتظار ۾ قطارن ۾ بيٺل هئا، مٿانهون هنڌ کان جڏهن هيٺ پئي ڏٺوسين ته بلڪل اونداهي ئي اونداهي هئي. جيئن ته نٿيا گلي جو ماڳ KPK ۾ آهي جڏهن ته ڪوھ مري وري پنجاب جو حصي ۾ آھي. اصل ۾ جهينگا گلي، گهوڙا گهلي، جي پي او چوڪ، ڪشمير پوائنٽ وغيره سڀ ڪوھ مري جون ئي پڪنڪ پوائنٽس آهن پر هتي صوبائي حدون ورهائجي وڃن ٿيون. بهرحال سرسبز ساوڪ ۽ بادلن جي ماڪ جهڙو منظر اڳتي ڪوھ مري تائين به ساڳيو هو پر جڏهن ڪوھ مري ۾ سياح ڏٺا ته هن جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل آھي ڇو جو هتي به خلق لٿل هو. ٽرئفڪ جي ايتري ته رش هئي جو مال روڊ تائين ٻن فرلانگن جي مفاصلي کي هڪ ڪلاڪ ڪار ۾ گذراڻو پيو؛ ان دؤران ڪار جي شيشي وٽ ڪيترن ئي هوٽلن جا الڳ الڳ ملازم پل پل اهو پڇندا رهيا ”هان ڀائي هوٽل ۾ رهائئش ڪي ليي روم چاهيي“ تڏهن اندازو ٿيو ته ايترا سياح ضرور ڪٿي ته ترسندا..

مال روڊ تي هر قسم جي خريداري جا دوڪان آھن. هتي سرڪاري آفيس، هوٽل، ريسٽ هائوس، گورنر هائوس۽ ڪاليج وغيره به آھن. مري جي پنڊي پوائنٽ نهايت ئي بلندي تي آھي جتان اسلام آباد جو نظارو به ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد کان ۴۶ ڪلوميٽر ۽ ايبٽ آباد کان ۶۵ ڪلوميٽر يعني ٻنهي شھرن جي وچ ۾ بلندي تي هئڻ ڪري ڪوھ مري جيئن جو تيئن سياحن جو مرڪزي ماڳ آهي. جڏهن هتي رات جو برسات آئي ۽ اسان جي ڪار روڊ جي ڪناري تي رش ۾ ڦاٿل هئي تڏهن دري ٻاهران کنوڻ جو تجلا ڏٺاسين ته حيرت ٿي وئي جو کنوڻ هيٺ لڳي رهي هئي ۽ اسان بلندي تي هئاسين پر برسات اسان مٿان به ڄام هئي جڏهن ته برسات هيٺانهون هنڌ تي به ڄام هئي. آئون قدرت جي هن نرالي کيل تي سوچيندو ئي رهيس ته؛ نه ئي آئون جهاز ۾ سوار آھيان جو ڪڪرن جي مٿان اڏام هجي پر ڌرتي جي اهڙي مٿاڇري تي آھيان جو کنوڻ ۽ برسات هيٺ ٿي رهيا آھن ۽ اسان هن کي مٿانهون کان ڏسندڙ آھيون ۽ وري مٿي به ڏسي رهيو آھيان ته مالڪ مهر سان اسان مٿان به مينهن وسائي رهيو آھي. اها مالڪ جي وڏائي آ جنهن کي سمجهڻ منهجي ادنئ سوچ کان مٿي آھي جو مالڪ ڪيئن پيو مينهن وسائي...!

ڪوه مري کي سڀني تفريحي ماڳن جي ملڪه راڻي به چوندا آھن. هتان جي موسم سدائين حسين ۽ دل کي وڻندڙ ھوندي آھي. هتي جڏهن سياري ۾ برف باري پوي ٿي تڏهن چوٽيون، جبل، وڻ ۽ جهنگل سڀئي برف سان اڇي چادر جي سينگار ۾ ڍڪجي خوبصورتي جو اعلئ ڏيک ڏيندا آھن تڏهن به سياح سردي کان بي خوف ٿي هن ماڳ تي تفريح جو مزو وٺڻ لاءِ ڪوھ مري کان پري رهي نه سگهندا آھن بلڪه جٿن جي صورت ۾ ايندا آھن. هن پوائنٽ تي به روح کي ڏاڍي راحت ملي، جيتوڻيڪ ڪوھ مري جي نرالي نظارن کي ڏسڻ لاءِ اسان شام ويلي پهتا هئاسين پر ٽريفڪ جي رش ۽ زوردار برسات سبب رات جو يارهين بجي مريءَ کي الوداع ڪري، اسلام آباد واري رستي سفر ڪندي، رات جو ٻه وڳي واپس تربيلا واري گهر پهتاسين.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۱۱ قسطن اندر ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع کان ڇپيل. ھلندڙ..)

 

No comments:

Post a Comment