نوڪري ڏيارڻ بهاني ٿيندڙ ظلم
الطاف شيخ
هڪ ڏينهن عليءَ کي چيم ته يار ڪوالالمپور ۾ چينين جي مارڪيٽChow Kit جو چڪر هڻڻ تي دل چوي ٿي. آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس، تڏهن به ڪوالالمپور اچڻ تي ”چوڪٽ“ جو چڪر ضرور ڏيندو هوس. ان کان اڳ جڏهن جهاز تي هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ ايندو هو ته ڪوالالمپور اچي جالان تنڪو عبدالرحمان (روڊ) تي سنڌي هندن جي دڪانن تان خريداري ڪندو هوس ۽ مسجد انڊيا ۽ چوڪٽ جو چڪر هڻندو هوس. هن مارڪيٽ ۾ ڀاڄين، ميون ۽ قسمين قسمين جانورن جو گوشت وڪامندو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. گذريل دفعي ڪوالالمپور آيو هوس ته پاڪستان ايمبسي جو ڪمرشل/ ٽريڊ سيڪريٽري اطهر جمال ابڙو پڻ، مونکي چوڪٽ مارڪيٽ وٺي هليو هو، جتي انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو، سندس ڪوششن سان پاڪستاني انب متعارف ڪرايو ويو هو. هاڻي چوڪٽ مارڪيٽ، ماڊرن ٿيڻ ڪري منجهس اها ڳالهه نه رهي آهي. ان کان علاوه ملائيشيا حڪومت ڪيترن جانورن جي گوشت ۽ شين تي بندش هڻي ڇڏي آهي. ور نه ته اسان جي ڏينهن ۾ ڪُميون، ڪَڇون، نوريئڙا، نور، سانڊا، ڪتا ۽ ٻلا، بلڪ ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جو گوشت نٿي وڪاميو. مڇين ۽ نانگن جا ته انيڪ قسم هوندا هئا. جيڪي ماڻهو، خاص ڪري چيني، جيئرا جاڳندا خريد ڪندا هئا يا انهن جو گوشت ٺهرائي گهر کڻي ويندا هئا يا اتي جي ريسٽورنٽن ۾ هر قسم جو گوشت وڏي ڪڻڇي تي ائين تربو هو، جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ تي يا حيدرآباد ۾ سول اسپتال ٻاهران ٻڪريءَ جا جيرا، دل، بڪيون ملن ٿا. عليءَ کي ٻڌايم ته؛ 1970”ع ۽ ان کان اڳ ته هن مارڪيٽ ۾ مون چين جي شهرن وانگر، جيئرن ڀولڙن جو ميڄالو ڪڍي وڪامندي ڏٺو ھئم.“
”لاحول و لا قوة الا با اللھ!“ عليءَ منهن کي موڙو ڏيندي چيو، ”هي چيني به عجيب آهن. ڇا ڇا ته کائين ٿا.“
کلندي چيومانس؛ ”علي تنهنجا هي چيني وري به سڌريل آهن. ڇو جو ملئي سياستدان ۽ حڪومت تيز ٿيندي وڃي ۽ کين هتي ايڏو ٽائيٽ رکيو اٿن. جنھنڪري، گهٽ ۾ گهٽ، شهر جي عام هوٽلن ۾ ڪانگ، ڪٻريون، تڏون، ڪاڪروچ، ڳوهون ۽ سيڙهه وغيره جهڙيون شيون فراءِ ٿيندي نظر نه ٿيون اچن.“
”چيني نه رڳو هر شيءِ کايو وڃن پر ان تي فخر به ڪن ٿا،“ عليءَ دليل ڏيندي ٻڌايو؛ ”هو ڪيتريون شيون ته ان وهم ۾ کائين ٿا جو سمجهن ٿا ته شايد منجھانئن کين شهواني طاقت ملي.“
عليءَ کي ٻڌايم ته؛ ”چينين لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته هو ٽنگن واري هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ ٽيبل ڪرسيءَ جي. پاڻيءَ ۾ ترندڙ هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ سب مئرين جي. هوا ۾ اڏامندڙ هر شيءِ کايو وڃن، سواءِ هوائي جهاز جي.“
عليءَ سان اهو پروگرام ٺهيو ته؛ ٻئي ڏينهن صبح جو گهران نڪرڻ مهل، رستي تان هو اڌ مني ڪلاڪ جو بئنڪ ۾ ڪم لاهي، پوءِ مون کي چوڪٽ ڇڏي، پاڻ پنهنجي آفيس ۾ هليو ويندو ۽ آئون ڪوالالمپور جي هن مارڪيٽ جا فوٽو ڪڍي ڀر ۾ جامع مسجد ۽ پاڪستان مسجد وٽان ٿيندو، پنهنجن شاگردن سان ملڻ، سندن پيٽروناس آفيس هليو ويندس، جتي هو جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن.
ٻئي ڏينهن صبح جو پهرين بئنڪ ۾ آياسين ته اڃا ماڻهو نه آيا هئا. عليءَ کي، گهڙڻ شرط نه فقط وارو ملي ويو پر ڪم به ٻن منٽن ۾ پورو ٿي ويس. ٻاهر نڪري عليءَ چيو ته؛ ”چوڪٽ مارڪيٽ ته کلڻ ۾ اڃا ڪلاڪ ڏيڍ پيو آهي، هلو ته توهان کي گنتنگ هاءِ لئنڊ ڊگهي ڊرائيو تي وٺي هلان.“
گنتنگ هاءِ لئنڊ، هتي جي هِل اسٽيشن ٽائيپ پهاڙي آهي، جتي انگريزن جي ڏينهن کان هوٽلون ۽ جوا خانه آهن ۽ هاڻ ان کي ٽوئرسٽ جي ڪشش لاءِ، وڏن توڙي ٻارن لاءِ رانديون ۽ اميوزمينٽ پارڪ وغيره ٺاهي ڇڏيا اٿن. بهرحال هن جاءِ جي ملائيشيا ۾ ان ڪري به وڏي اهميت ٿي پيئي آهي جو ملائيشيا جي موسم ٻارهو ئي گرم، مينهوڳي ۽ گهم واري آهي. تنھنڪري هتي مڪاني ماڻهو، سرديءَ جو احساس محسوس ڪرڻ لاءِ ۽ ڌاريا يا مڪاني چيني جوا(Gambling) ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مڪاني ملئي مسلمانن توڙي ٻين ڌارين مسلمانن کي جوا ۽ ڪيبري ڊانسون وغيره ڏسڻ جي بندش آهي. ويندي عرب به، پنهنجن روايتي جبن بدران ڪمپليٽ سوٽن ۾، ۽ ايراني ڇوڪريون روسري ( يا حجاب بدران ٽائيٽ جينز ۾ نظر اچن ٿيون. اسان جي پڇڻ تي هو اڪثر يوڪرينين يا آذربائيجاني ٻڌائينديون ۽ هتي جا ملئي مسلمان به ڪي سڀ فرشتا نه آهن. ملائيشيا توڙي ٿائلينڊ جا جوا خانا، مساج گهر ۽ لڪ ڇپ ۾ هلندڙ چڪلا، سندن آشيرواد سان ئي هلن ٿا. حڪومت ڪجهه ڪڇي ڪا نه ٿي. ان کي به ٽئڪس پيو ملي ۽ اهڙين ڳالهين تي اها اک ٻوٽ ڪريو ڇڏي. باقي اهو آهي ته ڪنهن کي داداگيري يا دنگي فساد ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. ڦڏو ڪرڻ تي سلطان جو پٽ ته ڇا پاڻ سلطان به ڪورٽ ۾ گهرايو وڃي ٿو.
عليءَ کي چيم ته؛ ”گنتنگ هاءِ لئنڊس کي في الحال ڇڏ. ڊگهي ڊرائيو ڪرڻي آهي ته آئون ٿو تو کي ڪوالالمپور جا ڪجهه رستا ٻڌايان جن تان هلندو هل ۽ اهي اهڙا رستا آهن جن تان جوانيءَ جي ڏينهن ۾ منهنجو هر وقت گذر ٿيو ٿي.“
مون کيس ”جالان ڪُچنگ“ ۽ ان بعد ”جالان ڪِنابالو“ ڏئي، ”جالان تن رزاق“ ڏي هلڻ لاءِ چيو. اھي ويڪرا رستا آهن ۽ مٿن ورلي ڪا ٽريفڪ جئم رهي ٿي ۽ ڊرائيونگ لَس ئي لَس ڪري سگهجي ٿي. شروع ۾ ئي ٻڌائي آيو آهيان ته ملئي زبان ۾ ”جالان“ جي معنيٰ ”روڊ“ آهي. جالان جي معنيٰ ’هلڻ‘ به آهي، جيئن ڪنهن مائٽ يا دوست کي موڪلائڻ وقت سلامت جالان چئبو آهي. يعني مبارڪ تنهنجو هلڻ يعني مبارڪ تنهنجو سفر. ڪچنگ ۽ ڪنابالو اوڀر ملائيشيا جي رياستن سباح ۽ سراوڪ جا شهر آهن. تن رزاق، تنڪو عبدالرحمان کان پوءِ، هن ملڪ جو ٻيو وزيراعظم ۽ هاڻوڪي وزيراعظم نجيب جو والد هو. جالان تن رزاق، ڪافي وڏو رستو آهي ۽ اڌ کن ڪوالالمپور شهر جي چوڌاري گول گهمي ٿو. اهڙيءَ طرح جالان مَهاميرو ۽ جالان دامانسارا باقي اڌ چڪر ٺاهين ٿا. جهڙالي موسم ۾ ڪوالالمپور شهر ۾ ڦرندي مزو اچي رهيو هو.
جالان ڪچنگ ڏئي وڃي رهيا هئاسين ته ’بُڪت اَمان‘ وٽ عليءَ ٻڌايو ته؛ اتي هڪ پيٽرول پمپ آهي، جتي هن جو ڀاءُ غلام باقر ڪار واشنگ جو ڪم ڪري ٿو. عليءَ سان گڏ، سندس هي ڀاءُ ۽ هڪ ڀاڻيجو بابو (حسين علي) پڻ رهي ٿو. هو پڻ هتي جي هڪ ڪمپنيءَ وٽ ملازم آهي ۽ اوچين عمارتن جا شيشا صاف ڪري ٿو.
”ڇا ڪجي! ڳوٺ ۾ سخت غربت آهي!“ عليءَ ٻڌايو؛ ”نه نوڪري آهي نه پورهيو. جوان جماڻ، بيروزگار ٿيو ويٺا آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ ڏيھاڙيءَ جا هر هڪ کي 40-50 کن رنگٽ (اسان جا ٻارهن تيرهن سؤ رپيا) مليو وڃن. رهائش ۽ ماني ٽڪي مون وٽ اٿن. ٻن سالن بعد، جڏهن ڳوٺ وڃن ٿا ته ٽڪيٽ جو خرچ ڪڍڻ بعد به کين پنهنجي گهر لاءِ پئسو بچيو وڃي.“
عليءَ ٻڌايو ته؛ ”منھنجا ٻيا ڀائر ۽ ڀاڻيجا به بيروزگار ويٺا آهن. هڪ ڀاءُ ڪنهن ٽي وي چئنل تي سينئر ڪئميرامين آهي. سڄو ڏينهن ڊيوٽي ڪري ٿو، پر پگهار اٺ هزار روپيا مس مليس ٿي. هاڻ انهن پئسن مان ڀاڙو ڪري، گلشن حديد ۾ ورتل گهر جي مسواڙ ڏئي يا کاڌي پيتي تي خرچ ڪري؟ پوءِ ٿوري گهڻي سندس ۽ ٻين جي به مدد ڪريان ٿو. ان ڪري هتي مون وٽ رهندڙ ڀاءُ ۽ ڀاڻيجي کي چيو اٿم ته هاڻ همت ڪري هڪ ٻئي مائٽ کي نوڪري ڏياريو، جيئن هو اچي ته توهان ٽئي ڄڻا گڏجي ڌار جاءِ مسواڙ تي وٺي، رهڻ ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست پاڻ ڪريو ته مون تان ڪجهه لوڊ لهي ته جيئن ڳوٺ ۾ رهندڙ ٻين غريب مائٽن جي به ڪا بهتر پرگهور ڪري سگهان.“ عليءَ ٻڌايو.
”پوءِ علي تون ئي کڻي گهرائينس، هتي ته ڪيترا ئي جاب هوندا.“ مون چيو.
”اهو ته صحيح آهي، پر ائين گهمڻ واري ويزا تي اچي نوڪري ڪرڻ به ته ڏوهه آهي نه! آئون اهو هرگز نه چاهيندس ۽ نه وري ڪنهن کي صلاح ڏيندس ته ڪو ڌارئين ملڪ ۾ اچي اهڙو غير قانوني ڪم ڪري.“ عليءَ چيو.
”پوءِ تنهنجو ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هتي ڪيئن آيا؟“ مون پڇيو.
“انهن لاءِ مون هتي ڪجهه ڪمپنين وارن کي ڪيتري وقت کان پئي منٿ ميڙ ڪئي، پوءِ کانئن نوڪريءَ جو ليٽر ۽ ورڪ ويزا ملڻ تي کين گهرايم.“ عليءَ ٻڌايو.
”ڀلا تون کين پنهنجي ڪمپنيءَ ۾ ڇو نٿو رکين، جنهن جو تون ڊائريڪٽر آهين؟“
”هر ڪمپنيءَ وارو پنهنجي انڪم ۽ گورنمينٽ کي ڏنل انڪم ٽئڪس مطابق ضرورت جا ماڻهو گهرائي سگهي ٿو.“ عليءَ وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ ”انهن ۾ به وڏو حصو مڪاني ماڻهن جو رکڻو اٿس. يعني هن ملڪ جا ڪجهه شرط شروط ۽ قاعدا قانون آهن، انهن مطابق ڪم ڪرڻو پوي ٿو. غير قانوني ڪم ڪرڻ جي حالت ۾ پڪڙ ڌڪڙ تي هو مقرر ڪيل سزا کان بچي نٿو سگهي.“
عليءَ چيو ته؛ ”هتي رهندڙ پاڪستاني ۽ پنهنجي ملڪ جا ٺڳ ايجنٽ، ڪيترن اٻوجهه ۽ بيوقوف ماڻهن کي هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڏيارڻ جا ڏٽا ڏئي، کانئن پئسو هڪ طرف ڦرين ٿا ته ٻئي طرف قانون جي نظرن ۾ کين ڏوهاري پڻ بڻائين ٿا. پوءِ پوليس طرفان جهلجڻ تي ڪيترن کي سندن ئي خرچ تي واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ته جيلن حوالي ڪيا وڃن ٿا.“
عليءَ ٻڌايو ته؛ ”منهنجي دل ڏاڍو چوي ٿي ته اهڙن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي وڃي. کين ٻڌايو وڃي ته جنهن طريقي سان، کين هتي ملائيشيا ۾ گهرايو پيو وڃي، اهو صحيح آهي يا غلط.“
”پر مسئلو اهو آهي ته ڪيترن کي ٻڌائڻ جي باوجود ته هو غلط ڪم ڪري رهيا آهن. هو اهائي ورندي ڏين ٿا ته کين جيڪو ايجنٽ موڪلي رهيوآهي، اهو سندن مائٽ آهي ۽ هن ان کان اڳ به ڪيترا ماڻهو موڪليا آهن. اهو ضرور آهي ته ڪيترا ئي غير قانوني طرح به هتي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڃا پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن پر ڪنهن وقت به پڪڙجڻ تي کين پنهنجي ملڪ Deport ڪيو وڃي ٿو يا سزا ڪاٽڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو.“
عليءَ ٻڌايو ته؛ اسانجي ملڪ ۾ ڪيترن ئي غريب، مجبور ۽ بيروزگار ماڻهن کي ٺڳ ايجنٽ، نوڪريءَ جا ڪاغذ پٽ ته ڪوڙا ڏين ٿا، پر ويزا به جعلي لڳرائي ڏين ٿا. پهرين جڏهن ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم نه هو ته ڪجهه ماڻهو انهن جعلي ويزائن ۽ جعلي پاسپورٽن سان ڦٻجي به ويا، پر هاڻ ڪو ورلي بچي ٿو.“
ان قسم جو هڪ واقعو ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي نظرن مان به گذري چڪو آهي. گذريل دفعي جڏهن آئون ڪوالالمپور کان ڪراچيءَ موٽي رهيو هوس ته ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي، جهاز ۾ چڙهڻ مهل، منهنجي اڳيان ڇهه ست لاهور جا اهڙا مسافر اچي ويٺا، جن جا پاسپورٽ ملائيشيا جي هڪ پوليس آفيسر جي هٿ ۾ هئا. هن، کين جهاز اندر ويھاري، سندن پاسپورٽ کين ڏيڻ بدران، جهاز جي ايئر هوسٽس کي ڏنا ته اها پائليٽ جي حوالي ڪري. جهاز هلڻ بعد، انهن مسافرن مان هڪ منهنجي ڀرسان خالي سيٽ تي اچي ويٺو. هن ٻڌايو ته؛ ”مان ۽ منھنجو ساٿي، گهمڻ جي ويزا تي ڪوالالمپور آيا هياسين. لاهور جي ايجنٽ اسان کي ٻڌايو ھو ته؛ ڪوالالمپور ايئرپورٽ مان نڪرڻ تي منهنجو ماڻهو بيٺو هوندو، جيڪو توھان کي ملائيشيا ۾ نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
ھن وڌيڪ ٻڌايو؛ ”هن ان نوڪري ڏيارڻ، ويزا ڪڍرائڻ ۽ رٽرن ٽڪيٽ جا اسان کان هڪ لک اسي هزار روپيا ورتا ھيا. هتي پهچڻ سان اميگريشن وارن اسان جا پاسپورٽ ضبط ڪري ڇڏيا ۽ اسان کي ايئرپورٽ کان به ٻاهر وڃڻ نه ڏنائون.“
”توهان وٽ هتي رهڻ جي ورڪ ويزا يا وزٽ ويزا هئي؟“ مون پڇيو.
”ها اها هڪ مهيني جي وزٽ ويزا هئي ته به اسان کي ٻاهر نڪرڻ نه ڏنائون.“ هن ٻڌايو.
”اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ مون حيرت مان پڇيو؛ ”هونءَ ته ويزا ڏيڻ بعد به ڌارئين ملڪ جو اميگريشن عملو، بنا ڪنهن سبب ٻڌائڻ جي غير ملڪيءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهي ٿو. پر ائين ورلي نظر آيو آهي.“
”اسان کي واپس وطن به ورڻ نٿي ڏنائون.“ هن چيو.
”ڇو ڀلا؟ توهان وٽ رٽرن ٽڪيٽ نه هئي ڇا؟“ مون پڇيو.
”ها هئي! پر هنن چيو ته نئين ٽڪيٽ وٺڻي پوندي. اسان پورا ڏهه ڏينهن هتي ايئرپورٽ تي ويٺا رهياسين.“
”ڏهه ڏينهن!“ مون کان رڙ نڪري وئي؛ ”پوءِ ماني ٽڪي جو ڇا ڪيانوَ؟“
دنيا جي هر ايئرپورٽ تي کائڻ پيئڻ جي ڪا شيءِ سستي ٿيندي آهي؟! ۽ هتي ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي ته جيڪي ٻه ٽي ريسٽورنٽون آهن، انهن مان اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جو ڪو چانهه يا ڪافي پيئندي به ٻه دفعا سوچي ٿو.
”بس سائين ڳالهه ئي نه پڇو.،“ هن چيو،”ڪجهه ورتوسين ٿي، ڪڏهن ڪنهن ماني آڻي ڏني ٿي. نه ته گهڻو تڻو بکون ئي ڪاٽيونسين. اسان وٽ جيڪي پئسا هئا سي گڏ ڪري في ماڻهو 400 ڊالرن جي حساب سان ٽڪيٽ جا ڏنا اٿئون، تڏهن هن جهاز جي ٽڪيٽ ملي آهي. هڪ طرف جا 32 هزار رپيا گهڻا نه آهن؟ اھا به ڪراچيءَ تائين جي ٺاهي ڏني اٿن.“
”پر توهان چيو ته توهان وٽ PIA جي رٽرن ٽڪيٽ آهي؟“ پڇيومانس.
هن کيسي مان ”اي ٽڪيٽ“ جو پنو ڪڍي منهنجي حوالي ڪيو. ”اسان کي ايجنٽ هي پنو فوٽو ڪاپي ڪري ڏنو هو ته اها لاهور تائين جي رٽرن ٽڪيٽ آهي.“
مون ان پني کي غور سان ڏٺو. ڪجهه عجيب نموني جون ٽائيپ ٿيل سٽون هيون. بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ته ڊپارچر جا ڏينهن ۽ وقت ڪهڙا آهن. مون دل ۾ سوچيو ته ايجنٽ هنن کي فقط وڃڻ جي ٽڪيٽ ڏني آهي ۽ رٽرن ٽڪيٽ ائين ئي جعلي ٺاهي، پنو سندن حوالي ڪيو آهي. شايد اهو سوچي ته ٻاهر وڃي پورهيو مزوري ڪري، پاڻهي ئي ان مان رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪندا. يا چيو ھوندائين ته ھن وقت هتان پاڪستان مان ٽرن، پوءِ ڀلي ڌارئين ملڪ ۾ وڃي خوار ٿين. اهو ٿو سوچجي ته ڏک ٿو ٿئي. هي اسان جا ايجنٽ ڪيڏا نه ظالم ٿين ٿا. غريب، بيروزگار ۽ ٻچڙيوال ماڻهن کي نوڪري ۽ پورهئي جا ڏٽا ڏئي، کين ڪيڏو نه ستائين ٿا.
”ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي اميگريشن وارن اهو به پڇيو ته ٻاهر ڪنهن وٽ رهندائو؟“ هن ٻڌايو.
”پوءِ توهان ڇا ٻڌايو؟“ مون پڇيو.
”اسان کي ايجنٽ اهڙي ڪا به ائڊريس نه ٻڌائي هئي. هن اهو ئي چيو هو ته؛ سندس ماڻهو ايئرپورٽ تي اچي اسان کي رِسيو ڪندو ۽ پوءِ ڪنهن ڪارخاني يا فئڪٽريءَ ۾ روزگار سان لڳرائيندو.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ توهان اها ڳالهه اميگريشن آفيسر سان ڪئي؟“ مون پڇيو.
”نه.“ هن ٻڌايو، ”ايجنٽ اسان کي سختيءَ سان جهليو هو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪجو، نه ته جيل ۾ هليا ويندائو.“
”ڀلا! ملائيشيا جي ويزا، لاهور مان ورتانوَ يا اسلام آباد مان؟“ مون پڇيو.
”سائين اسان کي اها به خبر ناهي.“ هن وراڻيو.
تنهنجي معنيٰ ته ايجنٽ هنن جي ويزا به نقلي لڳرائي آهي ۽ اها ڏسي ۽ هنن جي ڳالهين مان اندازو لڳائي پڪ ملائيشيا جي اميگريشن پوليس سمجهي وئي هوندي ۽ ان ڪري کين ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان روڪيو ويو.
”افسوس جي ڳالهه آهي جو توهان جو هيڏو پئسو برباد ٿي ويو،“ آٿت ڏيندي چيومانس؛ ”هڪ طرف ايجنٽ کي پئسا ڏنانوَ ۽ ٻئي طرف 400 ڊالر به خرچ ڪيانوَ.“
”سائين اسان کي فقط اهو فڪر آهي ته اسان کي لاهور تائين سواري ملندي يا ڪراچيءَ ۾ لاهي ڦٽو ڪندا. ان کان اڳتي لاءِ ته اسان وٽ هڪ رپيو به نه آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا پوليس اسان جا پاسپورٽ پائليٽ حوالي ڪيا آهن، جيڪي ڪراچي پهچڻ تي خبر ناهي، هو اسان کي ڏيندو يا FIA پوليس حوالي ڪندو. جي FIA حوالي ڪيائين ته اسان ٻچن ٻارن جو منهن ڏسڻ لاءِ سڪي وينداسين.“
سوچيو ته ڪيڏو ڪرب آهي انهن ڳالهين ۾. اسان جا لاچار ۽ بيوس ماڻهو پرديس ۾ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن بي يار و مددگار لڇندا رهن ٿا.
No comments:
Post a Comment