رستي تي بي يار و مدد هوس
الطاف شيخ
مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ علي مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪوالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون تازيون ڪرڻ چاهيون ٿي. منهنجو پهريون دفعو ڪوالالمپور ۾ اچڻ شايد 1968ع ڌاري ٿيو هو، جڏهن چين ويندي يا اتان موٽندي، اسان جي جهاز ڏينهن ٻن لاءِ پورٽ ڪلانگ ۾ لنگر ڪيرايو هو. انهن ڏينهن ۾ پورٽ ڪلانگ انگريزن جي ڏينهن واري نالي؛ پورٽ سويٽنهام، سان سڏبو هو.
ڪوالالمپور ڪراچيءَ وانگر سمنڊ جي ڪناري تي ناهي. ڪوالالمپور کان سمنڊ يعني پورٽ ڪلانگ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان پورٽ قاسم. هاڻ ته پورٽ ڪلانگ کان ڪوالالمپور ائين يڪو شهر ٿيندو وڃي جيئن ڪراچيءَ کان پورٽ قاسم. بهرحال منهنجو جهاز ذريعي ڪوالالمپور ۽ ملائيشيا جي ٻين بندرگاهن؛ پينانگ ۽ جوهور باروءَ ۾ 1981ع تائين اچڻ وڃڻ لڳو رهيو. ان بعد 1991ع تائين منهنجي ڪوالالمپور جي ڀرواري شهر ملاڪا ۾ مستقل رهائش رهي. ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ 124 ڪلوميٽر (77 کن ميل) فاصلو آهي. اسان موڪلن ۾ يا سرڪاري ميٽنگن لاءِ، ڪوالالمپور ايندا ويندا رهياسين ٿي. ڪوالالمپور جي هنن روڊن تي پنهنجي ڪار کي ڊوڙائيندو رهيس ٿي. اڄ انهن روڊن مان ڪن تي ميڊيڪل اوزار ۽Equipment سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني فراگو امپيڪس ۽ نقش انٽر پرائيز ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر، غلام علي سولنگي، مون کي چڪر هڻائڻ لاءِ پنهنجي گاڏي ڊوڙائي رهيو هو. هن منهنجي ڪري اڄ آفيس وڃڻ جو به ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڪم جون ضروري هدايتون پنهنجي پاڪستاني اسسٽنٽ ۽ ملئي ڪم وارن کي، موبائل فون ذريعي ڏئي ڇڏيون.
”علي اهو ته ٻڌاءِ، تون هتي ڪڏهن آئين ۽ ڪيئن آئين؟“ مون کي اوچتو اهو سوال ڌيان ۾ اچي ويو ۽ عليءَ کان پڇي ويٺس.
”آئون پهرين هتي نه آيو هوس.“ عليءَ چيو.
”ته پوءِ؟“ مون پڇيو.
”آئون پهرين سنگاپور آيو هوس.“ اهو چئي عليءَ ڪجهه سوچي مون کان پڇيو؛ ”آئون توهان کي پنهنجي زندگي جي شروع کان ڳالهه ٻڌايان؟“
”ضرور ضرور!“ مون وراڻيو، ”هي ته پاڻ سٺو موقعو آهي. آئون غور سان ٻڌي سگهان ٿو ۽ نوٽ به ڪري سگهان ٿو.“
”سائين آئون هڪ غريب گهر ۾، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالوني ۾ ڄايس. منهنجو پيءُ منهنجي ننڍي هوندي ئي وفات ڪري ويو ۽ مون کي منهنجي مائٽن وڏين مشڪلن سان ستن درجن تائين مس پڙهايو.“
عليءَ وڌيڪ تفصيل ھيٺينءَ طرح ٻڌايو.
انگريزن جي زماني جي روهڙي سيمينٽ فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي؛ انجنيئرن ۽ مڪينڪن کان فورمين ۽ فٽرز تائين، اندر رهائش جي ڪالوني هئي، جنهن ۾ اسڪول به هو. ان اسڪول جي رضا محمد عرشي نالي هڪ ٽيچر، عليءَ جي غربت ۽ ذهانت ڏسي سندس تعليم جو بار کنيو. عليءَ نه فقط ان اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ورتي، پر عرشي صاحب جي رهنمائيءَ سان شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي اي به ڪري ورتائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو هئس، جنهن لاءِ سوچيو هيائين ته خرچ جو پورائو ڪرڻ لاءِ، ڪو پارٽ ٽائيم جاب يا پورهيو مزوري ڪندو. بي اي جي تياري ڪري رهيو هو ته هڪ واقعو رونما ٿيو.
”اسان جي ان اسڪول جو هڪ ٻيو ٽيچر، جيڪو پڻ مون کي پسند ڪندو هو، تنھن پنهنجي ڌيءَ جو رشتو ڏيڻ لاءِ منهنجي ماءُ سان ڳالهه ڪئي.“ عليءَ ٻڌايو، ”اسان بيحد خوش ٿياسين جو اسان جي غربت واري حال کان هو چڱيءَ طرح واقف هئا ۽ هڪ ئي ڪالونيءَ ۾ رهڻ ڪري اسان جي ساڻن ننڍپڻ کان سڃاڻپ هئي. پهرين کان اسان جو هڪ ٻئي جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڳالهائڻ جو سلسلو ائين هو، جيئن ڳوٺن ۾ هڪ برادريءَ ۾ هوندو آهي.“
”ڪجهه مهينا مڱڻو هلڻ بعد، جيئن ئي منهنجي بي اي جي رزلٽ نڪتي ته ڇوڪريءَ جي پيءُ زور آندو ته هڪ ته هينئر جو هينئر شادي ڪئي وڃي ۽ ٻيو شرط اهو وڌائون ته آئون ڪا نوڪري هٿ ڪريان. اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. غريب ماڻهو، اسان وٽ کائڻ لاءِ نه هو. شاديءَ جو خرچ ڪٿان اچي؟ ٻيو ته نوڪري ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. خاص ڪري ان لاءِ، جنهن جي فقط بي اي هجي ۽ ڪا سڃاڻپ يا واقفيت نه هجيس. نوڪريءَ جي ڪوشش لاءِ آئون ڪراچيءَ آيس. اتي مختلف ادارن ۽ وزيرن، سياستدانن جي درن اڳيان جتيون گسائيندو رهيس، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. ان دوران ڳوٺ واپس آيس ته خبر پيئي ته منهنجي غير موجودگيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ، ڇوڪريءَ جي مرضيءَ خلاف، پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ڇوڪري سان نڪاح ڪرائي، کيس پنجاب روانو ڪري ڇڏيو آھي.“
عليءَ ٻڌايو ته ان ڳالهه جو کيس، سندس والده ۽ مائٽن کي ڏاڍو صدمو رسيو. ڇو جو نه فقط عليءَ جي دل ۾ ڇوڪريءَ لاءِ پيار قائم ٿي چڪو هو، پر ڇوڪريءَ به ذهني طرح پاڻ کي عليءَ سان منسوب ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو شاديءَ وقت ڇوڪريءَ پنهنجي پيءُ کي چيو ته؛ سندس چوڻ تي هوءَ ٻي ڌر سان شادي ڪرڻ کان انڪار ته نٿي ڪري، پر پنجاب رواني ٿيڻ بعد هو وري پنهنجي پيءُ جو منهن نه ڏسندي.
ڳوٺ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ وارن جو عليءَ وارن کي بنا ٻڌائڻ يا بنا سبب جي ائينIgnore ڪرڻ، عليءَ وارن لاءِ وڏي بي عزتيءَ جو سبب هو.
”ايتري قدر جو مون گهر کان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو،“ عليءَ ٻڌايو؛ ”اسان ماڻهن اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نه رهيا هئاسين. اسان جي غربت اسان تي ٺٺوليون ڪري رهي هئي. دل اهو ئي چيو ٿي ته ڳوٺ ڇڏي ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃجي، پر ان لاءِ به پئسو ٿي کتو.“
”هيءُ اهو دور هو جو اسان جي ڳوٺ جو هڪ دوست بشير احمد چنا مون وٽ آيو ته، هو ۽ سندس ڀاءُ روزگار جي تلاش ۾ پرديس وڃي قسمت آزمائڻ چاهين ٿا. مون کي به پاڻ سان شريڪ ٿيڻ لاءِ چيائين. مون کين صاف صاف ٻڌايو ته؛ منهنجي حال کان توهان واقف آهيو. مون وٽ ڌارئين ملڪ هلڻ لاءِ هوائي جهاز جو ڀاڙو ته نه آهي، پر پاسپورٽ ٺهرائڻ جي به في نه اٿم. هن منهنجي ٽڪيٽ ۽ پاسپورٽ جي خرچ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان سنگاپور هليا آياسين.“
”اها ڪهڙي سال جي ڳالهه آهي؟“ مون پڇيو.
”اِها 1994ع جي ڳالهه آهي. رٽرن ٽڪيٽ خريد ڪرڻ تي، پنهنجي ملڪ مان اڃا آسانيءَ سان ويزا ملي وئي ٿي.“ عليءَ ٻڌايو.
”پوءِ سنگاپور پهچي ڪهڙو ڪم ڪيانو؟“ مون پڇيو.
”اسان کي مصطفيٰ سينٽر (اسٽور) ۾ گدامن ۽ ٽرڪن مان سامان لاهڻ جو ڪم ملي ويو. ان دڪان جي ئي پٺيان سوڙهين گهٽين ۾ گهر جو هڪ ڪمرو مسواڙ تي وٺي، منجھس رهڻ لڳاسين.“ عليءَ ٻڌايو.
سنگاپور ۾ هڪ سرنگون روڊ آهي، جنهن تي انڊين هوٽلون (خاص ڪري مدراسي ٽائيپ) ۽ انڊين دڪان ۽ هندن جو وڏو مندر آهي. هي علائقو ننڍڙو انڊيا(Little India) به سڏجي ٿو. هن روڊ تي سالن کان مصطفيٰ جو دڪان مشهور آهي. اسان جهازن تي هوندا هئاسين، توڙي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ته شاپنگ لاءِ سنگاپور اچي، مصطفيٰ سينٽر جو چڪر ضرور هڻندا هئاسين. سائوٿ انڊين مصطفيٰ جو هي دڪان مناسب اگهه کان به مشهور هو.
”پوءِ ڀلا سنگاپور ڇو ڇڏيئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”دراصل جن سان گڏ آيو هوس، يعني سکر جي چنا برادران سان، انهن کي سنگاپور ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. هنن سنگاپور ڇڏي پنهنجي ملڪ موٽڻ جو پروگرام ٺاهيو، جيئن پوءِ اتان ڪنهن ٻئي نئين ملڪ ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ سوچي سگهن.“
”سنگاپور ۾ ڪيترو وقت رهيائو؟“ مون پڇيو.
”ٻن اڍائي مهينن بعد ڀاءُ بشير چنا وطن موٽڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کان به پڇيائين. مون اهو سوچيو ته آئون غريب ماڻهو آهيان. مون وٽ پنهنجو پئسو ته آهي ڪو نه. مفت ۾ هر ڀيري ڪير وٺي هلندو. سو آئون سنگاپور ترسي پيس ۽ بشير چنا جن سکر موٽي ويا.“
”پوءِ توهان سنگاپور ڪڏهن ڇڏيو؟“ مون پڇيو.
”آئون مهينو کن وڌيڪ سنگاپور ۾ رهيس.“ عليءَ ٻڌايو، ”پر هڪ ته مون کي سڄي ڪمري جي مسواڙ ڏيڻي پيئي ٿي ۽ ٻيو ته سنگاپور ۾ ڌارين جي غير قانوني رهڻ تي پڪڙ ڌڪڙ گهڻي هلي رهي هئي.“
”پوءِ ملائيشيا اچڻ جو ڪيئن سوچيانوَ جڏهن ته توهان وٽ ملائيشيا جي ويزا به نه هئي؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”سنگاپور ۾ رهي، مونکي ماڻهن کان خبر پيئي ته ملائيشيا ۾ تمام گهڻيون عمارتون، پليون، ريلوي اسٽيشنون ۽ ڪارخانا ٺهي رهيا آهن، جتي هر قسم جي پورهيتن جي ضرورت آهي. ان ڪري مون اوڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون وٽ ملائيشيا جي ويزا نه هئي. پر مون کي ڄاڻ پئي ته هِتي ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پئسا وٺي غير قانوني نموني سان بارڊر ٽپائين ٿا. سنگاپور ۾ رهندڙ هڪ همراهه سان منهنجي ڳالهه ٻولھ ٿي. هن مون کان ان ڪم لاءِ 20 هزار رپين برابر سنگاپوري ڊالر گهريا. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ هڪ ٽَڪو به نه آهي. ڏهاڙي جي حساب سان ڪمايان ٿو ۽ ٻه ويلا ماني مس کاوان ٿو. باقي مون وٽ واپسيءَ جي (سنگاپور کان ڪراچي تائين جي) رٽرن ٽڪيٽ آهي، جيڪا نه ڪئش ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري ڪو ٻيو ان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن ڪجهه دير سوچي مون سان هائوڪار ڪئي ته هو مون کي ان ٽڪيٽ جي بدلي ملائيشيا جي سرزمين تي پهچائيندو. باقي ٽڪيٽ کي ڪئش ڪرائي سگهان يا نه اهو منهنجو نصيب.
”مقرر پروگرام موجب هن ڇنڇر ڏينهن شام جو، جڏهن سنگاپور ملائيشيا بارڊر تي رش رهي ٿي، هن مون کي گهرايو ۽ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري، مون کي پنهنجي ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وجهي ڪاز وي ٽپائي جوهور بارو اچي ڇڏيو.“
پڙهندڙن لاءِ اهو لکندو هلان ته ملائيشيا، پاڪستان وانگر تمام وڏو ملڪ آهي، جيڪو اتر ۾ ٿائلينڊ سان وڃيو لڳي، جيئن پاڪستان اتر ۾ افغانستان سان ملي ٿو. سنگاپور، ملائيشيا جي ڏکڻ ۾ ائين ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيئن پاڪستان جي ڏکڻ ۾ جتي ڪراچي ختم ٿي ٿئي، منهوڙو آهي. سنگاپور جو ٻيٽ، ملائيشيا جي بارڊر واري شهر جوهور بارو سان سامونڊي پل ذريعي ڳنڍيل آهي. ٻن ميلن جي هن پل تان ماڻهو، بسون، ڪارون ۽ ٽرينون هلن ٿيون. جوهور بارو شهر، ملائيشيا جي سرزمين جي پڇڙي (TIP) وٽ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪياماڙي. سنگاپور کان جوهور بارو (ملائيشيا) ويندي وقت، هن پل (Causeway) جي منهن وٽ سنگاپور حڪومت جا اميگريشن آفيسر پاسپورٽ چيڪ ڪن ٿا ۽ ڪسٽم وارا رکي رکي ڪنهن مشڪوڪ گاڏيءَ جي چڪاس ڪن ٿا. پنجن منٽن ۾ پل لتاڙڻ بعد، پل جي ٻئي پاسي بيٺل ملائيشيا جو عملو، پاسپورٽ جي چڪاس ڪري ۽ اتي به ڪڏهن ڪڏهن ڪارن جي چڪاس ٿئي ٿي ته سنگاپور مان ڪو اهڙو سامان ته نه خريد ڪيو ويو آهي، جنهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي لاڳو هجي.
”مون کي ڍوئڻ واري ڪار سنگاپور جي بارڊر وٽ بيٺي. ان بعد هن ڪازوي ڪراس ڪيو ۽ وري جوهور بارو جي اميگريشن چيڪ پوسٽ وٽ پنج ڇهه منٽ ترسي. جملي هي ويهه پنجويهه منٽن جو سفر، منهنجي موت ۽ زندگيءَ جو سفر هو. منهنجي لاءِ هڪ هڪ منٽ ڪلاڪن برابر هو. بارڊر ٽپڻ بعد هن اجنبي همراهه، جوهور بارو جي بس اسٽاپ تي ڪار بيهاري، ڊڪي کولي مون کي ٻاهر ڪڍيو. هن مون کان رٽرن ٽڪيٽ وٺي پنهنجي کيسي ۾ سوگهي ڪئي ۽ پنهنجي ٻٽونءَ مان 10 رنگٽ (ملائيشي ڊالرن) جو نوٽ ڪڍي، منهنجي تريءَ تي رکي مون کي چيو: ”وٺ! هي 10 رنگٽ اٿئي. هاڻ تون ڄاڻ ته تنهنجو ڪم ڄاڻي.“ پوءِ آئون هن کي واپس سنگاپور ڏي مڙندو ڏسندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. آڌيءَ رات جو رستي تي، آئون بي يارو مدد بيٺو هوس.“
No comments:
Post a Comment