ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم
الطاف شيخ
ڪوالالمپور جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تان علي مون کي پنهنجي پروٽان ساگا ڪار ۾ گهر وٺي آيو. عليءَ جو گهر ڪوالالمپور جي جنهن علائقي ۾ آهي، اهو جيتوڻيڪ شهر جي مرڪز ۾، ”جالان ڪچنگ“ جهڙي اهم ۽ مشغول روڊ تي آهي، پر ساڳي وقت اهو علائقو ۽ گهر ڳوٺ جو به ڏيک ڏئي ٿو. گهرن جي قطارن جي وچ ۾ ڪا ڪا قطار بلڪل خالي به نظر اچي ٿي جنهن تي اڃان ڪنهن به گهر نه ٺهرايو آهي. سامهون ٺهيل گهرن وارن، انهن خالي پلاٽن تي ڀاڄيون ۽ مڪئي جا سنگ پوکي ڇڏيا آهن. هر گهر اڳيان انهن جون پاليل ڪڪڙيون پيون هلن. گهرن اڳيان بيٺل ٻارن ۽ گهرن جي ٻاهران لکيل نالن مان اندازو لڳايم ته هتي مڪسڊ سوسائٽي جا ماڻهو آهن. يعني نه رڳو ملئي مسلمان پر چيني، تامل، سک ۽ انهن جي وچ ۾ عليءَ جو گهر ۽ سندس پاڙي ۾ سندس پنجابي دوست جو گهر ڏسي مون کي سٺو لڳو. جتي به مڪس قسم جا ماڻهو رهن ٿا، اتي ماڻهو وڌيڪ پرائي ٿو. ٻين کان سٺيون ڳالهيون سکي ٿو ۽ سڄي ملڪ جي ايڪتا رهي ٿي.
سنگاپور ۾ شروع شروع ۾، جڏهن انگريزن کيس خود مختياري ڏني، هر قوم ۽ هر مذهب ۽ زبان جا ماڻهو پنهنجو ناني ڪنڙو ٺاهي رهيل هئا. چيني الڳ ته ملئي ۽ انڊين الڳ ۽ وري انڊين ۾ به سائوٿ انڊين تامل الڳ ته سک، سنڌي هندو، گجراتي، بنگالي ۽ پارسي الڳ. هر هڪ پنهنجي زبان، دين ڌرم ۽ پنهنجي وطن (جتان هنن جا ابا ڏاڏا لڏي سنگاپور اچي رهيا هئا) کي بهتر ٿي سمجهيو ۽ ٻين سان ضد ۽ نفرت لڳائي رکي هئي. پوءِ اسان جي سنگاپور ۾ جهاز تي ايندي ويندي، مون ڏٺو ته سنگاپور جي وزيراعظم لي ڪئان يوءَ حڪومت طرفان گهڻ-ماڙ عمارتون ٺهرائي انهن جا فلئٽ ڪُڻن ذريعي شهرين کي سستي اگهه تي ڏنا. ملئي ماڻهن ڪجهه ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ته هو چينين يا انڊين سان گڏ نه رهندا. سندن لاءِ سڄي بلڊنگ الڳ رکي وڃي پر لي ڪئان يو سڀني کي چيو ته؛ ”سستو گهر کپناوَ ته ائين ملندو! نه ته وڃي پاڻ ئي ٺهرائي رهو.“ سستائيءَ ڪري سڀني کي ڪشش ٿي ۽ مڪس اپ ٿي رهڻ لڳا. ان مان گهڻو فائدو ملئي ماڻهن کي ٿيو، جيڪي هونءَ ڳوٺاڻي طبيعت جا ۽ سست هئا، سي واپاري ۽ پڙهيل ڳڙهيل چيني ۽ انڊين ماڻهن جي وچ ۾ رهي تيز ٿي ويا. تعليم ۽ بزنيس ۾ به هوشيار ٿي ويا. اڄ سنگاپور جو ملئي ماڻهو، پنهنجي ملائيشيا جي ملئي سوٽ ماسات کان وڌيڪ هوشيار، چست ۽ سياڻو آهي.
بهرحال ملائيشيا به هاڻ سالن کان سنگاپور کي فالو ڪري رهيو آهي. ڇو جو ملائيشيا جي قوم ۽ حڪومت ڏسي ٿي ته Polarization مان سواءِ نفرت جي ڪو فائدو ناهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ ابتو حساب آهي. اسان جا سنڌي شاگرد، ٻين زبانن يا مذهبن جي شاگردن سان رلي ملي هلڻ بدران، پنهنجو ناني ڪنڙو ڪري هلندا آھن. بلڪ ڪوشش ته اها ئي ڪندا ته هڪ ئي ڳوٺ جا ملي وڃن. پوءِ ٽي يا چار خيرپور ناٿن شاهه، سجاول يا گمبٽ جا هوندا ته ڀر واري شهر ميهڙ، ٺٽي يا خيرپور جي همراهه سان به نه ملندا. ان ۾ نه فقط اسان سنڌي شامل آهيون پر اسان جي سڄي ملڪ جو اهو حال آهي. توهان انگلينڊ، آمريڪا ويندي ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ ڏسندائو ته اسان جا شاگرد، مڪاني يا ڌارين شاگردن سان ملڻ کي گهٽ ترجيح ڏيندا. هو ڪوشش ڪري پنهنجي ملڪ جي شاگردن جو ٽولو ٺاهي هلندا. ان ڪري هو ٻين جو ڪلچر ۽ سٺيون ڳالهيون سمجهڻ ۽ سکڻ کان محروم رهجيو وڃن. هتي عليءَ جي پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ چينين ۽ ملئي ماڻهن سان ۽ محلي جي مسجد ۾ مدراسي مسلمانن سان عليڪ سليڪ ڏسي خوشي ٿي.
پاڙي جي ٻين گهرن وانگر، عليءَ جو گهر به هيٺ مٿي آهي. گهر اڳيان ايڏو ڪار پورچ آهي، جنهن ۾ ٻه گاڏيون بيهو وڃن. هونءَ به ملائيشيا ۾ چوري چڪاري گهٽ آهي. ماڻهن جون در جي ٻاهران به گاڏيون بيٺيون آهن. هر گهر جي اندر هڪ پاسي ايتري وڏي جاءِ ڇڏيل آهي، جو ٻن ٻن ڪارن جا ٽي سيٽ بيهي سگهن. عليءَ ان Space مٿان پلاسٽڪ جون شيٽون ڏئي ورانڊي وانگر ٺاهي ڇڏيو آهي.
”سکر جي منهنجي هڪ سڃاڻوءَ، هتي ملائيشيا ۾ کجور جو بزنيس ڪيو هو،“ عليءَ ٻڌايو؛ ”سو سڄو ڪنٽينر موڪليو هئائين. ان مان نڪتل مال کي هتي رکي، پوءِ ٿورا ٿورا دٻا ڪري، هتي جي مارڪيٽ ’چوڪٽ بازار“ (Chow Kit) ۾ وڪيا هئاسين.“
عليءَ جي گهر ڪنڊ ۾ ڪڪڙين جو وڏو پڃرو به رکيو هو جنهن اندر ۽ ٻاهر ڏهاڪو کن ڪڪڙيون ۽ اڌ ڊزن ٻچا، جيڪي 15 ڏينهن کن اڳ آنن مان ڦٽا هئا، چڳي رهيا هئا. هڪ سفيد رنگ جو ڊينڊڙو ڪڪڙ، راجا اندر بڻيو، مڙني ڪڪڙين جي وچ ۾ پسار ڪري رهيو هو.
”علي! گهر ته واهه جو اٿئي ۽ ڇا ته لوڪيشن آهي؟“ مون تعريف ڪندي چيو.
عليءَ دعا جا ٻڪ کڻي، مٿي آسمان ڏي نهاريندي چيو؛ ”بس سائين رب پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن، جنهن مون غريب کي هن حال تي پهچايو آهي نه ته مون غريب کي ته ايتري به طاقت نه هئي جو کڻي موٽر سائيڪل به وٺي سگهان. اڄ مون کي پنهنجي سواري لاءِ الڳ ڪار آهي ته ڪمپنيءَ جي ڪمن لاءِ الڳ گاڏي آهي.“
جهاز جنهن وقت ڪوالالمپور لٿو ان وقت مينهن جو وسڪارو ٿي ويو. دل ۾ مون چيو ته؛ ”آئون ٻين کي نصيحتون ڪندو آهيان ته ههڙن ملڪن ۾ ڇٽيءَ بنا نه ايندا ڪريو پر اڄ آئون ڇٽيءَ بنا اچي نڪتو آهيان.“ بهرحال ڪجهه پُسندو ڪجهه بچندو، عليءَ جي ڪار تائين پهتس. عليءَ جي گهر پهتاسين ته سندس گهر واريءَ چيو؛ ”ڀائي جان مون ڪالهه کان دعائون پي ڪيون ته ڪو مينهن وسي ته موسم ٺري. هن ڀيري هفتي کان مٿي ٿي ويو آهي جو مينهن وسڻ جو نالو نه پئي ورتو. ههڙي گرمي ڏسي عليءَ کي چوندي هيس ته الطاف کي ڏاڍي گرمي لڳندي.“
”آئون ڪو ڌاريو نه آهيان. هنن پٽن کان واقف آهيان.“ مون وراڻيو؛ ”ملائيشيا، جاگرافيائي طور خط استوائي ملڪ آهي جتي ٻارهوئي ظلم جي گرمي ٿيڻ کپي پر وقفي وقفي تي هلندڙ بارش سبب، موسم خوشگوار ۽ چوڌاري ساوڪ نظر اچي ٿي.“
عليءَ چيو ته؛ ”اڄ تنهنجي اچڻ ڪري منهنجي زال پنهنجي ملڪ جو ڊش؛ برياني ٺاهيو آهي. جنهن ۾ چانور به پاڪستان کان گهرايل باستمي وڌا اٿس.“
”اهو ته علي توهان نسورو مون سان ظلم ڪيو آهي“، مون کين چيو؛ ”آئون ڪو سال ڏيڍ سئيڊن يا نيوزيلئنڊ ۾ رهي توهان وٽ نه آيو آهيان. آئون ته پاڪستان مان ئي اچان پيو ۽ مون توکي هيڏي تاڪيد ڪئي پر منهنجي نه مڃئي.“
دراصل ملائيشيا اچڻ کان اڳ عليءَ کي اهو ئي چيو هوم ته؛ ”تنهنجي گهر رهندس پر مانيءَ جي معاملي ۾ مون کي آزاد ڇڏجانءِ، جيئن آئون هتي جا ٻوڙ ڀت کائي، پراڻن ڏينهن جو ساه وٺان.“
”ڀلا نيرن ته اسان وٽ ڪجانءِ.“ عليءَ چيو هو.
”نه يار، نيرن ته خاص طرح ٻاهر فٽ پاٿ تي ملئي عورتن جي اسٽالن تي ناسي لماڪ يا روٽي چنائي سان ڪرڻي آهي.“ مون عليءَ کي نه فقط چيو هو پر سمجهايو به هو ته؛ ”ڏس علي ملائيشيا ۾ مانيءَ جو هونءَ ئي مسئلو نه آهي، پر آئون ته خاص طور انهن ننڍن ننڍن اسٽالن تان ناسي ايام، بيف رنڊانگ، اِڪان ۽ اُڊانگ وٺي کائڻ چاهيان ٿو، جيڪي آئون، هن شهر ڪوالالمپور ۾، هلندي چلندي وٺي کائيندو هوس.“
پر عليءَ توڙي سندس گهر واريءَ، منهنجي آخري ڏينهن تائين ڳالهه نه مڃي ۽ ٻاهران ٿي ايندو هوس ته ٽيبل تي مون لاءِ ماني رکي هوندي هئي. پوءِ آئون به ڪڏهن کائيندو هوس، ڪڏهن ٻاهران کائي ايندو هوس. خاص ڪري سندس گهر جي ڀر واري بس اسٽاپ تي عائشه ۽ فاطمه نالي ٻن ملئي عورتن جي اسٽال تي کائڻ جو شوق ضرور پورو ڪيم. جتي اٺ کن اسٽولن تي ٻيا به ٻه چار مون جهڙا جهونا مرد ۽ ٻارن سان گڏ عورتون، اچي ويٺيون ٿي ۽ هتان هُتان جون ائين ويهي خبرون ڪيائون ٿي، جيئن اسان وٽ ڳوٺن جي بس اسٽان وارين هوٽلن تي چانهه جي ڪوپ تي واندا واندا مرد ويهي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندا آهن. هڪ ڏينهن کاڌي جي ان اسٽال جي پوڙهي مالڪياڻي فاطمه مونکي ٿي چوي: ”انچڪ (جناب) توهان ڪُئيح (مٺيون شيون) ڏاڍيون ٿا کائو. شگر نه ٿي پوانوَ.“
”هن عمر ۾ ٿي نه پوانوَ ڇا مطلب؟“ مون کيس چيو، ”شگر ٿي چڪي آهي. پر آئون هتي سڄو ڏينهن واڪ ٿو ڪريان ۽ هن شهر ۾ گذاريل پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ٿو ياد ڪريان، جڏهن هن قسم جون ملئي مٺايون (ڪئيح) وڏي شوق سان کائيندو هوس.“
علي هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس به وٺي هليو، جتي ڪمپيوٽر ۽ ڏيتي ليتي جو ڪم سنڀالڻ لاءِ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڳوٺائي دوست شفيق کي روهڙيءَ مان گهرائي رکيو آهي. سامان پوسٽ ذريعي موڪلڻ يا ٻاهر کان آيل مال کي حساب سان سيٽ ڪري رکڻ لاءِ، وٽس هڪ ملئي ڊرائيور ۽ ڪم ڪار لاءِ هڪ ماڻهو رکيل آهي. سندس آفيس پهرين ماڙ تي آهي، جنهن جي هڪ حصي ۾ ٽيبل ڪرسيون ۽ ڪمپيوٽر رکيل آهن، جتان هو پاڻ ۽ شفيق ويهي ڪمپيوٽر ذريعي آرڊر وٺن ٿا ۽ پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۽ ٻين ملڪن مان ڊاڪٽريءَ جو سامان گهرائين ٿا.“
آفيس جي ڏاکڻي اڌ کي، عليءَ گدام (Store) ڪري رکيو آهي، جتي مختلف ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽول رکيل آهن. ان اسٽور جي هڪ حصي ۾ چمڙيءَ جون ۽ فئنسي قسم جون جئڪيٽون ۽ موٽر سائيڪل هلائڻ وارا هيلمٽ رکيل ڏسي، مون عليءَ کان پڇيو؛ ”علي ڪر خبر! هي جئڪٽون هتي ڪير ٿو وٺي؟“
”ظاهر آهي، مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي.“ مون دل ۾ چيو؛ ”ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو پوي. اتي هنن جئڪيٽن جو ڪهڙو ڪم؟“
”هتي جا ملئي ڇوڪرا، موٽر سائيڪل هلائڻ جا شوقين آهن،“ عليءَ وڌيڪ ٻڌايو؛ ”هو وڏيون وڏيون موٽر سائيڪلون هلائين ٿا ۽ گهڻو ڪري هن قسم جو ٽرڙيون جئڪيٽون خريد ڪن ٿا. ڪي ته چمڙي جون ڪاريون جئڪيٽون به وٺن ٿا.“
”پر علي پاڪستان مان چمڙي جو سامان گهرائڻ آهي خطري جو ڪم“، مون عليءَ کي چيو؛ ”ڇو جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ مون دڪاندارن کان اهو ٻڌو آهي ته پاڪستاني چمڙي جي ڪارخانن وارا Sample هڪڙو ڏيکارين ٿا، مال ٻيو موڪلين ٿا، جيڪو داغي ۽ نقص وارو هجڻ ڪري ولائت جي مارڪيٽن ۾ وڪرو نٿو ٿئي.“
”پر اسان کي شڪايت نه رهي آهي. ڇو جو هن بزنيس ۾ مون سان اهو شامل آهي جنهن کي پنهنجي چمڙي جي فئڪٽري آهي ۽ هو اسان کي هميشه صحيح مال موڪلي ٿو.“ عليءَ ٻڌايو.
عليءَ جي هن دوست ۽ بزنيس پارٽنر محمد شفيق سان منهنجي هڪ ڏينهن تفصيلي ملاقات ٿي. هن جو چمڙي جي جئڪيٽن، هئنڊ گلوز ۽ مختلف قسم جي بئگن جو لاهور ۾ ڪارخانو آهي ۽ ساڳي وقت هن جالان ڪچنگ جي ڀرسان، ’تمن باتو‘ ۾، جتي عليءَ جي ”فرئگو امپيڪس“ ڪمپني جي آفيس آهي، ”TSN اسٽار سنڊيرين برحد“ نالي جي ڪمپني کولي آهي، جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. مٿيون شيون، سڄي ملائيشيا ۾ سپلاءِ ڪرڻ جو هول سيل ڊيلر آهي. مون سندس ٻن ٽن قسمن جون بئگون ۽ ٿيلها ڏٺا، جن جي ڊيزائين ۽ مضبوطي بيحد بهترين قسم جي هئي. ظاهر آهي ههڙن ملڪن ۾، جتي دنيا جي انيڪ ملڪن جا واپاري ۽ ڪارخانيدار پنهنجو مال وڪڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، مقابلو اهو ئي کٽندو جنهن جو مال سٺو، جٽادار ۽ گهٽ اگهه وارو هوندو.
محمد شفيق ٻڌايو ته؛ ”اڄڪلهه پاڪستان ۾ لائيٽ گھڻو وقت وڃڻ ڪري، سڄو سڄو ڏينهن ڪم وارا واندا ويٺا آهن. مال ٺهڻ جو مقدار گهٽجي ويو آهي. ڪم وارن کي مفت جو پگهار ڏيڻو پوي ٿو. ان کان علاوه چمڙي (Leather) ۽ ڪيميڪل کان سئي سڳي تائين، جيڪا شيءِ ان سامان ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿي، مهانگي ٿي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان کي پراڊڪٽ جو في نگ، ڳري اگهه تي پوي ٿو. نتيجي ۾ روزمره جو خرچ به نٿو نڪري ۽ جي وڪڻڻ جي قيمت ٿا وڌايون ته پوءِ ڪير ڪو نه وٺندو. سندس ڪمپني جي ويب سائيٽ www.w-bpower.com آهي.
No comments:
Post a Comment