آفريڪا ۽ اسانجي بلوچن جي موجودگي ۽ عرب جھازي
الطاف
شيخ
زئنزيبار ٻيٽ جيڪو آفريڪا کنڊ جي ويجھو ائين آھي جيئن دادوءَ کان مورو. موريشس، سيشلر ۽ ويندي مئڊاگاسڪر جھڙو ٻيٽ جتي آفريڪا کنڊ کان ھزار کن ميل پري آھي اتي زئنزيبار آفريڪا جي سرزمين کان فقط ويھ پنجويھ ميل کن پري آھي جيڪو فاصلو ڪجھ به نه آھي پر ھن تي آفريڪن جو قبضو نه رھيو ۽ ھي ٻيٽ شروع کان ڌارين جي حوالي رھيو. ھن ٻيٽ تي توھان کي ڪيترائي ننڍي کنڊ جا ماڻھو ملندا جيئن ته بوھري، آغاخاني، پنجابي، پٺاڻ، سک، ھندو سنڌي، تامل وغيرھ وغيرھ. اھا تعجب جي ڳالھ آھي ته زئنزيبار ٻيٽ توڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي شھرن: ممباسا، دارالسلام ۽ ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق جي ٻين شھرن ۾ ڪيترائي بلوچ پڻ آھن جن جا وڏا عماني سلطان جي دعوت تي انهن پاران پورچوگالين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بلوچستان کان آيا ھئا.
بلوچن جي زئنزيبار ۽ آفريڪي ملڪن ۾ موجودگي، بلوچن جو عمان وارن سان واسطو ۽ بلوچن جا، ھڪ بهادر قوم جي حيثيت ۾، پورچوگالين سان مقابلا سمجھڻ لاءِ ڪجھ ڳالھيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آھن.
عرب جھاز راني (Navigation) ۽ جھاز سازي يعني (Ship Construction) ۾ ھوشيار ھئا. جپاني ۽ نارويجين پڻ (۽ پوءِ يارھين ٻارھين صدي کانپوءِ انگريز، اسپيني، ڊچ ۽ پورچوگالي به اڳيان وڌيا) پر ھر ھڪ پنهنجي تر ۾ ڦري ۽ ڦـُـري رھيو ھو. ڪجھ ڪجھ سمنڊن جا حصا اھڙا ھئا بلڪ اڃان به آھن جن ھنن اوائلي جھازين جي ڪاٺ ۽ سڙھ تي ھلندڙ جھازن کي پنهنجي پنهنجي حد ۾ محدود رکيو ٿي. اسانجي ريجن (ھندي وڏي سمنڊ) ۾ جھاز راني جي معاملي ۾ عرب سگھارا، بهادر ، سمنڊ ۽ ستارن جا واقفڪار، راھن ۽ رستن جا ڄاڻو ۽ وڏا Adventurous ھئا. يورپي ۽ ٻيا بعد ۾ ھلي سٺا جھازي ٿيا ۽ سمنڊ تي قبضو ڪيائون نه ته سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي. اسلام جي ٽئي خليفي حضرت عثمان جي ڏينهن ۾ پھريون بحري ٻيڙو قائم ٿي چڪو ھو. خليفي جي اجازت سان امير معاويھ ڪيترائي شپ يارڊ قائم ڪيا ۽ سن 649ع ۾ قبرص (Cyprus) ٻيٽ تي حملو ڪرڻ وقت مسلمانن وٽ تن ڏينهن جي معيار جي حساب سان 500 کن وڏا جھاز ھئا. ۽ پوءِ ٻن سالن بعد ھنن ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ جو ٻيٽ سسلي فتح ڪيو. حضرت عثمان رضھ جي 12 سال حڪومت ۾ سڄي ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ تي مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو ھو. بنواميھ جي دور ۾ ته مسلمان اڃان به اڳتي وڌي ويا. ھنن 746ع ڌاري Rhodes جھڙي ٻِيٽ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. سليمان بن عبدالملڪ 800ع جھازن جو فليٽ وٺي قسـطنطنيھ (Constantinipole) فتح ڪيو. بنو عباس جي ڏينهن ۾ ھارون رشيد ۽ مامون رشيد جنگي جھازن سان گڏ مال بردار جھاز (Merchant Navy) ۾ به واڌارو ۽ سڌارو آندو. نائين صديءَ ۾ عربن جا جھاز انڊيا، سرانديپ (سلون)، ملاڪا (ملائيشيا) جاوا (انڊونيشيا) ويندي چين تائين وڃڻ لڳا. بنو فاطميھ جي ڏينهن ۾ مسلمانن جي سامونڊي طاقت عروج تي ھئي ۽ انڊيا، يورپ ۽ آفريڪا جي چوڌاري سندن 16 ھزار جھاز ھئا ۽ پوءِ مسلمان جو زور يارھين صدي کانپوءِ اندلس جي ھٿ مان نڪرڻ بعد ٽٽي پيو. مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپ جا عيسائي اڳيان وڌيا. ھو سمجھي ويا ته دنيا ۾ (ان وقت جي دنيا ۾) طاقتور اھو آھي جنهن جو راڄ سمنڊ تي آھي. ھنن جھاز ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جي ھنر ۾ دلچسپي ورتي ۽ اڳتي وڌي ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڊچ پورچوگالي، اسپيني، انگريز سڀ ۾ اڳيان اڳيان ھئا. ٻئي نمبر تي فرينچ، جرمن، اطالوي وغيرھ. اھي ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ لتاڙي آفريڪا جا ويجھا ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لڳا. الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو، سينيگال جھڙا مسلمانن جا ملڪ جن جو ڪنهن زماني ۾ مٿاھون مـَان ھو اھي ھاڻ عيسائين جي قبضي ۾ اچڻ لڳا. اھي به ڏينهن ھئا جڏھن امير معاويھ ٽيونيشيا جي ھڪ پھاڙي علائقي جا 12 ميل ڪٽائي دنيا جو وڏو شپ يارڊ ٺھرايو جنهن ۾ بعد ۾ ٺھيل جھازن جنگي مقابلا ڪري مسلمانن کي سوڀ ڏياري پر پوءِ مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپي سندن ملڪن کي ڪيڪ جي حصن وانگر ورھائڻ لڳا.
ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز اڃان نه نڪتا ھئا. آفريڪا کنڊ جي ھيٺ واري سمنڊ (ڪيپ آف گڊ ھوپ وٽ) جتي دنيا جا ٻه طاقتور سمنڊ ھندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ اچيو ٿا ٽڪرائجن، ۾ خوفناڪ ڇولين، خطرناڪ ڪـُـنن ۽ طوفان ڪري يوريپن جا جھاز سمنڊ جو اھو حصو لتاڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري، انڊيا يا مشرق ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃي نٿي سگھيا. پر پوءِ آھستي آھستي وڏا جھاز ۽ وڏي دل پئدا ڪري پھرين پورچوگالي ۽ پوءِ ٻيا يورپي ڪيپ آف گڊ ھوپ لتاڙي ھندي سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ڪاھي پيا. واسڪو ڊيگاما پھريون پورچوگالي ھو جيڪو سن 1498ع ۾ ممباسا پھتو جنهن تي ان وقت زئنزيبار جي عماني سلطان جي حڪومت ھئي . ھن کي مڪاني ماڻھن جي مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو پيو. ھڪ ھفتي اندر پورچوگالي سمجھي ويا ته ھتي ديرو ڄمائڻ ايڏو سولو نه آھي ۽ ممباسا ڇڏي اڳتي اوڀر آفريڪا جي ڪناري واري ھڪ ٻئي شھر ميلنڊي ۾ وڃي ساھ پٽيو ۽ اتي ٺام ٺڪاڻو ٺاھي اڳتي جي پروگرام جو سوچيو. ان بعد ھو انڊيا ھليا ويا. چون ٿا ته واسڪوڊيگاما کي انديا جو رستو ميلنڊي جي ھڪ مڪاني ماڻھوءَ ابن ماجد ٻڌايو.
ممباسا جو فورٽ جيسز (قلعو)
سن 1498ع ۾ جڏھن پورچوگالي (واسڪو ڊيگاما سان گڏ) ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار پھتا ته انهن بندرگاھن ۽ آفريڪا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن تي عماني سلطانن جي حڪومت ھئي. عمان جي سلطانن بابت زئنزيبار ٻيٽ واري احوال ۾ لکي چڪو آھيان ته عماني ماڻھن جو اٺين صديءَ کان آفريڪا جي ھنن علائقن ڏي اچڻ وڃڻ ھو. تاريخ جي شاگردن لاءِ اھا واقعي حيرت انگيز ڳالھ ھوندي ته انگريزن، پورچوگالين ۽ ڊچن جيڪي ھن دور ۾ ڪم ڪيا اھي عرب مسلمانن صديون اڳ ڪيا. عمان جيڪو اڄ ڪلھ ھڪ ننڍڙو ملڪ لڳي ٿو (ھاڻ مڙيئي تيل جي ڪري سکيو ستابو ٿي پيو آھي نه ته ٽيھ سال کن اڳ تائين غريب ھو) ان جي ماڻھن ڏھاڪو کن صديون اڳ ِٻيڙين ۽ ننڍن جھازن ذريعي زئنزيبار ۽ ممباسا جھڙن ڏوراھن علائقن کي نه فقط ڳولي لڌو پر انهن ويران ھنڌن تي رھي پيا ۽ صديون حڪومت به ڪئي. ھنن ھن سڄي علائقي جو درالخلافھ زئنزيبار کي بڻايو. پورچوگالي رکي رکي ممباسا تي حملو ڪري قبضو ڪندا رھيا اتي جي قلعي (Fort Jesus) پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ٿي پر عماني سلطانن ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو ٿي. اھو سلسلو سڄي سورھين ۽ سترھين صدي ھلندو رھيو. اھو قلعو 1589ع ۾ ترڪن ٺھرايو ھو جيڪو 1593ع ۾ پورچوگالين قبضو ڪرڻ بعد ان کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ۽ مٿس اھو نالو رکيو.
1631ع ۾ عماني سلطان پورچوگالي ڪئپٽن تي خنجر سان وار ڪري کيس قتل ڪيو ۽ قلعو پنهنجي ھٿ ۾ ڪيو پر سال ڏيڍ اندر پورچوگالي ھڪ ٻه دفعا ناڪام ٿيڻ بعد آخرڪار ھن قلعي کي وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1996ع ۾ سلطان آف عمان (جيڪو زئنزيبار ٻيٽ ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري واري پٽيءَ جو به سلطان ھو) قلعي جو گھيرو ڪرايو. سال کان پوءِ قلعي اندر رھيل پورچوگالي بک ۽ وبا کان مرڻ لڳا. پورن اڍائي سالن بعد ھنن آڻ مڃي ۽ عماني عربن قلعي تي قبضو ڪري ورتو.
1728ع ۾ عربن جي خلاف فوجي بغاوت ٿي ۽ پورچوگالين فورٽ جيسس تي وري قبضو ڪري ورتو. دارصل پورچوگالين ھن علائقي ۾ پنهنجو اثر رکڻ چاھيو ٿي جو ھن ھنڌان اھم سامونڊي رستن جو لنگھ ھو. پورچوگالي زئنزيبار ٻِيٽ تي قبضو ڪرڻ جھڙا ته نه پئي ٿي سگھيا ان ڪري ھنن پھرين ممباسا کي حاصل ڪرڻ چاھيو ٿي ۽ ھي قلعو (جنهن جا آثار اڃان تائين آھن) ممباسا بندرگاھ جي منهن وٽ ھجڻ ڪري ٻين جي حملي کان بچاءَ حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين جاءِ ھو. 1729ع ۾ عماني عربن ھڪ دفعو وري پورچوگالين کان ھي قلعو کسي ورتو ۽ کين ھميشھ لاءِ ، گھٽ ۾ گھٽ ھن علائقي (ڪينيا ۽ ٽانگانيڪا) مان تڙي ڪڍيو. (پر وڌيڪ ڏکڻ ۾ موزمبق ۾ ھو اھڙو ڄمي ويٺا جو ويھين صديءَ جي ٻي اڌ ۾ وڃي ھنن مڪاني ماڻھن کي آزادي ڏني. موزمبق ۾ پورچوگالين جي حڪومت جا آخري سال اسان به پنهنجين اکين سان ڏٺا ھئا. آزادي بعد مڪاني شيدين لارينزو مارڪس جو نالو موپوتو رکيو.)
1741ع، قلعي جي المزروئي گورنر پنهنجي عماني سلطان خلاف بغاوت ڪري يڪطرفھ آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 1824ع ۾ المزروئي گورنر برطانيا جي مدد حاصل ڪئي ۽ 1826ع ۾ برطانوي مدد (Protection) کي واپس ورتو ويو. 1828ع ۾ سلطان آف اومان ۽ زنجبار (Zanzibar) سلطان سيد سعيد قلعي تي حملو ڪيو. ٽن چئن سالن جي سخت مقابلي بعد المرزوئي گورنر سلطان آف عمان اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيا. ان بعد (شايد انتظار ۾ ويٺا ھئا) انگريزن قلعي تي بمباري ڪئي ۽ نه فقط فورٽ جيسس قلعو ۽ ممباسا پر آھستي آھستي ڪينيا سميت ايسٽ آفريڪا جي ٻين علائقن کي به پنهنجي نو آبادياتي پنجوڙ ۾ سوگھو ڪندا ويا. آخرڪار سٺ جي ڏھاڪي ۾ انهن آفريڪي ملڪن ۽ ٻيٽن کي ھڪ ھڪ ڪري آزادي ڏني ۽ انگريز پنهجي وطن روانا ٿيا.
حمل جھڙن بلوچن پورچوگالين جا ڏند کٽا ڪيا
ھن پاسي (يعني زئنزيبار، ڪينيا وغيرھ ۾) عماني سلطانن ۽ پورچوگالين جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾ بلوچستان جي بلوچن به عماني سلطانن خاطر پورچوگالين جو مقابلو ڪيو. انهن ۾ ھڪ حمل جيئند نالي بلوچ تمام مشھور آھي جنهن جي بلوچي رزميھ شاعريءَ ۾ پورچوگالين سان وڙھڻ جو ذڪر ملي ٿو. غوث بخش صابر پنهنجي ڪتاب “بلوچي لوڪ داستان” ۾ لکي ٿو ته حمل بلوچستان جي ھڪ قابل فخر تاريخي شخصيت ٿي گذريو آھي. جنهن ۾ اھي تمام گڻ موجود ھئا جيڪي ھڪ انسان کي قومي ھيرو بنائين ٿا. ھن جو والد جيئند خان ڪلمت بلوچستان جي ساحلي علائقي جو حاڪم ھو.
بلوچستان جي ھڪ نامياري محقن و تاريخدان مير گل خان نصير پنهنجي ڪتاب “بلوچي رزميھ شاعريءَ” ۾ حمل جي ساراھ ۾ لکيل ان رزميھ نظم (جنهن ۾ حمل ۽ پورچوگالين وچ۾ لڙائي ۽ ان ۾ حمل جي شڪست کائڻ ۽ پورچوگالين وٽ گرفتار ٿيڻ) بابت لکيو آھي ته اھو نظم 1509ع کان 1595ع واري دور جو آھي جڏھن پورچوگالي سامونڊي ڦورو (Pirates) بحر ھند ۾ ڌاڙو ھڻندا رھيا ٿي. ايراني نار ۾ بلوچستان واري ڪناري جا بندرگاھ به ھنن جي ڦرين ۽ ڌاڙن کان بچيل نه ھئا. بندر عباس، ڇابهار، جيواني، گوادر، پسني ۽ سون مياڻي جا بندرگاھ ھنن طرفان ڪئين دفعا ڦر جي چڪا ھئا. حمل انهن پورچوگالي ڦورن پويان سندرو ٻڌي نڪتو ۽ ڪيترائي دفعا ھن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ پنهنجي وطن کي بچائيندو رھيو پر ھڪ دفعي ھو پورچوگالين جي ٻيڙين جي گھيري ۾ ڦاسي پيو. خوني مقابلي بعد حمل کي گرفتار ڪيو ويو. پورچوگالين سان ھن ويڙھ بابت جيڪو نظم مليو آھي ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو حمل جي ڀيڻ پنهنجي بهادر ڀاءُ لاءِ لکيو آھي. چون ٿا ته اھو سورھين صدي جي ٻي اڌ جو واقعو آھي جڏھن ھندستان جي ڪوچين ۽ ٻين ڪناري وارن شھرن تي قبضو ڪرڻ بعد پورچوگالي ايراني نار جي بلوچستان واري علائقي ۾ ڦرلٽ ڪندا ھئا. مير حمل جھڙن جوان مردن ۽ پنهنجي وطن لاءِ سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ وارن بلوچن جي بهادري ۽ دليري ڪري پورچوگالي بلوچستان جي سرزمين تي پنهنجا قدم ڄمائي نه سگھيا. ھونءَ ايسٽ آفريڪا کان ھندستان ايندي ويندي پورچوگالين ڪيترائي دفعا مڪران جي سامونڊي ڪناري واري شھرن تي حملا ڪيا.
سورھين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ ھنن پسني ۽ گوادر سميت ڪيترن ئي ننڍن بندرگاھن تي عارضي قبضو ڪيو پر ھو ڪٿي به ٽڪي رھڻ ۾ ناڪام رھيا. ھو سامونڊي ڦورن (قذاقن) وانگر ڦرلٽ ڪري ھليا ويا ٿي ۽ ٻيو ته ھتي جا مڪاني ماڻھو (بلوچ) بهادر ھئا جن ھنن ڌارين کي گوا ۽ پانڊيچيري جي رھاڪن وانگر رھڻ لاءِ حالتون ميسر ڪرڻ بدران ڀڄائي ڪڍيو ٿي. پورچوگالين بلوچن سان لڙائين دوران 1581ع ۾ گوادر ۽ پسنيءَ کي باھ پڻ ڏني ھئي ۽ اھي ڪم ھو ٺٽي (سنڌ) ۾ به ڪندا رھيا.
خان قلات جو عماني سلطان کي گوادر ڏيڻ
ارڙھين صدي عيسوي جي آخر ۾ گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا، سلطان آف مسقط جي تسلط ھيٺ آيا. 1783ع ۾ جڏھن مسقط ۾ سيد سعيد تخت تي ويٺو ته ھن جي، ڀاءُ سلطان سعيد سان اڻ بڻت ٿي پئي. سلطان سعيد عمان جي گاديءَ واري ھنڌ مسقط مان قلات جي خان نصير خان وٽ مڪران پھتو. خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا سلطان سعيد کي تحفي طور ڏئي ڇڏيا ته انهن تي گذر بسر ڪري. سلطان سيد ڪجھ عرصو گوادر ۾ رھيو ۽ ان بعد سن 1797ع ۾ مسقط تي ٻيھر قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 1804ع ۾ سندس وفات ٿي.
خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳاپيل حصو سلطان سعيد کي ان شرط تي ڏنو ھو ته ھو جيسين پنهنجي سلطنت تي قابض نه ٿئي تيسين ھتان ملندڙ ڍل ۽ ٽئڪس وغيره تي گذارو ڪندو رھي. پر سلطان سعيد پنهنجي سلطنت واپس حاصل ڪرڻ جي باوجود گوادر وغيره نه موٽايو ۽ ھي علائقو ڪنهن نه ڪنهن ريت عمان جي حاڪمن جي ھٿ ھيٺ رھيو. اٽڪل ڏيڍ صديءَ بعد، سن 1958ع ۾، گوادر جو پاڪستان سان ڳنڍجڻ جو اعلان ٿيو.
آفريڪا ۾ بلوچ ڪيئن پھتا
زئنزيبار، ٽنگانيڪا (جيڪي ملڪ پاڻ ۾ ملڻ ڪري ھاڻ تنزانيا سڏجن ٿا)، يوگنڊا ۽ ڪينيا وغيره ۾ اٽڪل ٻارھن ھزار بلوچ رھن ٿا جن مان سڀ کان گھڻا ممباسا ۽ زئنزيبار بندرگاھن ۾ رھن ٿا. بلوچن جو آفريڪا جي ھنن ملڪن ۾ ھجڻ بابت روايت مشھور آھي ته جڏھن سترھين صديءَ جي آخر ۾ مشرقي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي مڪاني مسلمانن تي پورچوگالين جا ظلم وڌي ويا ۽ ھو مڪاني مسلمانن کي زوريءَ عيسائي ٺاھڻ لڳا ته مڪاني ماڻھن مسقط (عمان) جي سلطان امام سيف بن سلطان اليروبي کي مدد لاءِ آمادھ ڪرڻ لاءِ ھڪ وفد موڪليو. سلطان سڄو احوال ٻڌي ممباسا ۽ ايسٽ آفريڪن ڪوسٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجو ھڪ خاص ماڻھو موڪليو. ان شخص جو نالو مير شھداد ھو ۽ ھو بلوچ ھو. ھو پھرين ميلنڊي آيو ۽ پوءِ ممباسا پھتو ۽ پورچوگالين جي لڪ ڇپ ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لڳو. پورچوگالين کي ھن ۾ شڪ پئجي ويو ۽ گرفتار ڪري ورتائونس. ھو ڪجھ عرصو قيد ۾ رھيو ان بعد اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ عمان پھچي سلطان کي سڄو احوال ٻڌايو ۽ پورچوگالين جي فوجي قوت ۽ انهن جي ڪمزورين کان آگاھ ڪيو. نتيجي ۾ سلطان جي فوجن مير شھداد جي سربراھيءَ ۾ ممباسا جي قلعي (فورٽ جيسس) جو گھيراءُ ڪيو ۽ اڍائي سالن جي محاصري بعد سن 1689ع ۾ ان قلعي تي قبضو ڪري ورتو- جنهن جو احوال شروع ۾ ڏئي چڪو آھيان. سلطان آف عمان مير شھداد جي بهادري ۽ وفاداريءَ مان متاثر ٿي پنهنجي ڀيڻ جي شادي ھن سان ڪرائي. ان کانپوءِ مختلف جنگي مھمن م بلوچ سپاھي سلطان آف عمان جي فوج سان گڏ ايسٽ آفريڪا جي ڪناري تي ايندا رھيا. ھڪ وقت ته اھڙو به آيو جو عمان جي حڪومت بلوچن جو سڄو گيريزن فورٽ جيسس جي سلامتيءَ لاءِ مقرر ڪيو. بهر حال ھو مستقل طور آفريڪا ۾ ان وقت کان آباد ٿيا جڏھن اوڻيھن صديءَ جي آخري اڌ ۾ عمان جي بوسعيدي حاڪمن پنهنجو درالخلافھ مسقط کان زنجبار (Zanzibar) منتقل ڪيو. ڪراچي جي لي مارڪيٽ، چاڪيواڙي ۽ بغدادي وانگر ھي اسانجا بلوچ آفريڪا جي مختلف شھرن ۾ به خاص خاص علائقن ۾ گڏجي رھڻ لڳا. ان وقت ممباسا جي بندرگاھ ۾ جنهن ھنڌ تي ھي پھرين اچي رھيا اھو علائقو اھو آھي، جتي اڄ ڪلھ آغا خان جي اسپتال ۽ گرلز اسڪول آھي. ممباسا ۾ ته ايتريقدر جو ھن گھٽيءَ جو نالو بلوچي اسٽريٽ آھي. جيئن جدي ۾ سنڌي اسٽريٽ آھي. ممباسا ۾ بلوچن جون ٻه مسجدون به آھن جن جا نالا مبارڪ مسجد ۽ بلوچي مسجد آھن.
جھاز مرضي سان نه پر ھوائن جي رخ موجب ھلايا ويا ٿي.
آفريڪا جو نالو ٻڌڻ سان جنگل، نانگ بلائون، جنگلي قبيلا، جانور ۽ اتي جا رھاڪو شيدي ڌيان ۾ اچن ٿا. بلڪل صحيح آھي. آفريڪا شيدين، حبشين، ڪارن ماڻھن جي رھڻ جو ملڪ آھي. پر آفريڪا جي ڪن ڪن شھرن ۽ بندرگاھن- خاص ڪري اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ۾ ڪيترائي عرب ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي مذھبن ۽ زبانن جا ماڻھو نظر اچن ٿا. ممباسا، زئنزيبار، پيمبا، ڪمپالا، دارالسلام ۽ جنجا جھڙن شھرن جون ڪي ڪي سڄيون بازاريون بوھرين، کوجن، ميمڻن سنڌي ھندن، گجراتين، آغا خانين، پٺاڻن، سکن ۽ پنجابين جون آھن. 1972ع ۾ يوگنڊا جي عيدي امين، پوءِ ڪجھ سالن بعد ڪينيا ۽ تنزانيا جي حڪومتن ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي زوريءَ لوڌي ڪڍيو نه ته ان کان اڳ تائين آفريڪا جي ڪيترن شھرن جون بازاريون ڪراچي جي ايلفي، بوھري بازار ۽ جھونا ۽ جوڙيا بازار جھڙيون لڳيون ٿي. سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ به 1985ع تائين ائين لڳي ٿي جتي دڪاندار پنجاپي، پشتو، سنڌي، ڪڇي، گجراتي ۽ تامل زبانن ۾ ڳالھائيندي نظر ايندا ھئا.
سٺ واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ پھريون دفعو جڏھن اسانجو جھاز ممباسا پھتو ته آئون ھن شھر جون بازاريون ۽ پنهنجي تر جا دڪاندار ۽ ٻڌل سڻيل زبانن جا آواز ٻڌي وائڙو ٿي ويو ھوس. پوءِ خبر پيئي ته گذريل ڪيترين صدين کان ننڍي کنڊ جا ھي ماڻھو ھتي ايندا رھيا آھن. آفريڪا ۾ دڪان ۽ بازاريون ھنن شروع ڪيون. اسپتالون ۽ بسون ھنن ھلايون، ڪارخانا ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم ھنن شروع ڪيو. ھڪ دڪاندار واپاريءَ لاءِ اھم ناھي ته ملڪ جو حاڪم عرب سلطان آھي. يا پورچوگال جو يورپي، يا برطانيھ جو انگريز، ھن جو ڌنڌو ھلڻ کپي. وڌڻ کپي، نفعو ٿيڻ کپي- ملڪ جون چاھي امن واريون حالتون ھجن يا جنگي.
ننڍي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا جي ھنن شھرن ۾ ڪيئن پھتا؟ سڀني کي انگريزن به پاڻ سان نه آندو. ڪيترا ته پاڻھي آيا ۽ ڪيترا ته انگريزن ۽ پورچوگالين کان به اڳ آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ (اوڀر ڪناري) وارن پٽن تي اچي رھيا. نقشي ۾ ڏسبو ته ھندي وڏي سمنڊ ۾ ھڪ پاسي ھندستان اچيو ٿو وڃي ته کاٻي پاسي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو سامونڊي ڪنارو ۽ مٿي اتر ڏي ايران ۽ عرب رياستون. قدرت طرفان شروع کان، صدين کان، ھن سمنڊ ۾ جيڪو ھوائن ۽ سامونڊي لھرن (Currents) جو نظام ھلندو اچي اھو ھڪ ٽڪنڊو ٺاھي ٿو. ڪنهن جھازيءَ کي ڀلي نقشو نه ھجي. ھو سال جي ھڪ موسم ۾ سري لنڪا بمبئي کان نڪرندو ھو ته عرب ملڪن ۾ وڃي پھچندو ھو. ٻي موسم ۾ نڪرندو ته آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار ٻيٽ ۾ وڃي پھچندو ھو. سال جو ھڪ حصو اھڙو به اچي ٿو جو عرب ملڪن کان روانو ٿيندو ته سنڌ وٽان ٿيندو سريلنڪا وڃي نڪرندو يا ايراني نار ۽ بحر احمر کان روانو ٿيندو ته آفريڪا جي ڪناري کان وڃي نڪرندو. بهر حال ڪـَـل تي جھاز نڪرڻ کان اڳ جھازي ھوا ۽ لھرن جي ڦيرن کان واقف ھئا ۽ انهن موجب ھو سڙھ سانباھي مختلف ملڪن يا پنهنجن ماڳن تي پھتا ٿي. اڄ به ھوشيار ناکئا (ڪئپٽن، نيويگيٽر) انجڻ سان گڏ ھوائن ۽ لھرن جي رخ مان به فائدو وٺي تيل ۽ وقت جو بچاءُ ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment