Monday, March 21, 2011

وڏيءَ عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟


وڏيءَ عمر ۾ سفر ڪجي يا نه؟

وڏي عمر ۾ سفر ڪرڻ ڪا سٺي يا سولي ڳالهه ناهي. مجبوريءَ جي حالت ۾، ٻاهر نڪرڻ ٻي ڳالهه آهي. گهمڻ ڦرڻ جي خيال کان پنهنجي يا ڌارئين ملڪ ۾، نُوس نُوس ڪرڻ، سراسر بيوقوفي آهي. ڇو جو جيئن جيئن انسان جي عمر وڏي ٿئي ٿي، تيئن تيئن سندس جسماني توڙي ذهني سگهه گهٽجيو وڃي. سروس لاءِ دير ٿيل ڪار وانگر سندس ذهن توڙي جسم، ڪيترين شين ۾ missing ڪري ٿو. جوانيءَ جي ڏينهن ۾، ٽيهه ڪلو وزني بئگ کڻندي به هلڪي لڳندي هئي ۽ هاڻ 13 ڪلو جي بئگ به ايڏي ڳري لڳي ٿي، جو مون سمجهيو ته پڪ 20 ڪلو کان مٿي آهي ۽ ايئرپورٽ تي فالتو وزن لاءِ مون کي ڏوڪڙ ڏيڻا پوندا. ذهن جو مِسنگ ڪرڻ مان منهنجو مطلب اهو آهي ته؛ باوجود ڪوشش جي ڪا ڪا ڳالهه رهجيو وڃي يا وسريو وڃي. ڪوالالمپور ڇڏڻ وقت اميگريشن جو ڊپارچر وارو پنو، بورڊنگ ڪارڊ واري ڪائونٽر تي ڏنو. ان جي انچارج موٽائي ڏنو ته اڳيان جڏهن ڪسٽم بعد اميگريشن ڪائونٽر ڪليئر ڪرايان ته انهن کي ڏيان. جيئن ثبوت رهي ته آئون سندن ملڪ ۾ آيس ۽ ترسي پوڻ بدران واپس وڃان پيو. ايئرپورٽ تي ٺهيل دڪانن جو ڪلاڪ کن چڪر هڻڻ ۽ هڪ هنڌ ڪافي پيئڻ بعد، جڏهن اميگريشن جي ڪائونٽر تي پهتس ۽ هو مون کان ڊپارچر ڪارڊ گهرڻ لڳا ته مون کي سمجهه ۾ نه پيو آيو ته هنن جو مطلب ڇا آهي. مون پنهنجي پَر ۾ سمجهيو پئي ته؛ ”آئون سڀ ڪاغذ پٽ ڪليئر ڪرائي چڪو آهيان ۽ هاڻ فقط پاسپورٽ تي Exit جو ٺپو هڻائڻو اٿم.“ بهرحال پوءِ ياد اچي ويو ته ”چيڪ ان“ ڪرڻ واري ڪائونٽر تي ويٺل همراهه، اھو مون کي واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ مون وري ان کي پاسپورٽ اندر هٿيڪو رکڻ بدران، جئڪيٽ جي ڪنهن کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هو. پوءِ چرين وانگر پينٽ ۽ جئڪيٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي، ان ڪارڊ کي ڳولي ورتم ۽ شڪر ڪيم ته اهو ملي ويو. نه ته ڌارئين ملڪ ۾ اجائي خواري ٿئي ها. خاص ڪري اسان پاڪستانين کي ته تمام گهڻو محطاط رهڻو پوي ٿو. ڇو جو پاڪستانين وٽ، سڀ ڪاغذ پٽ هجڻ جي باوجود، کين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. بهرحال منهنجو مطلب آهي ته وڏي عمر ٿيڻ سان جسم توڙي ذهن missing شروع ڪري ٿو. پوءِ ڪي missing اهڙيون آهن، جيئن مٿيون مثال. جن جي خبر پوڻ سان احساس ٿيو وڃي ته اسان کان غلطي ٿي وئي. ڪي شيون وري اهڙيون آهن، جن جي ڪو نشاندهي نٿو ڪري ته خبر ئي نٿي پوي. توهان ڪيترن وڏي عمر جي ماڻهن کي ڏٺو هوندو ته سندن پتلون جي زپ کلي پئي هوندي، قيمص جا بٽڻ هيٺ مٿي ٿيل هوندا، ابتو سئيٽر پهريل هوندن.... وغيره. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا پوڙها ماڻهو، خاص ڪري اسان جهڙن ايشيائي ملڪن جا، سٺ ستر جي ڄمار ٽپڻ بعد به، پنهنجي جسماني ۽ ذهني ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪندي، پنهنجي بيعزتي محسوس ڪن ٿا. هو پنهنجي مڙسيءَ ۽ همت جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي فخر ۽ تسڪين محسوس ڪن ٿا. جيتوڻيڪ ٻڌڻ وارا به سمجهن ٿا ته ستر يا اسي ورهن جي ڄمار ۾ ”آتش اهو جوان نٿو رهي جيڪو پنجاهه کان هيٺ واري range ۾ هو“.
بهرحال وڏي عمر واري جي دل ڀلي جوان هجي پر سفر لاءِ جسماني ۽ ذهني سگهه هجڻ ضروري آهي. جيئن اسان وٽ چوندا آهن ته؛ سٺ ستر ٽپڻ بعد به جهاز ته هلائي سگهجي ٿو پر سلينڊر ۽ ڪرئنڪ شافٽ جي ڪئليبريشن (ماپ) ڪير ڪري. وڏي عمر جو پوڙهو به ڪار ته هلائي سگهي ٿو پر ٽائر پنڪچر ٿيڻ تي آيا هن ۾ همٿ هوندي جو ان ويل جا جئم ٿيل نٽ کولي سگهي ۽ ڊڪيءَ مان اسپيئر ويل ڪڍي بدلائي سگهي؟ ملاڪا کان ڪوالالمپور موٽي رهيو هوس ته منهنجي ملئي دوست مون کي بس ۾ وڃڻ بدران، پنھنجي ڪار ۾ ڇڏي اچڻ لاءِ چيو. جڏهن هلڻ لڳاسين ته هن پنهنجي پٽ کي به وهڻ لاءِ چيو.
”خير ۾؟“ پڇيومانس. پڇڻ مان منهنجو مطلب هو ته؛ ”جڏھن هو جڏهن پاڻ هلي رهيو آهي ته پوءِ پٽ کي تڪليف ڇو پيو ڏئي؟“
”ان ڪري جو متان رستي تي ٽائر پنڪچر ٿي پوي ته تو کان يا مون کان نه نٽ کلندا ۽ نه ٽائر کنيو ٿيندو.“ ٽهڪ ڏيندي چيائين.
”انھيءَ جي معنى ته اِنچڪ (عاليجناب) به پوڙهو ٿي ويو. هاڻ کڻي مڃ به.“
”مڃيندس هرگز نه“، هن پنهنجي اسٽائيل ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو؛ ”مون کان اڄ به  ڪو عمر پڇندو آهي ته چوندو آهيانس ته؛ ماسيح اَدا مُودا... اڃا 80 ورهين کان ننڍو آهيان. کيس ڪڏهن به اهو نه چوندو آهيان ته 67 سالن جو آهيان.“ (Masih Ada Muda اڃا آهيان جوان)
بهرحال ڪو پاڻ مڃي يا نه مڃي، اسان جي ايشيائي ملڪن ۾، ملائيشيا سميت، 67 سال وڏي عمر آهي. ھتي جي ماڻهن جي سراسري عمر، 45 سال مس آهي ۽ وڏي عمر ۾، هر قسم جي سفر کان پرهيز ڪجي. آئون ته حج لاءِ به چوندو آهيان ته؛ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڪجي. بلڪ حج لاءِ ته هر ڪو سياڻو ماڻهو، اهو ئي چوي ٿو. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي جا ماڻهو، گهڻو ڪري ننڍيءَ عمر ۾ حج ڪن. ڪيترا ته شاديءَ کان اڳ، اهو فرض ادا ڪن. يا شاديءَ بعد، گهوٽ ڪنوار يڪدم حج لاءِ روانا ٿين. اهي نصيحتون، آئون نه فقط ٻين کي ڪريان ٿو پر پاڻ کي به مٿن عمل ڪرڻ لاءِ سمجهاڻيون ڏيندو رهان ٿو ته؛ وڏي عمر ۾ سفر تي نه نڪرجي. آخرڪار آئون به 67 سالن جو ٿي ويو آهيان. اسان جي ملڪ ۾ سٺ ورهين جي ڄمار تي رٽائرمينٽ ٿئي ٿي. جڏھن ته ملائيشيا ۽ سنگاپور کان نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا تائين، ريٽائرڊ ٿيڻ جي عمر 55 سال آهي. هنن اهو ئي تجربو حاصل ڪيو آهي ته ذهني يا جسماني ڪم جي بهتر رزلٽ، وڌ ۾ وڌ ٻاونجاهه ٽيونجاهه سالن تائين ملي سگهي ٿي. ان بعد انسان پٺتي وڃڻ شروع ڪري ٿو. مهاتير جڏهن پنهنجي ملڪ جو وزيراعظم هو ته هن طرفان سڀني سرڪاري آفيسن کي اهي حڪم جاري ٿيل هئا ته؛ ”آفيسن ۾ ڪم لاءِ ايندڙ ڪو به ماڻهو 50 سالن کان مٿي اچي ته ساڻس وڌيڪ فضيلت سان ڳالهايو. سندس ڪم جو اڪلاءُ، جهٽ ڪريو. ڇو جو 50 سالن بعد، گهڻو ڪري ڪيترا ئي ماڻهو بي صبرا ۽ جِٽري (چيڙاڪ) ٿيو پون. ان ڪري سرڪاري ڪامورن جو فرض آهي ته سندن خيال رکن.“
ڊاڪٽر مهاتير، ميڊيڪل جو ڊاڪٽر آهي. کيس ضرور ڄاڻ هوندي ته؛ انسان 50 سالن کانپوءِ تڪڙو تڪڙو بس ٿيڻ لڳي ٿو. يعني سندس پوڙهو ٿيڻ لازمي آهي. يورپ جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾، اتي جي ماڻهوءَ کي، پنجاهه ورهين جو ٿيڻ تي، جهوني شهريءَ (Senior Citizen) جو خطاب ملي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، 50 يا ان کان مٿي عمر وارن لاءِ، ضروري آهي ته هو جيڪڏهن ڌارئين ملڪ ڏي سفر ڪن ته پنهنجو Old Age Travel انشورنس ضرور ڪرائين. انگريزيءَ ۾ پيريءَ (پوڙهائپ) لاءِ چوندا آهن ته:
Old age creeps upon a person like thief in the night.
پيري به ٻليءَ-پير جڏهن ٿي اچيو ڪڙڪي، ته پوءِ ٿي خبر پوي. زباني طرح کڻي ڇا به ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو رهي پر کيس محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته؛ ٿوري ئي ڪسرت ڪرڻ يا پنڌ هلڻ سان کيس اڀساهي (Hard Breathing) وٺيو وڃي. هٿن ۾ هلڪي ڏڪاڻ محسوس ٿئيس ٿي. رکي رکي ياداشت جو گهٽجڻ ۽ ويسارو شروع ٿئي ٿو. وارن جو اڇو ٿيڻ ۽ چمڙيءَ ۾ گهنج پوڻ ته آهي ئي آهي.
هونءَ ته شرم کي پرچائڻ ۽ پاڻ کي پوڙهو نه مڃڻ لاءِ، مرد حضراتن ڪيترا ئي محاورا گهڙيا آهن. جن ۾ نه فقط اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪن اچي وڃن ٿا پر انگريز صاحب به، جيڪي هونءَ ته پاڻ کي گهڻو ئي عقلمند سمجهن ٿا ۽ ”مڃڻ مراد آهي“ قول تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿا پر پاڻ کي پوڙهو سڏائڻ بدران چوندا؛ اسين ته اڃا جوان آهيون.
A person is as old as he feels.
يا وري چوندا: مون پنهنجو برٿ ڊي ملهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. سوال آهي ته؛ ”گهڙيال جي ڪانٽن کي هٿ سان جهلڻ تي ڇا وقت بيهي رهندو؟“
ڪي پوڙها وري چوندا:
I am retired but not tired
يعني اسان پوڙها ٿي ويا آهيون، نوڪري يا جاب کان جواب ملي چڪو آهي، پر ٿڪل نه آهيون. وڏيءَ عمر وارو، ٻين ڳالهين ۾ ڀلي ٿڪل نه هجي، پر ٻيلي سفر ته جوانن کي به ٿڪايو رکي. ان ڪري پوڙهن کي سفر کان، خاص ڪري پرديس جي سفر کان، ونءُ وڃڻ کپي. ان ڳالهه تي گورا، انگريز توڙي يورپي، عمل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪن ٿا. اسان کي ڌارين ملڪن جي هوائي اڏن تي جيڪي پوڙها گورا نظر اچن ٿا، سي ايڪڙ ٻيڪڙ سمجهڻ کپن. منجھانئن گهڻا، سهولتون ۽ پئسو هوندي به، سفر تي نڪرڻ بدران، پنهنجي شهر جي سامونڊي ڪناري تي سڄو سڄو ڏينهن گذاري ڇڏڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهن ٿا.
هڪ انگريز پوڙهي مائيءَ جو قصو مشهور آهي ته؛ هوءَ جڏهن جوان هئي ته کيس پرديس گهمڻ جو ڏاڍو شوق هيو. سفر لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ واسطي، هر مهيني ڪجهه پئسا گڏ ڪري، لاٽريءَ جي ٽڪيٽ خريد ڪندي هئي. بدقسمتيءَ سان سندس لاٽريءَ جو نمبر ڪڏهن به نه کليو. پوڙهي ٿيڻ تي به هوءَ عادت کان مجبور ٿي مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪندي رهندي ھئي.
سندس پاڙيسري ٻڌائين ٿا ته؛ هوءَ سٺ جي پيٽي ۾ هئي ته هڪ ڏينهن اوچتو سندس لاٽري نڪري آئي. پئسن ملڻ جو ٻڌي، خوش ٿيڻ بدران کيس ايڏو ته شاڪ رسيو جو سندس دل بيهجي وئي ۽ گذاري وئي. کيس صدمو ان ڳالهه جو رسيو ته، جڏهن سفر جي لائق نه رهي آهي تڏهن سندس گهمڻ ڦرڻ جو بندوبست ٿيو آهي. پوڙهيءَ تان کلندي سندس هڪ پاڙيسريءَ چيو ته؛ ” الله ٻڌس ۽ کيس يڪي وڏي سفر تي، بنا پاسپورٽ ۽ ويزا جي، گهرائي ورتائين“.
جوانيءَ ۾ رٿيل پروگرام موجب، مون به 50 سالن جو ٿيڻ تي پرديس جي سفر کان پري رهڻ چاهيو ٿي. بلڪه ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ چاهيو ٿي. لڳي ٿو ته داڻي پاڻيءَ جو به اثر رهي ٿو. نه چاهيندي به سفر جو ڪو سبب نڪريو اچي. پوءِ ڪڏهن شوق ته ڪڏهن مجبوريءَ خاطر، ڌارئين ديس کان وڃيو نڪرجي. ڪڏهن ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر  ڏيڻ ته ڪڏهن ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ ضروري ٿيو پوي. سفر جي همٿ نه سارڻ تي ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، شوڪت نظاماڻي يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ جهڙو ڪو خدا جو ٻانهو نڪريو اچي، جيڪو انڊيا هجي يا ايران، دبئي هجي يا سنگاپور، سڄي سفر ۾ منهنجي لاءِ رهنما ۽ مددگار ثابت ٿيو پوي. هر سفر بعد، هڪ دفعو وري پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪرڻو پوي ٿو ته؛ هاڻ ٻاهر نه نڪرندس. بهرحال هينئر ملائيشيا مان جو ٿي آيو آهيان ته سفرنامو ته ضرور لکندس.

No comments:

Post a Comment