حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه
ملائيشيا (MAS) جا هوائي جهاز جيڪي هميشه وقت تي اڏامن پر اڄ اسان واري جهاز جي اڏام وئي ٿي ليٽ ٿيندي! ٽي وي جي اسڪرين تي ڪوالالمپور ڏي ويندڙ ملائيشيا جي هن جهاز جي اڏام ڪنفرم ٿيڻ بدران Delay ئي ٿيندي رهي. اسان کان پوءِ PIA جي ڪوالالمپور ڏي اڏام هئي، اها به وئي هلي. اسڪرين تي اسان جي اڏام جو وقت 3 ٿي پوءِ 4 ٿيو، مون يڪدم پنهنجي ميزبان عليءَ کي پنهنجي موبائل فون ذريعي نياپو موڪليو ته اسان واري اڏام سمجهه ته 5 ڪلاڪ کن ليٽ پهچندي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ايئرپورٽ تي ترسڻ يا هوائي جهاز ۾ ڊگهو سفر ڪرڻ ۾ مون کي ڪابه بوريت نٿي ٿئي، پر هن سفر ۾ جهاز جي Delay ڪري مون کي پنهنجي ميزبان جو خيال ٿي رهيو هو. اسان کي ڪهڙي خبر ته اڄ هي ڪم ٿيندو. اسان ته سمجهيو ٿي ته ٻين ڪمپنين جون اڏامون ليٽ ٿي سگهن ٿيون، پر سنگاپور، ڪئٿي (هانگ ڪانگ)، امارات (دبئي) ۽ MAS جون هرگز نه. وقت تي پهچڻ جو سوچي به مون عليءَ کي ايئرپورٽ يا K.L سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي منهنجو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ اچڻ کان روڪيو ٿي.
”ڏس علي اجايو پنهنجي ڪار ۾ پيٽرول ساڙي مون کي ايئرپورٽ تان وٺڻ ڇو ٿو اچين، جڏهن ته ايئرپورٽ تي گيٽ مان نڪرڻ کان اڳ ايئرپورٽ وارن جي KLIA ايڪسپريس ملي ويندي، جيڪا 37 رنگٽن (ملائيشيا جي ڊالرن) ۾ مون کي 28 منٽن ۾ شهر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن K.L Sentral تي اچي لاهيندي.“
اڄ کان چار پنج سال اڳ ڪوالالمپور ويو هوس ته علي جالان ڪلنگ ڏي رهيو ٿي، پر هاڻ هن ٻڌايو ته شادي بعد تمن سيجاهتر (Taman Sejahter) ۾ رهي ٿو. ملئي لفظ تمن جي معنيٰ پاڻ وارو چمن آهي يا کڻي چئجي ته گلشن آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ۾ گلشن اقبال، گلشن فيصل، گلشن حديد يا گلستان جوهر آهي، تيئن ملائيشيا جو هر شهر تمنن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪجهه هن ريت نالا آهن: تمن روسا، تمن ميلاتي، تمن ڊيسا، تمن سيٽيا ونگسا، تمن مالوري، تمن برونگ، تمن ماتا هري.... وغيره. هي ماتا هري انگريزي فلم وارو نالو ناهي. ماتا هري ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”سڄ“ آهي. جيتوڻيڪ لفظي معنيٰ ماتا معنيٰ اک ۽ هري معنيٰ ڏينهن يعني ’ڏينهن جي اک‘. سو ملئي ماڻهن لاءِ ٿيو سج. جيئن ماتا ڪچنگ ميوي جي لفظي معنيٰ ٻليءَ جي اک آهي جو اهو ليچي جهڙو ميوو ٻلي جي اک سان مشابهت رکي ٿو.
بهرحال اسان وارو علي (حاجي غلام علي سولنگي) جنهن علائقي ( Taman Sejahterگلشنِ سڪون) ۾ رهي ٿو، اهو ڪوالالمپور جي هڪ اهم ۽ وڏي روڊ ”جالان ڪچنگ“ تي آهي، جتان منهنجو سالن جا سال لنگهه رهيو. جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري دوران ڪي ايل (ڪوالالمپور) اچڻ ٿيندو هو يا جڏهن جهاز تي هوندو هوس ۽ جهاز پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) ۾ اچي بيهندو هو ته K.L اچڻ لاءِ هن روڊ تان به مٽبو هو. ڪوالالمپور ۾ اليڪٽرڪ ٽرين (KTM Komuter) شروع ٿيڻ تي هڪ لائين جو هتان به لنگهه ٺاهيو ويو ۽ علي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جي بلڪل ويجهو هن ٽرين جو Segambut (سيگامبوت) نالي اسٽاپ آهي. منهنجو اهو ارادو هو ته K.L (ڪوالالمپور) جي هوائي اڏي تان KLIA- Express ٽرين ۾ چڙهي شهر جي وچ واري مرڪزي (Central) ريلوي اسٽيشن، جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ايس“ سان Sentral لکيو وڃي ٿو، پهچي پوءِ ٻي ٽرين وٺي عليءَ جي گهر ڀرسان واري اسٽيشن سيگامبوت پهچي وڃان جو ”ڪي ايل سينٽرل“ ۽ ”سيگامبوت“ اسٽيشن جي وچ ۾ فقط ٻه کن اسٽيشنون: بئنڪ نيگاراءِ پترا آهن. سيگامبوت پهچي پوءِ عليءَ کي فون ڪريان ته اتان اچي وٺي وڃي يا اڃان به بهتر اهو ٿيندو ته اتان ٽئڪسيءَ ۾ علي جي گهر ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي. نه ملڻ تي عليءَ کي فون ڪجي ها. بهرحال چار پنج ڪلاڪ ليٽ ٿيڻ تي عليءَ جي جمعي نماز به ويندي هلي. هونءَ جو جهاز پنهنجي صحيح وقت اٺ وڳي صبح تي پهچي ها ته نائين وڳي تائين آئون K.L سينٽرل تي پهچي وڃان ها ۽ عليءَ کي ان وقت پنهنجي ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد نه ڪرڻي پوي ها. ڇو جو سينٽرل اسٽيشن ايڏي مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي جو ڏينهن چڙهڻ سان پارڪنگ جي جاءِ نٿي ملي، جيتوڻيڪ سٽي گورنمينٽ طرفان اسٽيشن جي آسپاس ٻه هزار کن ڪارن جي پارڪنگ ٺاهي وئي آهي.
ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انتظار ۾ ڪلاڪ ٻه کن لکپڙهه ۾ گذاريم. رات جا ٻارنهن به ٿي ويا هئا. آئون سوير سمهڻ ۽ اٿڻ وارو ماڻهو آهيان. ويتر سفر جي تياري ۾ منجهند جو به ڪلاڪ اڌ سمهي نه سگهيو هوس، سو ننڊاکڙو محسوس ڪري رهيو هوس. شولڊر بيگ کي وهاڻي طور استعمال ڪري ڪجهه دير ليٽڻ ٿي چاهيم. مون جهڙي ڊگهي ماڻهوءَ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي ٽي کن سيٽون خالي هجڻ ضروري آهن، پر چوڌاري ڪٿي ڪٿي ڪا هڪ سيٽ نظر آئي ٿي. هر هڪ ٽن ٽن، چئن چئن سيٽن تي قبضو ڪري ستو پيو هو. دل ۾ چيم ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. اهڙو جي هوس پهرين اچي ها ته ٿيلهي مان ڪتاب ڪڍي ٻن سيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيان ها. ڀرسان لنگهندڙ ايئرپورٽ جي عملي جي همراهه کان پڇيم ته هي چوڌاري جيڪي ستا پيا آهن، انهن جي فلائيٽ ڪيڏي مهل آهي؟
”سرڪار ڪجهه ته توهان واري فلائيٽ جا ماڻهو آهن ۽ ٻيا اهي آهن، جن جي اڏام صبح جو آهي، پر سڀاڻي شهر ۾ هنگامي هجڻ جي خطري کان هينئر ئي ايئرپورٽ تي اچي ويا آهن.“
مون ليٽڻ جو ارادو لاهي ڪجهه واڪ ڪرڻ ۽ چانهه پيئڻ جو سوچيو. هِتان هُتان ڦري ٽئاليٽ ۽ ٽيليفون بوٿ وٽان لنگهيس ته ڪنڊ تي ٺهيل دخل پويان ايئرپورٽ اٿارٽي جا ٽي چار آفيسر سنڌيءَ ۾ زور زور سان خبرون ڪري رهيا هئا. اتي ڪو بم ڦاٽي ها ته به مون کي حيرت نه ٿئي ها. ڪراچي جي هن هوائي اڏي تي ڦرندي مون کي به 40 سال ٿي ويا آهن، پر اهڙو نظارو منهنجي ڪنن يا اکين نه پسيو. هاڻ مڙي ئي گذريل 10 سال ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي آفيسر نظر اچي ٿو، پر يڪا چار پنج آفيسرن جو سنڌي هجڻ ڪمال جي ڳالهه آهي. شايد اهي ڪرشما آصف زرداري جي عوامي حڪومت ڪيا هجن. آئون ان ڪائونٽر وٽ بيهي چرين وانگر اکيون ڦاڙي هنن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لڳس. ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. ههڙيون ڪچهريون مون ننڍي هوندي لاڙڪاڻي ۾ باهه جي مچ تي ٻڌيون هيون. جڏهن مئٽرڪ ڪلاس ۾ سياري جي موڪل ٿيڻ تي پنهنجي ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي جي ڳوٺ ”ڳوٺ وليد“ ۾ هفتو کن وڃي رهيو هوس. هي همراهه خبرن ۾ ايڏو محو هئا جو هنن کي ڪا دير هوش نه آيو ته ڪو اوپرو ماڻهو سندن ڀرسان بيهي سندن ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي. آخر هڪ همراهه کي خيال اچي ويو ۽ مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته "Can I Help you?" ان سان گڏ ٻيا به ماٺ ٿي ويا.
”سائين ڪچهري جاري رکو. ان جي ڪشش ۾ آئون به پنڊ پهڻ ٿي ويو هوس.“ مون چيو ۽ هو هاڻ مون کي حيرت مان گهورڻ لڳا ته نه ڄاڻ نه سڃاڻ هي آهي ڪير جو ايترو فري ٿي رهيو آهي. هو هڪ دفعو هڪ ٻئي ڏي سوالي نگاهن سان ڏسڻ لڳا ته آيا آئون هنن مان ڪنهن جو واقفڪار ته نه آهيان.
”سائين توهان جو تعارف؟“ هنن مان هڪ عزت سان پڇيو، جيتوڻيڪ منهنجا ڪم جڏا هئا جو آئون ڪا دير سندن ڪائونٽر وٽ بيهي کين ائين چتائي ڏسي رهيو هوس، جيئن ڪو ٻار چڙيا گهر ۾ پڃري اندر جانورن کي ڏسي. پر هنن مون کي عمر ۾ وڏو ۽ ڏاڙهي سان پير مرد سمجهي ڪس ڪسرون درگذر ڪري پنهنجي طرفان اخلاق جو مظاهرو ڪيو. مون سندن پڇيل سوال جو جواب ڏيڻ بدران چيو:
”مون ته سوچيو هو ته پهرين توهان کان پڇندس ته توهان جو ڪهڙي ڪهڙي ڳوٺ سان تعلق آهي.“
”سائين اهو به ٻڌائينداسين. اسان جا ته نالا به قميصن تي لڳا پيا آهن، پر توهان جي به ته سڃاڻپ ٿي وڃي.“
”ها سائين ضرور،“ مون چيو، ”آئون شايد ان غلط فهمي ۾ هوس ته سالن کان لکندو اچان ۽ اخبار وارا منهنجي هر ڪالم سان گڏ فوٽو به ڏيندا اچن، سو ٿي سگهي ٿو ڪو سڃاڻي وڃي.“ منهنجو اهو چوڻ تي ٻن ڄڻن يڪدم سڃاڻي ورتو، بلڪ هڪ چوڻ لڳو ته ”ڏسو ته صحيح اڄ ئي توهان جو هڪ ڪالم اڙدو اخبار امت ۾ پڙهيو اٿم.“ هو مون کي چانهه لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا.
”سچي ڳالهه اها آهي ته چانهه پياريندائو ته توهان جي مهرباني ٿيندي،“ مون ٻڌايو مان، ”آئون چانهه لاءِ ئي وڃي رهيو هوس.“
هنن ڪائونٽر جو ننڍڙو دروازو کولي مون کي اندر ڪيو ۽ هڪ ڄڻي ڪرسي خالي ڪري ڏني ۽ ٻيو چانهه وٺڻ لاءِ نڪتو.
بهرحال هن وقت جڏهن ملائيشيا جو سفرنامو لکڻ ويٺو آهيان ۽ چانهه جي ٻاڙ کنيو اٿم ته ان رات واري ايئرپورٽ اٿارٽي وارن جي گرما گرم چانهه ياد اچي وئي اٿم. کانئن سندن اي ميل ائڊريسون ورتم جو فون کي پنهنجي ملڪ ۾ به بند رکندو آهيان. هنن ٻڌايو ته سندن کاتي ۾ سنڌ جا ماڻهو هن وقت به اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. هي هڪ عجيب اتفاق ٿيو آهي جو اڄ رات اسان جي هڪ ئي وقت ڊيوٽي لڳي آهي. هينئر ڪو ڪم ڪار يا ويجهي اڏام ناهي سو ويٺا ڪچهري ڪريون. هنن ٻڌايو ته هو هن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪافي پراڻا آفيسر آهن ۽ سندن چونڊ تڏهن ٿي هئي، جڏهن سائين غوث علي شاهه ڊفينس منسٽر هو. آفيسرن جي ڳالهه ڪندي هنن نرگس گهلوءَ جي ڪافي تعريف ڪئي ته هوءَ جڏهن سندن ڊپارٽمينٽ جي باس هئي ته هرهڪ جو خيال رکندي هئي. دل ۾ سوچيم ته کين اها خبر ناهي ته اها اسان جي مائٽ (منهنجي زال جي سوٽ) آهي. ظاهر آهي هنن کي ڪهڙي خبر ته مون هالا جي شيخ جي هڪ ماسي دادو جي گهلن ۾ پرڻجي وئي هئي. بهرحال نرگس جي تعريف ٻڌي خوشي ٿي. هنن ٻڌايو ته هنن جو اتر سنڌ جي مختلف ڳوٺن سان تعلق آهي. هڪ ته شڪارپور جو محمد علي منگي صاحب هو ۽ ٻين ۾ هڪ محمد وزير عباسي، اشفاق احمد شيخ ۽ عبدالقادر شيخ هئا. هڪ يا ٻن جو نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي. چانهه پي مون اٿڻ جي ڪئي.
”سائين اڏام ۾ ته اڃان ٽي چار ڪلاڪ آهن، ويهو ته ڪچهري ڪريون.“ هنن صاحبن زور ڀريو.
”يارو هاڻ موڪلاڻي ناهي ٿوري دير لاءِ سمهي ٿو پوان. انشاءَ الله اي ميل تي رابطو رهندو.“
آئون هنن کان موڪلائي سمهڻ لاءِ ڪي لڳاتار ٽي خالي سيٽون ڳولڻ لڳس.
No comments:
Post a Comment