Saturday, March 05, 2011

سيشلز ٻيٽ چار لک چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھن - الطاف شيخ

سيشلز ٻيٽ چار لک چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھن
الطاف شيخ
ھونءَ ٻيٽن سان سڄي دنيا ڀري پيئي آھي. ھر سمنڊ ۾ ٻيٽ آھن. ڪٿي ڪٿي ته ھڪ ئي ھنڌ ھزارين ٻيٽ آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين کان وٺي جپان تائين ويھ ھزار کن ٻيٽ ٿيندا. يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي به ھزارين ٻيٽ آھن پر ڪن سببن ڪري ٽوئرسٽن جي ڪشش جو باعث ھندي وڏي سمنڊ جا ٻيٽ وڌيڪ رھيا آھن پوءِ چاھي مالديپ ۽ موريشس ٻيٽ ھجن يا سري لنڪا ۽ سيشلز.

يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي ٻارھوئي ٿڌ رھي ٿي ان ڪري ان طرف ڪو وڃڻ پسند نٿو ڪري. آخرڪار ڪنهن ڏورانهن ٻيٽ تي وڃي ڪو پنهنجو پاڻ کي بند ڪمري ۾ رکي چلھ اڳيان ھٿ سيڪڻ نٿو چاھي. ھو گنجي ۽ گوڏ يا ڪڇي ۽ چڍيءَ ۾ کليل فضا ۾ گھمڻ چاھي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي ويھي ٿڌي ھير جو لطف وٺڻ چاھي ٿو. سمنڊ ۾ ترڻ ۽ سمنڊ اندر رھندڙ مخلوق جو نظارو ڪرڻ چاھي ٿو جيڪو ٿڌن ملڪن جي ٻيٽن تي ڏکيو آھي. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ٻيٽ ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن. بالي ۽ سماترا جھڙن ٻيٽن تي رھي اھو احساس نٿو ٿئي ته چوڌاري سوين ميل سمنڊ آھي. ان احساس لاءِ مالديپ، موريشس ۽ سيشلز (Seychelles) جھڙا  ٻيٽ مشھور آھن. ائين ته پئسفڪ سمنڊ ۾ به فجي، سموئا، ٽونگا جھڙا انيڪ ٻيٽ آھن پر اتان پاڻي جي جھاز يا ھوائي جھازن جو ايترو لنگھ ناھي جيترو مٿين ٻيٽن وٽان. بهر حال ھتي اسان موريشس (Mauritius)۽ سيشلز (Seychelles) ٻيٽن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڀرسان ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. سيشلز ٻيٽن جو جھڳٽو مئڊاگاسڪر (مالاگاسي) ٻيٽ جي مٿان اتر ۾ آھي ۽ موريشس ٻيٽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي ساڄي پاسي اوڀر ۾ آھن. ۽ ھي ٻئي ٻيٽ (سيشلز ۽ موريشس) دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ آھن-يعني اسين اتر اڌ گول ۾ آھيون ۽ ھي ٻيٽ خط استوا جي ھيٺان آھن ۽ خط استوا اھو خيالي ليڪو آھي جيڪو دنيا جي گولي جي پوري وچ مان لنگھي ٿو ۽ ٻڙي (Zero) ويڪرائي ڦاڪ (Latitude)سڏجي ٿو ۽ ان جي Parallel مٿي ھيٺ ويندڙ ليڪن جي ڊگرين جو انگ وڌندو وڃي ٿو ۽ اتر ۽ ڏکڻ قطب وٽ اھو وڌ ۾ وڌ نوي ڊگريون ٿئي ٿو. ڪراچي 25 ڊگريون اتر واري ويڪرائي ڦاڪ تي آھي. ترڪيءَ جو شھر انقرھ، ازبڪستان جو شھر بخارا، چين جو شھر بيجنگ ۽ اسيپن جو شھر مئڊرڊ وغيره 40 ڊگريون اتر ۾ آھن. اھڙي طرح آسٽريليا جو شھر ميلبورن به 40 ڊگرين تي آھي پر ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي.
ھندي وڏي سمنڊ جا سيشلز ٻيٽ 4 ڊگريون ڏکڻ کان  11ڊگريون ڏکڻ تائين پکڙيل آھن. ڪل سؤ کن ٻيٽ آھن جن مان ماھي (Mahe) ٻيٽ سڀ ۾ اھم ٻيٽ آھي ۽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي سرزمين کان 1100ڪلوميٽر آھي. ھن ٻيٽ (ماھي) تي ھن ملڪ (ريپبلڪ آف سيشلز) جي گاديءَ جو شھر وڪٽوريا آھي. ماھي ٻيٽ جي پکيڙ 100کن چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ان جي وڏي شھر وڪٽوريا جي آدمشماري ٽيھ ھزار آھي- يعني ٽنڊي ڄام ۽ پني عاقل کان به گھٽ ماڻھو آھن.
سيشلز جا ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ايڏو ته پري پري پکڙيل آھن جو  سمجھ ۾ نٿو اچي ته ملڪ جو انتظام ڪيئن ٿو ھلي. اھو به شڪر آھي جو آدمشماري گھٽ آھي ۽ ھر ھڪ امن امان ۾ رھي ٿو. ھر ٻيٽ جو رھواسي پنهنجي چوڌاري ڦھليل سمنڊ مان مڇيون ۽ موتي حاصل ڪري سڪون سان وقت گذاريو ويٺو آھي نه ته ھي ٻيٽ سمنڊ جي ڏيڍ لک چورس ميلن (يعني چار لک چورس ڪلوميٽرن) ۾ پکڙيل آھن. خاص ۽ اھم ٻيٽن تي ھوائي جھازن ۽ پاڻيءَ جي جھازن، لانچن ۽ فيرين ذريعي پھچڻ جي سھوليت آھي جتي ڌارين ملڪن جا ماڻھو خاص ڪري يورپي موڪلن جا ڏينهن گذارڻ لاءِ اچن ٿا. ٻارھوئي جھڙ ڦڙ ھجڻ ڪري موسم خوشگوار رھي ٿي
سيشلز ٻيٽن تي پھرين عرب آيا
سيشلز جي ھڪ سؤ ٻيٽن مان 60 کن ڪورال(Coral)  ٻيٽ آھن ۽ 40 جابلو Granite پٿر جا. سمنڊ ۾ گھڻو ڪري ان ئي قسم جا ٻيٽ ٿين ٿا. يعني ڌرتي وانگر سمنڊ جي تري تي به جبل آھن ۽ انهن جبلن جون چوٽيون ۽ مٿاھان حصا ٻيٽ آھن. اھي سامونڊي جبل جن جون چوٽيون اچي اچي سامونڊي سطح کان ڪجھ فوٽ ھيٺ تائين پھچن ٿيون اھي نيويگيشن (جھاز راني) لاءِ عذاب ھوندا آھن. انهن چوٽين سان جھاز جو ھيٺيون حصو لڳي ڀڄي ڀري پوندو آھي. اھڙي قسم جي رڪاوٽن جي خبر نقشي (Navigational Chart) مان يا رڊار مان پوندي آھي ۽ جھاز کي اھڙن جبلن ۽ زير آب ٻيٽن کان بچائي ھلائڻو پوندو آھي.
ٻي قسم جا ٻيٽ ڪورال ٻيٽ سڏجن ٿا. ڪورال (Coral) ھڪ قسم جو سامونڊي پٿر آھي جيڪو سامونڊي شين ۽ ساھوارن جي چنبڙڻ سان وڌندو رھي ٿو. ھڪ ڪاٺ جي ٻيڙي يا لوھ جو جھاز سمنڊ ۾ گھڻو وقت رھي ٿو ته ان جي ٻاھرين جسم تي به ان قسم جي Sea Growth ڄميو وڃي جنهن ۾ سـِـپن ۽ سينيار کان مڇي ۽ گانگٽن جا ڇلر ٿين ٿا جيڪي اھڙا سخت ڄميل ٿين ٿا جو مترڪن ۽ ريتيءَ جي Blast سان ئي لاھي سگھجن ٿا. سو سمنڊ جي ڪـِن ڪـِن حصن تي ان قسم جي ڪيميائي اثر ڪري سامونڊي شيون پٿر ائين صورت اختيار ڪنديون رھن ٿيون ۽ اھا ليول ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جي سطح کان ٻاھر ٻيٽ ٿي ظاھر ٿئي ٿو. ان قسم جا ٻيٽ مينهن جي ڇيڻي وانگر گول ۽ تانگھا ٿين ٿا ۽ انهن جي چوڌاري سمنڊ به تانگھو ٿئي ٿو.
چيو وڃي ٿو ته عرب جھازي پھريان ھئا جيڪي ھنن ٻيٽن (Seychelles) تي پھتا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته پورچوگالي، ڊچ توڙي انگريز ۽ فرينچ پوءِ بهادر بنيا ۽ پنهنجا ٻيڙا ھاڪاري آفريڪا، ايشيا ۽ چين تائين پھتا نه ته سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي-خاص ڪري اسلام کان پوءِ واري دور ۾. تڏھن ته ھو مراڪش (المغرب) کان اسپين، پورچوگال ۽ فرانس کان وڃي نڪتا ۽ ھن پاسي ھندي سمنڊ ڏي ڪيترن بندرگاھن ۽ ٻيٽن جا نالا عربي زبان جا آھن جھڙوڪ ممباسا، دارالسلام، سرانديپ وغيره ۽ ڪيترن ٻيٽن تي ان وقت کان مسلمان رھن ٿا. بهر حال ھنن ٻيٽن کي به  پھريان ڳولھڻ وارا عرب ھئا ان بعد سورھين صديءَ جي شروعات ۾ پورچوگالين کي ھي ٻيٽ نظر آيا جن ھنن ٻيٽن کي ست ڀينرون سڏيو پر لکت ۾ رڪارڊ فقط انگريزن جو ملي ٿو جيڪي پڻ انهن ئي ڏينهن ۾-لڳ ڀڳ 1609ع ۾، انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ھتي پھتا جتي کين ڪو ماڻھو ڇيڻو ته نظر نه آيو البت پيئڻ لاءِ پاڻي، پکي پکڻ، ميوا مڇيون جام مليون. رڻ پٽ صحارا وانگر سمنڊ تي سفر ڪرڻ واري مسافر کي به مٺي پاڻيءَ جي سخت ڳولا رھي ٿي.
سنڌ جا “سامونڊي ڦورو”به گھٽ نه ھئا
شروع ۾ آيل عرب توڙي پورچوگالي ھتي (سيشلز ٻيٽن) تي ٺاھ ٺڪاڻو ڪري نه رھيا ۽ نه وري ان وقت آيل انگريز ٽڪيا. ھر ھڪ جو ٻيڙو رستو ڀلجي يا پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ھتان اچي نڪتو ٿي ۽ ڪجھ ڏينهن آرام بعد پنهنجن جھازن کي کاڌن پيتن سان ڀرائي اڳتي جي سفر لاءِ ھاڪاري ويا ٿي. البت پوءِ سگھو ئي سامونڊي ڦورو (Pirates) وڌيڪ آرگنائيز ٿيڻ تي ھنن ويران ٻيٽن تي رھڻ ۽ ڦر جو مال لڪائڻ لڳا. ننڍي پئماني جا قزاق (سامونڊي ڦورو) ڪنارو ڏيئي لنگھندڙ جھاز ڦريندا ھئا ۽ ڦر جو مال اتي ئي پاڻ ۾ ورھائي پنهنجي گھر وڃي سکيا ٿيندا ھئا. ان ڪم ۾ سنڌ جا سامونڊي ڦورو به گھٽ نه ھئا. ھو ايندڙ ويندڙ عرب توڙي چينين جي جھازن لاءِ ٻائيتال مچايو ويٺا ھوندا ھئا، جنهن جو ذڪر ستين صدي جي آخر (چچ حڪومت) ۽ اٺين صدي جي شروع وارن سالن (ڏاھر جي حڪومت) جو، چچ نامي جھڙي تاريخي ڪتاب ۾ به آيل آھي. شاھ لطيف به پنهنجن بيتن 1689)ع کان 1752ع واري دور) ۾ ڪيو آھي.
دنگي وچ درياھ، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي
ھو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سـَـڙيا،
معلم ماڳ نه اڳيئن، فرنگي منجھ ڦـِـريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙھيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي!
بهر حال ارڙھين صديءَ جي اڌ ڌاري-شاھ لطيف جي وفات وارا ڏينهن ئي سمجھو- فرينچن نه فقط ھنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو پر ٺھي ٺڪي ويھي رھيا ۽ ھي ٻيٽ جيڪي ست ڀينرون سڏيون ويا ٿي انهن جو نالو Secheiles (سيشلز) رکيو جيڪو فرينچ زبان جو آھي ۽ ان وقت جي فرينچ حاڪم شھنشاھ لوئي پنڌرھين جي وزير خزانه مسٽر وڪومتي موريو ڊي سيشلز جي ياد ۾ رکيو ويو. ماھي (Mahe) ٻيٽ جيڪو ھنن ٻيٽن جي گاديءَ وارو ٻيٽ آھي ان جو نالو پڻ فرينچن رکيو. اھو نالو برٽرانڊ ماھيءَ تان پيو جيڪو ان وقت موريشس ٻيٽ جو گورنر ھو.
فرينچ به ھتي گھڻو نه رھيا ۽ آخرڪار 1814ع ۾ ھن ٻيٽن تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو جن ھنن ٻيٽن کي پئرس معاھدي ھيٺ سيشلز کي موريشش جي Dependency ۾ رکيو. (موريشس پڻ انگريزن فرينچن کان حاصل ڪيو). انگريزن سيشلز جو نالو ساڳو رکيو پر ان نالي جي اسپيلنگ فرينچ زبان جي  Secheilesمان بدلائي انگريزي زبان جي اسپيلنگ Seychelles ڪئي جيئن ملاڪا جي Melaka مان بدلائي Malacca ڪئي يا جيئن زنجبار عربي لفظ مان زئنزيبار ڪيو.
سيشلز جي رھاڪن جو گذر سفر مڇيءَ جي شڪار کان علاوھ عمارتي ڪاٺ تي آھي. مينهن جام وسي ٿو ۽ وڻ سٺي جنس جا آھن جن جو ڪاٺ فرنيچر ۾ استعمال ٿئي ٿو. فرانس جي ڪيترن گھرن ۾ سيشلز کان امپورٽ ٿي آيل ڪاٺ جا پلنگ ۽ ڪرسيون نظر اينديون. ان کان علاوھ ھي ٻيٽ وڏي سائيز جي ڪـُـمين (Turtles) کان پڻ مشھور آھن. ھتي جي ماڻھن انهن جي وڪري جي ايڏي ڌم لڳائي جو اھو الڪو ٿي پيو ته ڪٿي ھنن ڪـُـمين جو نسل ئي نه ختم ٿي وڃي. انهن جي ويجھ کي وڌائڻ لاءِ انهن جي وڪري تي اڄ ڪلھ بندش وڌي وئي آھي.
ٽوئرزم گھٽجڻ ڪري سيشلز ٻيٽ غريب ٿيندا وڃن
 1903ع ۾ سيشلز کي انگريزن ھانگ ڪانگ وانگر ڪرائون ڪالوني (Crown Colony) جو درجو ڏنو ۽ 29 جون 1976ع تي کيس خودمختياري ملي ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ڇٽيھون ميمبر بنايو ويو. ھنن ٻيٽن تي انگريزن ۽ فرينچن کان علاوھ انڊين، ملئي ۽ آفريڪا جا شيدي پڻ رھن ٿا. 1981ع تائين ھن ٻيٽ جون انگريزي ۽ فرينچ سرڪاري زبانون ھيون پر ھاڻ انهن بدران ھتي جي مڪاني زبان Creole کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو آھي جيڪا فرينچ، انگريزي ۽ آفريڪي زبانن جو مڪسچر آھي. نوي في صد ماڻھن جو مذھب رومن ڪئٿولڪ آھي.
ملڪ جو صدر انتظاميھ جو به سربراھ آھي. ھو ملڪ جي خارجھ، بچاءَ ۽ داخلي معاملن لاءِ به جوابدار آھي. ھو وزيرن کي رکي ۽ لاھي سگھي ٿو. ڪابينا ۾ وزيراعظم ۽ ڏھ وزير ٿين جيڪي نئشنل اسيمبلي جي 25 چونڊيل ميمبرن مان ٿين. ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سول ۽ ڪرمنل ڳالھين لاءِ ڪورٽ آف اپيل به آھي. جيتوڻيڪ تعيلم ڪمپلسري نه آھي ان ھوندي به نوي سيڪڙو ماڻھن جو تعليم يافته آھي. پرائمري تعليم جا ڇھ سال مفت آھن. ملڪ ۾ صحت ۽ ھائيجن جو معيار چڱو مٿاھون آھي. ٽراپيڪل بيماريون جيڪي آفريڪي ملڪن ۾ تمام گھڻيون ۽ عام ٿين اھي ھتي نه برابر آھن. ھتي جا ماڻھو مڇي ماني وارا ضرور آھن پر ڪي خاص امير به نه آھن. ڇو جو ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نه اٿن. مڇيون به ھڪ حد تائين جھلي سگھن ٿا ۽ مڇين جي ڪيترن قسمن ۽ ڪمين جي ڦاسائڻ ۽ وڪڻڻ تي بندش آھي. ٻيلا به ڏينهون ڏينهن وڃن ختم ٿيندا جن جي ڪاٺ مان ھنن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن چڱو ڪمايو. سيشلز جي ڪنهن به ٻيٽ تي ڪنهن به قسم جون کاڻيون يا ڌاتوءَ جا ذخيرا نه آھن. ٽوئرزم ئي ھڪ اھڙي شيءَ آھي جنهن مان غير ملڪي ناڻي جي ڪمائي ٿئي ٿي. امير ملڪن جا ماڻھو موڪلون گذارڻ لاءِ ھنن ٻِيٽن تي اچن ٿا. ھوٽلن ۾ رھن ٿا. کائين پيئن ۽، گھمن ڦرن ٿا ۽ ان چڪر ۾ ھو چڱو پئسو خرچ ڪريو وڃن. پر اڄ ڪلھ ڏينهون ڏينهن ماڻھو ڪنجوس ٿيندا وڃن، ٻاھر ڊپ واريون حالتون وڌنديون وڃن، گھمن جون جايون وڌنديون وڃن ۽ ھر ڪو ملڪ چاھي ٿو ته ٻين ملڪن جا سياح ھن جي ملڪ م گھمڻ لاءِ اچن. سڀ کان وڏي ڳالھ ته مھانگائي ۽ گھٽ پگھار جتي ڪٿي جو مئسلو ٿي پيو آھي ۽ ھرڪو گھمڻ ڦرڻ لاءِ وقت ۽ پئسو ضايع ڪرڻ بداران گھر ويٺي ڊسڪوري ۽ نئشنل جاگرافڪ جھڙا چئنل ڏسيو دل خوش ڪريو ڇڏي. ان کان علاوھ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ بدامنيءَ، گندي پاڻيءَ، مڇرن ۽ خوفناڪ بيمارين-خاص ڪري ايڊس ڪيترن ئي خفتين کي ڊيڄاري وڌو آھي ۽ ھرڪو ڌارين ملڪن ۾ وڃي رلڻ پنڻ کان گھر ۾ سکيو رھڻ ۾ بهتر عاقبت سمجھي ٿو. نتيجي ۾ سيشلز جھڙا ٻيٽ ايندڙ مسافرن لاءِ واجھائيندا رھن ٿا. ھنن جون ھوٽلون، ڪلب ۽ سامونڊي ڪنارا سال جو وڏو حصو ويران ئي رھن ٿا.

No comments:

Post a Comment