Saturday, March 05, 2011

ليکڪ طرفان الطاف شيخ

ليکڪ طرفان
الطاف شيخ
سمنڊ ۽ جھازي دنيا جون ڳالھيون کوڙ. جھاز ھلائيندي سمنڊ تي يا ڪناري تي پنهنجن ئي خيالن ۾ ويٺي ويٺي ياد اچيو وڃن ۽ دل چاھيندي آھي تي پنهنجن پڙھندرن لاءِ لکيون وڃن. لکڻ بعد ڪجھ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجن ٿيون، ڪجھ مون وٽ اڌ گابري صورت ۾ آھن ۽ ڪجھ مختلف ملڪن ۾ رھجي ويل آھن.

ملائيشيا مان ھوائي جھاز رستي موٽڻ مھل اھو سوچيو ھوم ته باقي سامان: ڪتاب، ڪپڙا ۽ پنهنجي انجنيئرنگ (Marine) جا ليڪچر ۽ ٻيو سامان ان وقت ھوائي جھاز ۾ کڻي موٽڻ بدران ڪڏھن پاڻيءَ جي جھاز ۾ کڻي ايندس. اڄ پورا ڏھ سال ٿي ويا آھن وري ملائيشيا وڃڻ نه ٿيو آھي. ھر سال ملائيشيا وڃڻ جو سوچيندو آھيان پر نه اوڏانهن پاڻيءَ جي جھاز کي وٺي وڃڻ جي ڊيوٽي ٿي لڳي ۽ نه ھوائي جھاز رستي وڃڻ جو پروگرام ٺھي ٿو. اھو آھي داڻي پاڻيءَ جو حساب.
ان کان به گھڻو اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اسپين جي ھڪ ٻيٽ لاس پاماس تي (جيڪو Cannary ٻيٽ به سڏجي ٿو) بيمار ٿيڻ تي ھڪ جھاز تان لاٿو ويو ھوس. چاق ٿيڻ تي ٻئي جھاز جي جلدي پروگرام نه ھجڻ ڪري مونکي باءِ ايئر اھو ٻيٽ ڇڏڻو پيو. نتيجي ۾ باقي سامان اتي ئي ڪنهن سڃاڻي واقفڪار وٽ کڻي رکيم. ۽ منهنجو (يعني جنهن به جھاز تي منهنجي ڊيوٽي لڳي ٿي) ان جو وري خوبصورت ٻيٽ لاس ماس تي وڃڻ نه ٿيو. ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي ھڪ واقفڪار پنهنجي جھاز رستي منهنجو سامان موڪلڻ جي آڇ ڪئي.
“ھاڻ ان سامان جي ڪھڙي ضرورت؟” مون چيومانس، “جن امتحانن لاءِ ڪتاب ورتا ھئم اھي به ڪڏھن ڪو پاس ٿي ويا. ان ڪري نه ڪتاب جي ضرورت آھي ۽ نه انهن بيل باٽمڊ پتلونن جي جن جو انهن ڏينهن ۾ فئشن ھو. ھا البت ھٿ جا لکيل انگريزي يا سنڌي ۾ مضمون ھجن ته اھي موڪلي ڏي.”
ھمراھ اھي پنا موڪلي ڏنا. مون سمجھيو ٿورا پنا ھوندا پر ايترو مواد آھي جو پريس واري پراڻي ڇپائي تي ھڪ ننڍڙو ڪتاب ٿي وڃي پر اڄڪلھ جي ڪمپيوٽر واري ڇپائيءَ تي 50 کن صفحا مس ٿين. گھڻو تڻو ٻيٽن جو احوال آھي جيڪو اڄ به (گھٽ ۾ گھٽ مونکي) دلچسپ لڳي ٿو ۽ انهن مضمونن ۾ سڌارو آڻڻ سان گڏ ڪجھ وڌيڪ مضمون لکي ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو اٿم. بيحد مقبول ۽ خوبصورت انگريزي رسالي INDUS جو جو نوجوان پبلشر امير ابڙو ھن کي ڇپائڻ ٿو چاھي. آئون ان کي پنهنجي خوش قسمتي سمجھان ٿو ته فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس)، علي نواز گھانگھرو (روشني) ۽ امير ابڙو (انڊس) جھڙا قابل، محنتي ۽ Creative طبيعت جا مشھور پبلشر منهنجا ڪتاب سھڻي ۽ خوبصورت نموني سان ڇپي رھيا آھن. اھو سندن پيار ۽ خلوص آھي جو ڪيترن ڪتابن ۾ ھنن نقصان برداشت ڪيو آھي پر ڇپائي جي معيار کي ھيٺاھون نه ڪيو آھي.

الطاف شيخ
-1 آڪٽوبر2001 



سفر ۽ سامونڊي
سنڌيءَ ۾ جڏھن به سفر نامن لکڻ جو ذڪر ايندو آھي ته ان وقت ئي ذھن ۾ الطاف شيخ جو نالو گونجڻ لڳندو آھي. ڄڻ ته پڙھندڙ لاءِ سفر ناما ۽ الطاف شيخ اٽڪل ساڳي ڳالھ پيا آھن. الطاف جيتوڻيڪ ڪھاڻيون به لکيون آھن پر سندس پڙھندڙ لاءِ اھي به ھڪ لحاظ کان سفر ناما ئي آھن.
مجموعي طور تي سنڌي ماڻھو تي اِھو ڏوھ مڙھڻ صحيح ناھي ته سندس لاءِ پنهنجو گھر ۽ ڳوٺ ڇڏڻ ھڪ ناممڪن ڳالھ رھي آھي. جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته ھن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اھڙن جو وجود نه ھجي ھا جن جا ابا ڏاڏا ورھين اڳ اتي اچي آباد ٿيا ھئا. جن ماڻھن وٽ سمنڊ ھجي ۽ واپار جون ڏانءُ ھـُـجي انهن لاءِ دنيا ڪيئن ٿي اوپري ٿي سگھي. بهر حال اِھا ڳالھ پنهنجي جاءِ تي آھي ته اِنهن ماڻھن پنهنجي تجربن کي قلمبند ڪري سنڌ جي ماڻھن تائين ناھي پھچايو.
سفرنامن جي ھر دور ۽ ھر ملڪ جي ماڻھن لاءِ وڏي اھميت رھي آھي. ھن وقت جيتوڻيڪ خبرچار ۽ اچ وڃ جي ذريعي ۾ آيل انقلاب جي ڪري دنيا ننڍي ٿي ويئي آھي ۽ ڪابه ڪنڊ ماڻھن کان لـِـڪل نه رھي آھي پر سفر جي اھميت مختلف سببن جي ڪري ساڳي طرح موجود آھي جيئن ابن بطوطہ ۽ مارڪو پولو جي وقت ۾ ھـُـئي ڇاڪاڻ ته سفرنامن جو واسطو رڳو مـُـلڪن ۽ علائقن جي عام معلومات سان ناھي پوندو پر انهن جو تعلق ماڻھن جي سڄي زندگي، اٿڻي ويھڻي، لباس، ٻولي، روين مطلب ته ھر پاسي سان ھوندو آھي. جديد ٽيڪنالاجي جي ھڪ وڏي خامي اِھا ٻڌائي وڃي ٿي ته اِھا ماڻھن جي ھڪ ٻئي سان ذاتي تعلق ۽ واسطي کي گھٽ ۾ گھٽ ڪري ڇڏي ٿي. ايستائين ته فرد ڄڻ پنهنجي سڄي ماحول کان ئي لاتعلق ٿيو وڃي. سفرناما ان تعلق کي جاري رکڻ ۾ ھڪ اِھم ڪردار ادا ڪن ٿا. اِھي ھڪ علائقي جي ماڻھن تائين ٻين علائقن جي ماڻھن جي رسمن، رواجن، سوچن، احساسن، جذبن ۽ زندگي گذارڻ جي طور طريقن کي پھچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. مطلب ته اِھي مختلف علائقن جي ماڻھن وچ ۾ لاڳاپي ۽ پـُـل جو ڪم ڏين ٿا. ان ڳالھ جي ضرورت اڄ جي دنيا ۾ اڃا وڌي ويئي آھي. ڇاڪاڻ ته مشين جي ترقي نه رڳو ماڻھن جي انفراديت ۽ اڪيلائپ ۾ واڌارو آندو آھي پر دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻھن ۾ پڻ فاصلن کي وڌائي ڇڏيو آھي. انهن فاصلن کي سفر نامن ذريعي ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو جيڪو ڪم ٻئي ميڊيا ذريعي اڃا تائين نه ٿي سگھيو آھي.
ماڻھوءَ جي لاءِ دنيا ھڪ تجس واري جاءِ رھي آھي. ھـُـو ھميشھ ان جي اسرار ۽ رموز کي سمجھڻ جي جستجو ڪندو رھيو آھي. پر سـُـٽ کي جيئن ھن کولڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تئين اھو وڌيڪ منجھندو ويو آھي. ھر ڪنهن پنهنجي سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر انهيءَ ڳولا جو سلسلو ختم ناھي ٿيو پر اڃا جاري آھي. سفر پڻ اِنهيءَ سڄي جستجو ۽ ڳولا جو ھڪ اھم حصو آھي. اِھا انسان جي ھڪ ذھني ڪيفيت آھي جيڪا اڄ شروع نه ٿي آھي جڏھن مواصلات جي ذريعن ۾ آيل انقلاب سفر لاءِ وڏيون سھولتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن پر اِھو روز ازل کان جاري آھي جڏھن ماڻھو اڃا پاڻ سنڀالڻ جھڙو ئي مـَـس ٿيو ھو ۽ ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پھچڻ ۾ ڏينهن ۽ مھينا لڳي ويندا ھئا ۽ اِھا به پـَـڪ نه ھوندي ھئي ته آيا مسافر سفر جا ڪشالا ڪڍي وڃي پار پوندو يا نه پر بهرحال سفر پوءِ به جاري رھيو.
سياح جي حيثيت ھميشھ ھڪ اھم ماڻھوءَ جي ھوندي آھي. نه رڳو پنهنجي مـُـلڪ جي ماڻھن لاءِ پر انهن ماڻھن لاءِ به جن جي ملڪن ۾ ھو سياحت لاءِ ويندو آھي. ان جو سبب اِھو ھوندو آھي ته ھڪ سفر متعلق دلچسپ ۽ عجيب و غريب داستان ۽ ڪھاڻيون ھونديون آھن ۽ ٻيو ته ھـُـو ڄڻ ٻنهي ملڪن لاءِ ھڪ سفير ۽ رابطي واري ماڻھوءَ جو ڪم ڪندو آھي. ابن بطوطہ ۽ مارڪو پولو ٻيئي جن جن مـُـلڪن ۾ گھمڻ خاطر ويا اتان جي حاڪمن نه رڳو سندن عزت افزائي ڪئي پر اِھي اتي وڏن اِھم عـُـھدن تي پڻ فائز رھيا. عام ماڻھن لاءِ انهن سياحن جون زباني ۽ لکت ۾ ڳالھيون ئي ٻين ملڪن کي سمجھڻ جو ھڪ اھم ذريعو ھيون. انهن جي صحيح يا غلط ھئڻ جي پرک لاءِ ڪابه ڪسوٽي موجود نه ھئي. جيڪڏھن انهن ڪوھ قاف کي پرين، جنن ۽ ديون جو ديس ڪري ٿي پيش ڪيو ته عام ماڻھوءَ کي اِھو قبول ڪرڻو ٿي پيو ۽ صدين تائين ان تصور سان گڏ رھڻو ٿي پيو جيستائين موجودھ دور ۾ کيس اتان جي ماڻھن متعلق اکين ڏٺي ثابتي نه ٿي ملي ته اھي به سندس جھڙائي ماڻھو آھن رڳو قدبت ۽ رنگ ثابتي نه آھي. ان سان گڏوگڏ سياحت جو اِھو مواد تاريخدانن لاءِ پڻ ھڪ اِھم ذريعو رھيو آھي. ان دور جي رسم رواجن، رھڻي ڪھڻي ۽ حڪومتي نظام متعلق اِنهن مان اھم معلومات حاصل ٿي سگھي ٿي.
الطاف شيخ جا ھيستائين پنجاھ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چـُـڪا آھن، انهن ۾ جيتوڻيڪ ڪجھ ڪھاڻين جا ڪتاب به شامل آھن پر گھڻائي سفر نامن جي آھي. اِھي رڳو ڪتاب نه آھن پر اِھي سندس ٽيھ چاليھ سالن جي لاڳيتي سفر جو  نچوڙ آھن. ممڪن آھي ته سياحت سندس شوق ھـُـجي پر اِھا سڄي ڳالھ شوق کان ڪجھ اڳتي جي آھي. الطاف ھڪ ميرين انجنيئر يا سولي سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي ته ھڪ جھازي آھي. ان ڪري سفر ڪرڻ يا نه ڪرڻ سندس ھٿ ۾ ناھي. ھــُو اِھا چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد ناھي ڪھڙي پاسي وڃجي ۽ ڪھڙي پاسي نه وڃجي. سفر ۾ رھڻ ۽ سفر ڪرڻ سندس مجبوري آھي. ائين کڻي چئجي ته اِھو مٿس مڙھيل ھڪ ڪم آھي. ظاھر ڳالھ آھي ته ھــُو ھميشھ اِنهي سڀ ڪجھ کي انجوائي نه ڪندو ھوندو ۽ بيزار به ٿيندو ھوندو پر اِھو سڀ ڪجھ ذاتي ڪيفيتن جي قطع نظر سنڌي پڙھندڙ کي ڄڻ گھر ويٺي سندس سفر نامن وسيلي دنيا جي اڪثر ملڪن جي جھلڪ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو آھي. الطاف ان سڄي عرصي ۾ لکڻ جو عمل لاڳيتو جاري رکيو آھي. ان جو سبب سندس پڙھندڙن جو ريسپانس به آھي. منهنجي خيال ۾ ھو سنڌيءَ جي انهن ليکڪن مان ھڪ آھي جن جا ڪتاب گھڻو وڪرو ٿين ٿا ۽ ان ڪري به گھڻا پبلشر ان ڪوشش ۾ ھوندا آھن ته الطاف شيخ جي ڪتابن کي ڇپائجي.
الطاف شيخ جي سفرنامن تي نظر وجھجي ٿي ته خبر پئي ٿي ته اٽڪل سڀني جو واسطو سمنڊ، بندرگاھن ۽ سامونڊي جيوت سان آھي. سمنڊ تخليقڪارن ۽ ليکڪن لاءِ ھميشھ سـُـڪون، اتساھ ۽ آٿت جو ذريعو رھيو آھي. سمنڊ جنهن ۾ ھڪ انوکي دنيا لڪل آھي، جيڪو ڌرتي جي اٺ حصن مان پنج حصا والاري ٿو ۽ جيڪو خشڪي تي رھندڙ ماڻھن کي ھڪ  ٻئي کان ڌار به ڪري ٿو ۽ ھڪ ٻئي سان ملائي به ٿو، ماڻھوءَ کي روز اول کان پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رھيو آھي. شايد ان ڪري به جو زندگيءَ جي شروعات ئي اِتان ٿي آھي ۽ اھا پنهنجي اصل ڏانهن ڇڪبي رھي ٿي.
الطاف رڳو سفر ناما لکندڙ ھڪ ليکڪ ناھي جيڪو سپاٽ نموني ھڪ رپورٽر وانگر جيڪي ڏسي ان کي جيئن جو تئين بيان ڪندو وڃي. سندس واسطو ڪھاڻي لکڻ سان رھيو آھي ۽ ساڳي وقت شاھ لطيف جي شاعري سندس لکڻين ۾ اِئين سمائجي ويندي آھي جو ائين ڀائنبو آھي ته ھـُـو لطيف جي سر سامونڊيءَ جو ئي ھڪ وڻجارو آھي. ٿلھي ليکي سندس سفر نامن جون اِھي خاصيتون ڄاڻائي سگھجن ٿيون.
-1 سندس لکڻ ۾ رواني ۽ سادگي آھي، ٻولي دلچسپ ۽ ڪھاڻيءَ جو مزو رکندڙ آھي جنهن سان پڙھندڙ جي دلچسپي برقرار رھي ٿي.
-2 پرڏيھي شين ۽ ماڻھن جي پنهنجي ملڪ جي شين ۽ ماڻھن سان ڀيٽ جنهن سان ليکڪ ۽ پڙھندڙ ۾ ھڪ جانبدار لاڳاپو برقرار رھي ٿو.
-3 انداز بيان کي دلچسپ ٺاھڻ لاءِ شھري، ڏيھي ۽ پرڏيھي واقعن ۽ ٽوٽڪن جو استعمال.
الطاف جي سفرنامن تي ھڪ اعتراض اِھو ڪيو ويندو آھي ته ھـُـو انهن ۾ وڌاءُ کان ڪم وٺندو آھي ۽ گھڻيون اھڙيون ڳالھيون ۽ واقعا پيش ڪندو آھي جيڪي حقيقت ۾ ائين ناھن ھوندا پر اِھو اعتراض رڳو الطاف تائين محدود ناھي. اِھو ساڳيو اعتراض اٽڪل سفر ناما لکندڙ سڀني ليکڪن تي ڪيو ويو آھي. مارڪوپولو ۽ ابن بطوطہ جھڙا سياح به ان اعتراض کان بچيل ناھن. مارڪوپولو تي سندس پنهنجي مـُـلڪ ۾ اِھي اعتراض ڪيا پيا وڃن ته ھـُـن پنهنجي ڪتابن ۾ گھڻيون ڳالھيون رڳو ٻــُـڌ سـُـڌ جي بنياد تي شامل ڪيون ھيون جڏھن ته ھـُـو انهن جاين تي پاڻ ھلي نه ويو ھو. اِھو ساڳيو اعتراض سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي سفر نامن تي پڻ ڪيو ويو آھي. ان لحاظ کان منهنجي خيال ۾ اسان کي ڪجھ ڳالھين کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گھرجي.
سفر جو تجربو ھر ماڻھوءَ لاءِ ھڪجھڙو نه ھوندو آھي. ان تجربي جو دارومدار مختلف ڳالھين تي ھوندو آھي. انهن ۾ سفر جي نوعيت، پرڏيھ ۾ رھڻ وارو عرصو، اتي ميل جول رکندڙ ماڻھن جو حلقو ۽ ماڻھوءَ جو پنهنجو پس منظر اھم حيثيت رکن ٿا. مثال طور ڪو ماڻھو پڙھڻ لاءِ پرڏيھ وڃي ٿو ۽ اتي سندس سڄو وقت ڪيمپس ۾ گذري ٿو ته ظاھر آھي ته وٽس پنهنجي لکڻ لاءِ گھڻو مواد نه ھوندو. ساڳيو دليل امر جليل پاران ان  وقت ڏنو ويو ھو جڏھين کيس ھڪ ڪورس جي سلسلي ۾ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ ڪجھ وقت گذارڻو پيو ھو. سندس چوڻ ھو ته جيئن ته سڄو وقت ڪيمپس ۾ ئي گذرندو ھو ان ڪري وٽس سفر نامي لکڻ جھڙي ڪا ڳالھ ئي نه ھئي. ساڳي طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٿوري عرصي لاءِ ڪنهن ملڪ ۾ وڃي ٿو ته سندس مشاھدو ۽ تجربو محدود رھي ٿو ۽ ھو ان ملڪ جي پوري زندگي جي احاطي ڪرڻ کان قاصر رھي ٿو. ان ريت سفر نامو لکندڙ جيڪڏھن ڪو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آھي ته سندس سفر نامي ۾ وڌاءُ ۽ ٻولي جي چاشني ضرور شامل ھوندي. اِھا ڳالھ ان ماڻھوءَ جي سفر نامي ۾ شامل نه ھوندي جنهن جو واسطو سائنس، تاريخ ۽ ٻين سماجي علمن سان ھوندو. ان ريت ساڳيو سفر ٻن ماڻھن لاءِ مختلف حيثيت رکندو آھي. اِھو مصروفيت ۽ موضوعيت جي باھمي ميلاپ ھوندو آھي جنهن ۾ ساڳي شيءَ جو اثر ۽ ردعـِمل ٻين ماڻھن لاءِ مختلف ھوندو آھي.
الطاف جي لاءِ جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آھي ته ھو ساڳي وقت ڪھاڻي ۽ شاعري سان به واسطو رکي ٿو ان ڪري سندس سفر نامن ۾ به انهن جو اثر ھئڻ لازمي امر آھي. ان سان انهن جي اھميت ۾ گھٽتائي نه ٿي اچي پر ادب ۾ اھا ساڳي حيثيت والارين ٿا جيڪا ابن انشاءَ ۽ مستنصر حسين تارڙ جي سفر کي اڙدو ادب ۾ حاصل آھي.
الطاف جي لاءِ ٻيو مسئلو اِھو آھي ته ڪنهن مـُـلڪ ۾ سندس ٽڪاءُ سندس پنهنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اتي جھاز جي ترسڻ واري وقت تي ھوندو آھي. جيئن ھـُـو پاڻ لکي ٿو ته ھر بندرگاھ تي پھچڻ وقت جھازي اِھا دعا گھرندا آھن ته شل بندرگاھ جي مزدورن جي ھڙتال ٿي پئي يا جھاز خراب ٿي پئي ته جيئن کين اتي وڌيڪ ترسڻ ۽ شھر گھمڻ جو موقعو ملي وڃي. ڇاڪاڻ ته ھاڻ جھازن جي ھلڻ جو دارومدار اڳين دؤر وانگر ھمرائن جي رخ تي نه پر جھاز جي انتظاميا ۽ بندرگاھ جي حالتن تي ھوندو آھي. ان ڪري کانئس ابن بطوطہ ۽ مارڪوپولو جي سفر نامن جي گھرائي ۽ تفصيل جي توقع رکڻ صحيح نه ٿيندو. ھو پنهنجي وقت ۽ طبيعت آھر ان مـُـلڪ جي ماڻھن سان ملي ٿو ۽ جايون گھمي ٿو ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي لکڻ جي ڏانءُ سان ماڻھن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھڙيءَ ريت پڙھندڙ کي اتان جي زندگيءَ جي ھڪ جھلڪ ملي ٿي ۽ منجھس انهن کي وڌيڪ ڄاڻڻ جي جستجو پيدا ٿئي ٿي. اھڙي ريت گھڻن ماڻھن لاءِ الطاف جا سفر ناما پرڏيھ وڃڻ لاءِ ھڪ سونهين جو ڪم ڏيڻ لڳا ھئا. ماڻھو انهن ملڪن مان گھمي اچڻ کان پوءِ پنهنجن واقفڪارن سان اِھو ذڪر ڪندا ھئا ته سندن ان سنڌي دڪاندار يا واپاريءَ سان به ملاقات ٿي جنهن جو الطاف شيخ پنهنجي سفر نامي ۾ ذڪر ڪيو آھي.
ھي ٻيٽ، ھي ڪنارا الطاف جو نئون ڪتاب آھي پر اِھو پڻ سندس سڄي سفر جي ھڪ ڪڙي آھي. ان ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ جڏھن ھـُـن مون کي فون ڪيو ته ان اڪيلي ملاقات جي يادگيري ڏياريائين جيڪا ورھين اڳ ھلال پاڪستان ۾ فقير محمد لاشاري وٽ ساڻس ٿي ھئي. اِھا ملاقات مـُـون کي ته ياد ھئي پر مونکي اھا توقع نه ھئي ته الطاف کي به اھا ملاقات ساڳي طرح ياد ھوندي. ڪتاب جو مسودو مون کي ڪتاب جي پبلشر امير ابڙو وٽان مليو.
الطاف جي ھن ڪتاب جو موضوع بنيادي طور تي دنيا جي ٻيٽن ۽ اتي رھندڙن ماڻھن متعلق آھي. اِھو ڪتاب ڪنهن ھڪ سفر جي داستان ناھي پر اِھو سندس زندگي جي سڀني ڪيل سفرن جو نچوڙ آھي. اِھو ڪتاب سنڌي پڙھندڙ لاءِ ڄڻ ٻيٽن متعلق معلومات جو ھڪ خزانو آھي.
انهن ٻيٽن جي اھميت ان وقت کان وڌڻ لڳي آھي جڏھن کان اِھا ڳالھ دنيا تسليم ڪئي آھي ته سمنڊ تي راڄ ڪندڙ جوئي دنيا تي راڄ ھوندو. ھن وقت جنهن نموني سان انسان قدرتي وسيلن جو بيجا استعمال شروع ڪيو آھي تيئن وڌيڪ وسيلن ھٿ ڪرڻ لاءِ سندس ھٻڇ وڌي رھئي آھي. گذريل زماني ۾ زرخيز زمينون، درياءُ جا ڪنارا ۽ چراگاھ، ڪاھ ڪندڙن لاءِ ڇڪ جو باعث ھوندا ھئا. ساڳي طرح ھاڻي انهن شين ۾ تيل، گيس ۽ ٻي معدنيات سان مالا مال سامونڊي ٻيٽ شامل ٿي ويا آھن. اھڙا ٻيٽ جتي انسان جي رھڻ لاءِ حالتون سازگار ناھن پر اھي ٻيٽ پنهنجي قدرتي وسيلن جي ڪري مختلف مــُـلڪن ۾ متنازعھ بڻيل آھن. اِھو تنازعو ھڪ پاسي ايران ۽ نار جي مـُـلڪن ۾ آھي ته ٻئي پاسي چين ۽ سندس پاڙيسري مـُـلڪن جي وچ ۾ آھي.
ھن ڪتاب ۾ ٻيٽن متعلق نهايت تفصيلي معلومات ڏني وئي آھي ۽ گڏوگڏ ڪراچي جي تفصيلي ذڪر سان گڏ اتي موجود اھم ٻيٽ منهوڙي متعلق پڻ معلومات ڏني وئي آھي. بهر حال ڪتاب پڙھڻ سان ڪجھ ڳالھين جي ضرور گھٽتائي محسوس ٿئي ٿي. ليکڪ جو گھڻو زور ٻيٽن متعلق جاگرافيائي معلومات تي آھي. انهن ٻيٽن تي رھندڙ ماڻھن جو ذڪر نه ھئڻ برابر آھي. مالديپ ۽ ماريشـس وغيره جي سلسلي ۾ ليکڪ جيڪڏھين اھڙي معلومات ڏني به آھي ته اھا به رڳو انهن ماڻھن متعلق آھي جيڪي ننڍي کنڊ مان لڏي اتي پھتا ھـُـئا. اتان جي مقامي ماڻھن متعلق معلومات نه ھئڻ برابر آھي. ٻي ڳالھ ته انهن مقامي ماڻھن متعلق سندس نڪتهءِ نظر اھو ساڳيو گھٽ سمجھڻ وارو آھي جيڪو اتان جي آبادڪار جو آھي. ساڳي طرح سنگاپور جي ذڪر ۾ سڄو زور “اگھاڙي پيرن کان امير بينڪر واري ھمراھ تي ڏنو ويو آھي جيڪا ڳالھ ڪجھ ھنڌن تي اجائي ڊيگھ ۽ بور ڪندڙ محسوس ٿئي ٿي. ان جي بجاءِ جيڪڏھين ليکڪ انهن ٻيٽن تي رھندڙ ماڻھن جي زندگي، رسم و رواج ۽ طور طريقن متعلق معلومات ڏئي ھا ته يقينا پڙھندڙن لاءِ اڃا وڌيڪ دلچسپيءَ جو باعث ھـُـجي ھا.
ڪراچيءَ جو ذڪر ۾ منهنجي خيال ۾ ته الطاف ٽالپرن سان گھڻي رعايت ڪري ويو آھي. ٽالپرن کي ڪراچيءَ جو اونو پورو سارو ھو. ساڳي وقت کين ڪراچيءَ جي تجارتي ۽ فوجي اھميت جي خبر ھئي ۽ نه ئي ان ڳالھ جو ذڪر ھو ته ڪراچيءَ وڃائڻ جو مطلب سنڌ تان ھٿ کڻڻ ٿيندو. الطاف ان ڳالھ جو ذڪر ڪيو آھي ته انگريزن ڪراچيءَ  تي 1839ع ۾ يعني سنڌ فتح ڪرڻ کان چار سال اڳ قبضو ڪيو ھو. ميرن پاران ان ڳالھ کي ڪا اھميت نه  ڏني ويئي ھئي ۽ نه ئي انگريزن کان ڪراچي واپس وٺڻ لاءِ ڪا ڪوشش ورتي ويئي. سندن لاءِ ڪراچي ھڪ غير اھم علائقن ۾ ھو جيڪو خان آف قلات وٽ ھــُجي، ميرن وٽ ھجي يا انگريزن وٽ سندن صحت تي ڪو فرق نه ٿي پيو.
بهر حالھي ٻيٽ، ھي ڪنارا  رڳو سفر ڪٿا ناھي پر اِھو ھڪ تحقيقي ڪم پڻ آھي جيڪو رڳو الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ ئي ھڪ واڌارو  ناھي پر سنڌي پڙھندڙن لاءِ پڻ ھڪ ڪارائتي شيءَ آھي.
رئوف نظاماڻي



No comments:

Post a Comment