Wednesday, March 09, 2011

ڊيئر الطاف هاڻي اسان کي پنهنجي آتم ڪٿا پڙهايو - نصير مرزا

ڊيئر الطاف هاڻي اسان کي پنهنجي آتم ڪٿا پڙهايو
نصير مرزا

حقيقت ۾ الطاف شيخ جي اک ڪئميرا به آهي ته قلم به! ۽ هاڻي ته ٻڌو اٿم، هڪڙي ڊجيٽل ڪئميرا، جيڏانهن به هو وڃي ٿو هُن جي ڪلهي ۾ هر وقت لٽڪندي نظر ايندي آهي ۽ اها ڳالهه هن بابت مون سان ڪئي ڪنهن؟
منهنجي هالائي دوست: سهيل ابڙي!

جو الطاف کي سچ پڇو ته صحيح معنى ۾ ۽ آمهون سامهون مون صرف هڪڙو يا ٻه ئي دفعا ڏٺو آهي ۽ ان اتفاقي ملاقات ۾ ياد اٿم. ساڻس ڳالهايم ته ڀاسيم لکڻ ۾ هو جيترو تيز رفتار آهي ڳالهائڻ ۾ ته وري ان کان به وڌيڪ تيز تر...... تيزگام!
ڀانئيان ٿو ان سٽنگ ۾ هن مشڪل سان مون سان اڌ ڪلاڪ کن مس ڳالهايو هوندو ۽ جڏهن مون وٽان اٿي هليو ويو ته لڳم اسان پاڻ ۾ اڌ صديءَ جيتريون ڳالهيون اڪلائي ورتيون آهن.
خير چوڻ جو مقصد هي آهي ته امرتا جي هن الطاف ڪارنر لاء فقير محمد جي هجت تي صبح ساڻ پنهنجي آفيس ٽيبل تي قلم کڻي ويهي، اڃان ڪجهه لکڻ لاء سوچڻ ئي مس شروع ڪيو هوم جو مون سان ٽيسٽي سوپاريون share ڪندڙ ۽ مٽياري ڪاليج ۾ سهڻن کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندڙ منهنجو هالائي دوست سهيل! پنهنجي مٺي مرڪ سان ڳراٽي پائي اچي مليو ۽ بس الائي ڇا ٿيم هالا جي پنهنجي ان نوجودن دوست کان ويهندي ئي سندس ڳوٺائي الطاف شيخ جي باري ۾ آڏي پڇا شروع ڪري ڏنم.
ڇا الطاف کي هالا ۾ ڪڏهن اوهان ڏٺو آهي، ۽جي ها ته هالا جي رستن بازارن ۾ ڇا ڪڏهن توهان هن کي ڪا شيءَ وٺندي ڪنهن پيهن جي هٽ تي خريداري ڪندي ڪنهن ٿاڌل واري ريڙهي وٽ بيهي ٿاڌل پيئندي يا ڪنهن ڀوڳڙي جي دڪان ڀرسان بيهي ڀڳڙا کائيندي ڪڏهن ڏٺو ۽ سهيل...... الطاف جي اهڙي مشاهدي بابت مون سان اوچتو ڪيئي انڪشاف ڪرڻ شروع ڪري ٿو ڏي.
۽ ڀلا اهي ڪهڙا انڪسشاف، ٿورو wait پليز... اهي اوهان سان آئون ٿورو وقفي بعد ٿو share ڪريان. پهرين هتي مون کي اجازت ڏيو ته ڪجهه گهڙين جي لاء پنهنجي ڀاڳ تي “ناز” ڪري وٺان.
۽ ڀلا ناز ڪهڙي ڳالهه تي؟ _ ۽ ٻڌو انهيءَ ناز جو قصو به ۽ اهو به سڄي جو سڄو سربستو ۽ پيرائتو پر اول ان بيان تي ابتدا جي مٿان سرنامي طور لکان ٿو:
۽ هاڻي پڙهو اهو داستان ته ڏينهن منجهان اهو ڏينهن هو آچر جو گويا فل ڊي نائيٽ منهنجي لاء پنهنجي پينگهي ۾ آهلي، ليٽڻ جو ڏينهن، سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن مان سڀني ڪالمن پڙهڻ جو ڏينهن (۽ گهڻو ڪجهه پڙهڻ بعد ٿورو ڪجهه ڪڙهڻ ۽ پوء هڪڙي ڊگهي ننڊ ڪرڻ جو ڏينهن) ۽ يقين ڪريو ننڊ جي ڪنهن اهڙي ئي گهيرٽ ۾ هوس جو اوچتو ٻڌم دور ڄڻ ڪو ئي گهر_دروازي جي ڪال بيل تي آڱر رکي دير کان مسلسل ان کي وڄائي رهيو هجي.
ٻاهر نڪتس ته ”ڪوريئر سروس“ آفيس مان پهتل ڪنهن شخص مون کان منهنجو نالو دريافت ڪري، ڪتابن جو بنڊل کڻي حوالي ڪيم ۽ تجسس منجهان اتي ئي بيٺي بيٺي کولي ڏٺم، اهو سنڌي ٻوليءَ جو مقبول ترين سفرنامه نگار الطاف شيخ پاران ٽن سفرنامن تي ٻڌل املهه تحفو هو.
اهڙن سفرنامن مان هڪڙو ته اردوءَ ۾ هو ”ڪراچي سي ڪوپن هيگن“ ۽ باقي جيڪي به سنڌي ۾ هئا، انهن ۾ هڪڙو هو ”دهليءَ جو درشن“ ۽ ٻيو ”جپان پنجويهه ورهين کانپوءِ.“
۽ سفرنامن جي انهيءَ تحفي جو جائزو وٺندي، دل ۾ چوندو ٿو وڃان يا الله! ڪيڏو خوش نصيب آهيان هي آئون حقير پر تقسير نصير......
ڪٿي سنڌي سفرنامن جو هي اعلى سفرنامانگار ۽ ڪٿي هي آئون هڪڙو ادنى قلمڪار، سچ پڇو ته يقين ئي ڪونه پئي آيم ته اها حقيقت آهجي يا خواب ۽ اهو ته پوءِ چڱو ٿيو جو شام تائين انهن ڪتابن جي پهچ معلوم ڪرڻ جي خيال سان الطاف جو فون به اچي ويو.
شڪر الحمدلله
ڀانئيان ٿو ته ان وقت ڪتابن جي ان گفٽ لاء مون جيترا هن جا ٿورا مڃيا هئا، نٿو سنبران ته ان کان اڳ ڪنهن پنهنجي ٻئي مداح وٽان هن ايترا ٿئنڪس، ڪڏهن receive ڪيا هوندا ۽ ان کانپوء جيئن ايران جا ماڻهو ”حافظ“ جي ديوان کي وچ مان کولي فال ڪڍندا آهن. الطاف جي سفرنامي ”دهليءَ جو درشن“ کي به مون ائين وچ مان کولي ڏٺو ته سندس هنن سٽن تي نظر پيم:
”دهلي ۾ مون کي تاج محل کان وڌيڪ تاج محل ڏانهن آگره ڏٺي ويندي بس جي ”عورت ڊرائيور“ جي ڊرائيونگ متاثر ڪيو.“
يا
پنهنجين ڇوڪرين سان گڏ بيٺل الطاف شيخ جي تصوير هيٺان لکيل هن ڪئپشن متاثر ڪيو:
”ليـکڪ الطاف جا ڪن عورتن جي تعريف ۾ اهي comments پڙهي مون يڪدم ئي دل ۾ نعرو هنيو؛
 Good Shot Haji Altaf! Good Shot
پر هتي ٿورو ترسو ۽ حاجي الطاف شيخ جي ڪجهه سال اڳ لکيل سندس ان سفرنامي بابت منهنجي راء کان آگاه ٿيو جنهن جو عنوان هو؛ ”ڀلي پار تان ڀيرو“.
۽ مون کي ياد آهي ته آڌي رات تائين ان سفرنامي کي پڙهي پورو ڪندي سوچيندو پئي ويس ته اي ڪاش! الطاف جو گهر...... جي مون کي ويجهو هجي ها ته باک ڦٽيءَ کان اڳ ۾ ان ڪتاب جي داد طور ڪجهه تازه ٽڙيل گلاب جا گل آئون هن جي دروازي اڳيان وڃي ضرور رکي اچان ها. جيئن سبح جي ٿڌڙي هير سان انهن گلن جو هڳاءُ هن جي ساهن کي معطر ڪندو رهي ها.
۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هي الطاف نالو به ڪيڏو نه خوش نصيب نالو آهي ۽ جنهن جو به آهي اهو ماڻهو پنهنجي پنهنجي فيلڊ جهڙوڪر بي تاج بادشاه...... ۽ اهڙا نالا رکندڙ مانهن منجهان ڪير آهي جيڪو مولانا الطاف حسين حالي، الطاف گوهر، الطاف قريشي جي ڪارنامن کان اڄ واقف نه هوندو.
۽ اجهو سنڌي ٻوليءَ ۾ مثال طور ڏسبو ته الطاف عباسي، صفا ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ شاعري شروع ڪئي ۽ نهايت جلد هزرين سينئر همعصرن ۾ فورن نشانبر شاعر ٿي اڀري آيو ۽ هيڏانهن اسان جو الطاف شيخ! ڀانئيان ٿو ته هن شايد هيئن ايڏي مقبول ليکڪ ٿي اڀري اچڻ جو ڪڏهن سوچيو به نه هوندو عجب اتفاق! هو ته بس مئرين انجنئير (Marine Engineer) هو ۽ ان منصب سان جتي جتي هو بحري جهاز ذريعي پهتو ٿي ۽ لنگر انداز ٿيندو ٿي رهيو، اتان اتان جهاز جي ڊيڪ تان هن مسافريءَ جا مشاهدا خطن ذريعي پنهٿنجي محبوب دوست ۽ ڳوٺائي ڊاڪٽر سليمان شيخ کي لکي روانا ڪندو پئي ويو.
پر هي ڊاڪٽر سليمان شيخ وري ڪير شخص؟
اول ته ايم-بي-بي-ايس ڊاڪٽر، آڪوپنڪچر علاج جو ماهر، ذهين سماجي ڪارڪن، هڪ ايڪسٽرا آرڊنري سنڌي ۽ سچ پڇو ته عين لطيف جي سٽ؛ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي“ جو بهترين مثال پڻ.
۽ الطاف پنهنجي ان نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت دوست کي ويو پنهنجي سياحت جا قصا خطن ۾ رقم ڪندو ۽ هيڏانهن ڊاڪٽر سليمان شيخ چپ چاپ انهن کي ويو سنڀاليندو ۽ ويو سانڍيندو، جيئن مير تقي مير چيو هو ”شعرجب جمع هوئي تو ديوان هوا“ ائين ڊاڪٽر صاحب وٽ به جڏهن الطاف جي اهڙن خطن جو فائل ڪناتار ڀرجي ويو ته هن اهي يڪجا ڪري انهن جو مجموعو کڻي ڇپرايو ۽ الطاف جي ان پهرين (mile stone) ۽ خوشنصيب سياحت نامي جو عنوان تجويز ڪيائين ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“.
الطاف شيخ جو اهو پهريون سفرنامو، ڇا شايع ٿيو؟ بطرو سفرناما نگار جي هو سنڌي ادب ۾ hit ٿي ويو ۽ هر طرف کان هن جي honor ۾ تاڙيون وڄڻ شروع ٿي ويون.
سنڌي ادب ۾ انهن سفرنامن کان اڳي اهم ترين سفرنامي جو نالو هو ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ مرزا قليچ بيگ 1885ع
ها! عجب اتفاق...... سنڌي ٻوليءَ ۾ ان صنف جي شروعات ئي ڊائري اسٽائيل ۾ لکجڻ سان ٿي هئي ۽ مرزا قليچ بيگ جي ان ابتدائي سياحت نامي کانپوء سفر يورپ جي ڊائري به (جيئن ان جي نالي مان ظاهر آهي) ڊائري جي فارميٽ ۾ لکيل سفرنامو آهي ۽ قطع نظر انهن ٻنهي سفرنامن جي الطاف جي اهڙي ڪوشش جي ابتدا وري خطن جي اسٽائيل ۾سياحت جا مشاهدا لکڻ سان ٿي.
خط......اظهار جو ڇاڪاڻ ته Direct انداز آهي ۽ by chance پهرين ئي سفرنامي کان الطاف کي انهي ساده اسٽائيل سبب سڃاڻپ ۽ شهرت ملي وئي، ان ڪري منهنجو اندازو آهي ته هن انهيءَ کان پوء پنهنجي سفرنامن ۾ ٽيڪنڪ وائيز تجربن جي رسڪ کڻڻ جو ارادو ئي ترڪ ڪري ڇڏيو، شايد ۽ انهن جي Narration کي دائين لاء  straight رکڻ جو پختو عزم ڪري ڇڏيو.
نه ته حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته دنيا جي ماڊرن نثرنگار ليکڪن ۽ سفرناما نگارن، سفرنامن جي صنف ۾ عجيب عجيب ٽيڪنڪس ٺاهيون ۽ استعمال ڪيون، آهن. مثال طور سنڌي ۾ هريش آسواڻي، اردوءَ ۾ قرة العين حيدر، اشفاق احمد، انتظار حسين، مهم خالد اختر......وغيره جي لکيل سفرنامن جا مثال ته بلڪل اسان سڀني جي آڏو آهن.
۽ تيزي سان سفرنامي ۽ سفرن جا مشاهدا لکندڙ الطاف شيخ جا هڪ تخميني مطابق هن وقت تائين 64-65 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هن جا لکيل جيترا به سفرناما ويجهڙائي ۾ مون پڙهيا آهن، هميشه ڏکين ۽ دقيق نثر افسانوي ڪتابن پڙهڻ کانپوء ۽ خاص طرح سان پنهنجو پاڻ کي فيش ۽ دنيا بابت update رکڻ لاء پڙهيا آهن.
۽ هيءَ دنيا (واءِ صد افسوس!) جيڪا اڄ جتي ڪٿي crimeمونجهارن، بدانتظامين ۽ ايجيٽيشن جو ڳڙهه بڻجي چڪي آهي اڪلطاف جهڙو خوش فڪر انسان ان ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندي ڦرندي گهڻو تڻو صرف دنيا جي سٺاين، حيرتن ۽ مسرت انگيز مشاهدن کي ئي پنهنجي سفرنامن ۾ بيان ٿو ڪري (۽ قسم خدا جو ته ڏاڍو سٺو ڪم ٿو ڪري).
الّطاف ظاهر آاهي ته پٺتي پيل سنڌ جو هڪ آدرشي انسان آهي قلمڪار آهي ان ڪري دنيا جي بهتر حالتن کي سنڌ جي ابتر حالتن سان ڀيٽيندو اهي ڪي سوال ضرور اٿاريندو ٿو هلي پر باوجود انجي الطاف جا سفرناما هر پڙهندڙ کي بي پناه مسرت جو احساس ڏياريندا اهن ۽ مون اڪثر مطالبو ڪيو هوندو ته پوسٽ گريجوئيٽ هر سبجيڪٽ لاء هڪ پيپر الطاف جي سفرنامن جو مخصوص ڪيو وڃي جيئن غريب شاگرد لازمي طرح سان دنيا جي ملڪن ۾ موجود گلوبل ڪلچر کان گهرن ويٺي آگاه ٿيندو رهي.
هتي اها ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه آهي ته الطاف 1971_72 کان لکڻ شروع ڪيو ان وقت هن جا هم عصر ليکڪ هن وقت لکڻ کان بان ڪري ويٺا اهن پر الطاف هر نئون ڪتاب اهڙي انهماڪ سان لکي ٿي جئين پنهنجو پهريون ڪتاب منهنجو ساگر منهنجو ساحل ۽ پنهنجي شهر هالا جي بازار ۾ فليٽ هيٽ پائي سياحت ڪندڙ 62 ساله الطاف جون اهي ڳالهيون سهيل جي واتان ٻڌي يڪدم خيال آيو ته توهان جا سفرناما پنهنجي جاء تي پر هاڻ پنهنجي آتم ڪٿا لکو جو توهان جهڙي عجوبه روزگار انسان جي ذاتي زندگي اسان پارن لاء بيحد ضروري آهي.
ڏسان پيو ته منهن جي ٻارن نه صرف الطاف جي سفرنامن کي پڙهڻ شروع ڪيو آهي پر سمجهڻ پڻ.
ستر واري ڏهاڪي ۾ اهي سفرناما ئي هئا جن جي پڙهڻ کان پوءِ ان جي چوس تي سنڌي ادب کي پڙهڻ شروع ڪري ڏنوهوم هاڻ مون سوچيوته اي پيارا دوست اها ان ڳالهه جي اڳڪٿي سمجهو ته مستقبل ۾ اوهان سنڌ جي هر نوجوان نسل جا هر حالت ۾ من پسند ليکڪ هوندا ۽ ان سعادت لاء مون ناچيز جي اي ڀاڳوند ڀاءُ اڳواٽ واڌايون قبول ڪيو ها بيحد و بي حساب واڌايون.

No comments:

Post a Comment