Tuesday, May 24, 2011

ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات - الطاف شيخ


ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات
الطاف شيخ
ڪئالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما تي ”سري سنتوسا“ علائقي ۾ پهچي، عليءَ ڊاڪٽر لياقت کي فون ڪيو ته اسان تنهنجي فلئٽن وٽ پهچڻ وارا آهيون هيٺ لهي اچ.
”ڇو ڀلا هن جي فلئٽ جي نمبر جي خبر نه اٿانو ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو.
”خبر آهي پر سڪيورٽي وارا بنا فلئٽ واري جي اسان کي ڪار به پارڪ ڪرڻ نه ڏيندا.“ عليءَ ٻڌايو.
 هن کان اڳ دل جي ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جي فلئٽ تي هن سان ملڻ وقت مون سمجهيو ته اهڙي سيڪيورٽي شڪيل وارن جي بلڊنگ سان ان ڪري آهي جو اها وچ شهر جالان منشي عبدالله (روڊ) تي آهي پر لڳي ٿو ته اهو سلسلو سڄي ملائيشيا ۾ آهي. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي به جي پاڻ مسجد ۾ ئي نه ملي ها ته هن جي فلئٽ تي به اسان کي ائين نه ڇڏين ها. ڪئالالمپور جي هڪ ملئي پوليس آفيسر دوست کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان بابت پڇيو هوم ”توهان وٽ ته وزيراعلى، گورنرن ۽ سياستدانن جا گهر توڙي آفيسون عام ۽ خاص لاءِ هر وقت کليل هونديون هيون، هاڻ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“
”يار وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو.“ هن وراڻيو.
”وقت سان گڏ؟“ مون حيرت مان پڇيو ۽ وري مون ئي کيس جواب ڏنو، ”يار تون ته ماڪوڙيءَ واري ڳالهه پيو ڪرين.“
آئون جڏهن ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته هن هڪ دفعو ماڪوڙي ۽ هاٿيءَ جو چرچو ٻڌايو هو ته ڪنهن نالي کي ٽِپڻ لاءِ ڪاٺ جي جهڙي تهڙي پل ٺهيل هئي. هڪ هاٿي ان تي سنڀالي سنڀالي قدم رکي ٽپي رهيو هو ته ان وقت ڪا ماڪوڙي به ان پل تان لنگهي رهي هئي. جڏهن ٻنهي ڄڻن پل ڪراس ڪئي ته ماڪوڙيءَ چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻن جي وزن سان هيءَ پل ٽٽي نه پئي. سو مون پنهنجي دوست کي چيو ته بم اسان جي ملڪن ۾ پيا ڦاٽن، دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ ۽ چڪاس ۽ تپاس جي سختي توهان وٽ؟
”ان ڪري جو توهان وٽ ته هر وقت بم ڦاٽڻ ڪري ڪا نئين ڳالهه ڪا نه آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ڪو د هشتگرد گهڙي آيو ۽ ڪو بم ڦاٽو ته سڄو ملڪ ڊانوانڊول ٿي ويندو. ٽوئرسٽ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لڳائيندڙ ڇرڪجي ويندا. سو ان جي بچاءَ لاءِ اسان کي سخت تدبيرون وٺڻ کپن.“ هن چيو.
بهرحال جيسين لياقت لهي، اسان ان ئي وقت پهچي وياسين ۽ مين گيٽ تي ٺهيل گارڊ روم ۾ اطلاع ڪيوسين. انهن لياقت کي فون ٿي ڪيو ته اتي هو پاڻ به پهچي ويو. ڪار جي اليڪٽرونڪ چڪاس ڪرائي هن اسانجي ڪار کي اندر پارڪ ڪيو ۽ اسان کي ٻئي فلور تي پنهنجي فلئٽ ۾ وٺي آيو. ڀر واري فلئٽ ۾ چيني هئا جو هنن جي در ٻاهران ننڍڙي تابوت جهڙو مندر ڀت ۾ کتل هو ۽ پنهنجن ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ اگربتين جي ڀر ۾ چار پنج صوف پڻ رکيل هئا. لياقت جي گهر جو در ان جي ويجهو هجڻ ڪري ائين نٿي لڳو ته هيءَ ننڍڙي Shrine ڪهڙي گهر جي آهي. عليءَ چرچي خاطر يڪدم لياقت کي چيو ته هي وري ڪڏهن کان ڪم شروع ڪيا اٿئي.
 لياقت کي چيم ته هن ملڪ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو سڪون ۽ ميٺ محبت ۾ رهندا نظر اچن ٿا. عليءَ کي اهو به چيم ته چيني ماڻهو هونءَ ڪنجوس آهن پر پنهنجن ديوتائن کي هميشه اوچو مال آفر ڪندا. (ياد رهي ته ملائيشيا ۾ انناس، پپيو، ليچي وغيره سستا ميوا آهن. سڀ کان مهانگو ميوو صوف آهي جيڪو ميوو ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ٿئي ٿو جو صوف ٿڌي ملڪ جو ميوو آهي ۽ ملائيشيا ۾ سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو ٿئي.
لياقت سان ملاقات تي معلوم ٿيو ته هو اسان جي ڳوٺ جي حاجي الله ورايو ميمڻ صاحب جو فرزند آهي. سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي اسان جي هالا واري اسڪول جو هڪ اهم شاگرد ٿي گذريو آهي. هو ان ئي اسڪول جو هيڊ ماستر به ٿي رهيو. هو اسان کان ٽي چار سال سينئر هو. ٿلهي هجڻ ۽ چرچن ڀوڳن ۽ حاظر جوابي ۾ ماهر هجڻ ڪري ماڻهن مٿس انهن ڏينهن جي مشهور چرچائي ۽ دلپسند اداڪار جو نالو ”گوپ“ رکيو ۽ اسان اڄ به کيس گوپ جي حوالي سان سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته 1955ع ۾ جڏهن اسين پنجين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين ته سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هيڊ ماستر جي ڏينهن ۾هن اسڪول ۾ ڊرامو ٿيو هو، ان ۾ اسماعيل گوپ جي اداڪاري اڄ به نٿي وسري. ان ڊرامي جون تصويرون آئون اڄ تائين سانڍيندو اچان. ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب جنهن ۾ منهنجو هي سفرنامو ڇپجي، ان ۾ انهن تصويرن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي ۽ پڙهندڙ اڌ صدي کان جهوني هن ڊرامي جي معيار ۽ ادائگي جو اندازو لڳائي سگهن.
اسان جي اچڻ جو ٻڌي لياقت اوسي پاسي ۾ رهندڙ ٻين دوستن کي به گهرايو جن مان هڪ ته سڪرنڊ پاسي جي هڪ ڳوٺ بکر جمالي جو ڊاڪٽر (ميڊيڪل وارو) زينت الله جمالي هو جنهن 1999ع ۾ ڪراچي جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. اڄڪلهه هو يونيورسٽي ملايا ۾ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائدِعوام يونيورسٽي جي پروفيسر عزيز الله جمالي صاحب جو فرزند آهي.
ان کان علاوه ٻيو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ سرهاري جو عامر اقبال عمراڻي هو. 25 سالن جو عامر قائدِ عوام يونيورسٽي مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ بيچلر جي ڊگري BS (IT) حاصل ڪرڻ بعد سندس هڪ دوست عرفان ميمڻ جيڪو ”جوهوربارو“ جي UTM يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو، ان جي شوق ڏياڻ تي پنهنجي خرچ تي جوهور بارو پڙهڻ ويو جتي سال کن رهيو، جيسين سندس دوست عرفان هو. عرفان ميمڻ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيئن ئي پاڪستان روانو ٿيو ته عامر باقي تعليم جو حصو هتي ڪئالالمپور جي UTM ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ هليو آيو آهي. هو MBA ڪري رهيو آهي ۽ سندس خاص سبجيڪٽ فائننس يا ڪميونيڪيشن بدران “Core” آهي. هي هڪ نئون سبجيڪٽ آهي جيڪو ملائيشيا جي هن يونيورسٽي وارن شروع ڪيو آهي.
عامر اقبال عمراڻي جو ڳوٺ نوابشاهه پاسي سرهاري آهي جتي ننڍپڻ ۾ منهنجو به ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هوس. سرهاري جا ٻه ڀائر امام شاهه (حاجن شاهه) ۽ سيف الله شاهه منهنجا ڪلاس ميٽ هئا ۽ سندن والد پير صدر الدين شاهه راشدي منهنجي والد جو دوست هو، سو موڪلن ۾ اسان هڪ ٻئي جي ڳوٺن ۾ ايندا رهندا هئاسين. عامر جو ڏاڏو ميان احمد خان عمراڻي جنهن جو 1996ع ۾ انتقال ٿي ويو، اسان کان ڏهاڪو کن سال وڏو هو. هو حڪمت کان پنهنجي تر جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي. پاڻ سعيد آباد جي جهنڊي وارن پيرن (پير وحب الله شاهه وارن) جا مريد ۽ مولانا عبيد الله سنڌي جو شاگرد هو. کيس ٻه پٽ هئا. هڪ محمد رفيق جيڪو اڄڪلهه زمينداري ڪري ٿو ۽ ٻيو محمد اقبال عمراڻي (عامر جو والد) ڪراچيءَ ۾ نئشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سائوٿ ريجن جو جنرل مئنيجر آپريشن آهي. پاڻ بنيادي تعليم سرهاري ۽ نوابشاهه مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان MA انگريزي ۾ ڪئي ۽ 1985ع کان بئنڪنگ ۾ آهي. کيس ٽي ٻار آهن. هي عامر سندن وڏو پٽ آهي ان بعد ٻه ٻار (ياسر ۽ قرت العين) آهن.
لياقت جنهن جي گهر اچي گڏ ٿيا هئاسين تنهن مانيءَ لاءِ زور ڀريو. نيٺ اسان جي چوڻ تي چانهه تي راضي ٿيو. ان هوندي به پنهنجي زال کي موڪلي ڪجهه ڪيڪ بسڪٽ گهرايا. عليءَ ٻڌايس ته ”اسان ماني کائي آيا آهيون تو اجائي تڪليف ڪئي.“
”مون لاءِ ڪا تڪليف جي ڳالهه ناهي. توهان کي ته خبر آهي ته آئون چيني ماڻهن جو پاڙيسري آهيان، ايمرجنسي ۾ به مهمانن لاءِ بهترين صوف حاضر ٿي سگهن ٿا.“ لياقت چيو ۽ اسان سندس چرچو سمجهي کلڻ لڳاسين. ڊاڪٽر لياقت ۽ سندس فئملي هن کان اڳ به ملائيشيا ۾ رهي ويا آهن، جڏهن هو سال 2004ع کان 2007ع تائين Energy Conservation سبجيڪٽ تي انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڊگري ڪرڻ لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. سندس ٻار تڏهن به ۽ هينئر به، هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن. سندس زال شهنيلا پڻ اسان جي ڳوٺ جي هم عمر عزيز الله ميمڻ جي ڌيءَ آهي جيڪا ننڍي هوندي منهنجي ڀاڻيجيءَ شفق قاضي جي ڪلاس ميٽ رهي آهي، سو ان جون خبرون پڇندي رهي.
لياقت پنهنجو ملائيشيا جي تعليمي ادارن ۾ رهڻ جو تجربو ٻڌائيندي چيو ته ملئي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو فڪر رهي ٿو. هر وقت بس چوڳو لڳو رهي ٿو. ڪيترا ته نيرن به آفيس ۾ اتي جي ڪئنٽين يا ٻاهر بيٺل ريڙهي واري کان ”ناسي ليماڪ“ يا ”روٽي چنائي“ وٺي کائين. دعوتن جو وڏو شوق اٿن ۽ روزانو ان تي صلاح مشورو پيو هلندو ته لنچ ڪٿي کائجي ڊنر ڪٿي کائجي...
مون کي لياقت جي ملئي ماڻهن بابت اها Observation بلڪل صحيح لڳي ۽ سندس ڳالهائڻ جي چرچائي انداز تان سندس مامو محمد اسماعيل ڀرڳڙي (گوپ) ياد اچي ويو.
”باقي هڪ ڳالهه آهي“، ڊاڪٽر لياقت چيو، ”ملئي جيڪي سنڌ جي ڳوٺاڻن وانگر سست هئا، اهي هاڻ انگريزن وانگر سمارٽ ٿيندا وڃن. شاگرد توڙي آفيسر پنهنجن ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ آفيسن  ۾ پوري وقت تي پهچيو وڃن. اسان وٽ سرڪاري آفيسن ۾ ته صبح جو اچڻ جو ٽائيم اٺ هوندو ته ڏهين يارهين کان اڳ ته پهچندا ڪو نه.“ اهو چئي لياقت ٽهڪ ڏنو. اسان جي پڇڻ تي ٻڌايائين:
”ڪنهن پڇيو ته آمريڪا وارا Twin Towers جي ڪڏهن پاڪستان ۾ ڪرن ها ته ڪيترا ماڻهو مرن ها؟“
”جواب مليس ته آمريڪا ۾ ته 5000 کن ماڻهو مري ويا پر پاڪستان ۾ هڪ به نه.“
”ڇو ڀلا؟“
”ان ڪري جو اهو صبح جو ساڍي نائين بجي ڌاري حادثو ٿيو هو . پاڪستان ۾ ان وقت تائين ڪير ٿو آفيس اچي جو بلڊنگ ڪرڻ ۽ باهه لڳڻ سبب مري ها.“
اسان ننڍي هوندي شاهي بازار مان لنگهي اسڪول ويندا هئاسين ته روزانو لياقت جي ناني زوار مولا بخش کي ڏسندا هئاسين. هيءَ گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي. زوار جو گاجڻين ۽ مهاڻن جي گهٽيءَ جي منهن وٽ ڀڳڙن ۽ پيهُن جو دڪان هوندو هو. هونءَ ته هالا جون اهي شيون مشهور هونديون هيون پر زوار مولا بخش جي دڪان جا ڀڳڙا ۽ پيهون اهڙا مشهور هوندا هئا جو جمعي واري ڏينهن ته وٺڻ وارن جي پيهه پيهان هوندي هئي. دڪان جي منهن وٽ سواءِ جمعي جي ڪو نه ڪو همراهه اکر ۾ پيهون ڪُٽڻ ۾ مشغول هوندو هو، جنهن کي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ هر وقت ٽ انگريز يا يورپي وئرسٽ ترسي پوندا هئا. ياد رهي ته پيهون ٺاهڻ جو هڪ پنهنجو طريقو ٿئي ٿو. ان لاءِ پهرين سارين کي اُٻ تي رڌيو وڃي ٿو، پوءِ انهن کي سڄي رات ڪونڍي ۾ پُسايو وڃي ٿو. پوءِ صبح جو انهن کي تئيءَ تي ڀُڃي ان بعد اُکري ۾ وجهي ڪٽڻ سان انهن سارين جي کل به لهيو وڃي ۽ اهي چپيل شڪل اختيار ڪريو وٺن. اڄڪلهه جڏهن سڄي هالا جي شهر ۾ پيهن کي مشين ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، تڏهن به سائين مولابخش وارن جي هڪ ڪارخاني ۾، جيڪو هالا پراڻا ۾ آهي، اڄ کان سٺ ستر سال اڳ واري طريقي سان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ پيهن کائڻ جا شوقين اڄ به انهن پيهن کي ياد ڪن ٿا. مون کي به هن وقت اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي جو منهنجي پيٽارو جي دوست انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻيءَ جو ڪجهه دير اڳ فون آيو ته هن لاءِ اهي هٿ جا ٺهيل، ٻه ڪلو کن پيهون گهرائي ڏيان.
زوار مولا بخش ميمڻ صاحب کي ڇهه ٻار ٿيا جن مان ٻه نياڻيون ته ننڍي هوندي گذاري ويون. وڏي پٽ حسين بخش جا ٻه ٻار اختر حسين ۽ اظهر حسين درس تدريس جو ڪم ڪن ٿا. ان بعد ڊاڪٽر لياقت جي امڙ ادي زينب آهي، ان بعد پٽ محمد علي آهي. اسان وارو محمد اسماعيل گوپ سڀ ۾ ننڍو آهي. سائين اسماعيل به سڄي عمر پڙهائڻ جو ڪم ڪيو. پاڻ مخدوم امين فهيم صاحب جو ڪلاس ميٽ هو ۽ هالا جي جنهن اسڪول مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ اسڪول مان پڙهيو ان ۾ ئي ٽيچر ۽ پوءِ هيڊ ماستر ٿي رهيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اڃان تائين هالا جي روشن تارا اسڪول جو هيڊ ماستر آهي. بقول سندس ڀاڻيجي ڊاڪٽر لياقت جي محمد اسماعيل اڄ به اهڙو ئي آهي جهڙو 55 سال اڳ مون هالا جو اسڪول ڇڏيندي آخري دفعو ڏٺو.
ڊاڪٽر لياقت پهرين جنوري 1965ع تي حاجي الله ورائي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ بنيادي تعليم هالا مان حاصل ڪرڻ بعد 1990ع ۾ B.E مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ماسٽرس جي ڊگري بعد هاڻ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي.ڊاڪٽر لياقت وارا پاڻ ۾ اٺ ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. منهنجي خيال ۾ سندن والدين ۽ سندن مامي  محمد اسماعيل گوپ کي شاباس هجي جن هنن جي تعليم تي ڌيان ڏنو ۽ ڳوٺ ۾ رهندي به نه فقط پٽن کي پر چئني ڌيئرن کي به گريجوئيشن ڪرائي. لياقت جي وڏي ڀاءُ تعليم بعد پنهنجي پيءُ جو بزنيس سنڀاليو، باقي ٻيا ڀائر نوڪري ڪري رهيا آهن. ٻي نمبر ڀاءُ ڪرم عليءَ سول انجنيئرنگ ڪئي هاڻ اريگيشن ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر آهي. ان بعد ڊاڪٽر اُميد علي آرمي ۾ ڪئپٽن رهي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه ڀٽ شاهه ۾ پنهنجي ڪلنڪ هلائي ٿو. چوٿون ڀاءُ ڊاڪٽر عاشق علي به آرمي Join ڪئي ۽ اڄڪلهه سنڌ جي جيل کاتي ۾ DIG پوليس آهي. پنجون ڀاءُ امداد علي پڻ ڊاڪٽر آهي ۽ ڇهون ڀاءُ قربان علي EDO (اسسٽنٽ ڪمشنر) آهي ان بعد لياقت آهي. سڀ ۾ ننڍو امجد علي آهي جنهن اليڪٽرانڪ انجنيئرنگ ۾ B.E ڪئي آهي ۽ ڪراچي ۾ پنهنجو خانگي بزنيس اٿس.

No comments:

Post a Comment