ملئي ڇوڪرين سان شادي رچائڻ
الطاف شيخ
پاڪستان ۾ جن سنڌي ۽ اڙدو اخبارن ۾ منهنجا ڪالم اچن ٿا، انهن کي مون چئي ڇڏيو آهي ته ڪو به پڙهندڙ منهنجو ٽيليفون نمبر يا Email ائڊريس گهري ٿو ته ڀلي ڏيوس جو ٿي سگهي ٿو ته کيس تعليم يا نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪنهن ڌارئين ملڪ، خاص ڪري ملائيشيا بابت پڇڻو هجي، جتي منهنجو وڏو عرصو رهڻ ٿيو آهي ۽ هينئر به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن دوستن يا شاگردن سان ملڻ لاءِ هليو وڃان ٿو. سوال پڇندڙن ۾ اڪثر نوڪري پيشه، شاگرد ۽ گهڻي ڀاڱي پورهيت ٿين ٿا. هڪ پڇيو ته هو سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ سان ڪهڙي قسم جا گرم ڪپڙا کڻي وڃي.
ڳالهه هيءَ آهي ته ملائيشيا ڪو يورپ جو ملڪ ناهي نه وري ڪو جپان يا نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا وانگر اتر يا ڏکڻ قطب کي ويجهو آهي، جتي سياري جي مهينن: نومبر ڊسمبر يا جون جولاءِ جي مهينن ۾ سيءُ پوي. ياد رهي ته اسان وٽ يعني دنيا جي اتراهين اڌ گول ۾ سيارو نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ڌاري رهي ٿو، پر دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ جتي آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آمريڪا جا چِلي جهڙا ملڪ ويندي آفريڪا جو هيٺانهون پڇڙي وارو ملڪ ’سائوٿ آفريڪا‘ اچي وڃي ٿو، اتي جون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سيارو ٿئي. ملائيشيا خط استوا وٽ ملڪ هجڻ ڪري سج جو هن ڏي ٻارهو ئي رخ هڪ جهڙو ٿئي ٿو ۽ سڄو سال گرم موسم رهي ٿي. اهو ته ٻارهو ئي مينهن وسڻ ڪري ۽ چوڌاري وڻڪار هجڻ ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي موسم خوشگوار رهي ٿي، باقي سيءُ ذرو به نٿو ٿئي ۽ هتي جا ماڻهو سئيٽرن ۽ سوڙهن ڪوٽن ۽ ڪمبلن کان بچيا پيا آهن. هوائون لڳنديون رهن ٿيون، پر مٽي يا ڌوڙ جو ذرو به ناهي جو ڪپڙا ميرا ٿين. سو ٻن وڳن ۾ به توهان سڄو سال گذاري سگهو ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو ملائيشيا جي گهرن ۾ نه اسان جي ملڪ يا يورپ جهڙا ڊگها ڪٻٽ ٿين ۽ نه وارڊ يا الماريون ۽ نه وري گهڻي ڇنڊ ڦوڪ. ملائيشيا نوڪري لاءِ ويندڙ هڪ ٻن ڄڻن حلال کاڌي جي فڪر جو به اظهار ڪيو. اڄڪلهه ته جپان ۽ جرمني جهڙن ملڪن ۾ به حلال گوشت ۽ ٻيون حلال شيون عام ملن ٿيون. اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ تائين واقعي مسئلو هوندو هو ۽ ولايت ۾ رهندڙ مسلمانن، ويندي عرب ملڪن جي مسلمانن کي به حلال گوشت حاصل ڪرڻ جي جستجو هوندي هئي. وڏو ڇيهه ته هو ڪنهن يهودي جي دڪان تان ڪوشر گوشت وٺي ايندا هئا جن لاءِ ان وقت جي ڪجهه مولوين اها ئي فتوا ڏني ٿي ته يهودي الله جو نالو وٺي ان کي مسلمانن وانگر حلال ڪن ٿا پر هاڻ ولايت جي ملڪن ۾ ڌارين ملڪن کان آيل مسلمانن ۽ مڪاني ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ جي وڌندڙ تعداد ڪري ڪيترائي حلال گوشت جا دڪان کلي پيا آهن.
ايراني انقلاب، روس جي افغانستان ۾ مداخلت ۽ عراق جنگ ۾ انهن ملڪن جا تمام گهڻا ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا ۾ اچي رهيا جن مان ڪيترن سيڌي ۽ حلال گوشت جا دڪان کولي نه فقط مسلمانن کي پر مڪاني ماڻهن کي به عرب ۽ ايشيائي ملڪن جي اناج، سيڌي سامان ۽ مسالن جو چٽپٽو ٽيسٽ وٺرايو آهي. ملائيشيا ته اهڙو ملڪ آهي جتي شروع کان نه فقط حلال کاڌو ملي ٿو پر هائيجنڪ پڻ. اسان جي ملڪ وانگر ڪو ڪراڙو، بيمار ۽ مردار جانور جو گوشت مارڪيٽ ۾ نٿو آڻي جو ملائيشيا جو ان سلسلي ۾ نه فقط قانون سخت آهي پر ان قانون تي سختي سان عمل به ٿئي ٿو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ خبر پئجيو وڃي ته هتي جي روڊ سائيڊ وارين ڳوٺاڻين هوٽلن توڙي گاڏن تي وڪامندڙ کاڌي جو سامان به ايترو ئي صاف سٿرو ۽ صحت جي اصولن تي ٺهيل آهي جيترو وڏين هوٽلن ۾. ان ڪري ڪيترين ئي آفيسن جا ننڍا توڙي وڏا آفيسر گهران ماني گهرائڻ يا ڪنهن وڏي هوٽل ۾ کائڻ بدران ائين ئي ريڙهي وارن، ننڍڙين ريسٽورنٽن يا ڪئنٽينن مان ماني وٺي کائين جيڪا سستي به پوي ٿي. ان کان علاوه هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهڻ ڪري هر قسم جو کاڌو ملي ٿي. هن ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه پنجابي، پٺاڻ، افغاني ۽ ڪشميريءَ کان بهاري، بنگالي، تامل مدراسي ۽ گجراتي رهن ٿا ۽ نان، اڦراٽن، چپاتين، سنهن ڦلڪن، قيمي مليل مرتباڪن کان پوريون، ڊوسا، اڊليون ۽ ڊبل روٽيون ملن ٿيون ۽ هر ڪو پنهنجي ٽيسٽ ۽ ملڪ جو کاڌو کائي سگهي ٿو. هتي جي کاڌي جي شين جي اسان کان کڻي قيمت گهڻي هجي پر دبئي، ابوڌابي، سعودي جهڙن ملڪن کان ته تمام گهڻو سستو آهي ۽ بصر، پٽاٽا، واڱڻ، ڀينڊيون ۽ ٻي عام ڀاڄي ۽ هتي جو مڪاني ميوو ليچي، ڪيلو، انناس وغيره ته اسان جي ڀاڄين ۽ انبن صوفن کان سستو آهي. گهڻا ماڻهو ملائيشيا جي فئڪٽرين ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرڻ کان پڇندا آهن ته؛ ”اسان اوڏانهن وڃون يا نه؟“
”ڪم ڪرڻ جي همت هجيوَ ته بلڪل وڃو.“ آئون چوندو آهيان ۽ جڏهن پڇندو آهيان ته ڪهڙي فئڪٽريءَ ۾ ڪم مليو اٿوَ يا ڪهڙي شهر ۾ اهو ڪارخانو آهي ته جواب ڏيندا:
”سائين اها ته خبر ناهي.“
”توهان کي نوڪريءَ جو خط ۽ پاسپورٽ تي ورڪ ويزا ته لڳي هوندي.“ آئون پڇندو آهيان.
”اها به خبر ناهي جنهن ايجنٽ اسان کان پئسا ورتا آهن اهو چوي ٿو ته ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي پهچي توهان کي ٻڌايو ويندو.“ هو ٻڌائيندا آهن.
هرهڪ کي اهو سمجهڻ کپي ته ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ، پاسپورٽ تي ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ان ملڪ جي سفارتخاني طرفان ”ويزا“ يعني ”داخل ٿيڻ جو اجازت نامو“ هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي ڌاريون مسافر گهمڻ لاءِ آيو آهي يا نوڪري ڪرڻ لاءِ. ۽ جي هو نوڪري ڪرڻ لاءِ پهتو آهي ته هن کي ڪنهن نوڪري ڏني آهي.جوابداري ڪير کڻندو وغيره. پر هي ظالم ايجنٽ پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ ڪيترن غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي ڪوڙا ڏٽا ڏيو، پنهنجي ملڪ مان ته ڪڍن ٿا پوءِ هو پرديس ۾ وڃيو سورن ۾ پون. ڪيترن کي ايئرپورٽ کان موٽايو وڃي ٿو ۽ ٻين کي جيلن حوالي ڪيو وڃي ٿو جيئن ٻين کي عبرت ٿئي ته غير قانوني ڪم ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ جنهن جي سزا پڻ آهي. سو اهڙين حالتن ۾ پڇڻ وارن کي آئون هميشه اهو ئي چوندو آهيان ته ٻيو نه ته پنهنجي پاسپورٽ تي نظر وجهو ته ويزا جو ٺپو لڳل آهي يا نه. ان سان گڏ نوڪريءَ جو خط به آهي يا نه. ڪيترين حالتن ۾ ته ويزا توڙي نوڪري جو آرڊر جعلي ٺاهيو وڃي ٿو. ان ڪري بهتر آهي ته جنهن ڪمپنيءَ نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍيو آهي ان جو وجود به آهي يا نه ۽ هن اهو خط جاري به ڪيو آهي يا نه. بهتر ته اهو آهي ته ان ملڪ جي ايمبسيءَ وارن کان پڪ ڪرائجي. اهڙن ماڻهن جو احوال شروع ۾ لکي چڪو آهيان جن جي جعلي ويزا هجڻ ڪري هنن کي ڪوالالمپور ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو ويو. ايئرپورٽ تي ئي هفتو رهيا پيا هئا ۽ کين اتان واپس ڪراچي موڪليو ويو. هڪ ملئي آفيسر چيو ته ”هنن اهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو کين جيل موڪلجي پر جيل به ڀريا پيا آهن. وڌيڪ رکي جوابداري نٿا کڻڻ چاهيون.“ ظاهر آهي جيل ۾ قيدين کي رکڻ سان هنن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو ته بندوبست ڪرڻو پوندو. نه ته هيومن رائيٽس وارا آڱريون کڻندا ۽ ملڪ بدنام ٿيندو. ان ڪري کين پنهنجي ملڪ واپس موڪليو وڃي ٿو ۽ سندن پاسپورٽ پائلٽ کي ڏنا وڃن ٿا جيڪو ڪراچي ايئرپورٽ تي FIA پوليس حوالي ڪري ٿو.
اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ملائيشيا حڪومت اميگريشن جي اهڙن ڏوهارين کي هڪ ويران ٻيٽ تي رکي ٿي جيسين هو سزا جو مدو پورو ڪن ۽ سندن مائٽ هنن ڏي واپسي جي ٽڪيٽ موڪلين.
هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ هوس ته نوابشاهه پاسي کان ڪنهن نوجوان جو فون آيو:
”سائين مون کي توهان جو فون نمبر اسان جي شهر جي فلاڻي اديب کان مليو آهي توهان ۾ ڪم آهي.“ هن چيو.
”ڀلي ٻڌاءِ. ٿي سگهي ٿو منهنجي وس ۾ هجي.“ مون چيومانس.
”سائين آئون ملائيشيا وڃڻ ٿو چاهيان. سو ان جو سوچي رهيو آهيان.“ هن چيو.
”ڀلي وڃ“، مون چيومانس، ”ڪا نوڪري ملي آهي يا گهمڻ لاءِ؟“
”نه نوڪري ته نه ملي آهي.“
”ته پوءِ شايد گهمڻ لاءِ؟ وزٽ ويزا تي وڃي رهيا آهيو؟“ مون پڇيو.
آخر ڪجهه دير شرمائي ٻڌايو ته ”منهنجي هڪ ملئي ڇوڪريءَ سان دوستي ٿي وئي آهي. اها چوي ٿي ته اچ.“
”ته پوءِ هن ضرور توکي وزٽ ويزا تي گهرايو هوندو ۽ تو ڏي Sponsor جو ليٽر موڪليو هوندو.“ مون پڇيو.
”نه هوءَ چوي ٿي ته اچ.“ هن چيو.
”ته پوءِ هن کي خبر هوندي ته ان لاءِ ويزا جي ضرورت آهي ان جو هن کي يا توکي پاڻ ويزا جو ته بندوبست ڪرڻو پوندو.“
”نه هوءَ فقط چوي ٿي ته اچ. آئون هن سان شادي ڪري اتي رهڻ چاهيان ٿو.“ هن چيو.
”ته ان لاءِ هن کي ويزا سان گڏ شادي ڪرڻ جي ارادي جو wedding ڊپارٽمينٽ کي اڳواٽ اطلاع ڪرڻو پوندو.“
دراصل ملائيشيا ۾ هي قانون ملئي مردن ڪري ٺاهيو ويو هو جيڪي عيد برات ٿائلنڊ مان شاپنگ ڪرڻ جي بهاني ٿائلنڊ روانا ٿيندا هئا ۽ پوءِ واپسي تي ڪنهن ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ان کي وٺي ايندا هئا. پوءِ ان جهٽ پٽ جي شادي جي طلاق به ايترو ئي جهٽ پٽ ٿيندي هئي يا گهر ۾ پهرين زال سان جهيڙا شروع ٿيندا هئا ۽ ٻار رلي ويندا هئا. سو اهڙين جذباتي شادين کي گهٽائڻ لاءِ اهو قاعدو ٺاهيو ويو ته ڌارئين ملڪ جي ڇوڪري يا ڇوڪري سان شادي رچائڻ لاءِ ملائيشيا جي مرد توڙي عورت کي واسطيدار کاتي کي ڪجهه مهينا اڳ ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن سان شادي ڪري ٿو جنهن جا particulars ڇا آهن.
اسان جي هيرو صاحب جيڪو BA پاس آهي ۽ ڪافي سال بيروزگار هو پر هاڻي هن کي مڙيئي ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ڪلارڪي ملي آهي تنهن ٻڌايو ته ”هن کي انگريزي صفا نٿي اچي ۽ سندس زبان ملئي مون کي نٿي اچي پر آئون ڪوالالمپور وڃڻ ٿو چاهيان.“
”هوءَ ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي؟“ مون پڇيو.
”اها به خبر نٿي پوي جو هن جي زبان بلڪل سمجهه ۾ نٿي اچي.“
”ته پوءِ ڪوالالمپور پهچي تون ڪيڏانهن ويندين؟“ مون پڇيو.
”هن پنهنجي ائڊريس لکي آهي ان تي ويندس.“ هن چيو.
”پر ان تي به ڪوالالمپور جو ڪو پاڙو يا ڪو اوسي پاسي جو شهر لکيل هوندو.“ مون پڇيو.
”مون کي پاڻ سمجهه ۾ نٿو اچي، آئون توهان ڏي هن جو SMS موڪليان ٿو ان ۾ ڏسي مون کي ٻڌايو.“
”مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي“، مون هن کي چيو، ”ته توهان شاديءَ جو پروگرام ٺاهيو آهي بنا ڏٺي وائٺي، بنا ڳالهائي ٻولهائي، بنا هڪ ٻئي جي ڄاڻ رکڻ جي! اتي پهچي ڪيئن هڪ ٻئي سان دل جو حال احوال ڪري سگهندائو!“ واقعي حيرت جي ڳالهه ئي ته چئبي.
”سائين آئون مستقبل ٿو ٺاهڻ چاهيان. ملائيشيا جا ماڻهو امير آهن.“ هن چيو.
”سڀ ته نه آهن. ڪيترا آڻين ۽ چاڙهين واري حال ۾ آهن. هو گهر جو خرچ هلائڻ ۽ مهانگائيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ٻه جاب ڪن ٿا.“ مون چيومانس. بهرحال آئون هن جي ڳالهه سمجهي ويس ته انٽرنيٽ چئٽ ذريعي هنن دوستي رکي آهي ۽ هي اسان جو سست هيرو جنهن کان نه وڌيڪ پڙهڻ پڳو ۽ نه ڪو هنر سکي پورهيو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. نوڪري ملي اٿس پر رشوت واري نه هجڻ ڪري سخت ڊپريشن ۾ آهي سو هاڻ هن اهو ئي Short cut ڳوليو آهي ته بقول هن جي ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ کي ڌتاري شاديءَ جي ٻنڌن ۾جڪڙي سندس جوابداري ۽ خرچ پکو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو وڃي.
اسان جي ملڪ ۾ بدقسمتي اها ٿي رهي آهي ته ڇوڪرن کان وڌيڪ ڇوڪريون محنت ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون، ايمانداري سان نوڪري ڪن ٿيون، پر اهو ڪم جيڪو ڇوڪرن کي اڃا به بهتر نموني سان ڪرڻ کپي جو هر گهر جي مرد جي اها ڊيوٽي آهي ته گهر جي خرچ پکي جو بندوبست ڪري، اهو ناهي. اسان وٽ ڪيترا ڇوڪرا شاگرديءَ جي ڏينهن ۾ ئي سست آهن. ڇڪي تاڻي ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪن ٿا، پر علم نه هجڻ ڪري هنن کي نوڪري نٿي ملي. سياسي اثر رسوخ ۽ رشوت ڏئي نوڪري حاصل ڪن ٿا ته هنن کان ڊيوٽي نٿي پڄي! پر ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ائين ناهي. هر شادي جي لائق جوان ڇوڪرو ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي لڳل آهي. هن جي گهڻي تعليم حاصل نه ڪئي آهي ته ڪونه ڪو هنر سکي هو سٺو واڍو، درزي، اليڪٽريشن يا ويلڊر وغيره ٿي سٺو روزگار ڪمائي رهيو آهي. شادي بعد زال مڙس ايترو ڪمائين ٿا جو ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ کان وڌيڪ مهانگائي هجڻ جي باوجود هو سُکي زندگي گذارين ٿا.
هڪ هنڌ ملائيشيا ۾ شادين بابت لکي چڪو آهيان ته ڇوڪرا ڇوڪريون هڪ ٻئي کي پاڻ ئي پروپوز ڪري پوءِ مائٽن سان صلاح مشورو ڪري شادي ڪن ٿا. جڏهن ڪو ڇوڪرو ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ چوي ٿو ته اهوUnderstood آهي ته ڇوڪرو سٺي روزگار ۾ آهي ۽ هاڻ هو شاديءَ جي زندگيءَ ۾ گهڙڻ چاهي ٿو. ڇوڪري هن جي پگهار بابت معلوم يا ڌيان ڏيڻ بدران هن جي اخلاق جي ڄاڻ حاصل ڪري هن سان يڪدم شادي رچائي ٿي. ڪيترا ڪلارڪ، ٽائپسٽ ۽ قاصد جيڪي ملاڪا ۾ منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندا هئا، انهن بابت منهنجي ڊپارٽمينٽ يا ٻين ڊپارٽمينٽ جون ڇوڪريون اچي پڇنديون هيون ته؛ ”سر توهان جي آفيس جو فلاڻو ڪلارڪ مون سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. ٻڌايو ته ڪيئن آهي؟“
اسان جي اداري ۾ آفيسون وغيره صاف ڪرڻ لاءِ ڀنگي نه ٿين پر هر مالهي پنهنجي حد جون آفيسون به ٻهارين، ڇنڊين ته آفيس اڳيان ڇٻر ۽ گلن جي به سار سنڀال لهن. مون کي حيرت ٿي جڏهن اسان جي اداري جي سهڻي ڇوڪري زيني جيڪا ان وقت ٽيليفون آپريٽر هئي، اها مون کي منهنجي آفيس جي گارڊنر سبتو بن احمد جو پڇڻ آئي، جنهن هن کي شاديءَ جو Proposal ڏنو هو. مون کيس ٻڌايو ته سبتو هڪ نيڪ ۽ محنتي نوجوان آهي. ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏئي ٿو ۽ هر وقت سندس منهن تي مرڪ رهي ٿي. اهو چئي پوءِ زينيءَ کي چيم ته تون هن کان وڌيڪ پڙهيل آهين ۽ ڄاڻ ته ٽيليفون آپريٽر مان ٽائپسٽ ٿيڻ واري آهين، توکي هي جوڙ عجيب نه لڳندو ۽ تون نه چاهيندينءَ ته تنهنجو مڙس ڪو ڪلارڪ يا آفيسر هجي؟ هن جي جواب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. وراڻيائين: ”سر ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ بس انسان محنتي هجي، ايماندار هجي ۽ حق حلال جي ڪمائي گهر ۾ آڻي. توهان ئي ٻڌايو ته ٽوٽي يا لٿارجڪ ته نه آهي؟“
”هرگز نه.“ مون چيو
”۽ توهان ئي چئو ٿا ته خوش اخلاق ۽ پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو اونو اٿس. مون کي هڪ سٺي مڙس ۾ ٻيو ڪهڙيون خوبيون کپن؟ ٻئي نوڪري ڪري گهر پيا هلائينداسين.“
سو هتي جي ملئي ماڻهن جي شادي بابت اها سوچ آهي ۽ هتي ملائيشيا ۾ اهو منظرنامو آهي ۽ ان تناظر ۾ جڏهن ڪا ملئي ڇوڪري ڌارئين ملڪ جي ڇوڪري کي شاديءَ جو خواهشمند ڏسي ٿي ته هوءَ اهو ئيTake it granted وٺي ٿي ته ڇوڪرو محنتي، پورهيت ۽ برسر روزگار هوندو ۽ شادي بعد ساڻس گڏجي گهر هلائي سگهندو.
اڄڪلهه پاڪستان جو دنيا ۾ کڻي اهو نالو نه هجي، پر ان هوندي به ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾، پاڪستان جي ماڻهن کي پڙهيل ڳڙهيل ۽ جوابدار مڙس سمجهن ٿا جو ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ڪيترين ئي يونيورسٽين، اسپتالن ۽ ترقياتي ادارن ۾ پاڪستاني پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر نظر اچن ٿا ۽ ڪيترا اهڙا آهن، جن جون زالون هتي جون مڪاني ملئي عورتون آهن. سو ان تناظر ۾ اڄ به ڪيتريون ملئي ڇوڪريون پاڪستاني ڇوڪرن سان شادي ڪرڻ ۾ نقصان نه ٿيون محسوس ڪن. پر ڇا ڳالهه ڪجي انٽرنيٽ جي دنيا جي جنهن ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بنا ڏيٺ ويٺ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڇوڪرن طرفان پهتل مٺڙنMessages جي ڪوڙڪين ۾ پنهنجي دل اٽڪايو رکن ۽ پوءِ بعد ۾ اهي شاديون سخت Failure به ثابت ٿيو وڃن.
اڳئين دفعي ملائيشيا پنهنجي رهائش واري شهر ملاڪا ۾ آيس ته ڀرواري ڳوٺ ’الور گاجا‘ جي هڪ دڪاندار پنهنجي ڌيءَ جي شادي ٽٽڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن جي انٽرنيٽ ذريعي هڪ پاڪستاني سان دوستي ٿي، عشق ٿيو ۽ آخرڪار شادي ٿي. بعد ۾ خبر پيئي ته ڇوڪرو نه نوڪري ڪري ٿو ۽ نه ڪو هنر اٿس، جنهن ذريعي روزگار ڪمائي سگهي. هن ملائيشيا اچڻ جي خواهش ڏيکاري، پر هتي به ناڪارو ثابت ٿيو ۽ هيءَ شادي جهٽ ٽٽي پئي. اهو به ملئي ڇوڪرين جي حق ۾ بهتر آهي ته هتي ان ڳالهه کي عيب نٿو سمجهيو وڃي. سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن وانگر ملائيشيا جي حڪومت ۽ قانون مڪاني ڇوڪري جي مدد ڪري ٿو ۽ جهٽ ٻئي هنڌ شادي ٿي ويس.
ڇوڪريءَ جو پيءُ جتي هن پاڪستاني ڇوڪري جي ڪاهلي تي حيرت کائي رهيو هو، اتي هن لاءِ اها به تعجب جي ڳالهه هئي ته شادي بعد ڇوڪرو پنهنجي زال کي ڪنهن اولياءَ جي قبر تي دعا لاءِ وٺي ويو. هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا جي ماڻهن جو شافعي مڪتب فڪر سان واسطو آهي ۽ هو ان کي شرڪ سمجهن ٿا ته پاڪستان جا ماڻهو قبرن ۽ درگاهن تي وڃن ٿا. بهرحال مون کي ملائيشيا ۾ خبر پئي ته اهڙا چڪر ملئي ڇوڪرين ۽ پاڪستان جي ڇوڪرن ۾ انٽرنيٽ ذريعي هلندا رهن ٿا ۽ ڪجهه شاديون ته ڪامياب به ويون آهن. اهو پوڙهيون ملئي ڇوڪريون جن کي ڪو مڙس نٿي مليو، انهن کي هڪ جوان پاڪستاني ڇوڪرو مليو وڃي ۽ اهي پاڪستاني محنتي ۽ همت وارا ڇوڪرا جن کي پاڪستان ۾ روزگار جو مسئلو آهي، اهي ملائيشيا پهچي ڪنهن نه ڪنهن روزگار کي لڳيو وڃن. پاڻ ان پاڪستاني ڇوڪري جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن ملائيشيا پهچي پنهنجي انٽرنيٽ جي دوست ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي. مون کي خيالن ۾ گم محسوس ڪندي مون کي سندس موڪليل ميسيج پڙهڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ ملئي ڇوڪريءَ جي ائڊريس لکيل هئي.
”سائين مون ڪوالالمپور وڃڻ جي ٽڪيٽ جو قرض به هٿ ڪري ڇڏيو آهي ۽ آئون وزٽ ويزا جي بهاني اتي پهچي ڇوڪريءَ سان ملڻ ۽ اتي رهي پوڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو ۽ مون ڳالهائڻ بند ڪري هن جو موڪليل ميسيج پڙهيو، جيئن ائڊريس پڙهي کيس ٻڌايان ته اها ڇوڪري ڪهڙي شهر ۾ رهي ٿي ۽ ڪوالالمپور جي ڀرسان وارو شهر شاهه عالم، سبانگ جايا يا پتانگ جايا آهي يا ڪلاڪ اڌ جي پنڌ تي سريمبان، ڪجانگ، نيلائي يا ملاڪا آهي. ائڊريس پڙهي آئون چپ ٿي ويس ته هاڻ هن ڇوڪر کي جيڪو حيدرآباد کان اڳتي نه نڪتو آهي، ان کي ڇا ٻڌايان ته هيءَ ڇوڪري ”لبوئان“ ۾ رهي ٿي.
”اهو ڪٿي آهي؟“ منهنجي ٻڌائڻ تي هن پڇيو.
دل ۾ مون سوچيو ته چڱو جو منهنجو جهاز هلائڻ ۽ جاگرافيءَ سان واسطو آهي نه ته Labuan بابت ته ڪيترن ملئي ماڻهن کي به خبر ناهي.
”ملائيشيا ملڪي جا دراصل ٻه حصا آهن.“ مون هن کي سمجهايو. ”جيئن ڪنهن زماني ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان هئا. ڪوالالمپور جنهن ملائيشيا ۾ آهي، اهو ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جي وچ وارو ملڪ مغربي ملائيشيا سڏجي ٿو. اهڙي طرح ايترو ئي پري ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ بورنيو نالي ٻيٽ آهي، جنهن جي اترواري حصي ۾ سباح ۽ سراواڪ رياستون آهن. ان بورنيو ٻيٽ تي سباح رياست جي شهر ڪوٽا ڪنابالو وڃڻو پوندو. لبوئان (Labuan) دراصل هن بورنيو ٻيٽ جي ڀرسان هڪ ٻيٽ آهي جتي جيتوڻيڪ ايئر پورٽ به آهي پر لبوئان وڃڻ وارا گھڻو ڪري ڪوٽا ڪنابالو کان روزانو هلندڙ فيري ذريعي اتي پهچن ٿا.
لبوئان جو ايترو پري هجڻ جو ٻڌي هو ماٺ ٿي ويو ۽ منهجي خيال کان هن عشق تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو.
ملائيشيا جون جيڪي ٽي فيڊرل Territories آهن. انهن مان ٻه سلينگور رياست ۾ ڪوالالمپور ۽ پترا جايا هڪ ٻئي ڀرسان آهن ۽ ٽيون هي ننڍڙو ٻيٽ لابوئان آهي. لابوئان ٻيٽ 75 چورس ڪلو ميٽر ٿيندو ۽ بورنيو ٻيٽ جي ڪناري کان 8 ڪلو ميٽر پري آهي.
سال 1840ع تائين هي ٻيٽ خالي خالي هو. ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو پر پوءِ اوس پاس جي سمنڊن ۾ قذاقن (Pirates) جي ڦرلٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ انگريزن هن ٻيٽ کي هيڊ ڪوارٽر بنائي قذاقن خلاف آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي. ان مقصد لاءِ هنن برونائي جي سلطان کان 1846ع ۾ لبوئان حاصل ڪري پنهنجي حوالي ڪيو. ٻي جنگ عظيم دوران (ڊسمبر 1941ع کان جون 1945ع تائين) هي ٻيٽ جپانين حوالي رهيو، جن هن ٻيٽ جو نالو Maeda Shine (مائيدا ٻيٽ) رکيو، جيڪو نالو جپاني ڪمانڊر توشيناري مائيدا سان منسوب ڪيو ويو. بعد ۾ انگريزن جي موٽڻ تي وري ساڳيو نالو لبوئان رکيو ويو.
هن ٻيٽ لبوئان تي هڪ انگريز مئڪس ويل هال جو هڪ بيحد خوبصورت سفرنامو آهي، جنهن جو نالو آهي:
Labuan Story: Memoirs of a Small Island near the Coast of North Borneo. (1958)
هن ٻيٽ کي انگريزن وڪٽوريا ٻيٽ به سڏيو ٿي.
No comments:
Post a Comment