Tuesday, May 24, 2011

ملائيشيا جو ماضي ۽ حال - الطاف شيخ


ملائيشيا جو ماضي ۽ حال
الطاف شيخ
ڪئالالمپور جي ڏاکڻي علائقي برڪ فيلڊس جي ڪجهه اهم هندو، چيني ۽ ٻُڌ مندرن جون تصويرون ڪڍڻ ۽ اتي هڪ سائوٿ انڊين ريسٽورنٽ ۾ ڪيلي جي پن تي دال ۽ آچار سان ڀت کائي اسان ڀرواري ريلوي اسٽيشن ”ڪي. ايل، سينٽرل“ تي آياسين، جتي عليءَ جا ڪجهه مهمان چين کان پهتا هئا، جن سان هن جو بزنيس آهي. علي ملائيشيا جي مختلف اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن کي ڊاڪٽري اوزار ۽ سرجيڪل ٽولز سپلاءِ ڪري ٿو، جيڪي هو پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ، آسٽريليا ۽ چين مان امپورٽ ڪري ٿو. چيني مهمانن کي هوٽل ڀيڙو ڪري عليءَ مون کان پروگرام جو پڇيو.
”بس توهان ئي ٻڌايو ته ڪئالالمپور جا هي ڪجهه ڪلاڪ ڪيئن گذارجن“ مون چيو. ڪئالالمپور بلڪ ملائيشيا ۾ منهنجي اها آخري شام هئي. رات جو يارهين وڳي واري اڏام ۾ مون کي اوساڪا وڃڻو هو ۽ پروگرام اهو ئي ٺهيو هو ته منهنجو ميزبان غلام علي سولنگي مون کي ٽي ڪلاڪ کن اڳ سامان سميت ڪي ايل سينٽرل ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو. ملائيشيا ان معاملي ۾ به نرالو ملڪ آهي، جتي ايئرپورٽ تي پهچڻ کان اڳ توهان ريلوي اسٽيشن تي سامان ۽ ٽڪيٽ ڏئي ”چيڪ ان“ ڪري سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ وهڻ لاءِ توهان جي سيٽ نمبر ۽ نالي جو بورڊنگ ڪارڊ توهان کي هن ريلوي اسٽيشن (K.L Sentral)  تان ملي سگهي ٿو ۽ توهان جڏهن ايئرپورٽ تي پهچو ٿا ته هٿين خالي ۽ آجا تاجا آهيو. نه ته ٻي صورت ۾ وري ٽرين مان سامان لهرائي ٽرالي تي يا ڪوليءَ ذريعي هوائي اڏام واري دريءَ تي پهچڻو پوي ٿو، جيڪا اڃا کليل ناهي يا مسافرن جي ڊگهي قطار ٿي وئي آهي. سو بهرحال ڪئالالمپور ۾ ان معاملي ۾ هڪ مسافر انهن ڳالهين کان بي فڪر ٿي ايئرپورٽ تي پهچي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو چاهي ته هو K.L سينٽرل اسٽيشن بدران سڌو ايئرپورٽ تي به اچي سگهي ٿو. ظاهر آهي ملاڪا، سريمبان ۽ شاهه عالم پاسي جا ماڻهو سينٽرل اسٽيشن لاءِ ڪئالالمپور ڇو وڃن. هنن کي ڪئالالمپور شهر کان گهٽ ۾ گهٽ 30 ڪلو ميٽر ايئرپورٽ ويجهو پوي ٿو. سو هي سلسلو جتي توهان هوائي اڏي بدران ريلوي اسٽيشن تي پنهنجي اڏام جي ٽڪيٽ ڏيکاري سامان ڏئي سگهو ٿا ۽ هوائي جهاز ۾ ويهڻ جو بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪري سگهو ٿا، مون فقط ملائيشيا ۾ ڏٺو آهي. ان سان ملندڙ جلندڙ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ آهي، جتان مون پنهنجي سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن ڪراچي اچبو هو ته ٽڪيٽ ۽ سامان مالمو جي فيري اسٽيشن تي ڏبو هو، جتان فيري بالٽڪ سمنڊ جو حصو لتاڙي ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ۽ گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ اچيو ڇڏي، جتان بس ايئرپورٽ تي پهچائي ٿي ۽ جهاز ۾ چڙهجي ٿو. بهرحال هتي به اسان سامان گهلڻ کان بچيل هوندا هئاسين. سئيڊن جي شهر مالمو ۾ لانچ واري کي سامان ڏبو هو، هو اسان کي سامان جي رسيد ۽ جهاز جي سيٽ جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيندو هو. اسان هٿين خالي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تان هوائي جهاز ۾ چڙهندا هئاسين ۽ ٻارهن ڪلاڪن بعد ڪراچي پهچندا هئاسين ته سامان اتي منتظر ملندو هو.
”سائين ٽي چار ڪلاڪ آهن،“ عليءَ چيو، ”هلو ته توهان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر هلون. توهان جي اچڻ جو ٻڌي هن مون کي توهان سان ملڻ لاءِ چيو هو.“
”اها به ڳالهه صحيح آهي“ مون چيو، ”لياقت کي ته نه پر سندس والد ۽ ٻين وڏن کي ضرور سڃاڻندس، جيڪي منهنجا هم عمر هوندا.“
عليءَ لياقت کي فون ڪيو ته هو گهر ئي موجود هو ۽ اسان منڊارن هوٽل وٽان جالان (شاهراهه) مها راجا ليلا وٺي جالان سيد پترا تي آياسين، جتان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ جالان ڪلانگ لاما تي چڙهياسين. جالان ڪلانگ لاما وڌيڪ اڳيان ڪلانگ شهر ۽ ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪري. ڪئالالمپور شهر ملاڪا، پينانگ يا جوهور بارو وانگر سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه ناهي. ڪئالالمپور ٻن ندين سنگائي ڪلانگ ۽ سنگائي گومباڪ جي سنگم تي آهي. پر اهو آهي ته ڪئالالمپور کان ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ (Malacca Straits)  ڪو پري ناهي. بس اهو اڌ ڪلاڪ اندر ڪلانگ بندرگاهه کان وڃيو نڪرجي، جتي مٿيون ڪئالالمپور واريون ٻه نديون، هڪ سنگائي ڪلانگ بڻجي ڇوڙ ٿي ڪري. 69-1968ع کان جڏهن اسان هن سمنڊ ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ مان لنگهڻ شروع ڪيو ته ڪئالالمپور جي ڪم لاءِ جهاز کي پورٽ ڪلانگ ۾ اچي لنگر انداز ڪندا هئاسين، جيڪو شروع وارن سالن ۾ انگريز حاڪم نالي پورٽ سئيٽنهام سڏبو هو. بعد ۾ ٻين انگريز حاڪمن جي نالن سان گڏ هن بندرگاهه جو نالو به بدلائي مڪاني نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو. بهرحال هن جالان ڪلانگ لاما تان منهنجو تڏهن کان اچڻ وڃڻ لڳو رهيو جڏهن اسان جو جهاز پورٽ ڪلانگ ۾ ايندو هو، جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ڪئالالمپور شهر ايندا هئاسين. هي روڊ ائين هوندو هو، جيئن پورٽ قاسم کان ڪراچي اچجي. انهن ڏينهن ۾ هي روڊ ويران هوندو هو، پاسن کان جهنگل، پوکون ۽ جهونا ڊٺل ڪارخانا هئا. 1991ع ۾ جڏهن ملائيشيا جي نوڪري ختم ڪري موٽيس ٿي ته به هن روڊ جا اهي حال هئا. پورٽ قاسم ڪري گلشن حديد، قائدآباد وغيره جهڙيون آباديون وڌي شهر ٿي ويا. هيڏانهن ملائيشيا ۾ ته گذريل ٽن ڏهائين کان ترقي جي رفتار ايڏي تيز رهي آهي جو يورپ جا به ڪيترا ملڪ ساڻس مقابلو نه ڪري سگهن. جالان ڪلانگ لاما جي ٻنهي ڪپرن تي تمن بُڪت ديسا، پتالنگ لاما، تمن شنگهائي، تمن ڪانٽينٽل، تمن گڊوڊ، تمن بڪت انڊا جهڙيون بستيون اسان جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس کان به سهڻيون ٿي پيون آهن، جن ۾ هر ماڊرن سهوليت آهي نه ته 1970ع تائين به ڪئالالمپور کان اسان جو ڪراچي ته ڇا حيدرآباد ۽ سکر به وڌيڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن هو. ايتري قدر جو شادي بعد 1971ع کان جڏهن منهنجي زال به مون سان گڏ جهاز تي سفر شروع ڪيو ته هن کي جپان ته ماڊرن ضرور لڳو پر ڪوريا ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن کان ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد سٺو لڳو ۽ سنگاپور کان ملائيشيا اچبو هو ته هتي جي ماڻهن سان هن کي همدردي ٿيندي هئي ته ملائيشيا جي شهرن ۾ نه گهڻا تعليمي ادارا آهن نه ميڊيڪل سهولتون يا هائجينڪ ڪنڊيشن. ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي مرچنٽ نيوي جي ٽريننگ لاءِ ملائيشيا جا نوجوان آسٽريليا، انڊيا يا اسان جي ملڪ ۾ ايندا هئا. 1970ع تائين به ڪٿي هئي هنن جي شپنگ ڪمپني يا بين الاقوامي معيار جي هوائي ڪمپني؟ ڪئالالمپور جي هوائي اڏي کان ته اسان جو ڪراچيءَ وارو بهتر هو. پوءِ هنن جو سبانگ جايا ۾ سهڻو هوائي اڏو ٺهيو ۽ هاڻ وارو ته الائي ڇا اٿن. اهڙي طرح هو هر فيلڊ ۽ اداري ۾ ترقي ڪندا ويا. آهستي آهستي جيڪي ڪاليج کليا اهي يونيورسٽيون ٿي ويون. اڄ اسان جي ملڪ جا ماڻهو ملائيشيا ۾ تعليم وٺڻ اچن ٿا. عرب ۽ آفريڪا جي ملڪن جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ يورپ يا آمريڪا بدران ملائيشيا اچن ٿا. ايمانداري، محنت ۽ حب الوطني جي جذبن ڪري ملائيشيا ڪٿان کان ڪٿان وڃي نڪتو آهي. اڄ دنيا جا ماڻهو نه فقط تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پر ميڊيڪل لاءِ، گهمڻ لاءِ، ويندي روزگار ڪمائڻ لاءِ ملائيشيا جو رخ رکن ٿا.
گذريل ڏهاڪو سالن کان آئون ڏسي رهيو آهيان ۽ مون کي خوشي به ٿئي ٿي ته اسان جي ملڪ جي ڪيترين ئي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽين جا گريجوئيٽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، خاص ڪري. Ph.D. (ڊاڪٽوريٽ) لاءِ هتي جي يونيورسٽين ۾ اچن ٿا. کين ان تعليم ۽ رهائش لاءِ پاڪستان يا ملائيشيا حڪومت خرچ پکو ڏئي ٿي. ڪو زمانو هو سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جا جهاز انگلينڊ جي بندرگاهه ۾ ويندا هئا ته اتي پاڪستاني شاگرد نظر ايندا هئا ۽ هاڻ هتي ملائيشيا ۾ نظر اچن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته انگلينڊ يا يورپ جو ماحول اهڙو آهي جتي هڪ نوجوان جو خرابين ڏي مايل ٿيڻ جي Tendency  وڌيڪ آهي. ان مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ملائيشيا جو ماحول بهتر آهي ۽ والدين هيڏانهن ٻار موڪلي وڌيڪ سڪون محسوس ڪن ٿا. ڪيترا شاگرد ته ننڍي عمر جا به نظر اچن ٿا، جيڪي پاڪستان مان انٽر ڪري آيا آهن ۽ پنهنجي خرچ تي پڙهي رهيا آهن. بهرحال ملائيشيا ۾ امن امان جي بهتر حالت آهي ۽ اهو گند ناهي جيڪو يورپ جي شهري زندگيءَ ۾ آهي.
ڊاڪٽر لياقت جنهن وٽ اسان جو ميزبان حاجي غلام علي سولنگي وٺي پئي هليو يونيورسٽي ملايا مان انجنيئرنگ جي سبجيڪٽ "Alternate Fuels"  ۾ Ph.D.  ڪري رهيو آهي ۽ جالان ڪلانگ لاما تي سري سنتوسا نالي علائقي ۾ رهي ٿو.

No comments:

Post a Comment