Saturday, May 28, 2011

ڪئالالمپور جو سير سپاٽو - الطاف شيخ

ڪئالالمپور جو سير سپاٽو
الطاف شيخ
جيئن ڪراچيءَ جو انگريزن جي ڏينهن تائين مرڪزي علائقو لي مارڪيٽ ۽ پوءِ پاڪستان ٿيڻ وقت يا اڄ ڏينهن تائين صدر آهي، تيئن ڪئالالمپور جو مرڪزي علائقو جامع مسجد، ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ وارو آهي ۽ جيئن گرو مندر، لسٻيلو، رام سوامي، چنيسر ڳوٺ، لالو کيت، گزري وغيره ڪراچي جا مختلف علائقا آهن، جيڪي صدر جي اردگرد ئي آهن، تيئن ڪئالالمپور شهر جا به مختلف علائقا يا کڻي چئجي ته حصا آهن، جيڪي مختلف ڳالهين، ماڻهن ۽ انهن جي مزاج، دڪانن ۽ عبادت گهرن کان مشهور آهن.
ڪئالالمپور جو هڪ علائقو آهي ”بِرڪ فيلڊس“ جيڪو مون کي ڪافي دلچسپ لڳندو هو ۽ اڄ به لڳي ٿو. جالان سمبان ٿان (روڊ) تان لنگهندي پيلانگي هوٽل وٽ عليءَ کي گاڏي روڪڻ لاءِ چيم جو مون هن علائقي ۾ ڪلاڪ ڏيڍ چڪر هڻڻ چاهيو ٿي. ملاڪا شهر ۾ 10 سال کن رهڻ دوران آئون جڏهن به ڏينهن ٻه گهمڻ لاءِ ڪئالالمپور ايندو هوس ۽ پنهنجي ڪنهن ملئي يا پاڪستاني دوست کي هن وٽ رهڻ جي تڪليف نه ڏيندو هوس ته سستي ۽ بهتر رهائش لاءِ منهنجي لاءِ ٻه جايون هونديون هيون. هڪ پاڪستان مسجد وٽ هوٽل  K.L  انٽرنيشنل هوٽل جيڪا پوءِ وقت سان گڏ، وڌيڪ ٺاهه جوڙ ڪري مهانگي ٿيندي وئي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڳن جي ڀر ۾ گيسٽ هائوس (مسافر خانن) ۾ رهڻ لڳس، جن جا مالڪ گهڻو ڪري چيني آهن. انهن مسافر خانن (Inns)  يا گيسٽ هائوسن جو ملئي نالو روُما تُمپنگان (Rumah Tumpangan)  آهي. اڄ به گهٽ بجٽ تي سفر ڪرڻ وارا مڪاني ماڻهو توڙي يورپي رات گذارڻ لاءِ ”رُوما تمپنگان“ ۾ رهڻ پسند ڪن ٿا. هي هڪ قسم جا گهر ٿين جن جا ڪمرا مسواڙ تي ڏنا وڃن ٿا، جيئن سمجهو ته ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ خيبر ٽائپ هوٽلون آهن. پنهنجي خرچ تي ڪئالالمپور ۾ رهڻ لاءِ منهنجي لاءِ ٻئي نمبر تي بهترين جاءِ يعني ڪم خرچ بالا نشين،  Y.M.C.A  ڪلب هوندو هو، جيڪو اڃان تائين هن علائقي بِرڪ فيلڊس ۾ آهي. YMCA ۾ سَستي رهائش کان علاوه ڪار پارڪنگ جو به بندوبست هجڻ ڪري آئون پنهنجي ڪار کان بي فڪر رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪار اتي ئي ڇڏي بس يا ٽئڪسي ۾ شهر جي مختلف هنڌن تي هليو ويندو هوس. انگريزي اسٽائيل جي مانيءَ لاءِ جيتوڻيڪ YMCA  ۾ صاف سٿرو ۽ سستو بندوبست آهي، پر گيٽ جي ٻاهران ڪيتريون ئي سائوٿ انڊين جون ريسٽورنٽون آهن، جن تي پڪوڙا، بجيا، چپاتي ۽ ٻوڙ بريانيون، پنهنجي ملڪ جي ياد تازي ڪن ٿيون. هن علائقي ۾ شروع کان ڏکڻ هندستان جا ماڻهو رهن ٿا، ان ڪري هن علائقي کي مِني انڊيا به سڏين ٿا، جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ کي لِٽل انڊيا سڏين ٿا.

جيئن ڪلفٽن، ڪياماڙي، ناظم آباد وغيره ڪراچي جا ننڍا علائقا نه پر الڳ ٿلڳ ننڍا شهر (Towns)  بڻجي ويا آهن، تيئن ڪئالالمپور جو هي علائقو برڪ فيلڊس به آهي، جتي نه فقط انڊيا جي ڏاکڻي حصي جا تامل، مليالم، تيلگو ۽ ڪَنهڙ ڳالهائڻ وارا گهڻا رهن ٿا، پر سريلنڪا جا تامل هندو ۽ سنهالي ٻڌ ۽ انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا مندر ۽ اسڪول پڻ آهن. هن علائقي ۽ ڪئالالمپور جي ٻين علائقن چَوڪٽ، ائمپنگ وغيره ۾ ائين فرق آهي، جيئن اسان وٽ چاڪيواڙي، محمد علي سوسائٽي ۽ پير الاهي بخش ڪالوني ۾ آهي. جتي ڪئالالمپور جا ٻيا علائقا گهڻي ڀاڱي ملئي يا چيني لڳن ٿا، اتي برڪ فيلڊس وڌيڪ انڊين ۽ سلوني (سريلنڪن) لڳي ٿو ۽ اسان پاڪستاني مسلمانن لاءِ جن انڊيا نه ڏٺي آهي ۽ يورپين لاءِ هي علائقو هڪ عجيب لڳي ٿو، جتي تامل عورتون گل ۽ گلن جا هار ٺاهيو پيون وڪڻن. جتي مندرن ۾ پرساد ڏيڻ لاءِ ناريل ۽ مٺايون هڪ طرف وڪامندي نظر اچن ٿيون ته مندر ۽ پيٽ اگهاڙو ڪري هلندڙ صحتمند ٻاوا ٻئي طرف نظر اچن ٿا. هن پاسي چوڌاري ”باجُو ڪرونگ“ ۾ ملئي عورتون يا مِني اسڪرٽن ۾ ٿلهين سٿرن واريون چيني ڇوڪريون گهٽ، پر تيز رنگن ۽ سلما ستارن وارين ساڙهين ۾ ملبوس سُڪل منهن تي هيڊ مکيل يا سينڌ جي وچ ۾ هيڊ ٻرڪيل سنهڙيون مدراسي ۽ بئنگلوري ڇوڪريون گهڻيون نظر اچن ٿيون. پانن ۽ سوپارين جا دڪان، اٽي، گيهه ۽ مسالي جا دڪان، ڪنهن مدراس جي گهٽيءَ جو ڏيک ڏين ٿا. آئون هن پاسي ان قسم جون شيون وٺڻ لاءِ به ايندو هوس. هتي ڪيترائي يورپي ٽوئرسٽ مندرن ۽ ماڻهن جا- خاص ڪري ساڙهين ۾ ملبوس ڇوڪرين جا فوٽا ڪڍندي نظر ايندا.

چون ٿا ته هي علائقو پهرين پهرين ڪئالالمپور شهر جي پنجين ۽ آخري ”ڪئپٽن چينا“ مسٽر يپ ڪوان سينگ ڊيولپ ڪيو. ڪئپٽن چينا بابت شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪئالالمپور ۾ قَلعي (Tin) جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ چين کان آيل هزارين مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۽ انهن جي رهائش ۽ ويلفيئر جو خيال رکڻ لاءِ هڪ ڏاڍو مڙس چيني ’ڪمدار‘ طور رکيو ويندو هو، جيڪو ڪئپٽن چينا سڏبو هو. هن ۾ ائڊمنسٽريشن صحيح رکڻ کان علاوه داداگيري ۽ تجارت ڪرڻ جون به خوبيون هونديون هيون. زالن بنا آيل ڇڙهن چيني مزورن جي وندر لاءِ هو اڪثر جوا خانا ۽ براٿل پڻ هلائيندو هو. هي پنجون ۽ آخري ڪئپٽن چينا Yap Kwan Seng جيڪو 1889 کان سندس وفات (1902ع) تائين رهيو، سو وڏو سخي مرد ٿي گذريو آهي، جنهن نه رڳو ملايا (اڄ واري ويسٽ ملائيشيا) جي ماڻهن جي مدد ڪئي، پر هتي جا پوڙها چيني ٻڌائين ٿا ته انڊيا ۾ جڏهن ڏڪار آيو هو ته هن ڪئپٽن چينا پئسي ڏوڪڙن جي وڏي امداد ڪئي هئي. هن ڪئپٽن چينا جو تعليم ۾ وڏو يقين هو ته تعليم انسان کي خوشحالي جي منزل تي پهچائي ٿي. K.L  ۾ جيڪو جهونو تعليمي ادارو ”وڪٽوريا انسٽيٽيوشن“ آهي، اهو هن ٺهرايو. سندس نالي سان ڪئالالمپور ۾ ”جالان يپ ڪوان سينگ“ روڊ پڻ آهي. هن ڪئپٽن چينا ٻين سخي ماڻهن سان ملي اڄ کان هڪ سؤ سالن کان به گهڻو اڳ ’تاءِ واهه‘ نالي پاپر اسپتال ۾ وارڊ ٺاهيو، جيڪا اسپتال اڄ جنرل هاسپٽل ڪئالالمپور سڏجي ٿي.
”يپ ڪوان سينگ“ چين جي ”چاڪ ڪائي“ ضلعي ۾ 1846ع ۾ ڄائو. هن جو واسطو هَڪا (Hakka)  چيني زبان ڳالهائڻ وارن سان هو. هو 18 سالن جو هو ته پنهنجو وطن ڇڏي روزگار لاءِ ملايا آيو ۽ سريمبان شهر جي قلعي جي کاڻين ۾ اچي مزوري ڪئي. هن لاءِ مشهور آهي ته هن سخت محنت ڪري نه فقط پئسو ڪمايو پر ان کي بچائي واپار ۾ لڳايو ۽ آخر ۾ هو هڪ وڏو واپاري، امير ماڻهو ۽ سلينگور رياست جي ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر به ٿي رهيو. اهي قلعي (Tin)  جون کاڻيون جن ۾ هن مزور ٿي ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪئي انهن جو هو مالڪ ٿي ويو. هن جي همعصرن مان ڪنهن وٽ به ايتريون کاڻيون نه هيون، جيتريون هن وٽ هيون. هن بابت پڙهيو اٿم ته هن وٽ 7 هزار مزور هئا، جن هن جي خريد ڪيل کاڻين تي ڪم ڪيو ٿي. کاڻين کان علاوه هو ٻين به ڪيترن گهرن، دڪانن ۽ ڌنڌن جو مالڪ هو. اوڻهين صدي جي آخر ۾ هن ڏٺو ته ڪئالالمپور بيحد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، جنهن لاءِ گهرن جي ضرورت وڌي رهي آهي ۽ اهي گهر پٿرن بدران سرن جا مشهور ٿي رهيا آهن. ملائيشيا پهاڙي علائقو آهي، هن کي سرن ٺاهڻ لاءِ هن علائقي برڪ فيلڊس ۾ سٺي چيڪي مٽي نظر آئي. هن مزورن کي هتي رهائي سِرن ٺاهڻ لاءِ کورا ٺهرايا. ان تان هن علائقي جو نالو ئي بِرڪ فيلڊس پئجي ويو. پهرين، جن ڏينهن ۾ آئون هتي جي YMCA ۾ اچي رهندو هوس ته چوڌاري رستن جا نالا انگريز حاڪمن جي نالن تان ٻُڌي مون سمجهيو ته هي علائقو به ڪنهن انگريز مسٽر ’برڪس فيلڊ‘ جي نالي تان پيو آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن علائقي جو نالو ۽ علائقو سٺين سرن لاءِ گهربل مٽي جي ميدانن (Fields)  کان مشهور ٿيو. جيئن هالا پاسي رانجهاڻي ڳوٺ جي کورن جون سرون سڄي سنڌ ۾ مشهور چيون وڃن ٿيون جو اتي سرن ٺاهڻ لاءِ بهترين قسم جي مٽي موجود آهي.
هي علائقو برڪ فيلڊس، نه فقط سرن کان پر ملايا جي ريلوي کاتي ”ڪيريٽا آپي تناح ميلايو“ (KTM)  جي ڊپو کان به مشهور آهي، جيڪو گذريل ڏهاڪو سالن تائين هتي هو، جيڪو هاڻ سينٽرل اسٽيشن ڏي شفٽ ڪيو ويو آهي. ملائيشيا ۾ توهان کي ريل گاڏين سان وابسته مٿيون لفظ ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ ريل جي انجڻ ۽ دٻن تي به ان جو مخفف KTM ڏسڻ ۾ ايندو. ملائيشيا ۾ ريل گاڏيءَ کي آگ گاڏي سڏين ٿا. اسان وٽ به، اسان جڏهن ننڍا هئاسين ۽ اڃان ڊيزل يا پيٽرول جون انجڻيون مشهور نه ٿيون هيون ته ريل گاڏيون توڙي پاڻي جا جهاز ٻاڦ جي انجڻين تي هلندا هئا، جيڪا ٻاڦ بئالرن ۾ باهه ٻاري پاڻيءَ کي ٽهڪائي ٺاهي وئي ٿي. ان ظاهري طرح ٻرندڙ باهه (آگ) ڪري آگ گاڏي يا آگبوٽ (Steam boat) نالا پيا. ملئي زبان ۾ ڪار کي ڪيريٽا سڏين ٿا ۽ ريل گاڏيءَ کي ”ڪيريٽا آپي“ معنيٰ باهه تي هلندڙ ڪار سڏين ٿا. ”تناح ملايو“ معنيٰ ملئي ماڻهن جي ڌرتي يا ديس. جيئن اسان وٽ ’سنڌين‘ لاءِ سنڌي ماڻهو مشهور آهي، تيئن هتي ملئي ماڻهن کي ’اورانگ ملايو‘ سڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح تناح ملايو معنيٰ ملئي ماڻهن جو ملڪ (ملايا) ٿيو، يعني ”ملايا يا ملائيشيا جي ريلوي.“
انگريزن جڏهن ملايا ۾ ريلوي شروع ڪئي ته پٽن وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ جي ڪم لاءِ هو هندستان جا ماڻهو وٺي آيا، جن مان ڪيترن کي هتي ئي برڪ فيلڊس جي علائقي ۾ ريلوي ڊيپو جي ڀرسان رهائش لاءِ ڪوارٽر ٺاهي ڏنا ويا. انهن جهونن گهرن ۽ ڪوارٽرن مان اڄ به ڪيترا موجود آهن ۽ ان وقت کان انڊين هن علائقن ۾ رهندا اچن. اڄ اهو ڊپو، K.L سينٽرل شفٽ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڻ هتان ويجهو آهي. بهرحال بِرڪ فيلڊس مان گذرندڙ رستي ”جالان سمبان ٿان“ تي اڄ به انگريزن جي ڏينهن جون ٺهيل جهونيون عمارتون نظر اچن ٿيون، جيئن ڪراچي ۾ لائيٽ هائوس (ڪي ايم سي آفيس) کان ٽاور تائين ڪالونيل دور جون ڪيتريون ئي عمارتون موجود آهن. هن ئي روڊ جي هڪ گهٽي ”جالان تُن سمبان ٿان چوٿين“ تي YMCA (ينگ مين ڪرسچن ايسوسيئيشن) جي عمارت آهي، جيڪا هوٽل طور پڻ استعمال ٿئي ٿي، جيئن اسان وٽ YMCA ۽ YWCA پڻ هاسٽل طور ڪم اچن ٿيون. هن روڊ تي اڳيان ”ويوا ڪاناندا آشرم“ آهي، جيڪو اوڻهين صدي جو ٺهيل آهي. ”جالان روزاريو“ تي انگريزن طرفان ريل جي کاتي ۾ ڪم ڪندڙن لاءِ جيڪي هڪ سؤ ڪوارٽر ٺهرايل هئا سي اڃا تائين ساڳي حالت ۾ آهن. جيتوڻيڪ اڳيان پويان گهڻ ماڙ عمارتون پڻ ٺهي ويون آهن. اڄ هن علائقي ۾ اها خاموشي ۽ ڳوٺاڻو ماحول نه رهيو آهي، جيڪو ڪجهه اسان وارن ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ هو. هي علائقو ”انڊين کاڌن“ (بلڪ صحيح لفظ ”ڏکڻ هندستاني کاڌن“ ٿيندو) کان پڻ مشهور آهي. هتي جي ڪيترين ئي ريسٽورنٽن ۾ پليٽن بدران ڪيلي جي پن تي دال ڀت يا ڀت سان گڏ مڇيءَ جو ٻوڙ رکي ڏين ٿا. هتي جي ريسٽورنٽن ۾ مڇيءَ جي منڍيءَ جو ٻوڙ (Fish Head Curry)، ٿوسائي، اڊلي جهڙيون شيون ملن ٿيون، جيڪي ڏکڻ هندستان جي شهرن ۾ مشهور آهن.
برڪ فيلڊس ۾ ملائيشيا جي نابين ماڻهن جي ايسوسيئيشن The Malaysian Association of Blind پڻ آهي. اها جالان تيبنگ تي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي نابين رهن ٿا. توهان اتان لنگهندائو ته آس پاس جي گهٽين ۾ اهي لٺ تي يا بنا لٺ تي هلندي چلندي نظر ايندا. هو هتي رهي رهي هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. سرڪار طرفان اتي رستن تي ڪپرن تي ريلنگ پڻ لڳل آهي، جيئن هو  ان جي سهاري حفاظت سان هلي سگهن. اوساڪا ۾ هڪ وڏي شاپنگ مال اڳيان پڻ ائين ڪيترن نابين جپانين کي هلندو چلندو ۽ بينچن تي ويهي هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪندو ڏٺو اٿم. هو پنهنجن گهرن ۾ رهن، پر پوءِ جڏهن گهمڻ ڦرڻ يا ڪچهري ڪرڻ تي دل چاهين ته بس ۾ چڙهي ان اسٽاپ تي اچن. سالن کان هن هنڌ تي اچڻ ۽ هلڻ چلڻ ڪري هو هن علائقي کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ نيول هاسپٽل کان سن سيٽ بليورڊ (ڊفينس سوسائٽي) ڏي ويندي، هڪ هنڌ اٺ ڏهه کن ٽنگن کان معذور ماڻهو هٿ جي گاڏن ۾ ويٺل نظر ايندا آهن. هو اهڙن هنڌن تي پهچي خوش ٿين ٿا ته هنن جا ڏک سور ٻڌڻ لاءِ هنن جهڙا موجود آهن.
برڪ فيلڊس ۾ ”جالان برَهالا“ تي Temple of fine Arts  آهي، جتي سائوٿ انڊين ميوزڪ، ڊانس ۽ ٻيون آرٽ جون شيون سيکاريون وڃن ٿيون. اهو اسان جي ڏينهن ۾ 1981ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هن ثقافتي سوسائٽي جون جوهور بارو، ملاڪا ۽ پينانگ ۾ کلي ويون هيون. هن فائين آرٽس جي مندر ملڪ جا ڪيترائي فنڪار پيدا ڪيا آهن.
هن ”جالان بَرهالا“ تي ٻيا به ڪيترائي عبادت گهر آهن. هونءَ ملئي لفظ Berhala جي معنيٰ ئي مندر، درگاهه، عبادتگاهه آهي. ٻُڌن جو مها وِهارا مندر، هندن جو ارلمگو سري ويرا هنومان مندر ۽ سِري سڪٿي ڪرپا گا مندر هن ئي روڊ تي آهن. اتي ئي ڀر ۾ يهودين جو لُٿيرين چرچ آهي، جيڪو 1924ع جو ٺهيل آهي ۽ جالان ٿامبي پِلي تي چيني مندر آهي. ٿورو اڳيان ”جالان اسڪاٽ“ تي سري ڪانڊا سوامي مندر آهي، جيڪو سريلنڪار (سلون) جي تامل هندن جو آهي. هن مندر جي عمارت سازي ۽ رنگ روغن ڏسڻ لاءِ هر وقت ٽوئرسٽن جي پيهه رهي ٿي. هي مندر هڪ سؤ سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي. اهڙي طرح مهاوهارا ٻڌن وارو مندر سريلنڪار جي سنهالين جو آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته سريلنڪا جي ماڻهن جو هتي ڪيڏو اونهو اثر رهيو آهي. ان کان علاوه ٻين مختلف مذهبن جا به مندر آهن، جيئن ته عيسائين جي هڪ فرقي جو هولي روزاري گرجا گهر جيڪو 1903ع ۾ ٺهيو، Our Lady of Fatima ۽ ٻيا گهڻا مندر ۽ گرجا گهر هن علائقي جي جالان سلطان عبدالصمد روڊ تي آهن. ”جالان سامبان ٿان ساتو“ رستي تي انڊين آرٿوڊڪس چرچ St.Mary Syrian Cathedral پڻ آهي. ان ڪري برڪ فيلڊس کي Divine Location به سڏين ٿا. بقول منهنجي هڪ مڪاني تامل ڪئپٽن دوست جي هن علائقي ۾ پهچي ماڻهو ڌرم جو سوچي ٿو. پر اهو به لکندو هلان ته هي علائقو شروع کان ڳاڙهين بازارين، مساج پارلرن کان به مشهور آهي تڏهن ته مٿين ڪئپٽين کي اسان جو ڪليگ پروفيسر ڪئپٽن مخدوم چوندو هو ته ”هتي پهچي ماڻهو ڌرم جو ته نه، پر رنڊين ۽ کنڊين جو ٿو سوچي.“
 ڪئپٽن مخدوم احمد حسين درٻيلي جو آهي. پاڻ مون سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ پڙهڻ بعد، گڏ گڏ جهاز هلايا. ان بعد ملائيشا جي شهر ملاڪا ۾ هتي جي مئرين اڪيدمي ۾ پڙهايو. انهن ڏينهن جو احوال آئون پنهنجي سفر نامن ”مڪلي کان ملاڪا“ ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ۽ ”اوهريا جي عميق ڏي“ ۾ تفصيل سان ڏئي چڪو آهيان. برڪ فيلڊس ۾ جالان سلطان عبدالصمد تي هڪ مسجد آهي جيڪا مدرسته الغوثيه سڏجي ٿي. هن ۾ سائوٿ انڊيا جا مسلمان نظر ايندا. هن مسجد ۾ جمعي ڏينهن خطبو تامل زبان ۾ ٿئي. هن علائقي بِرڪ فيلڊس جي هڪ ٻي نمايان ڳالهه اها آهي ته هتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن. جيتوڻيڪ هي علائقو انڊيا، سريلنڪا ۽ چين کان آيل مزدورن ۽ پورهيتن جي رهائش لاءِ مقرر ڪيو ويو پر اتي رهندڙ ڪجهه امير سخي ماڻهن هتي جي غريبن لاءِ تعليم ۽ صحت جا خوب بندوبست ڪيا. اهي اسڪول اڄ به قائم آهن ۽ هنن غريبن جو اولاد پڙهي ڳڙهي وڏي ڳالهه تي پهچي ويو. هن ملڪ جي ڪيترن انڊين سريلنڪن ۽ چيني ڊاڪٽرن، سرجنن پروفيسرن کان سندن وڏن جو احوال پڇندو آهيان ته ڪيترن جي واتان اهو ئي ٻڌندو آهيان ته هن جو پيءُ يا ڏاڏو ريلوي ۾ مزودر هو، يا کاڻين ۾ پورهيو ڪيو ٿي، هو برڪ فيلڊس ۾ رهيو ٿي جتي جي اسڪولن ۾ هن جو اولاد پڙهي وڏي ڳالهه ٿي ويو. افسوس رڳو اهو آهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ ائين نه ٿي سگهيو آهي. غريب ۽ هارين جي اولاد جي تعليم جو ته ڪنهن بندوبست نه ڪيو پر ڪيترن وڏن ماڻهن، پيرن ميرن، سردارن وڏيرن پنهنجي اولاد کي به ڪنهن خاص منزل تي نه پهچايو. اسان وٽ انهن امير ماڻهن پنهنجي هڙئون ته ڪي درسگاهه نه ٺهرايا پر سرڪاري ٺهيل اسڪولن کي به اوطاقون بنائي ڇڏيو. نتيجي ۾ اسين سنڌي مسلمان تعليم ۾ پٺتي رهياسين. هاڻ مڙيئي ڪو  B. A يا  M .A ٿو ڪري ته ان جي ڪهڙي ويليو آهي. خاص برانچن، نيويگيشن، ايئرو انجنيئرنگ، سرجري ۽ اسپيشل سائنس برانچن ۾ دنيا جا ٻار   پي ايڇ ڊي پيا ڪن. اسان وٽ ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏهاڙو نچي ٽپي ملهائي ان ڳالهه جو عزم ڪيو وڃي ٿو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائينداسين، ڪاش اهو به عزم ڪيو وڃي ته تعليم عام ڪنداسين، امن امان قائم رکنداسين، غريب بيگناهه عورتن کي ڪاروڪاري جي بهاني قتل عام کان بچائينداسين، پنهنجي علائقي ۾ روڊ رستا ٺهرائينداسين، غريبن جي صحت لاءِ ڪوششون وٺنداسين. اسان جو سياستدان ڪيڏو چالاڪ ۽ خود مطلبي آهي ۽ اسان جو عوام تعليم نه هجڻ ڪري ڪيڏو بيوقوف ۽ سادو آهي ۽ هو ڪيڏو نعري بازي ۾ جذباتي ٿيو وڃي! هنن وٽ فقط ووٽ آهي اهو به هو اهڙن سياستدانن کي ڏيو ڇڏين جيڪي پشت به پشت فقط پنهنجي سک ۽ عياشي جو سوچين ٿا جن کان ووٽ وٺن ٿا اهي هنن لاءِ جانورن کان به بدتر آهن.
هن علائقي برڪ فيلڊس جا ٽي هندو بيحد ناميارا ٿيا. ٽنهي جي وڏن جو واسطو سائوٿ انڊيا سان هو ۽ هنن تامل زبان ڳالهائي ٿي. محنت ڪري نه فقط هو پاڻ امير ٿيا پر سندن سخاوت هن ملڪ ۽ هن ملڪ جي ماڻهن کي به فائدو رسايو. توهان جي ڪڏهن هتي ملائيشا ۾ نوڪري يا پي ايڇ ڊي وغيره لاءِ وڏو عرصو رهڻ آيا آهيو ته واندڪائيءَ ۾ نه فقط هن علائقي برڪ فيلڊس جو سير ڪجو پر هتي جي ماڻهن سان ملي انهن کان سندن ۽ سندن وڏن جون ڪهاڻيون به ضرور معلوم ڪجو. مٿي جن ٽن شخصيتن جو لکيو اٿم اهي هي آهن:
آنندا ڪرشن، جيڪو اسان کان پنج ڇهه سال وڏو آهي ۽ هن وقت ستر سالن جو ٿيندو. پاڻ برڪ فيلڊس ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. هتي جي ويويڪانندا تامل اسڪول مان پڙهيو ۽ هو ايڏو وڏو بزنس مئن ٿيو جو اڄ  Forbes مئگزين مطابق ڏکڻ اوڀر ايشيا جو ٽيون نمبر امير ترين ماڻهو آهي. هن مٿين تامل اسڪول مان پڙهڻ بعد وڪٽوريا انسٽيٽيوشن مان تعليم حاصل ڪئي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته اها ڪوالالمپور جي آخري ڪئپٽن چينا ”مسٽر يپ ڪوان سينگ“ ٺهرائي. بهرحال بعد ۾ هن، يعني آنندا ڪرشن آسٽريليا مان بي اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ۽ ماسٽرس بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ هارورڊ يونيورسٽي مان ڪئي. ملائيشا ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن جو بزنس آهي. ملائيشا جي مختلف شهرن ۾ جيڪي  Astro ڊش ذريعي اسان پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جا چئنل ڏسون ٿا اها ڪمپني پڻ آنندا ڪرشنن جي آهي. ڪوالا لمپور جي يونيورسٽين ۾ تعليم وٺندڙ اسان جي پاڪستاني شاگردن کي منهنجي اها صلاح آهي ته هو ڪنهن ڏينهن وقت ڪڍي هن شخص سان ضرور ملن ۽ کانئس سندس زندگيءَ ۾ ڪيل محنت ۽ جدوجهد جو احوال وٺن. هو اڃان حيات آهي ۽ اسان جا شاگرد گروپ جي شڪل ۾ هن سان ملڻ لاءِ چوندا ته هو ضرور وقت ڪڍي وٺندو.
ڪوالالمپور جي هن علائقي برڪ فيلڊس جي هڪ ٻي اهم شخصيت بيستيان پلائي پال نڪولاس آهي جڪو  B.P. Nicholas به سڏجي ٿو. سريلنڪا کان آيل هي شخص هاڻ گذاري چڪو آهي. پاڻ اورينٽل بئنڪ آف ملايا جو  Founder هو. هن بنيادي تعليم برڪ فيلڊس مان وٺڻ بعد وڌيڪ تعليم سنگاپور مان ورتي. پاڻ فائننس ۽ بئنڪنگ ۾ نالو ڪڍيائين.
۽ هن علائقي جي ٽين اهم شخصيت تانسري ڊاڪٽر ديوڪي ڪرشنن آهي، تان سري هن ملڪ جي اعليٰ خطابن مان آهي جيڪو هن ملڪ جو بادشاهه هن ملڪ جي انهن اهم ماڻهن کي ڏيندو آهي جيڪي هن ملڪ لاءِ ڪي خاص خدمتون سرانجام ڏين جن مان عوام کي فائدو رسي. پاڻ ملائيشا جي سياسي پارٽي ايم آءِ سي (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جي لائيف ميمبر آهي. پاڻ ڪئالالمپور جي ميونسپل ڪائونسل جي پهرين ميمبر عورت آهي. هن جو مڙس پي ڪرشنن بزنس مئن هو جيڪو 1998 ۾ گذاري ويو. کين ٽي ٻار آهن.

No comments:

Post a Comment