Saturday, May 14, 2011

سفر در سفر - الطاف شيخ


سفر در سفر...
الطاف شيخ
ملائيشيا هڪ گهڻ قومو، گهڻ مذهبو ۽ گهڻ زبانو ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ ملڪ جي 60 سيڪڙو ملئي آدمشماري مسلمان آهي. ان کان علاوه باقي چينين ۽ انڊين ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن پر تنهن هوندي به ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ صحيح معنى ۾ هر هڪ کي پنهنجي مذهب جي پوئيواري ڪرڻ جي آزادي آهي. توهان کي هر شهر ۾   مسجدن کان علاوه چينين ۽ هندن جا مندر، ٻڌن جا پگوڊا، سکن جا ٽڪاڻا (گوردوارا) ۽ عيسائين جا گرجا گهر نظر ايندا. اهي به پروٽيسٽنٽ عيسائين جا الڳ ته ڪئٿولڪ عيسائين جا الڳ. ملاڪا ۾ ته ”جانڪر اسٽريٽ“ وٽ انهن ٻن گرجا گهرن کان علاوه انڊيا جي تامل عيسائين جو چرچ الڳ آهي جنهن جو نالو ئي ”تامل ڪرسچن چرچ“ آهي. ان چرچ جي ئي ڀرسان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر (جنهن وٽ هن دفعي ملاڪا ۾ رهيس) جو ”ملاڪا ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ هو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. بهرحال ملائيشيا ۾ نه فقط مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جا پنهنجا پنهجا عبادت گهر آهن پر دنيا جي مختلف ملڪن مان انهن مذهبن جا عالم هتي واعظ/ ليڪچر لاءِ ايندا رهن ٿا. PEACE ٽي وي تي ايندڙ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو ليڪچر به پهريون دفعو مون هتي ٻڌو.هن کان اڳ 1993ع ۾ مون هن کي ڪوپن هيگن جي مسجد ۾ ڏکڻ آفريڪا جي گجراتي عالم احمد ديدات سان گڏ ڏٺو هو. انڊيا جي عالمن کان علاوه پاڪستان جا به ڪيترائي مفتي مولوي هتي واعظ/ تبليغ لاءِ ايندا رهن ٿا جن مان ڊاڪٽر طاهر القادري پڻ هڪ آهي. ڊاڪٽر محمد طاهر القادري هتي وڏي قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس انگريزي جا ليڪچر هتي جا ملئي توڙي ملائييا ۾ رهندڙ فارينر غور سان ٻڌن ٿا. هو اسلام جي ڄاڻ تي وڏي اٿارٽي سمجهيو وڃي ٿو ۽ دين جا اسڪالر هن کي ’شيخ الاسلام‘ سڏين ٿا.
طاهر القادري صاحب کي ٻيو ڪو ڇا به سمجهي پر ڪوالالمپور ۾ اسان جو ميزبان ”روهڙي شريف“ جو حاجي غلام علي سولنگي هن جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو. سندس ڊرائنگ روم ۾ جيڪا فقط هڪڙي فريم ٿيل تصوير لڳل آهي اها ڊاڪٽر طاهر القادري جي آهي. هن جي لاءِ اها فخر ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته طاهر القادري صاحب سندس هن گهر ۾ رهي ويو آهي ۽ جيئن هو اڄ ڪلهه مون کي پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ڪوالالمپور ۽ اوسي پاسي جا سير ڪرائيندو وتي تيئن هڪ سڄو ڏينهن طاهر القادري صاحب هن جي ڀرسان هن جي ڪار ۾ ويٺو رهيو ۽ علي سولنگي کي ههڙي مذهبي شخصيت کي ڪوالالمپور گهمائڻ جو شرف حاصل ٿيو.
هن کان اڳ مون کي طاهرالقادري جي ايتري ڄاڻ نه هئي مون هن کي پاڪستان ۾ ٽي وي تي سياسي بيانن جي حوالي سان ڏٺو ۽ ٻڌو هو ته پاڪستان عوامي تحريڪ (PAT) سياسي پارٽي جو سرپرست (Founder) آهي پر هتي ڪوالالمپور ۾ علي سولنگي جي گهر ۾ طاهر القادري جي رکيل ڪتابن مان ڪجهه حصا پڙهي بيحد متاثر ٿيس ۽ علي سولنگي ۽ سندس ڀر واري گهر ۾ رهندڙ پاڪستان جي پنجابي فئملي کان طاهر القادري جي اسلامي خدمتن ۽ تعليمي قابليتن جي ڄاڻ ٿي.
طاهر القادري صاحب 19 فيبروري 1951ع تي هنگ شهر ۾دين اسلام جي عالم فريد الدين قادري جي گهر ۾ ڄائو. هن جي وڏن جو تعلق پنجاب جي سيال فئملي سان آهي. پاڻ شروع جي تعليم جهنگ شهر جي ڪرسچن مشنري اسڪول Sacred Heart School ۾ ورتي جتي هن نه فقط انگريزي جي ڄاڻ حاصل ڪئي پر عيسائين جي مذهب ۽ سوچ سان به واسطو پيو. پوءِ ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ هن جي والد اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مديني پاڪ جي ”مدرسته العلوم الشريعته“ ۾ داخل ڪرايو. هي مدرسو سيدنا ايوب الانصاري جي گهر ۾ آهي، جتي حضور صلي الله عليه وسلم جن مديني پهچڻ تي، شروع وارن ڏينهن ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. مديني ۾ طاهر القادري صاحب ان مدرسي جي مولانا ضياءَ الدين مدني ۽ سيد علوي الملڪ جهڙن عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن پنهنجي پيءُ ۽ ٻين اسڪالرن وٽ ديني تعليم ورتي ۽ درسِ نظامي ۽ درس حديث مڪمل ڪيو. ان بعد قانونLaw  پڙهڻ لاءِ پنجاب يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. 1974ع ۾ LL.B ڊگري حاصل ڪئي ۽ اعلى رزلٽ ڪري هن کي گولڊ ميڊل مليو. ان بعد وڪالت دوران 1978ع کان 1983ع تائين هن پنجاب يونيورسٽي ۾ لا (قانون) پڙهايو. ان بعد هن اتان 1986ع ۾ قانون ۾ Ph.D ڪئي ۽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ساڳي وقت هو ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ فيڊرل شريعت ڪورٽ جو ليگل ائڊوائيزر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر طاهر القادري لاءِ چون ٿا ته هن ايڪانامي ۽ پوليٽيڪل سائنس کان ديني فلاسافي، قانون، روحانيت، ميڊيڪل سائنس، صوفيزم،  علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽن تي اٽڪل 6000 کن ليڪچر ڏنا آهن جن مان ڪيترائي اردو، انگريزي ۽ عربي زبان ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي اسلامي ڪتابن جي دڪانن تي ملن ٿا. هن جا انهن زبانن ۾ اٽڪل 400 ڪتاب آهن. 1989ع ۾ هن پاڪستان عوامي تحريڪ نالي سياسي پارٽي ٺاهي ۽ لاهور جي علائقي مان ايم اين اي به چونڊيو پر هاڻ ٻڌجي پيو ته هن جي سياست سان دلچسپي نه رهي آهي. هو ديني تعليم پکيڙڻ ۽ خدمتِ خلق جهڙن ڪمن ۾ مشغول رهي ٿو. منهاج القرآن انٽرنيشنل سندس NGO آهي جيڪا گذريل 25 سالن کان 80 ملڪن ۾ خير جا ڪم ڪري رهي آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر طاهر القادريءَ لاهور ۾ 1986ع کان منهاج انٽرنيشنل يونيورسٽيءَ کولي آهي جيڪا منهاج يونيورسٽي لاهور (MUL) به سڏجي ٿي.
مارچ 2010ع ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري دنيا  جي  ميڊيا جو مرڪز رهيو جڏهن هن دهشتگردي (Terrorism) تي غير مشروط فتوا ڏني. آمريڪا مان نڪرندڙ ”فارين پاليسي“ مئگزن هن جو ان بابت حوالو /بيان ڏنو ته:
I am tracing to bring (the terrorists) back towards humanism. This is a Jihad against brutality, to bring them back towards normality. This is an intellectual Jihad.”
پنهنجي ڪوالالمپور واري ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ کي چيم ته ”يار لڳي ٿو ته توهان ڊاڪٽر طاهر القادريءَ جا پڪا مريد آهيو.“
”ڊاڪٽر قادري جي واعظن ۽ ڪتابن جو به منهنجي ذهن تي اثر آهي پر منهنجو مرشد شيخ عفيف الدين الجيلاني آهي.“ علي سولنگيءَ چيو.
”ماشاءَ الله“منهنجي وات مان نڪتو.
”توهان هن کي ٻڌو آهي؟“ عليءَ مون کان پڇيو، ”هو بادشاهه پير دستگير جي اولاد مان آهي.“
عفيف الدين جيلاني دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي ۽ عربي ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. مون سندس هڪ ليڪچر، گذريل سال هڪ CD تي ٻڌو، جيڪو هن هتي ڪوالالمپور ۾ ڏنو هو. ٻڌڻ وارن ۾ انيڪ ماڻهو موجود هئا جن ۾ان وقت جو وزيراعظم احمد عبدالله بداوي به موجود هو ۽ عام ماڻهن سان گڏ پٽ تي ويٺل هو.
”ان ليڪچر جي سي ڊي مون وٽ آهي،“ عليءَ چيو، ”۽ ان ليڪچر ۾ آئون به موجود هوس. حضرت عفيف الدين سال ۾ ٻه ٽي دفعا ملائيشيا ايندو آهي. اهو ليڪچر هن عيد ميلاد النبي جي موقعي تي ڏنو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته حضور صلعم جن وٽ هڪ نابين  دعا لاءِ آيو هو.“
”جي ها. بلڪل اهو“ مون علي کي چيو، ”پر علي! شيخ عفيف الدين عرب ٿي ڪري ڇا ته هن جي انگريزي ۽ پر سحر ڳالهائڻ جو انداز آهي.“
”توهان ليکڪ ماڻهو آهيو، ساڻن ملندائو؟“ عليءَ پڇيو.
”ڪيئن ۽ ڪٿي ملجي بغداد ۾؟ هتي ڪوالالمپور ۾ ته خبر ناهي ڪڏهن ٿو اچي ۽ جتي هيڏي ميڙ ۾ عبدالله بداوي جهڙا اهم ماڻهو ئي پري کان پٿل ماريو ويٺا آهن اتي هوندو هن کي ٽائيم پاڻ سان ملڻ جو؟“ مون عليءَ کي اهڙي نموني بلڪه ٽون ۾ چيو ڄڻ هن کي چئي رهيو هجان ته ”علي! سڌون اهي ڪجن جي پوريون به ٿي سگهن.“
”سائين ان جو فڪر نه ڪريو. سائين جن اڄڪلهه ڪوالالمپور آيل آهن، آئون ملڻ لاءِ معلوم ٿو ڪريان ته جيڪڏهن پير صاحب ملي سگهن ته سڀاڻي هلي ملون. هينئر ته رات ٿي وئي آهي.“ عليءَ چيو ۽ ان ئي وقت هن فون ملائي ڳالهايو. هو ڪجهه دير انگريزي ۾ ڳالهائيندو رهيو، پر مون ٻڌو نه پئي جو منهنجو ان وقت گهڻو ڌيان ٽي وي تان هتان جي ٽاپ ملئي ڳائڻي سيتي نور هاليزا ڏي هو، جيڪا ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ 200 کان مٿي مڪاني ۽ بين الاقوامي ايوارڊ کٽي چڪي آهي. هوءَ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مڙني ڳائڻين ۾ سڀ کان سهڻي آهي (اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر فوٽو ڇپيو ته توهان به ڏسي سگهو ٿا).
Di Dalam Hatimu تنهنجي دل ۾
Tlah Aku Temukan مون لڌو آهي
Arti ke bahagiaan خوشي جو اولڙو
Cintailah Aku Sepenuh hati پنهنجي سچي دل سان مون کي پيار ڪر
Sesungguhnya Aku سچ ته هي آ، آئون
Tak ingin Kau Pergi نٿي چاهيان ته تون هليو وڃ
Takkan mampu ku hadapi Dunia ini تو کانسواءِ آئون دنيا کي منهن ڏئي نه سگهنديس.....
بهرحال هن ملئي ڳائڻي نور هاليزا جنهن کي ويجهڙائي ۾ ملائيشيا جي حڪومت طرفان داتڪ جو خطاب به مليو آهي، ان جون پوءِ به ڳالهيون پيا ڪنداسين، پر هتي اسان جي ميزبان فون رکڻ بعد اعلان ڪيو ته سڀاڻي پوري ڏهين وڳي هتان نڪرنداسين جو سائينءَ جن يارهين وڳي ملڻ جو وقت ڏنو آهي. مون ان کي Casually ورتو ۽ ان وقت تائين اهو ئي سوچيم ته عليءَ ”شيخ عفيف الدين“ جي سيڪريٽري کي چيو هوندو، تنهن هن کي ’ها‘ ڪئي هوندي ۽ پوءِ جيئن اسان وٽ اهڙن وڏن ماڻهن سان ملڻ لاءِ پهچبو آهي ته در جا دربان اهو چئي موٽائي ڇڏيندا آهن ته ”سائين جن آرام فرمائي رهيا آهن.“ يا ”سائين جن اهم ميٽنگ ۾ آهن.“ خير ٿوري گهڻي خوشي ته ٿي جو منهنجو ايران مان ٿي اچڻ بعد شام ۽ بغداد وڃڻ جو ارادو هو، جتي شيخ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي وڃڻ کان علاوه سندس موجوده گادي نشين شيخ عفيف الدين سان ملڻ جو ارادو هو، جيڪو هاڻ آساني سان ٿي ٿو وڃي ته ڏاڍو سٺو مون کي هڪ عدد ڪالم لکڻ لاءِ ملي ويندو، جي نه ته به ٺيڪ آهي. ٿي سگهي ٿو ساڻس ملاقات ٿئي، پر هو فوٽو نه ڪڍرائي، جو ضروري ناهي ته هر ماڻهو منهنجي سوالن جا جواب ڏئي ۽ فوٽو ڪڍرائي. دراصل اهي ئي ته فوٽو جرنلزم جا مسئلا آهن. پر ان معاملي ۾ آئون هر وقت انگريزي جو اهو قول ڌيان ۾ رکندو آهيان ته:
"Happy are those who do not expect."
خوش اهي رهن ٿا، جيڪي اميد نٿا رکن يا کڻي چئجي ته اميد نه رکڻ وارا مايوسي کان بچيو وڃن. پر مون کي ٿوري گهڻي ملاقات جي اميد ان ڪري هئي جو ان رات شيخ عفيف الدين جي ڪوالالمپور ۾ ڪيل واعظ جي CD عليءَ کان وٺي هلايم ته ان ۾ علي عربن وارو وڏو جبو اوڍي اڳين قطارن ۾ ويٺل ماڻهن وٽ اچي وڃي رهيو هو، جنهن مان مون کي لڳو ته عليءَ جي چڱي خاصي رهائي رسائي آهي.
ٻئي ڏينهن آئون ته سوٽ ٽائي پائي تيار ٿي بيهي رهيس. عليءَ کي ٿورو بئنڪ جو ڪم هو. هو جيئن ئي لاهي گهر پهتو ته گاڏي جي آواز تي آئون ڪئميرا کڻي اچي ساڻس ويٺس.
”سائين مون کي فقط ڏهه منٽ ڏيو ته آئون تيار ٿي اچان.“ عليءَ چيو.
”علي فرسٽ ڪلاس سفاري سوٽ ۽ زبردست پالش ٿيل بوٽ ته پاتل اٿئي، اڃا ڪهڙي تياري ڪندين.“ مون پڇيو.
”نه يار آئون سائين سان ملندو آهيان ته ديسي ڪپڙا ۽ ٽوپي پائي پوءِ هلندو آهيان.“ عليءَ چيو ۽ يڪدم ڪمري ۾ وڃي اڇي رنگ جو جبو ۽ سنڌي ٽوپي پائي آيو ۽ بوٽ پائڻ بدران چمپل پائي هلڻ لڳو.
”پوءِ ڀلا آئون به ٽاءِ ڪوٽ لاهيان“ مون عليءَ کان پڇيو ”نه تون ڀلي پاءِ پر هو منهنجي لاءِ مرشد آهي، سو آئون جڏهن به هن سان ملڻ ويندو آهيان ته هن ڊريس ۾ ويندو آهيان ۽ پَٽ تي ٿي ويهندو آهيان. توهان ڀلي هن جي ڀر ۾ صوفي تي ويهجو.“ عليءَ چيو.
”يار ڪرنگهي جي حادثي ڪري مون کان پٽ تي ويٺو به نه ٿيندو،“ مون عليءَ کي ٻڌايو، ”پر جي ضروري سمجهين ته آئون به صوفي تي نه ويهان. پاڻ بيٺي بيٺي ملي وٺون. هونءَ به ههڙو مشغول ماڻهو وڌ ۾ وڌ پنج منٽ ملي سگهندو.“
”نه. اها ڳالهه نه آهي،“ عليءَ چيو، ”مون کين توهان جو ٻڌايو آهي ته توهان هتي ملائيشيا ۾ پروفيسر هئائو ۽ ملائيشيا تي ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿانوَ. هو ڪجهه دير ڪچهري ضرور ڪندو.“
بهرحال اسان گهران نڪتاسين ته عليءَ جي فون جي گهنٽي وڳي ۽ ڪجهه سندس هڪ طرف ڳلهائڻ مان ڪجهه فون رکڻ بعد پاڻ ٻڌائين ته سائين جن جي سيڪريٽري جو فون هو. اڄ واري ملاقات لاءِ معذرت ڪئي وئي آهي جو سائين جن جي طبيعت ڪجهه صحيح ناهي ۽ چڪاس لاءِ اسپتال وڃي رهيا آهن.
عليءَ کي منهنجي لاءِ ڏک ٿيو ته هو ”شيخ عفيف الدين“ سان منهنجي ملاقات ڪرائي نه سگهيو ۽ هاڻ هو سڀان پرين پروگرام مطابق نيوزيلينڊ هليو ويندو، جتي هنن کي اسلام تي ٽي چار ليڪچر ڏيڻا آهن. مون عليءَ کي سمجهايو ته هو بلڪل ان جو فڪر نه ڪري زندگي ۾ اهي لهرون ۽ لوڏا ايندا رهن ٿا. ضروري ناهي ته هر ڳالهه اسان جي مرضي مطابق ٿئي. بهرحال حياتي ۽ صحت رهي ته هن عالم سان آئون بغداد وڃي ملاقات ڪندس.
اسان موٽي گهر آياسين. عليءَ ڪپڙا بدلائي هڪ دفعو وري انگريز ٿيو، يعني عربن وارو جبو لاهي پتلون شرٽ اوڍي پوءِ اسان ڪوالالمپور جي سير تي نڪري پياسين، بلڪ هن منهنجي چوڻ تي ڪوالالمپور جي بِرڪ فيلڊ واري علائقي جو چڪر ڏيارڻ لاءِ هليو، جتي منهنجو ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اڪثر اچڻ ٿيندو هو، خاص ڪري سستي رهائش ڪارڻ تي اچبو هو جو اتي YMCA ۽ ٻيون گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون جام هونديون هيون. واپسي تي عليءَ جي چوڻ تي اسان رات جي ماني ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جي گهر اچي کاڌي. ڊاڪٽر لياقت علي جو دوست ۽ اسان جي ڳوٺ جو آهي، پر منهنجي ساڻس پهرين ملاقات هتي ئي ٿي. علي مون کي پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو ٿي ته هالا جو هڪ انجنيئر لياقت ميمڻ هتي PhD ڪرڻ لاءِ آيل آهي. طبيعت جو ڏاڍو سٺو آهي ۽ بيحد چرچائي جوان آهي، هن سان ضرور ملو.
بهرحال برڪ فيلڊ علائقي ۽ هالن جي ڊاڪٽر لياقت ميمڻ جو احوال نئين چئپٽر ۾ ئي ڪبو، هتي پاڻ بغداد کان هتي ڪوالالمپور آيل سيد الشيخ عفيف الدين جيلاني سان ملاقات جو احوال مڪمل ڪريون، جن سان ٻئي ڏينهن بنا ڪنهن اميد جي اوچتو ملاقات ٿي وئي. ٻئي ڏينهن صبح جي نيرن بعد عليءَ کي چيم ته تون ته آهين صفا مولوي ماڻهو، جيتوڻيڪ سعودي عرب ۽ ايران جا مولوي به فوٽو پيا ڪڍرائين. بهرحال هتي جي هندو ۽ چيني مندرن ۽ باتو غارن ۾ ٺهيل ڀڳوانن ۽ هتي جي ملئي ڇوڪرين جا جيڪي هتي جو مڪاني لباس ’باجو ڪرونگ‘ پائي پيون هلن، انهن سان تون ڀلي فوٽو نه ڪڍراءِ پر منهنجا ته هلي ڪڍ يا ٻي صورت ۾ آئون پنهنجي ڪنهن پراڻي شاگرد کي فون ڪري فوٽو گرافي لاءِ پاڻ سان کڻي هلان. ڳالهه اها آهي ته اڪيلو فوٽو گرافي لاءِ نڪرڻ لاءِ هر هنڌ ٻن ماڻهن کان موڪل يا منٿ ميڙ ڪرڻي پوي ٿي. اهو ماڻهو مرد، عورت يا ڇوڪري جنهن جي ڊريس يا ڪنهن ٻي ڳالهه کان متاثر ٿي توهان فوٽو ڪڍڻ ٿا چاهيو ۽ ٻيو، فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪو راهگير ڳولڻو پوي ٿو، جيڪو فوٽو ڪڍي، جيڪڏهن توهان هن سان گڏ بيهي ڪڍائڻ چاهيو ٿا.
عليءَ هائوڪار ڪئي ۽ آئون کيس جالان تئانڪو عبدالرحمان واري شاهراهه ۽ مسجد انڊيا وارين گهٽين ۾ وٺي آيس، جتي منهنجي موڪل جا ڏينهن اڪثر گذرندا هئا. اتي انهن دڪانن ۽ ريسٽورنٽن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايم ۽ پراڻيون يادون تازيون ڪيم ۽ عليءَ کي انهن عمارتن ۽ مالڪن سان ڪجهه وابسته ڳالهيون ٻڌايم.
”علي هن چوٽر مل جي دڪان ڀرسان هڪ ٻئي پوڙهي سنڌي هندو جو ڪپڙي جو دڪان هوندو هو. هُن پيريءَ ۾ هڪ جوان مسلمان ملئي عورت سان شادي ڪئي.“ مون چيو.
”اها شادي لڪ چوريءَ نه پر ظاهر ظهور ڪئي هئائين. هو هر وڏي دعوت ۾ هن ملئي جوان عورت کي وٺي ايندو هو ۽ سڀ پيا ڏسندا هئا ۽ تعجب کائيندا هئا ته هڪ مسلمان عورت مذهب جي خلاف غير مذهب جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي آهي ۽ ٻيو هوءَ ههڙي جوان، سهڻي ۽ هر وقت ميڪ اپ ۾ ٻهڪندڙ ٿي هڪ اهڙي ڪراڙي مرد سان شادي ڪئي آهي، جنهن جي ڳچيءَ جي چمڙي هڪ طرف پئي لڙڪي ته ٻن دلن جيڏو پيٽ ٻئي طرف.“
”مون کي ته يقين ئي نٿو اچي.“ عليءَ چيو.
”مون وٽ ته ان وقت جون تصويرون به آهن. هي هندو سيٺ وڏي پئسي ۽ اثر رسوخ وارو هو، اڪثر وزيرن ۽ وڏن ماڻهن جي دعوت ۾ زال سان گڏ ايندو هو. هڪ دفعو ته هن ڀرواري دڪان گلوب سلڪ اسٽور وارن ان وقت جي وزيراعظم مهاتير کي گهر ۾ دعوت ڪئي، ان ۾ به هي آيا هئا. مون سان گڏ اڏيري لعل جو اسرار شاهه (آءِ جي پوليس مشتاق شاهه جو مامو) ۽ پاڪستان ايمبسي جو پريس سيڪريٽري خيرپور جو (ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاءُ) ارشاد نبي عباسي به موجود هو. هينئر هجي ها ته توکي ڏيکاريانءِ ها.“
”ڪيڏانهن ويو هليو؟“ عليءَ پڇيو.
”اوڏانهن ئي جيڏانهن پاڻ سڀني کي هلڻو آهي. انهن ڏينهن ۾، اسي واري ڏهي ۾ ئي مرڻ تي هو جو سڀني پئي چيو ته ڇوريءَ پئسي خاطر هن مڙهه سان شادي ڪئي آهي. ڪو اهڙو اميتاڀ بچن ته نه آهي. يعني ان وقت جو اميتاڀ بچن. هاڻ ته اهو ۽ اسان به جهونا ٿي ويا آهيون. ان کي 25 سال اچي ٿيا آهن.“
”۽ سندس ملئي زال؟“ عليءَ پڇيو.
”الائي ڪيڏانهن وئي. هن جي قبر تي ميڻ بتيون ٻاري ته نه ويٺي هوندي. جي ڪو وڃي جوان ڳوليو هوندائين ته به هن جو حق آهي ته ڪنهن سان شادي ڪري بلڪ شادي جو اصل شوق پورو ڪري، پر اهو آئون به ڏسندو هوس ته هن جوڙي کي ڏسي ملئي ماڻهن جا شرم کان ڪنڌ جهڪي ويندا هئا.“
اسان اوڊين سئنيما وٽان ساڄي مڙي، نوبل هوٽل ۽ سموئاSemua  هائوس شاپنگ سينٽر وٽ پهچي هاڻ مسجد انڊيا جي ٻاهران، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ميڙاڪن کي ڏسڻ ۽ خبرون چارون ڪرڻ لاءِ جالان (شاهراهه) عبدالله منشي تي اڃان پهتاسين ته علي سولنگي جي فون جي گهنٽي وڳي. گهنٽيون ته هن کان اڳ به وڄنديون رهيون پئي، بلڪ ڪيترا دفعا علي کي چوندو به رهيس ته ڀلي ٽيليفون اٽينڊ ڪر، تيسين آئون هيڏانهن هوڏانهن دنيا جو ديدار ٿو ڪريان، پر عليءَ پاسيرين اکين سان فون جي اسڪرين تي ڪالر جو نالو پڙهي فون بند ڪري ٿي ڇڏيو.
”آفيس کان آهي، پوءِ پيو ڳالهائيندس.“ هن ٿي چيو يا وري ”آهي هڪڙي واقفڪار جو فون هن وقت ساڻس ڳالهائڻ اهڙو ڪو ضروري ناهي.“
پر هن ڀيري فون جي گهنٽي تي عليءَ فون ڪندڙ جو نالو پڙهي منهنجي ڪئميرا يڪدم منهنجي حوالي ڪري، روڊ تان لنگهندڙ بسين، ڪارين جي گوڙ کان بچڻ لاءِ ٻئي ڪن کي هٿ سان بند ڪري غور سان ٻڌڻ لڳو ۽ رکي رکي ”ييس سر! ييس سر!“ چوڻ لڳو. مون کي اها ئي حيرت ٿي ته عليءَ جو باس وري ڪهڙو آهي!“ اهي باس سرڪاري نوڪرين يا ٻئي وٽ پگهاردار ٿي بيهڻ تي ٿين ٿا.
پنهنجي پرائيويٽ ڌنڌي ۾ جتي نقصان جو خوف رهي ٿو، اتي ڪنهن باس جو نٿو رهي جو هو پاڻ ان بزنيس جو مالڪ آهي ۽ پاڻ ئي باس آهي. بهرحال آخر ۾ ”سر ميڪ اِٽ ون اور“ چئي عليءَ ٿئنڪ يو سر چئي فون بند ڪيو ۽ مون کان ڪئميرا واپس وٺي فوٽو ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪرڻ بدران چيو: ”سائين هلو گهر. حضورِ والا اچڻ لاءِ چيو آهي ۽ پنهنجو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڻ ته چيائون ته اڌ ڪلاڪ اندر هليا اچو، پر مون چيو مان ته اسان ڪلاڪ ۾ ٿا پهچون.“
”يار ڪمال ٿو ڪرين،“ مون عليءَ کي چيو، ”هتان پاڻ کي ويهه منٽ به نه لڳندا.“
”سائين پهرين گهر هلڻو پوندو.“ عليءَ چيو.
”گهر ڇو؟“
”حضورِ والا سان ملڻ مهل آئون هي انگريزن واري ڊريس نه پائيندو آهيان.“ عليءَ چيو.
آئون سمجهي ويس ته عليءَ کي شيخ عفيف الدين جيلاني سان ايڏي ته عقيدت آهي جو هو جنهن بهتر نموني ۾ پيش ٿيڻ سمجهي ٿو، اهو ئي قائم رکڻ چاهي ٿو. هن اهو به چيو هو ته هو جڏهن شيخ جيلاني سان ملندو آهي ته هميشه وضو ڪري ويندو آهي جو بنا وضوءَ جي هو ڪنهن اهل بيت سان هٿ ملائڻ نٿو چاهي. هونءَ به حضور صلعم جن سان علي سولنگي بيحد عقيدت ۽ محبت رکي ٿو. سندس زبان تي هر وقت درود شريف رهي ٿو. کيس بزنيس جي سلسلي ۾ سڄي ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃڻو پوي ٿو. عليءَ ٻڌايو ته هو ڪوالالمپور کان ملاڪا، ملاڪا کان جوهور، يا هن پاسي شاهه عالم کان اپوح، اپوح کان پينانگ يا ڪيلنتان ۽ ترنگانو رياستن ڏي ڊرائيونگ دوران سڄو وقت درود شريف پڙهندو وڃي ٿو ۽ ڳڻڻ لاءِ هن وٽ ان وقت مڪينيڪل ڪائونٽر هوندو آهي. عليءَ ٻڌايو ته هن جي خواهش آهي ته زندگيءَ ۾ هڪ وار هو هڪ ڪروڙ درودن جو تعداد مڪمل ڪري. سندس ڳالهين مون کي ۽ سندس چمڙي جي سامان جي واپار ۾ پارٽنر محمد شفيق کي ايڏو ته متاثر ڪيو جو اسان به هڪ لک درود پڙهڻ جو عزم ڪيو. هونءَ اسان واري علي سان گڏ پنجاب جو هي بزنيس مئن شفيق پڻ بادشاهه پير دستگير جي هن گرانڊ سن شيخ عفيف الدين جو مريد آهي. محمد شفيق جي آفيس پڻ علي جي آفيس واري علائقي ’تمن باتو‘ ۾ آهي. هي علائقو جالان ڪچنگ روڊ جي هڪ طرف آهي ۽ سندس ڪمپني جو نالو TSN Star Sdn Bhd آهي.
عليءَ رستي تان ئي شفيق کي فون ڪيو ته اسان وڃون پيا تون به سائين جن جي گهر ”تمن سيتيا ونگسا“ پهچي وڃ. ملائيشيا ۾ مختلف علائقا تمن سڏجن ٿا، جنهن جي معنيٰ چمن، گلستان يا گلشن سمجهڻ کپي، جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گلشن اقبال آهي يا حيدرآباد ۾ گلستان سجاد آهي. ڪوالالمپور جو هي ’تمن‘ جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو پڻ جالان (يعني شاهراهه) Setia Wangsa آهي.
شفيق ڊائريڪٽ وڃڻ بدران عليءَ جي گهر پهچي پوءِ هن جي ئي ڪار ۾ هلڻ چاهيو ٿي. علي جبو شبو اوڍي مٿي تي سنڌي ٽوپي رکي شفيق جو انتظار ڪرڻ لڳو. شفيق خبر ناهي ڪهڙي علائقي کان اچي رهيو هو ۽ رستي تي ٽريفڪ ۾ اهڙو ڦاسي ويو جو اسان جو ڪلاڪ ته اتي ئي پورو ٿي ويو.
”علي! هاڻ ڇا ڪجي؟ شيخ صاحب هليو نه وڃي؟“ مون پنهنجي اندر جي خوف جو اظهار ڪيو.
”انشاءَ الله ملاقات ٿي ويندي،“ عليءَ ٻڌايو، ”هر دفعي مون کان دير ٿيو وڃي، ان ڪري هن دفعي اڌ ڪلاڪ بدران ڪلاڪ چيم، پر شفيق دير ڪري ڇڏي.“
”چئبو ته هوبه سمجهندو هوندو ته اسان پاڪستاني وقت جا ڪيترا پابند آهيون.“ مون چيو.
بهرحال شفيق صاحب به پهچي ويو، جنهن کي پنهنجي ڪار ۾ ويهاري روانا ٿياسين. تمن سيتيا ونگسا هڪ پهاڙي تي رهائشي علائقو آهي ۽ جبل جي آخري ۽ مٿاهين هنڌ تي جيڪو پلاٽ آهي، اتي ”دارالجيلاني“ نالي شيخ عفيف الدين جيلاني جو گهر ۽ ”الواريسين ٽرسٽ“ جي آفيس آهي، جنهن جو شيخ صاحب چيئرمين آهي. هي علائقو عليءَ جي گهر کان ڪافي پري آهي ۽ منجهند جي ڪري ٽريفڪ وڌڻ ۽ جبل جي چڙهائيءَ ڪري اسان کي اڌ ڪلاڪ کان به مٿي لڳي ويو. گهر جي بلڪل ويجهو پهتاسين ته هڪ وڏي پروڊا ٽائيپ گاڏي اسان جي سامهون گذري وئي. عليءَ چيو ته اها گاڏيءَ پير صاحب جي آهي. اسان کي ڏاڍو افسوس ٿيو. عليءَ چيو ته ڀلا گيٽ تائين ته هلون. گيٽ تي پهتاسين ته ٻن سيڪيورٽي گارڊن عليءَ جو نالو ٻڌي مين گيٽ کوليو ۽ اسان اليڪٽرونڪ Scanner مشين مان گذري اندر آياسين. عليءَ هڪ گارڊ کي ملئي ۾ گاڏيءَ لنگهڻ جو ٻڌائي چيو ته اسان سمجهيو ته ”تئان“ (صاحب) اسان جو انتظار ڪري هليو ويو. گارڊ ٻڌايو ته هو اسان لاءِ ئي ويٺو آهي. ڊرائيور پنڪچر ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ گاڏي ڪاهي پئي ويو.
اسان جي مين هال ۾ گهڙڻ جي آواز تي ڀرواري ڪمري مان شيخ عفيف الدين صاحب ٻاهر نڪتو ۽ اسان سڀني کي وڏا ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ ڊرائنگ روم ۾ وٺي آيو. هن اسان کي پنهنجي ڀرسان صوفن تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، پر علي ۽ شفيق هيٺ پٿل ماري ويٺا ۽ جنهن نموني سان شيخ صاحب هنن کي هنن جي حال تي ڇڏي ڏنو ۽ جنهن نموني سان هو ساڻن خبرون ڪري مائٽن مٽن جا حال احوال وٺي رهيو هو، ان مان صاف لڳو ٿي ته هنن کي واقعي شيخ صاحب جي قرب ۽ شفقت جو شرف حاصل آهي. پاڻ اسان کان گذريل ملاقات ڪئنسل ڪرڻ جي معافي ورتي. ”منهنجو دراصل پيٽ خراب ٿي پيو،“ شيخ صاحب ٻڌايو، ايتريقدر جو ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو، جنهن سُئي هنئي، ان بعد فرحت محسوس ڪيم.“
اسان جي پڇڻ تي ته آيا کين پهرين به اها تڪليف رهي آهي، پاڻ ٻڌايائون: ”1995ع ۾ جڏهن لاهور آيو هوس ته اتي جيڪي ٻوڙ کارايا ويا، انهن ۾ مرچ مسالا ڪجهه وڌيڪ ئي هئا. پهريون دفعو اتي منهنجو پيٽ خراب ٿيو. دراصل منهنجي والد مرحوم کي گهڻن مرچن وارو ٻوڙ وڻندو هو سو هنن منهنجي به اهڙي ٻوڙ سان خاطر تواضع ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن به مسالن وارو کاڌو کاوان ٿو ته تڪليف ٿيو پوي. هينئر به ان ڏينهن ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن کائڻ جو شوق ٿي پيو، سو اها گهرائي کاڌم ته تڪليف ٿي پيئي.“
بهرحال شيخ عفيف الدين اسان سان، خاص ڪري مون سان به، جنهن جو جيتوڻيڪ پهريون دفعو، اهڙو فري ٿي مليو ڄڻ پراڻي واقفيت هجي. هو مون کي بيحد فضيلت وارو ۽ ٻين سان پيار ۽ ادب سان ملڻ وارو انسان لڳو. عليءَ ٻڌايو ته پنهنجي والدين جي ڏاڍي عزت ڪري ٿو. پيءُ گذاري ويو اٿن، سندن والده جو بغداد کان فون ايندو آهي ته اٿي بيهي ڳالهائيندا آهن.
ملائيشيا ۾ ڌارين کي هميشه لاءِ رهڻ (P.R) جي اجازت ڏکي ملڻ تي پاڻ ٻڌايائون ته هو يمن جي هڪ امير مخير همراهه کي سڃاڻي، جيڪو ملائيشيا ۾ مسجدون ۽ ٻيا خير جا ڪم پيو ڪري، پر ملائيشيا جي حڪومت ان کي بهP.R (Permanent Residency)  جي آفر نه ٿي ڪري، جيتوڻيڪ هن کي ان جي ضرورت ئي ناهي ۽ نڪي گهري ٿو. هوڏانهن سنگاپور وارا کيس ڊائريڪٽ شهريت(Citizenship)  ڏيڻ لاءِ تيار آهن.
”جڏهن احمد بداوي ملائيشيا جو وزيراعظم هو ته هن سان منهنجي اڳيان ڪنهن ڳالهه ڪئي ته هو به لنوائي ويو. چوڻ لڳو ته هڪ پروسز آهي، ان موجب اپلاءِ ڪندو ته هتي رهائش ملي ويندس.“ شيخ صاحب ٻڌايو.
اسان کي جلدي موڪل ڏيڻ بدران گڏ ويهي چانهه پيتائين. کين مون بابت عليءَ به ڪافي ٻڌايو هو ته آئون هتي ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن پڙهائي ويو آهيان ۽ هينئر به وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ايندو رهان ٿو. هو مون سان منهنجي لکيل ڪتابن بابت به خبرچار ڪندو رهيو. ”گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته منهنجي پاڪستان جي سفير ظفر شيخ سان به ملاقات ٿي هئي، شايد توهان جي فئملي مان آهي.“ شيخ صاحب مون کان پڇيو.
”هن سان منهنجي 40 سالن کان دوستي آهي جڏهن هو پهرين فارين پوسٽنگ تي ٽوڪيو ۾ آيو هو. جپان جي سفرنامن ۾ سندس ڪافي ذڪر ڪيو اٿم.“ مون ٻڌايو.
پاڻ سيڪريٽري کي اسان لاءِ چاڪليٽ آڻڻ لاءِ چيائين، جنهن چاڪليٽن سان ڀريل هڪ وڏو مخبو اسان جي اڳيان اچي رکيو. ”توهان اهي کائو ته الطاف لاءِ ڪجهه ڪتاب کڻي اچان.“ شيخ صاحب چيائين ۽ ڀرواري ڪمري ۾ هليو ويو. اسان هڪ ٻئي پويان ٽي چار چاڪليٽ چٽ ڪري ڇڏيا. سالن کانپوءِ صحيح قسم جا چاڪليٽ چکڻ جو موقعو مليو هو. جهاز تي هجبو هو ته لاس پاماس ۽ برمودا جهڙن ٻيٽن تي ان قسم جا چاڪليٽ ’ڊيوٽي فري‘ قيمت تي ملندا هئا. عليءَ کي چيم ته اهو سوال نه ڪجانءِ ته ”چانهه پيئڻ وقت آئون رڙيون ڪندو رهيس ته شگر جو مريض آهيان، بنا ڪئنڊرل جي چانهه نه پيئندس ۽ هاڻ چاڪليٽ پيو کاوان.“ عليءَ به مرشد جي سوغات کي وڏي عزت سان کڻي نه فقط کاڌو پر صلاح ڏني ته تبرڪ طور هڪ هڪ کڻي به هلون. کيسي ۾ وجهڻ بعد شفيق کي خيال آيو ۽ چيو: ”يارو پاڻ به غلط ڪم ڪيو آهي. سائين اچي ها ته ان جي منهن تي اجازت وٺي کيسي ۾ وجهون ها. چوڌاري ڏسو ٿا ته ڪيتريون ڪئميرائون لڳل آهن، ٻاهر سيڪيورٽي وارا الائي ڇا سوچين ته پير صاحب جي وڃڻ بعد اسان خبر ناهي کيسي ۾ ڇا وڌو.“
”اها خبر ته نڪرڻ مهل مين گيٽ وٽ پوندي، جتي آپريٽر هر چرپر مانيٽر (اسڪرين) تي Scan ڪري رهيا آهن.“
”ٿي سگهي ٿو اها وڊيو ڏسي پير صاحب خوش ٿئي ته سندن مٺائي اسان کي وڻي آهي،“ مون عليءَ کي چيو، ”بهرحال ان قسم جا چاڪليٽ موڪلي ته مون لاءِ رکجانءِ.“
”سائين بادشاهه ماڻهو آهي. هونءَ ئي مهربانيون ڪندو رهي ٿو.“ علي چيو.
شيخ صاحب پاڻ سان سندن لکيل ڇهه ست ڪتاب کڻي آيا ۽ مون کي ڏنائون. عليءَ کي سنڌيءَ ۾ آهستي چيم ته سائين جن خبر ناهي فوٽو ڪڍرائين يا نه.
”بلڪل ڪڍرائين“ عليءَ مون کي ورندي ڏيندي شيخ صاحب سان منهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ منهنجي چوڻ تي ڪيترائي فوٽو ڊرائنگ روم ۽ ٻاهر نڪري ڪڍرايا. پاڻ اهو به ٻڌايون ته هو ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد آيا ۽ شايد ٽنڊومحمدخان يا ڪنهن ٻئي ٽنڊي جو پڻ نالو ورتائون.
شيخ صاحب جن کي هتي ملائيشيا ۾ ڪي مولانا شيخ ۽ تئان (عزت ماب) به سڏين ٿا، سندن ڏنل وزيٽنگ ڪارڊ موجب سندن سڄو نالو ”الشيخ السيد عفيف الدين الجيلاني البغدادي“ آهي. سندن سڄي دنيا ۾ ڪيترائي مريد، شاگرد، پوئلڳ آهن، جيڪي هن جي رهنمائي ۽ علم حاصل ڪرڻ جا خواهشمند رهن ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پاڪستان، سريلنڪا، انڊيا، عراق، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ آهي. پاڻ دارالقادريه جو سربراهه ۽ الواريسين ٽرسٽ جا چيئرمين آهن ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ اسلامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ اسلام تي ليڪچر ڏيندا رهن ٿا.
شيخ عفيف الدين الجيلاني الحسيني جي ارڙهين پيڙهي ۾ ۽ حضور صلعم جن جي ٽيٽيهين پيڙهي ۾ آهن. حضرت عبدالقادر جيلاني جن کي غوث اعظم به سڏيون ٿا. پاڻ 1077ع (470هه) ۾ ايران جي صوبي گيلان ۾ ڄاوا ان ڪري هو گيلاني سڏجن ٿا، پر جيئن ته عربي زبان ۾ ”گ“ جو اُچار ناهي، ان ڪري عرب دنيا ۾ هو جيلاني سڏجن ٿا. هنن جي والد جو شجرو امام حسن سان ملي ٿو ۽ والده جو امام حسين سان. ان ڪري سندن نالي سان گڏ الحسني ۽ الحسيني به لکيو وڃي ٿو. پاڻ وڏو بزرگ ۽ عالم انسان ٿي گذريو آهي. سندن ننڍپڻ جي ڪهاڻي اڪثر ٻارن کي پڙهائي وڃي ٿي ته شيخ عبدالقادر جيلاني جڏهن ننڍو ٻار هو ۽ ڪنهن قافلي سان گڏ بغداد شهر وڃي رهيو هو ته رستي تي ڌاڙيلن قافلي جي ماڻهن تي حملو ڪري سڀ ڪجهه کسي ورتو. هن کان جڏهن هڪ ڌاڙيل پڇيو ته نينگر تو وٽ به ڪجهه آهي ته پاڻ يڪدم چيائون ته ”مون وٽ چاليهه دينار آهن.“ ڌاڙيل سندس سامان ڦولهيو پر ڪجهه نه مليس. ان تي ڌاڙيل هن کي پنهنجي سردار وٽ وٺي ويو ته هن ڇوڪر چيو ته هن وٽ 40 دينار آهن، پر سامان مان ته ڪجهه به نه نڪتو آهي.
سردار ڪاوڙجي چيو ”نينگر تون اسان سان ڪوڙ ٿو ڳالهائين؟“
ڇوڪر جواب ڏنو ”هرگز نه. منهنجي ماءُ 40 دينار منهنجي شلوار اندر سبي ڇڏيا آهن.“
ان تي هنن جڏهن جاچ ورتي ته پئسا واقعي نڪري آيا. سردار کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ هن چيو ته ”ڇوڪرا! تون چاهين ها ته اسان کي نه ٻڌائي پنهنجا پئسا بچائي سگهئين ٿي. تو ائين ڇو نه ڪيو؟“
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جواب ڏنو: ”سفر تي نڪرڻ وقت منهنجي والده مون کي چيو هو ته پٽ چاهي ڪو توکي مارڻ لاءِ آتو هجي ته به ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ جو الله انهن ماڻهن مان هرگز خوش نٿو ٿئي، جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا.“
ننڍڙي نينگر جي اها ڳالهه ٻڌي سردار کي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ته هڪ ٻار ٿي ڪري ڪيڏو نيڪ آهي ۽ کيس پنهنجي ڪيل ڏوهن جو ايڏو ته احساس جرم ٿيو جو قافلي جي ماڻهن کان کسيل سموريون شيون واپس ڪري ڇڏيون.
پير عبدالقادر جيلاني فقهي، حديث ۽ تفسير جو وڏو عالم ٿيو ۽ چاليهه سال اسلام جي خدمت ڪندو رهيو، جنهن ۾ هن لکين ماڻهن کي مسلمان بنايو ۽ ڪيترائي ٽولا ٺاهيائين، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي دعويٰ جو ڪم ڪن. پاڻ سن 1166ع يعني هجري سنه 561 ۾ وفات ڪيائون. سندن مقبرو بغداد شهر ۾ سندن مدرسي ۾ آهي، جيڪو دجله ندي (Tigris) جي اوڀر واري ڪپ تي باب الشيخ وٽ آهي.
شيخ عفيف الدين جيلاني 1972ع ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ پرائمري اسڪول کان ڪاليج ليول تائين بغداد مان ئي تعليم حاصل ڪيائين. ڪاليج ۾ شيخ عفيف جا خاص سبجيڪٽ اسلام ۽ شريعت هو. پاڻ شيخ عبدالقادر جيلاني مسجد ۽ بغداد جي ٻين به ڪيترين ئي مسجدن جو امام ۽ خطيب ٿي رهيو. اسلامي دنيا ۾ جيلاني فئملي (شيخ عفيف الدين جي فئملي) اسلام جي تبليغ جي حوالي سان هڪ ڄاتل سڃاتل فئملي سمجهي وڃي ٿي ۽ عراق ۾ اهل بيت فئملي جا سربراهه سمجهيا وڃن ٿا. يعني هو حضور صلعم جن جي اولاد مان آهن ۽ نقاب الاشرف سڏجن ٿا. شيخ عفيف الدين هن فئملي جو موجوده عالم ۽ طريقه القادريه جو سربراهه آهي، جنهن کي فقهي، اسلامي قانون ۽ تصوف جي وڏي ڄاڻ آهي.

No comments:

Post a Comment