Sunday, July 10, 2016

آب رود گنگا - الطاف شيخ

آب رود گنگا
الطاف شيخ
بنارس (ورانسي)، هردوار يا الهه آباد جهڙن شهرن جو مانُ گنگا ندي جي ڪري آهي جنهن کي هندو ڌرم جا ماڻهو پوڄا جي حد تائين پيار ڪن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. هن شهر بنارس کي ته هندو ڌرم جي گادي جو شهر سمجھيو وڃي ٿو. هندن جي لاءِ بنارس هڪ متبرڪ شهر آهي. هِتي هڪ سؤ کان مٿي مندر آهن ۽ هر سال لکين ياتري هِتي گنگا جي پاڻي ۾ اشنان ڪرڻ يا ٽٻي هڻڻ لاءِ اچن ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي هندن جي اها ئي خواهش هوندي آهي ته هنن جو موت هن شهر ۾ ٿئي ۽ هتيئي سندن چتا کي ساڙي را ک گنگا ماتا حوالي ڪيو وڃي.


سنڌي اديب رام سچانند جوهراڻي جي ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ جي مهاڳ ۾ ايل ڪي آڏواڻي لکي ٿو ته ورهاڱي وقت يعني لڏ پلاڻ وقت منهنجي ڏاڏي 80 سالن جي هئي. ڪراچي جو بندرگاه ڇڏڻ مهل هن منهنجي پيءُ کي چيو، ته ”آئون نٿي ڄاڻان ته ڀڳوان مونکي گهڻا سال جيئرو رکندو، پر مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون مونکي باقي عمر وراڻسي (بنارس) ۾ وٺي هلندين!“
آڏواڻي صاحب لکي ٿو ته منهنجي پتا خوشيءَ سان هن جي اُها اِڇا قبولي ۽ چئن سالن بعد سندس پرلوڪ پڌارجڻ کان پوءِ بابا جن بنارس ڇڏي آڌيپور اچي رهيا. سو منهنجو هي سفرنامو پڙهندڙ ان مان بنارس شهر جي هڪ پوتر ۽ متبرڪ هجڻ جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.
اڄڪلھ بنارس جي ريسٽورنٽن ۽ پارڪن ۾ آئون ڪو پڙهيل ڳڙهيل ڏسان ٿو ته ان کان گنگا ندي جي origin (بنياد) ۽ ان جي (يعني نديءَ جي) سڄي سفر بابت وڏي تجسس مان پڇندو رهان ٿو. اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن آئون مئٽرڪ جو شاگرد هوس ته آپشنل ۾ جاگرافي سجيڪٽ کنيو هوم ۽ اسان جو جاگرافي جو ٽيچر طارق مصطفيٰ اسان کي سچي دل سان پڙهائيندو هو. هن هميشه اهو چاهيو ٿي ته اسان سندس شاگرد فقط سبجيڪٽ ۾ پاس ٿيڻ لاءِ جاگرافي نه پڙهون پر صحيح طرح سان ڄاڻَ حاصل ڪريون ۽ جاگرافي سبجيڪٽ لاءِ پنهنجي دل ۾ چاهت پيدا ڪريون. جيئن ننڍي هوندي ڳوٺ ۾ ريڊيو تان گانن جي فرمائشي پروگرام ٻڌي اسان کي معنيٰ سمجھڻ بنا اڙدو جا ڪيترا گانا ياد ٿي ويا هئا تيئن اڄ به سر طارق مصطفيٰ جا رٽايل ندين، جبلن ۽ رڻ پٽن جا نالا ياد آهن. سنڌو کان گنگا جمنا، هوگلي کان برهمپترا ۽ ڪرنا ڦلي کان اِراودي نديون ۽ انهن جي نڪرڻ ۽ ڇوڙ ڪرڻ جا هنڌ برزبان ياد آهن. ‘الاڪانندا’ ۽ ‘ڀاڳڙاٿي’ نديون ملي گنگا ندي ٺاهين ٿيون. اسانجو هڪ ٻيو ٽيچر ڪمانڊر اسرار الله چوندو هو ته سندس شهر الهه آباد جِتان هو لڏي پاڪستان آيو اتي گنگا ۽ جمنا جو سنگم ٿئي ٿو... چٽگانگ ۾ پڙهڻ دوران خليج بنگال وٽ جِتي سندربنس جا گهاٽا ٻيلا آهن ۽ يوگوسلاويا ۾ ٺهيل پاڪستاني جهاز ”سندر بنس“ کي مون پڻ ڪجهه سالَ هلايو، ان ٻيلي وٽ گنگا ندي ڇوڙ ڪري ٿي.
پر هاڻ بنارس جي هوٽل ورونا ۾ ايندي ويندي گنگا ندي جي درشن ٿيڻ تي هر وقت دل ۾ هن درياهه بابت پنهنجي لاءِ ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪَ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ هورا کورا رهي ٿي. بنارس ۾ آخري ڏينهن تائين منهنجي ذهن ۾ گنگا نديءَ جو جيڪو نقشو ٺهيو آهي اهو هن ريت آهي:
جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته گنگا ندي ٻن ندين الاڪانندا ۽ ڀاڳراٿي ندين جي ميلاپ جو نتيجو آهي. اهي نديون جتي ملن ٿيون ان هنڌ جو نالو ‘ديو پرياگ’ آهي. مونکي لڳي ٿو ته پرياگ هندي يا سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ئي ميلاپ يا سنگم آهي. شايد ان ڪري اڄ ڪلهه انڊين گورنمينٽ الهه آباد شهر جو نئون نالو پرياگ رکيو آهي جِتي جمنا ۽ گنگا ندين جو سنگم يعني ميلاپ ٿئي ٿو. منهنجي عمر جي ماڻهن کي اسان جي جواني جي ڏينهن جي  يعني 1964ع جي ”سنگم“ نالي هڪ هندي فلم ياد هوندي جيڪا انهن ڏينهن جي ٽاپ فلم مڃي وئي ٿي جنهن جا گانا ڪئين سال سدا بهار رهيا. هيءَ راج ڪپور جي پهرين رنگين فلم هئي جنهن ۾ هو مڪيش جو گانو فلم جي هيروئن راڌا (وجينتي مالا) سان گڏ ٿو ڳائي ته:
میری من کے گنگا اور تیری من کے جمنا کا
بول رادھا بول سنگم، ہوگا کہ نہیں؟
بهرحال جِتي ڪٿي ندين جا سنگم (ميلاپ) ته ٿيندا رهن ٿا ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيترين ئي ندين جا ميلاپ ٿين ٿا.... ويندي الاڪانندا ۽ ڀاڳراٿي ندين جي ميلاپ بعد جيڪا گنگا نالي ندي جنم وٺـي اڍائي هزار کن ڪلوميٽرن جو سفر طيءِ ڪري اڄ واري بنگلاديش جي سمنڊ (خليج بنگال) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ان سان رستي تي ڪيتريون ئي نديون ملن ٿيون پر سڀ کان مشهور ميلاپ گنگا ۽ جمنا نديءَ جو چيو وڃي ٿو جيڪو الهه آباد شهر ۾ ٿئي ٿو جِتي هر ٻارهين مهيني کمڀ جو ميلو به لڳي ٿو.
گنگا نديءَ کي وجود ۾ آڻڻ وارين ٻن ندين: الاڪانندا ۽ ڀاڳراٿي  ۾ پاڻي ڪٿان ٿو اچي؟ اهو اسان جي ٻارهين ڪلاس جي جاگرافيءَ جو سوال هوندو هو. مٿي هندستان جي رياست ‘اترکنڊ’ جي اتراهين حصي ۾ هماليا جبلن جي ڪجهه چوٽين، جهڙوڪ نندا ديوي، ترشول ۽ ڪميت وغيرهه تان جيڪا برف وٽڙي ٿي اها الاڪانندا ندي ٺاهي ٿي ۽ ‘گائومُک’ وٽان جيڪا برف گنگوتري گليشئر ٺاهي ٿي اهو گليشئر وٽڙي ڀاڳراٿي ندي ٺاهي ٿو. گائومک جبل جي چوٽي سمجھيو ته 13 هزار فٽن جيبلندي تي آهي.
هونءَ ته مٿين ٻن ندين کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون نديون ۽ پنج کن چڱيون وڏيون نديون پڻ ملي گنگا ٺاهين ٿيون پر هتي توهان ڪو مون وانگر انٽر ۾ جاگرافي سبجيڪٽ نه کنيو آهي ۽ نه توهان کي ڪو ان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي جو انهن ندين جا ننداڪني، منڊاڪني، ڌُلي گنگا جهڙ اڏکيا نالا ويهي لکجن ۽ توهان جي ماڳهين دل کٽي ٿي پوي. هي ائين آهي جيئن ڪنهن انگريز کي چئجي ته بابا سکر، دادو، ڪراچي يا وڌ ۾ وڌ چئجيس ته هالا، جوهي، مورو سنڌ جا شهر آهن ته هن کان اچاريا به ويندا ته هن کي ياد ڪرڻ ۾ به آساني رهندي پر جي هن کي انهن شهرن ۽ ڳوٺن سان گڏ ڍينگاڻو بوزدار، ميانداد چنجڻي، راڄو خاناڻي، ڳوٺ مريد گوپانگ، وڏا ماڇيون ۽ ڪرم خان ڪانڌڙو جهڙا گهڻا ۽ ڏکيا نالا ٻڌائبا ته هو چوندو ته مون سنڌ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ تان ئي هٿ کنيو.
سو بهرحال توهان گنگا ندي بابت اهو سمجھو ته هماليا جبلن تي وسيل برف پاڻي ٿي ٻن ندين ذريعي ‘ديو پرياگ’ شهر وٽ گڏ ٿي گنگا نالي هڪ اڪيلي ندي ٿي پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي. ديو پرياگ به ڪافي اتاهين ليول تي آهي جِتان گنگا ندي رفتارَ سان مختلف جبلن تان ڍرڪندي 250 کن ڪلوميٽرن (160 ميلن) جو سفر طي ڪري رشي ڪيش وٽ آخري جبلن ۽ اتاهين تان نڪري ميداني پٽن تي لهي ٿي. ان هنڌ تي هردوار شهر آهي جيڪو پڻ هندو ڌرم جي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هردوار ياترا پنهنجي هڪ پراڻي سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکي چڪو آهيان. هن هنڌ تي هڪ ته گنگا جي پاڻيءَ ۾ پريشر ۽ تيز رفتاري آهي جو هن کان اڳ وارو سمورو پنڌ گنگا ندي مٿاهين علائقي يعني جبلن تان گهِرڪندي اچي ٿي ۽ سندس پاڻي تمام صاف سٿرو آهي جيڪو پوءِ بنارس يا الهه آباد وٽ بيحد گدلو ٿيو وڃي جنهن ڪري هيءَ ندي دنيا جي گندين ندين مان پنجين نمبر تي سڏي وڃي ٿي. سوچڻ جي ڳالهه آهي جِتي فقط بنارس جي اشنان گهاٽن ۾ روزانو 60 هزار کن ياتري وهنجن ٿا جنهن ۾ لکين ماڻهن ۽ جانورن جو سنئون سڌو يا گٽرن ذريعي هنگڻ مٽڻ وڃي ٿو، هزارين ڪارخانن جا ڪيميڪل وڃن ٿا ۽ روزانو سوين ماڻهن جا لاش ساڙي هن نديءَ حوالي ڪيا وڃن ٿا ... سو اهڙي حالت ۾ ان جي هائيجن ۽ صفائي جي خيال کان ڇا حالت هوندي!!
هردوار کانپوءِ هن نديءَ تي ڊئم ٺاهي سندس ڪجهه پاڻيءَ کي ڪئنالن ذريعي اتر پرديش جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڇڏيو ويو آهي هيءَ ڊئم انگريزن جي ڏينهن جي ٺـهيل آهي.
هِتي اهو به لکندو هلان ته هي شهر هردوار۽ رشي ڪيش ۽ ديو پرياگ شهر هندستان جي اتراهين رياست اترکنڊ ۾ آهن جيڪا رياست اتر ۾ چين سان مليل آهي. ٽئي شهر ڏسڻ وٽان آهن. هڪ ته سندن پنهنجي قدرتي سونهن آهي ٻيو انڊيا جي حڪومت کي به Credit ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهجي جنهن سخت قاعدا قانون ٺاهي ماڻهن کي مجبور ڪيو آهي ته هو به غير قانوني ڪم نه ڪن. تاريخي جاين کي صاف سٿرو رکن جيئن ٽوئرسٽ ۽ ايندڙ ٽهيون پڻ ڏسي هنن مان لطف ۽ فيض حاصل ڪن. انڪروچ مينٽ ڪرڻ وارن تي به سختي ڪئي وئي آهي.... اسان وٽ وزير اعليٰ ۽ وزير اعظمن جي شهرن خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جو به انڪروچ مينٽ ڪري ستيا ناس ٿيو پيو آهي. سکر جي معصوم شاهه جي مناري ۽ ستين جي آستان تان ته ماڻهو ڪاشي جون سرون چورائي ويا آهن پر باوجود سخت پهري جي موهن جو دڙو کي به نه بخشيو ويو آهي. ديو پرياگ جِتي الاڪانندا ۽ ڀاڳڙاٿي نديون ملي گنگا ٿيون ٺـاهين پهاڙي علائقي جو هي هنڌ به ڏسڻ وٽان آهي. ان تان مون کي ياد آيو ته علوم نجوم ۽ علم فلڪيات (Astronomy & Astrology) جو ماهر سرڳواسي آچاريا شري پنڊٽ چاڪراڌر جوشي جنهن 1946ع ۾ انگريزن جي چوڻ تي آبزرويٽري ٺاهي اهو هن شهر ديو پرياگ جو رهاڪو هو. ديو پرياگ 2750 فٽن جي بلندي تي آهي اترکنڊ رياست جي گادي واري شهر ديرادون کان 80 ميل کن جي فاصلي تي آهي .... يعني جيترو نواب شاهه کان حيدرآباد آهي. ديو پرياگ کان هڪ طرف 34 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سري ننگر آهي ته ٻئي پاسي ڏکڻ ڏي گنگا ندي جي وهڪري کي فالو ڪبو ته 75 ڪلوميٽرن تي رشي ڪيش شهر آهي جنهن کي ديوتائن جو سڪونت گاهه به سڏين ٿا. هِتي جي گائيڊ ٻڌايو هو ته هيءَ اها جاءِ آهي جِتي وشنو ديوتا مڌو شيطان کي ماريو هو. بهرحال هتي دنيا جا ڪيترا پنڊت پادري، ٻانڀڻ ٻاوا چلو پچائڻ ۽ meditation لاءِ اچن ٿا. هندستان جي مشهور ڌرمي شخصيت اڌي شنڪر آچاريا به هِتي اچي چِلو ڪڍيو هو. هي هنڌ ديو پرياگ کان ڪافي هيٺ ته به 1360 فٽن جي بلندي تي آهي. ديو پرياگ کان گنگا ندي رفتار سان وهندي هِتان لنگهي ٿي ۽ پوءِ هردوار شهر ۾ پهچي ٿي جيڪو هِتان 26 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بلڪل جبلن جي قدمن ۾ آهي جِتان کانپوءِ ميداني علائقو شروع ٿئي ٿو.
اتاهين ليول تي هجڻ ڪري ديو پرياگ توڙي هِتي رشي ڪيش ۾ اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. ٻنهي شهرن ۾ ساوڪ کان علاوه ڪيترائي مندر ۽ گهاٽ آهن جِتي ياتري گنگا جي پوتر پاڻي ۾ وهنجي بقول سندن پنهنجا پراڻا پاپ ڌوئي ڇڏين ٿا. هِتي انگريزن جي ڏينهن (1939ع) جي هڪ 450 فٽ ڊگهي suspension برج پڻ آهي جيڪا لڇمڻ جو پينگهو (لڇمڻ جھولا) پڻ سڏجي ٿو.
هردوار کانپوءِ گنگا ندي 800 ڪلوميٽرن (500 کن ميلن) جي فاصلي بعد هندستان جي اهم شهر الهه آباد (پرياگ) ۾ پهچي ٿي جِتي هن نديءَ تي کمڀ ميلو به لڳي ٿو. هِتي انڊيا جي ٻي اهم ندي جمنا جيڪا هاڻ يمنا سڏجي ٿي گنگا سان ملي ٿي ۽ گنگا جو پاڻي ٻيڻو ٿيو وڃي.
الهه آباد پهچڻ کان اڳ گنگا ندي ٻن به ڪجهه اهم شهرن فرخ آباد، قنوج ۽ ڪانپور وٽان لنگهي ٿي. رستي تي ٻيون به ڪجهه ننڍيون ننڍيون نديون رام گنگا جهڙيون ملن ٿيون.
الهه آباد بعد گنگا ندي اوڀر جو رخ اختيار ڪري ٿي ۽ رستي تي تمسا ندي جيڪا ٽنس به سڏجي ٿي، گومٽي ندي، گهاگهرا ندي، سون ندي، گُندڪي ندي، ڪوسي ندي وغيره گنگا سان ملن ٿيون تان جو اها مغربي بنگال جي شهر مالدا ۾ اچيو پهچي. الهه آبا د ۽ مالدا جي وچ ۾ هيءَ ندي ڪيترن ئي مشهور شهرن مان گذري ٿي جهڙوڪ چنار، مرزاپور، ورانسي (بنارس/ڪاشي)، غازي پور، پٽنا، ڀاڳل پور، سلطان گنج ۽ سعيد پور وغيره. ‘پڪور شاهر’  وٽ گنگا مان هڪ برانچ نڪري هُگلي ندي ٿئي ٿي. باقي گنگا ندي جو حصو بنگلاديش جو بارڊر ٽپي پدما  ندي نالو اختيار ڪري ٿو. پدما سان اڳتي برهمپترا ۽ پوءِ ميگهنا نديون ملن ٿيون جيڪي خليج بنگال ۾ وڃيو ڇوڙ ڪن ۽ هوڏانهن هُگلي ندي به مرشد آباد، نابادوپ، ڪولڪتا ۽ هائوڙا شهرن مان ٿيندي انڊيا واري پاسي خليج بنگال ۾ وڃيو ڇوڙ ڪري.
هِتي اهو به لکندو هلان ته گنگا ندي جڏهن بنگلاديش جو بارڊر ٽپي ٿي (۽ ٻئي پاسي اها پدما ٿيو وڃي) ان کان اڳ انڊيا حڪومت ان تي فرقا بئراج ٺـاهي ان جي ڪافي پاڻي کي پنهنجي ملڪ جي ڌرتي کي سيراب ڪرڻ لاءِ Divertڪيو آهي. اهوئي سبب آهي جو بنگلاديش جا ماڻهو ان ڳالهه تي انڊيا سان ناخوش آهن. اها بئراج بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ بعد، 1975ع ۾ کولي وئي هئي.
منهنجي خيال ۾ بنارس جي قصن ۾ گنگا جو به ڪافي احوال ٿي ويو آهي. آخر ۾ اسان جي ڊاڪٽر اقبال جي نظم ”ساري جهان سي اڇا.............“ جي گنگا بابت هڪ سٽ ٿي ياد اچي:
آی آبِ گنگا! وہ دن ہیں یاد تجھ کو؟
اترا  تری کنارے جب کارواں  ہمارا۔۔۔۔
بلهي شاهه پڻ پنهنجي شعر ۾ گنگا جو هينئن ذڪر ڪيو آهي.
مڪي  گيان، گل مڪدي نهين
پاوين سؤ سؤ جمعي پڙها آئي
گنگا گيان، گل مڪدي نهين
پاوين  سؤ  سؤ غوطي کائي
ڀلي  شاهه  گل   تيؤ   مڪدي
جادون ”مين“ نون دلون گوائي

(فقط مڪي وڃڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.... ڀلي ڪو کڻي سؤ سؤ جمعا پڙهي اچي... ڀلي کڻي ڪو گنگا ۾ سؤ سؤ غوطا کائي .... ڳالهه تڏهن ٿي ٺهي جڏهن ڪو دل مان ”آئون“ کي خارج ڪري ٿو)

No comments:

Post a Comment