Sunday, July 10, 2016

نائين-اليون سانحي جو يادگار ۽ ٽريبيُوٽ سينٽر - ياسر قاضي

نائين-اليون سانحي جو يادگار ۽ ٽريبيُوٽ سينٽر
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: 48
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ اورَ“ جي گذريل ڀاڱي ۾ اسين 2001ع جي سيپٽمبر مهيني جي 11 تاريخ پيش آيل امريڪي تاريخ، بلڪ دُنيا جي تاريخ جي انتهائي دل دهلائيندڙ واقعي (نائِين ـ اليون) جي اذيتناڪ ياد تازي ڪرائڻ واري يادگار کي ڏسڻ لاءِ اُن جاءِ تي پهتا هُئاسِين، جتي اهو ڏک ڏيندڙ واقعو پيش آيو هو. اهو اربع 9 اپريل 2014ع جو صبح هو ۽ اسين 10 لڳي ڌاري ان جاءِ تي پهتاسِين، جتي هي ڏک ڏيندڙ واقعو پيش آيو هو. هيءَ جاءِ (سائيٽ) ڪنهن هڪ يادگار تي مُشتمل ناهي، بلڪه هن ۾ ننڍا ننڍا ٻه چار يادگار آهن، جيڪي گھمڻ کان اڳ اهو سمجھڻ ضروُري آهي ته ڪهڙي ڪهڙِي جاءِ ڪٿي ڪٿي آهي. سڀ کان اڳ ته اهو سمجھيو وڃي ته اها جاءِ، جتي اهي ٻئي ڊگھا ٽاور (ٻه ڊگھيوُن عمارتُون) ڳاٽ اُوچو ڪري بيٺيُون هُيُون، جن کي ”ورلڊ ٽريڊ ٽاور“ (ورلڊ ٽريڊ سينٽر) چيو ويندو هو، جنهن سان اچي 4 هاءِ جيڪ ٿيل مسافر بردار جهاز ٽڪرايا ۽ انهن کي ٿوريءَ دير ۾ رک جو ڍير بڻائي ڇڏيائُون، ان جاءِ کي ”گرائُونڊ زِيرو“ چيو وڃي ٿو، جتي (بلڪل انهن ٻن ٽاورز وارِيءَ جاءِ تي) هاڻي ٻه حوض ٺاهيا ويا آهن. ان جاءِ جي پاڙي ۾ 3.9 ارب ڊالرس جي لاڳت سان هڪ نئون اُوچو ٽاور تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن کي ”ون ورلڊ ٽاور سينٽر“ چون ٿا. هن ٽاور جي اُوچائي هڪ هزار 7 سؤ 76 فُوٽ آهي ۽ هيءَ دنيا جي گولي جي اولاهين ڀاڱي جي سڀ کان اُوچي عمارت آهي. هي ٽاور 27 اپريل 2006ع تي تعمير ٿيڻ شرُوع ٿي، جُولاءِ 2013ع ۾ جُڙي راس ٿيو. جنهن جو افتتاح اڃا تيستائين ڪونه ٿيو هو، جنهن ڏينهن اسان ان کي سامهُون ڏسي رهيا هُئاسِين. ان جو افتتاح 3 نومبر 2014ع تي ٿيو هو. هن عمارت جا 5 فلور زمين کان هيٺ ۽ 94 فُوٽ زمين کان مٿي آهن. جڏهن ته هن عمارت ۾ ڪل 73 تيز رفتار لفٽُون لڳل آهن. ان جاءِ (گرائُونڊ زِيرو) تي هن واقعي ۾ بيگناهه پنهنجيُون جانيُون قربان ڪرڻ وارن کي انتهائي نرالي انداز ۾ خراج پيش ڪندي، انهن ٻن جاين تي، جتي 11 سيپٽمبر 2001ع تائين جاڙا ”ورلڊ ٽريڊ ٽاور“ بيٺا هُئا، بلڪل انهن جي ئي نقشِ قدم تي ٻه وڏا ويڪرا حوض ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ ”ريسائيڪلنگ“ (وري وري استعمال ڪرڻ) واري اصُول تحت پاڻيءَ جي هر وقت وهڪري کي يقيني بڻايو ويو آهي. هنن حوضن جي چئني پاسن کان ڀت جي مٿان انهن سمُورن ماڻهن جا نالا لکيل آهن، جن ”نائين ـ اليون“ واقعي ۾ پنهنجيُون جانيُون وڃايُون. هن يادگار جي اڏاوت مارچ 2006ع ۾ شرُوع  ٿي، جڏهن ته هن جي جُڙِي راس ٿيڻ کان پوءِ ان کي هن حادثي ۾ مارجي ويلن جي وارثن لاءِ هن واقعي جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي (11 سيپٽمبر 2011ع تي) جڏهن ته عوام لاءِ ان جي ٻئي ڏينهن (12 سيپٽمبر 2011ع) کان کوليو ويو. هنن حوضن واري علائقي ۽ ان جي آسپاس واقع هڪ ويڪري لان (باغ) کي عارضي چؤديواري ڏئي محفُوظ ڪيو ويو آهي. هن يادگار جي حدن جي اندر ”نائين اليون جو عجائب گھر“ (جنهن کي وڏي پيماني تي ٺاهيو ٿي ويو آهي) تن ڏينهن ۾ اڏاوت هيٺ هو ۽ عوام لاءِ اڃا ڪونه کليو هو، پر اهو ٻڌايو ويو ته هن ميُوزيم کي هن واقعي ۾ مري ويلن جي وارثن لاءِ 15 مئي 2014ع تي جڏهن ته عوام لاءِ 21 مئي 2014ع تي کوليو ويندو، جنهن ۾ هن واقعي جي حوالي سان سمُورين يادگاري شين کي سهڻي نمُوني سانڍي سنڀالي رکيو ويو آهي. (اڄ ڪلهه اهو ميُوزيم عوام لاءِ کليل آهي). هنن حوضن ۽ عجائب گھر جي حفاظتي چارديوارِيءَ ٻاهران ئي هڪ ننڍيءَ عمارت ۾ ”نائين اليون ٽريبيُوٽ سينٽر“ ٺهيل آهي (هو)، جنهن کي هن عجائب گھر جو نعم البدل ئي سمجھڻ گھرجي. ڇوته جيسين هي وڏو ”نائِين ـ اليون ميُوزيم“ جُڙيل ڪونه هو، تيسين اهو ٽريبيُوٽ سينٽر هتي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ايندڙ عوام کي هن واقعي ۽ هن جاءِ بابت معلُومات فراهم ڪندو هو. اسين به جڏهن هيءَ جاءِ گھمڻ آيا هئاسِين، ته اهو ”نائين اليون ميُوزيم“ اڃا عوام لاءِ ڪونه کليو هو، ته اسان کي هن سانحي بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهو ٽريبيُوٽ سينٽر ئي گھُمايو ويو هو. هي ٽريبيُوٽ سينٽر هڪ سوڙهي گھٽيءَ ۾ واقع هو. ان ئي ٽريبيُوٽ سينٽر کان هنن حوضن واري مُک يادگار طرف ايندي اُن ئي گھٽيءَ جي ڪُنڊ تي ”نائِين اليون فائر فائيٽرس ميموريل“ آهي. هي يادگار انهن باهه وسائيندڙ عملي جي فردن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ جوڙايو ويو آهي، جن هن حادثي جي پهرين حصّي (پهرين جهاز ٽڪرائڻ کان پوءِ) باهه وسائڻ واريُون سرگرميُون جاري رکندي پنهنجيُون جانيُون وڃايُون. اها ڳالهه شايد اوهان منجھان گھٽ پڙهندڙن کي خبر هجي ته هن سانحي ۾ سڀ کان وڌيڪ جانيُون قربان ڪندڙ  باهه وسائڻ وارا ڪارڪن (فائر فائيٽرس) ۽ صحافي هُئا، ڇاڪاڻ ته انهن جو وڏو انگ جهاز ٽڪرائڻ جي پهرين حملي ۽ پهرين ٽاور تباهه ٿيڻ کان پوءِ حادثي واريءَ جاءِ ڏانهن ڊوڙيو هو ۽ پوءِ جڏهن ٻيو حملو ٿيو ۽ ٻيو ٽاور به انتهائي تيزيءَ سان تباهه ٿيو، ته صحافين ۽ باهه وسائيندڙ عملي جو وڏو انگ انهن حملن جي انهيءَ ٻئي قسط ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو. هن حملي ۾ امريڪا جي ئي ملڪيت 4 جهاز (يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر: 11، يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:175، اميريڪن ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:77 ۽ يُونائيٽڊ ايئرلائنز فلائيٽ نمبر:93) هائي جيڪ ڪري نيُويارڪ ايئرپورٽ تان اُڏايا ويا ۽ انهن کي ٻن قسطين ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور جي ٻٽيُن (جاڙيُن) قد آور عمارتن سان ٽڪرايو ويو. ان ڏس ۾ پهريون حملو 11 سيپٽمبر 2001ع تي نيُويارڪ جي معياري وقت مُوجب صبح جو 8:46 لڳي ۽ ٻيو حملو ان کان لڳ ڀڳ 2 ڪلاڪ پوءِ 10:26 لڳي ٿيو. هنن ٻنهي حملن ۾ ڪُل 2 هزار 9 سئو 96 ماڻهن پنهنجيُون جانيُون وڃايُون، جن ۾ 2 هزار 9 سئو 77 بيگناهه ماڻهُو ۽ 19 هائيجيڪرس پڻ شامل هُئا، جن ڄاڻ ٻُجھِي خودڪشي ڪئي. جڏهن ته هن حادثي ۾ 6 هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي اهڙا گھاوَ به لڳا، جيڪي ڪڏهن به نه ڇُٽندڙ (مُستقل) هُئا. هي سانحو، جيتوڻيڪ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ جو عرصو گذري وڃڻ ڪري پنهنجي يادگيرين جي حوالي سان هيل تائي ميسارجي/ وسري وڃڻ گھرجي ها، پر اڄ به ڄڻ هر دل تي تازو آهي. دنيا جا مُبصر حلقا هن واقعي جو ذميوار ڪنهن کي به کڻي چون (ڪن حلقن جو اهو به خيال آهي ته امريڪا اهو حملو پنهنجو پاڻ تي پاڻ ڪرايو هو، جنهن جي پٺيان به سندس اقتصادي مفاد هُئا)، پر هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ هي واقعو ان لاءِ افسوس ۽ بي انتها ڏک جو باعث آهي، جو هن ۾ هزارين بي گناهه انسانن جو قتلِ عام ٿيو، ان ڳالهه کان قطعِ نظر ته انهن ماڻهن جو تعلق ڪهڙي ملڪ، رنگ، نسل، مذهب ۽ قوم سان هو، پر آدم جو اولاد هئڻ جي ناتي، هُو اسان جا ڪنهن نه ڪنهن رِيت مائٽ ضرُور هُئا، جن جو بي گناهه قتل ڏسي هر شعُور ۽ احساس واري اک اڄ به آلي ٿي وڃي ٿي ۽ هي سانحو، رهندڙ دنيا تائين ڏک ۽ ڪرب جي علامت رهندو. هن سانحي ڪيترن مهينن تائين پُوريءَ دنيا کي سوڳ ۾ ويڙهي رکيو ۽ اڄ به جڏهن هن واقعي جو ذڪر اچي ٿو ته هر دل، رت جا ڳوڙها روئي ٿي.


اسين پنهنجيءَ وئگن مان لهي سڀ کان اڳ ۾ ان ٽريبيُوٽ سينٽر تي پهتاسِين، جتان اسان جو اڄ جو هي ٽُوئر شرُوع ٿيڻو هو. هن ٽريبيُوٽ سينٽر جي ٻاهران جيتوڻيڪ گھمڻ لاءِ آيل ماڻهن جُون ڊگھيُون قطارُون هيون، پر جيئن ته اسان جي گرُوپ لاءِ هن جاءِ گھمڻ جو خاص انتظام ٿيل هو، تنهن ڪري اسان کي ڪجهه دير اسان جي ڪوآرڊينيٽر، مسز اين هارٽمين، ٽريبيُوٽ سينٽر جي مُک دروازي جي پاسي ۾ بيهاري اسان جي ٻن خواتين سُونهيُن (گائيڊس) سان رابطو ڪيو ۽ ٿوريءَ دير ۾ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ هن ٽريبيُوٽ سينٽر جي سنڀاليندار، ”مسز ميليسا ڪنسيپشن“ ۽ هن جاءِ لاءِ اسان جِي مُک سُونهِي، ”ٽريسي گزاني“ (جنهن کي اسان کي هن يادگار جا مختلف حصّا ڏيکارڻا هئا) دروازي تي آيُون ۽ اسان جو استقبال ڪيائُون، جتي اسان اُس جي تڙڪي جو مزو وٺي رهيا هُئاسُون ۽ نيُويارڪ جي 9 اپريل جي اُسَ، ڪراچيءَ جي ڊسمبر ۽ جنورِيءَ جي اُسَ کان به وڌيڪ وڻندڙ هئي. ٻئي مايُون اسان سان گرمجوشيءَ سان ملي اسان کي ٽريبيُوٽ سينٽر ۾ اندر وٺي آيُون. هي ٽريبيُوٽ سينٽر نه فقط سوڙهين گھٽين ۾ ٺهيل آهي، بلڪه اندر به سوڙهن ڪمرن، ڪاريڊورس ۽ نماءَ گھرن تي مُشتمل آهي. اندر داخل ٿيڻ سان ئي اسان سڀني کي ڌار ڌار هيڊ سيٽس (هيڊ فونس) ڏنا ويا، جيڪي اسان سڀني پنهنجن ڪنن ۾ لڳايا، جن جو مقصد اهو هو ته اسان 12 ڄڻن جي گرُوپ جو هن سوڙهِيءَ جاءِ تي توڙي گرائُونڊ زِيرو واري پاسي مائي ”ٽريسي گزاني“ جي آسپاس هر وقت رهڻ ممڪن هو ڪونه، تنهن ڪري اهو هتي وڏن گرُوپس لاءِ سهُولت جو طريقو موجُود آهي، ته گائيڊ وٽ هڪ مائيڪ هُجي ٿي، اها به هن جي مٿي ۾ هيڊسيٽ سميت لڳل هجي ٿي ۽ سيّاحن منجھان هر ڪنهن جي ڪنن ۾ لڳل اِيئر سيٽ (ٻُڌڻ واري سيٽ) رستي، گائيڊ جيڪو ڪجهه به ڳالهائي ٿو ۽ هن جاءِ توڙي هن واقعي جي باري ۾ جيڪو به ٻُڌائي ٿو، اهو سڀني جي ڪنن تائين سؤلڙائيءَ سان پهچي وڃي ٿو، توڙي اهو سيّاح ان گائيڊ کان اڳتي هلندو هجي يا رش ۾ ڪٿي پوئتي رهجي ويو هجي. ان معلُومات سان گڏ اُن سُونهي پاران گھمڻ دؤران جيڪڏهن ڪي هدايتُون به ملن ٿيون، ته اهي اُن آلي رستي آسانيءَ سان هر ڪنهن تائين پهچي سگھن ٿيُون. مائي ”ٽريسي گزاني“ جيان هڪ ئي وقت ڪئين سُونهان ۽ سُونهيُون ڪيترن ئي انفرادي ماڻهن توڙي گرُوپن کي هيءَ جاءِ گھُمائن ٿا. اسان جي گرُوپ لاءِ ”ٽريسي گزاني“ جو انتخاب ان ڪري ڪيو ويو، جو ”ٽريسي گزاني“ انهن بدقسمت مائرن منجھان آهي، جنهن جو نؤجوان پُٽ ”ٽيرِي“ به هن واقعي (نائين اليون) ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو. ”ٽريسي گزاني“ پنهن جي پُٽ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ پنهنجو ڌيان ونڊڻ لاءِ توڙي سڄيءَ دنيا مان آيل سيّاحن کي هن ڏک ڏيندڙ واقعي ۽ سانحي جي حوالي سان پيرائتي انداز ۾ ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي غم غلط ڪرڻ جو اهو رستو ڳولهي لڌو، جو هاڻي هُوءَ هن سانحي وارِيءَ جاءِ تي ايندڙ سيّاحن کي گھُمائيندي آهي ۽ ان طريقي سان هُوءَ ڄڻ ته سڄو ڏينهن پنهنجي پُٽ کي ياد به ڪندي رهندي آهي ۽ سندس مرڻ وارِيءَ جاءِ جي آسپاس به رهندي آهي. ان سان سندس روزگار جو سلسلو به هلندو رهندو آهي ۽ هُوءَ پنهنجي پُٽ ٽيرِيءَ جي ياد کان هڪ پل به غافل ناهي رهندي. مُون ان مائيءَ کي ڏسي سندس همّت کي سلام ڪيو، ته شابس آهي سندس هن جي همّت کي جو هُوءَ اُن جاءِ تي (جتي سندس پٽ مُئو)، ان واقعي جي باري ۾ (جنهن ۾ سندس پُٽ به پنهنجي ساهه تان هٿ ڌوتو) ڪيئن همّت سان پئي سڄيءَ دنيا کي ٻڌائي. سو به روز جي ڪم جي طور تي... ان ڏس ۾ مُنهنجو خيال هو ته کيس شرُوع شرُوع ۾ اهو ڪم ڪرڻ ۾ ڪيڏي اذيت ۽ تڪليف ٿيندي هُوندي. مائي ”ٽريسي گزاني“ جي ڳچيءَ ۾ جيڪو هن يادگار جي ”گائيڊ“ (سُونهِيءَ) جي طور تي سُڃاڻپ وارو ڪارڊ ٽنگيل هو، ان جي هڪ پاسي کان ٽيرِيءَ جي تصوِير لڳل هُئي.
مائيءَ اسان کي هن ٽريبيُوٽ سينٽر جا مختلف حصّا گھمائڻ شرُوع ڪيا. جنهن جي مختلف نماءَ وارن ڪمرن ۽ ورانڊن (ڪاريڊورس) ۾ ”نائين ـ اليون“ جهڙي هانءَ ڏاريندڙ واقعي مان سڙي بچي نڪتل مختلف شيُون، وَٿُون، تصويرُون، ويڊيوز، نقشا، ماڊل ۽ ٻيو يادگار سامان موجُود هو. هڪ هال ۾ چارئي ڀتيُون مختلف ماڻهن جي تصويرن سان ڳُتيل هيُون، جن ڀتين تي هزارين تصويرن جو ڪولاج ٺهيل هو. اسان کي ٻڌايو ويو ته ان ڪمري جي ٽن ڀتين تي انهن ماڻهن جُون تصويرُون لڳل هيُون، جن هن سانحي ۾ پنهنجيُون جانيُون وڃايُون، جڏهن ته هڪ ديوار تي انهن ماڻهن جُون تصوِيرُون لڳل هيُون، جيڪي ”نائين ـ اليون“ ۾ گم ٿي ويا. هي اهي ماڻهُو آهن، جن جا نه لاش ملِي سگھيا، نه ئي وري اڄ ڏينهن تائين انهن بابت ڪا خبر پئجي سگھي آهي ته اهي ڪيڏانهن ويا. ان قسم جي واقعي ۾ ڪنهن جي لاش جو نه ملڻ ۽ گم ٿي وڃڻ به پڪ سان ان ئي ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو، ته هُو مرِي ئي ويو آهي، پر ان جي وارثن جي انتظار جو جيڪو عجب عالم هُوندو ۽ نا اميديءَ ۾ به جيڪا اُميد هُوندي، ان جو هر احساس وارو اندازو لڳائي سگھي ٿو. هن ٽريبيُوٽ سينٽر جي بيسمينٽ واري حصّي ۾ هڪ وڏو هال هو، جنهن ۾ چوڌاري ديوارن تي نماءَ لاءِ ”نائين اليون“ بابت تصوِيرُون لڳل هيُون ۽ وچ تي ويهڻ لاءِ هڪ وڏو ايوان ٺهيل هو، جنهن جي وچ واري ڀاڱي ۾ وڏي سائيز جو هڪ شفاف بيلٽ باڪس رکيل هو، جنهن جي ٻاهران تاثرات لکڻ لاءِ ننڍا ننڍا ڪارڊز رکيل هئا، جن تي هتي ايندڙ سيّاح هن واقعي بابت پنهنجا پنهنجا تاثرات قلمبند ڪري رهيا هئا. اسان جي گرُوپ مان مُون سميت رڳو ٻن يا ٽن دوستن هن ”ڪمينٽ ڪارڊ“ تي پنهنجا تاثرات لکي ان کي اُن بيلٽ دٻي ۾ وڌو. مُون به پنهنجي ڏک جو اظهار ۽ ظالم خلاف احتجاج پنهنجن لفظن ۾ لکي هن بيلٽ باڪس ۾ وڌو. امريڪا جي ٻين تاريخي جايُن وانگر هتي به هن ٽريبيُوٽ سينٽر جو ”گفٽ شاپ“ هو، جيڪو بيسمينٽ ۾ ئي قائم هو، جنهن ۾ هن يادگار جي حوالي سان خاص طور تي ٺهرايل مگس، ٽي شرٽُون، شرٽُون، پينُون، پينسلُون، ڪِي چينز، چاڪليٽ ۽ ٻيُون شيُون وڪري لاءِ موجُود هيُون. مختلف سيّاحن هن گفٽ شاپ تان هن جاءِ جي نشانيءَ طور مختلف شيوُن خريد ڪيُون.
اسين هن ٽريبيُوٽ سينٽر مان نڪري ”گرائُونڊ زِيرو“ (حوضن وارِيءَ جاءِ) طرف وڌڻ لڳاسِين، ته ان گھٽيءَ جي ڪُنڊ کان (جنهن ۾ هن ٽريبيوُٽ سينٽر جو مُک دروازو هو) ”نائِين اليون فائر فائيٽرس ميموريل“ شروع ٿي، ان ئي گھٽيءَ ۾ ختم ٿي ٿيو. هي مختصر يادگار ان هڪ گھٽيءَ (130 لبرٽي اسٽرِيٽ) تائين ئي محدُود آهي، جتان ماڻهن جي رش، ٽريبيُوٽ سينٽر کان ”گرائُونڊ زِيرو“ طرف وڌي رهي هئي. ان ڪُنڊ تي ڪجهه بورڊن تي انهن فائر فائيٽرس جُون پاسپورٽ سائيز تصويرُون لڳل هيوُن، جنهن جي ڀرسان ڀت تي ٽامي جي ٺهيل 3 ڊائيمينشنل تصوير ۾ مختلف فائرفائيٽرس کي علامتي انداز ۾ باهه وِسائيندي ڏيکاريو ويو آهي. هي يادگار نيُويارڪ شهر جي ”فائر ڊپارٽمينٽ“ جي پاران 18 آگسٽ 2007ع تي ٺهرائي، فائر فائيٽر ”رابرٽ سِي. بيديا“ (جنهن انجڻ نمبر 24 تي چڙهي باهه وسائيندي پنهنجي جان وڃائي) ۽ فائر فائيٽر ”جوزف پِي. گريفيگنِينو“ (جنهن ڏاڪڻ نمبر 5 تي پنهنجيُون خدمتُون انجام ڏيندي ساهه ڏنو) ارپيو ويو آهي. اسان ٿوريءَ دير ان يادگار وٽ بيهي، انهن فائرفائيٽرس کي ياد ڪندي، ”نائين ـ اليون“ جي مُک يادگار جي داخلي دروازي طرف وڌياسِين. هن يادگار جو پُورو نالو ”نيشنل سيپٽمبر 11 ميموريل اينڊ ميُوزيم“ آهي، جيڪو 180، گرين وچ اسٽرِيٽ، نيُويارڪ ۾ واقع آهي.
”نائين ـ اليون“ جي مُک يادگار جي دروازي کان داخل ٿيڻ کان پوءِ سيڪيورٽيءَ جي ايڏن ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو، جو ٿڪي پياسِين. ڊگھيوُن ڊگھيُون قطارُون... سڀني ڌاتُوءَ وارين شين جو پنهنجي جسم کان الڳ ڪرڻ...مختلف اسڪينرز منجھان گذرڻ... ان سڄي عمل ۾ اڌ ڪلاڪ کان مٿي جو وقت لڳي ويو. مُون امريڪين جي ڊپ جو اندازو پئي لڳايو ته هُو ڪيڏا ڊنل آهن، جو هن هيڏي تباهيءَ کان پوءِ ان جي يادگار اندر سيّاحن کي ڇڏڻ لاءِ هنن حفاظتي قدم ايڏا سخت ڪري ڇڏيا آهن. حالانڪه هن يادگاري حوضن تي ڪو بم ڪيرائي ڇا ڪندو!

”گرائُونڊ زِيرو“ ۾ اندر داخل ٿياسِين ته هڪ وسيع ۽ ويڪري باغ اندر هزارين ماڻهُو ٽڙيل پکڙيل هُئا. اسين انهن ٻنهي حوضن جي چؤڦير ڦري (جيڪي ورلڊ ٽريڊ ٽاور جي نقشِ قدم تي ٺهيل آهن) انهن مارجي ويلن جا نالا پڙهي دل ئي دل ۾ ان غم کي محسُوس ڪري رهيا هُئاسِين، جيڪو انسانيت جي ناتي هن انسانيت سوز واقعي تي هر هوش وند دل محسُوس ڪندي هُوندي. اسان ان غم کي اڃا وڌيڪ شدت سان ان ڪري محسُوس ڪري رهيا هُئاسِين، ڇاڪاڻ ته اسين ان جاءِ تي موجُود هُئاسِين، جتي اهو اذيت ناڪ واقعو پيش آيو هو. ان ڪاريءَ ماربل جي ڀت تي اُڪريل ڪن نالن جي ڀرسان ڪي تازا گل رکيل هئا، جن مان ظاهر ٿي ٿيو ته انهن جي وارثن منجھان ڪو هاڻي هاڻي اچي اتي حاضري ڀري ويو آهي. ”ٽريسي گزاني“ اسان کي نقشن جي مدد سان اهو سمجھايو ته 11 سيپٽمبر 2001ع تي ڪهڙو ڪهڙو واقعو ڪيئن ڪيئن پيش آيو. ٽريسِيءَ جو آواز ڪنهن ڪنهن وقت ڏڪيو ٿي ۽ رکي رکي اکين ۾ آلاڻ ٿي آيس. مُون ڪيتري دير ته سندس گفتگُو عام انداز ۾ پئي ٻُڌِي ۽ هن جيڪا ان ڏينهن جِي ماجرا پئي ٻُڌائِي، ته اها دل ۾ پئي لٿِي. اوچتو ڪنهن گھڙِيءَ منهنجيءَ دل ۾ هڪ پل لاءِ اهو خيال آيو ته انهن چئن جهازن منجھان ڪنهن به هڪ جهاز ۾ منهنجو ڪو پنهنجو سوار هجي ها ۽ اهو جهاز اچي ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ سان خود ڪش ٽڪر هڻي تباهه ٿئي ها. اها سوچ کن پل لاءِ آئي ته مُنهنجو ساهه ئي نڪري ويو ۽ اکين مان بي اختيار لڙڪ وهڻ لڳا. ٽريسيءَ پنهنجي ڳالهه پُوري ڪئي، ته مُون جھٽ کڻي کيس ڳراٽڙي وجھي چيو: ”تُنهنجو غم تو اڪيليءَ جو غم ناهي“ ٽريسيءَ به پنهنجا ڳوڙها اگھندي منهنجا ٿورا مڃيا. ٽريسِيءَ اسان کي برِيف ڪرڻ کان پوءِ چيو ته: ”اوهان هتي ترسو! ته مان ٽيرِيءَ سان ملِي اچان!“ پنهنجي مرحُوم پُٽ بابت هن پاران اهو چوڻ جي مُراد، ته هُوءَ ساڻس ملي اچي، اها هئي ته هُو ان حوض جي ان ڪُنڊ تان چڪر ڏئي اچي، جتي سندس نالو لکيل آهي. اسين هڪ گھايل ماءُ جي احساسن کي سمجھندي تيسين اُن سُڪل وڻ (جيڪو هن حملي ۾ سڙي ويو آهي، پر ان جو سڙيل ڍانچو اڃا بيٺو آهي) ۽ اُن عجائب گھر آڏو بيهي تصويرُون ڪڍرائڻ لڳاسِين، جيڪو 15 ۽ 21 مئي 2014ع تي عوام لاءِ کوليو وڃڻو هو. هن جاءِ تي ويڊيوگرافيءَ جي سخت منع آهي، جڏهن ته اسٽل فوٽوگرافيءَ جي اجازت آهي. اهڙي خبرداري اسان جي ڇاپي شيڊيُول ۾ به ڏنل هئي.

No comments:

Post a Comment