سعيو سامونڊين سين
ڊاڪٽر ايوب شيخ
هن سال جي اونهاري جي موڪلن ۾ اسان
جي آڏو گهمڻ لاءِ روايتي شهر اسلام آباد، ڪوهه مري، سوات وغيرهه نه هيا، نه ئي اسان
عرب امارات، ترڪي يا ملائيشيا جي چونڊ ڪئي. ان جو هڪ سبب اهو هيو ته گهر جي پنجن ڀاتين
مان ڪنهن جي ترڪي ڏٺل هئي ته ڪنهن جي ملائيشيا. اسان ٽي مهينا اڳ، هڪ ڀيرو ٻيهر جوهي
ويجهو موجود شاندار ”گورک هل اسٽيشن“ ڏٺي هئي، تنهن ڪري هاڻي ڪُڻو نڪتو ٿائيلينڊ ۽
ڪمبوڊيا جو.
پي آءِ اي پاڪستانين
سان ڪهڙو ظلم ڪري ٿي؟
ڪراچي کان بئنڪاڪ جو هوائي مفاصلو
3714 ڪلوميٽر آهي. پر هتان سڌي اڏام رڳو ٿائي ايئر جي وڃي ٿي، اسان جي پي آءِ اي ان
پاسي وڃي ئي ڪا نه ٿي. جنهن ڪري اسان ٿائي
ايئر جي مهانگي ٽڪيٽ بدران، پئسا بچائڻ لاءِ ابوظهبي جي ”اتحاد ايئر“ جون ٽڪيٽون ورتيون.
هاڻي اوهان پي آءِ اي جي اڏام نه هجڻ سبب، نقصان تي غور ڪريو.
ڪراچي کان ابوظهبي جو هوائي مفاصلو
1282 ڪلوميٽر آهي. اسان اهو طئي ڪيو ۽ اتان وري بئنڪاڪ لاءِ روانا ٿياسين. جهاز ۾ اندر
نقشي تي نظر وڌي ته خبر پيئي ته اتحاد ايئر وري ڪراچي جي پاسي اڏامڻ شروع ڪيو ۽ ڪراچي
کان 200 ڪلوميٽر فاصلي تي ڀارتي احمد آباد کان ٿيندي حيدرآباد مٿان اڏامندي بئنڪاڪ
پهتي. ابوظهبي کان بئنڪاڪ 4973 ڪلوميٽر مفاصلو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته اسان 1282
ڪلوميٽر هڪ پاسو ۽ ايترو ئي موٽندي ڪيو. مطلب ته 2560 ڪلوميٽر وڌيڪ مفاصلو ڪري پهتاسين.
پر جي پنهنجي پياري پاڪستان جي پي آءِ اي هجي ها ته اسان رڳو 3974 ڪلوميٽر فاصلي تي
هجون ها ۽ ساڍن پنجن ڪلاڪن ۾ ئي پهچي وڃئون ها. جنهن بدران اسان 12 ڪلاڪن ۾ پهتاسين.
بئنڪاڪ پهچڻ وقت اسان جي دل ۾ پي آءِ اي جي لاءِ مذمت جو جيڪو پريس رليز ٺهيو هوندو،
تنهن جو اندازو اوهان لڳائي سگهو ٿا. اڃا اهو به سوچجي ته ملڪ جي رهواسين جو جيترو
وقت زيان ٿئي ٿو، ان جو ڪاٿو ڪرڻ وارو ڪير به ڪونهي.
نهٺن ۽ ٻُڌمت ماڻهن
جو ديس ٿائيلينڊ
ٿائيلينڊ جنهن جو سرڪاري نالو ”ٿائيلينڊ
جي بادشاهت“ Kingdom of Thailand آهي، سو انڊمان سامونڊي ڪنارن ۽ نار جي ڪنارن جي وچ ۾، ايشيا کنڊ جي
ڏکڻ اوڀر جي يارنهن ملڪن مان هڪ ملڪ آهي. ٻيا ڏهه ملڪ ويٽنام، ملائيشيا، سنگاپور، برما،
لائوس، ڪمبوڊيا، برونئي، انڊونيشيا، فلپائين ۽ اوڀر تيمور آهن.
ايشيا کنڊ جو اهو ڏکڻ اوڀر جي ملڪن
جي ڳٽڪو 62 ڪروڙ ماڻهن تي ٻڌل دنيا جو سڀ کان وڏو علائقو آهي، جيڪو هندي سمونڊ ۽ ماٺي
سمونڊ Pacific Ocean جي ڪنارن تي موجود آهي. اهي سمورا ملڪ سمونڊ جي ڪنارن تي هزارين ٻيٽن
سان مالامال آهن، جن جي گهڻائي ٻُڌمت عقيدي سان سلهاڙيل آهي. جڏهن ته مسلمانن ۽ عيسائين
جو به جهجهو انگ اتي رهي ٿو.
بئنڪاڪ هوائي اڏو
پنجن پيرن جي ميلي جي رش:
بئنڪاڪ جو هوائي اڏو ”سوارنا ڀومي“
Suvarnabhumi Airport نه هيو ڄڻ ته هڪ مهل سنڌ جي پنجن پيرن فقيرن جو گڏيل ڪو ميلو متل هيو.
هزارين مسافر هڪ مهل لهندڙ ڪيترن جهازن مان لهندا پنهنجي پاسپورٽن تي مهر لڳرائيندا،
پنهنجي چونڊ منزل ڏانهن روانا ٿيا. هر ڏينهن 80 ملڪن جا جهاز اتي لهن ٿا، جيڪي سال
۾ ساڍا پنج ڪروڙ مسافر کڻي اچن ۽ وڃن ٿا. اسان جو هوٽل اپارٽمينٽ انٽرنيٽ تي ئي بوڪ
ٿيل هجي، سو بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي موجود ريلوي اسٽيشن تي چڙهي ڪراچي جي شاهراهه فيصل
جهڙي علائقي ”سکم وت“ Sukhmvit پہتاسين. سکم وت بئنڪاڪ ۾ هوٽلن، ريسٽورانٽس، آفيسن ۽ ڪلبن جو علائقو
آهي. اسان ريلوي اسٽيشن تي لهي پنڌ پياسين. انٽرنيٽ تي اوهان کي هر ڳالهه ٻڌائي وڃي
ٿي ته ڪهڙي هوٽل کان ڪهڙي اسٽيشن ڪيتري پنڌ تي آهي. تنهنڪري اسان جي لاءِ هوٽل اپارٽمينٽ
پهچڻ ڪو اوکو ڪم نه هيو. اوچتو منهنجي نظر هڪ بورڊ تي پيئي، ٿائي ٻولي ۽ انگريزي ۾
لکيل هجي: ”بشنين کان خبردار رهو“. بورڊ پڙهي مون کيسي ۾ هٿ وڌا. سڀ خير هيو، پر بئنڪاڪ
۾ گهمندي سمورو وقت بشنين کان خبرداري جا بورڊ ذهن تي موجود رهيا.
انٽرنيٽ وسيلي بُڪنگ
جا ڪيئي فائدا هجن ٿا:
اوهان جڏهن به دنيا جا ملڪ گهمڻ
لاءِ نڪرو يا دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ وڃو ۽ جي اوهان کي پئسا بچائڻا هجن ته جهازي ٽڪيٽ
کان ويندي هوٽل يا رهائش، گهمڻ جي جاين، تفريحي ماڳن جي ٽڪيٽن، سئنيما، نمائش، سرڪس،
راڳ رنگ ۽ ٻين ثقافتي شوز لاءِ اڳواٽ ئي انٽرنيٽ تي بوڪنگ ڪرايو. ان سان ٻه فائدا ٿين
ٿا. هڪ ته، پئسا بچن ٿا ۽ ٻيو ته اوهان کي ڪهڙي ڏينهن ڪهڙي مهل ڪٿي پهچڻو آهي، ان جي
رٿا ٺاهي سگهو ٿا.
ان ريسٽ هائوس جيڪو سکم وت ۾ هيو،
۾ مناسب اگهه تي ڪمرا مليا هئا. هڪ ڏينهن جا پاڪستاني چار هزار رپين ۾ هڪ ڪمرو مليو
هو. پئسا اڳواٽ مليل هيا. استري، چانهه جي ڪيٽلي ۽ واشنگ مشين جي سهولت موجود هئي.
مون ”سيون اليون“ اسٽور تان صبح جي کاڌي جو سامان ورتو. ريسٽ هائوس تي پهچي اسان لت
ڏيئي سمهي رهياسين.
سيون اليون اسٽور سڄي ٿائيلينڊ
۾ هر في ڪلوميٽر تي 24 ئي ڪلاڪ کليل رهن ٿا، جتي شريف توڙي بدمعاش گهريلو شيون وٺن
ٿا. جڏهن ته، شراب واپرائيندڙن کي پڻ ٿورن قسمن جو وائين، وهسڪي ۽ گهڻن قسمن جا بيئر
ملن ٿا. اهي اسٽور انهن سمورن مسافرن توڙي دير سان گهر ويندڙن يا ڪنهن به وقت بک لڳڻ
وارن جي لاءِ آٿت ۽ سهارو آهن. ان ۾ مزي جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪي مسافر گهڻو پاڻي
واپرائين ٿا، انهن کي اهو گهٽ ۾ گهٽ اگهه تي ملي سگهي ٿو، جيڪي هوٽلن، ريسٽورانٽن
۽ ٻين جاين تي ٻيڻي اگهه تي موجود آهي.
بئنڪاڪ جو ساهه ان
جي ٽرين ۾ آهي!
آئون جيئن ئي سکم وت جي مرڪزي شاهراهه
تي پهتس ته مون کي مختلف قسمن جون سواريون نظر آيون. هڪڙي ته چنگچي جنهن کي اتي مڪاني
طور ”ٽُڪ ٽُڪ“ چون ٿا، ٻيون ٽئڪسيون جيڪي ٽن ڪمپنين جون ٽن رنگن ۾ پئي هليون. فٽ پاٿن
وٽ موجود آٽوميٽڪ موٽر سائيڪلون جن کي هلائڻ لاءِ، مرد توڙي عورتون، مسافرن جي اشاري
تي بيٺل هئا ۽ انهن سڀني کان مٿان ٽرين جو بهترين، باترتيب، سائنسي ۽ سهڻو نظام.
شاهراهه جي ايندڙ ويندڙ ٻٽي روڊ
جي وچ تي ميٽرو ريل جون ٻه منزلون ٺهيل هيون. ٿائيلينڊ جي راڄڌاني ۾ ٽن قسمن جون ٽرينون
آهن. هڪ انڊرگرائونڊ جيڪا ”بي ٽي ايس“ سڏجي ٿي ۽ ٻه ايم آر ٽي ۽ اسڪائي ٽرين، جيڪي
روڊ جي وچ تي مٿان مٿان هلن ٿيون. مون لنڊن ۾ انڊرگرائونڊ ريل ڏٺي هئي. تڏهن سوچيو
هيم ته 110 ورهيه اڳ اهو معجزي کان گهٽ نه هوندو. پر وري جڏهن بئنڪاڪ ۾ ساڳي ڪار ڏٺم
ته مون کي حيرت ٿي. اهي ريلون سڄي شهر ۾ صبح جو ڇهين وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين هلن
ٿيون. هر روز لکين مسافر نيئڻ جو ڪم ڪن ٿيون. شاگردن، ملازمن، روز ڪتب آڻڻ وارن لاءِ
هفتي، پندرنهن ڏينهن، مهيني ۽ ٻن مهينن جا پاس ٺهيل آهن. جيڪو سفر ڪار يا ٽڪ ٽُڪ ۾
ڪلاڪ ۾ پورو ٿئي، پئسا به وڌيڪ لڳن، اهو ريل ۾ منٽن ۾ پورو ٿئي.
اهي ٽرينون سيڪنڊن جي پابندي سان
هلن ٿيون. جيڪي لکيل آهي، ان موجب ان اسٽيشن تي پهچن ٿيون. مسافرن جي لهڻ لاءِ نشان
ڏنل آهن، چڙهڻ لاءِ ليڪا پاتل آهن. ڪير ٿو لهي، ڪير ٿو چڙهي، ڪنهن جو ڪم نه وڃي. ايئن
بئنڪاڪ جي حياتي ان ٽرين سان ٻڌل آهي. اوهان ٽڪيٽ کان سواءِ نه اسٽيشن تي داخل ٿي سگهو
ٿا، نه ئي اتان ٻاهر نڪري سگهو ٿا. ٽيڪنالاجي نه رڳو انساني وقت ٿي بچائي پر ڏوهن کان
به جند ڇڏائي ٿي.
ميٽرو ريل ڏسي، مون کي ڪراچي جي
ميٽرو ريل جو خواب ياد آيو. جنهن جي ساڀيان اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي. دنيا جي سڌريل
ملڪن گذريل 20 سالن ۾ اربين رپيا قرض ڏنا، اسان ڇا ڪيو جو، اهي اربين رپيا به کائي
ڇڏياسين ۽ جيڪا ريل جي پٽڙي شهر ۾ موجود هئي، ان تي بنگلا اڏائي ڇڏياسين. ڪراچي ان
ميٽرو کان سواءِ سڌري ئي نه ٿي سگهي. ان رٿا کي اڏڻ سان شهر جا هزارين مسئلا ختم ٿي
ويندا. پر شايد مسئلا جيئن جو تيئن رکڻ واري ”مسئلا مافيا“ به آهي، جيڪا اها ريل ٺاهڻ
ئي نه ٿي ڏئي.
شهري زندگي ۽ وڏيرڪي
زندگي!
پاڪستان اهو بدنصيب ملڪ آهي، جتي
نه صنعت وڌي سگهي نه صنعتي ڪلچر. جيڪي ڪجهه ڳوٺن ۾ هيو، شهرن ۾ به اهو ئي آهي. جي ڳوٺن
۾ وڏيرا آهن ته شهرن ۾ انهن کان به خطرناڪ وڏيرا آهن. ان ڪري اسان جا ماڻهو قمبر شهر
کان ڪراچي ۾ ايندا ته به ڳالهه ساڳي. جي ماڻهو لاڙڪاڻي کان به ايندو ته به ”جهڙيون
پنج ويهان، تهڙو هڪ سئو“ واري ڪار هوندي. سو، شهري زندگي رڳو ڳوٺ کان وڏي شهر ۾ اچڻ
سان پاڻمرادو پيدا نه ٿي سگهندي، ان لاءِ ذهني طور پاڻ کي تبديل به ڪرڻو پوندو.
هڪڙي ڏينهن ”عوامي آواز“ جي ڪراچي
آفيس ۾ مون سان ڪي سنڌي ملڻ آيا، جيڪي پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي، ڪراچي ۾ اچي رهيا. هنن
ڪراچيءَ جي پسگردائي ۾ پڪا ڳوٺ ٻڌائي ڇڏيا.
مون کانئن پڇيو هو ته ”بجلي؟“ جواب
آيو ته ”سائين ڪنڍا لڳا پيا آهن، مهينو ڀريندا آهيون.“
”ڀلا روڊ رستا؟“ تنهن تي چيائون:
”سائين روڊ هوندا ته بد امني وڌنڌي.“
”ڪو اسڪول؟“ ان جو لاجواب بيان آيو؛
”سائين پڙهڻ لاءِ ڪو تيار ئي ڪونهي.“
”ڪا اسپتال، ڊسپينسري؟“ تنهن تي
چيائون: ”سائين غريبن کي ڪير ٿو پُڇي؟“
مون کين چيو هو ته؛ ”ان کان ته اوهان
قمبر ۾ بهتر هيا، جتي سڀ ڪجهه هيو!!“
بئنڪاڪ جي شهري زندگي:
شهر ۾ زندگي صبح جو ڇهين وڳي شروع
ٿي وڃي ٿي ۽ رات جو ڏهين وڳي ختم. باقي ڪلب، شراب خانا، هوٽلن ۾ ڊانس پارلر اڌ رات
تائين هلن ٿا. مون ڏٺو ته قاعدي موجب هر دڪاندار ڏهين وڳي اندر دڪان بند ڪرڻ جو پابند
هيو ۽ ڪٿي به سوا ڏهين وڳي ڪو به دڪان کليل ڪو نه هيو.
فٽ پاٿن، روڊ جي ڪنارن، پلين جي
هيٺان، ننڍن دڪانن تي عورتون ڪم ڪن ٿيون. ماني وڪرو ڪن ٿيون، رانديڪا، گل، سوکڙيون
پاکڙيون کپائين ٿيون. مرد انهن ڪمن تي بنهه گهٽ ۽ نه جي برابر. مون هڪ نوجوان ڇوڪريءَ
کان پڇيو ته ”اوهان جا مرد ڪٿي آهن؟“ تنهن تي هن ٻڌايو ته؛ ٿائيلينڊ ۾ نسلي طور عورتون
وڌيڪ ڄمن ٿيون. مائٽ پٽ ڄمڻ جي اميد ۾ وڃن ٿا ٻار پيدا ڪندا. ستن مان ڇهه نياڻيون ته
هڪ پٽ ڄمي ٿو. جنهن گهر ۾ پٽ ڄمي ٿو، اهو جوان ٿيڻ تائين شهنشاهه واري لاڏ ڪوڏ سان
پلجي ٿو. ڇوڪريون ۽ مائرون ڪم ڪري گهر هلائين ٿيون.
سڄي شهر ۾ ڪنهن کي ڪهڙا ڪپڙا پاتل
آهن، ڪنهن کي استري ٿيل آهي يا ناهي؟ ڪير صاف سٿرو آهي يا ميرو آهي؟ ڪنهن جو رنگ ڪهڙو
آهي، ڪير ڇا ٿو ڪري، اهو ڪنهن جو به ڪم ناهي. هر ڪو گهران نڪتو آهي ته پنهنجو پنهنجو
ڪم ڪري. گاڏيون لائين ۾ هلن ٿيون. هڪ به گاڏي دونهون نه ٿي ڇڏي. رات جو ڏهين وڳي صفائي
جو مشين وارو ۽ هٿ وارو عملو روڊن تي نڪري پئي ٿو. سڄي ڏينهن جو گند صاف ڪري، شهر چمڪائي،
آڌيءَ تائين ڪم ڪري ٿو. صبح جو ساڳي بئنڪاڪ صاف سٿري ۽ چمڪندڙ.
سڄي بئنڪاڪ ۾ ٿائي ٻوليءَ جي اهميت
آهي. هر ڳالهه ٿائي ٻوليءَ ۾ مٿان لکيل ۽ ان جي هيٺان انگريزي ۾ لکيل. مون کي اهي بورڊ
پڙهي سائين قائم علي شاهه جي سنڌ سرڪار ياد آئي. جيڪر هو موصوف به، سنڌ جي وڻ وڻ کي
سنڌي ٻولي سان سٿي ڇڏي، ان جي هيٺان اردو يا انگريزي لکرائي ته جيڪر ان جي عزت کي چار
چنڊ لڳي وڃن. سنڌ جا دانشور پڻ ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهن ٿا. روڊن تي ميل جي پٿرن کان
ويندي پوليس ٿاڻن تائين، پيپسي ڪولا کان ويندي ڪوڪا ڪولا تائين، شربت کان ويندي زهر
تائين ڀلا جي هر نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ اسان نه لکرائينداسين ته ٻيو ڪير لکرائيندو. بئنڪاڪ
جي روڊن ۽ رستن تي گهمندي، مون کي سنڌي ٻوليءَ سان بي مهري، بي رحمي ۽ سنگدلي ياد آئي.
اها بي رحمي، گهڻي سرڪار پاران ۽ ڪجهه اسان پاران ڪئي وئي آهي.
شهر ۾ گهمندي اوچتو مون روڊ جي ٽن
قطارن ۾ گاڏين کي قانون سان هلندي ڏٺو ته مون سنڌ پوليس ۽ خاص ڪري ڪراچي ٽرئفڪ جي ڊي
آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ لاءِ تصوير ڪڍي ورتي ته دنيا جا وڏا شهر ٽرئفڪ کي جيئن بهتر
بنائين ٿا، اسان به بهتر ڪري سگهئون ٿا.
No comments:
Post a Comment