Tuesday, June 27, 2017

سمبارا جي ديس ۾ - نصير مرزا

سمبارا جي ديس ۾
نصير مرزا
ڄاڻان ٿو ته نه منهنجي هٿ ۾ سفر جي لڪير، نه پير کڙي ۾ گهمن گهيري جي ڪا سِير، پوءِ به موهن جي دڙي بابت انڊس سولائيزيشن ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ جو مليو ته ٽپ ڏيئي چڙهي ويهي رهيس لاريءَ ۾. جنهن ڪوچ تي آئون سوار، ان جو سالار عزيزم اظهار سومرو ۽ ساڻ همسفر تاج جويو، پيارو نفيس احمد شيخ ناشاد، شوڪت حسين شورو، ادي نذير ناز، نسرين الطاف، حافظ احمد دين انڍڙ، احساس ميرل ۽ ڪي نظاماڻي نوجوان عمران، منتظر ۽ شهزاد....هونئن حيدرآباد عجائب گهر کان لاڙڪاڻي تائين وايا شاهراهه انڊس ۽ باءِ پاس هي سفر ڇا ته خوشگار...اڙي بابا! تاج جويي جي پَٽ پَٽ ۽ فونن تي هي ڏسو ته ميهڙ ۾ آزاد انور ڪانڌڙو اتان جو گرم گرم لذيذ ۽ خوشبودار مائو کنيو بيٺو بس اسٽاپ تي- ڪوچ خيرپور ناٿن شاهه پهتي ته اڙي واهه....اتي وري بيهن جي ڀرڪڻن پڪوڙن جا پڙا کنيو ٻيو ادب دوست منتظر بيٺو هو. کاڌ پيت جي اهڙي ڪرت دوران ڀرسان ويٺل ناشاد صاحب اطلاع فراهم ٿو ڪري....”هن ڪانفرنس کان اڳي ڀُٽي صاحب 1973ع ڌاري موهن جو دڙي تي جيڪو انٽرنيشنل سمپوزيم سڏايو هو، ان وقت جا سارا مندوب دنيا مان هاڻي موڪلائي چڪا آهن، سواءِ مون ناچيز ناشاد ۽ سائين حاڪم علي شاهه بخاريءَ جي.“ اڙي واهه...ميهڙ مان روانو ٿئي ڪو ڪلاڪڙو سوا مس گذريو هوندو، جو لاڙڪاڻي شهر ۾ اسين داخل ٿي وياسين. يا الله!! هي ايڏو برباد شهر...بينظير صاحبه ۽ ڀٽي صاحب جو شهر پر جهڙو کنڊر!!


پر يارو! هي جنهن هوٽل آڏو ڪوچ آڻي بيهاريو، ان علائقي جو نالو ڀلا ڇا؟ ٻڌايائون نانوءَ جو پڌر- اڙي واهه...سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو ڪاڪو ڪشنچند بيوس، ان ئي ته علائقي ۾ رهندو هو ۽ پوءِ نظر کڻي جو رستي جي ٻئي پار نهاريان ته هڪ پاسي هندن جو مندر، ڀرسان ڌرم شالا يا آشرم، جتي ڪا ڄڃ لٿل هئي ۽ جيڪا سهرن جي ڌم لايو ويٺي هئي! ”ها گهوٽ ماءُ بندري، الاڙي الا...“ اڙي بابا، هي ڪهڙي ڌماچوڪڙي ۾ اچي اسان کي لاٿو اٿوَ!؟ اهو منهنجي همسفر ناشاد صاحب جو آواز هو. هاڻي ناشاد صاحب کي ۽ مون کي هي رهڻ لاءِ جيڪو ڪمرو مليو، ان جو فرج کوليوسين ته اندران ٻه ڪوئا ڊوڙندا نڪتا ۽ هنڌ واري بلئنڪيٽ ۾ گم....پوءِ نڪ تي مَشر اوچتو اچي ويٺو ۽ پڪڙيومانس ته شَپڪو ڏيئي شَڏائي ويو...بعد ۾ جڏهن ٽه ماڙ تان هيٺ لهڻ لاءِ ناشاد پاران لفٽ گهري وئي ته ويٽر ٻڌايو، پنج منٽ ترسو هيٺان کڻائي ٿا اچون! اجهو صبح جو سجاڳ ٿي ناشاد صاحب هوٽل جي ڪچن مان ٻاڦ دار گرم گرم پاڻيءَ جو ڪوزو شيوِ لاءِ گهريو ته اهو پاڻي بس هلڪو ئي گرم هو. اڙي بابا پاڻي مون کي نيم گرم نه، سخت ٽچڪندڙ ۽ گرم گرم گهرجي، تڏهن ويٽر خالص لاڙڪاڻوي لهجي ۾ وراڻيس ٿو...”سائين! پاڻي ايڏو ته گرم اٿوَ جو مَشي ان ۾ ڦٽي ڪريو ته شَپڪو ڏيئي شڏائي ويندي.“ شٽ اپ، ناشاد صاحب هن کي دڙڪو ٿو ڏئي. هاڻي هوٽل مان صبح جو موهن جي دڙي روانه ٿيڻ لاءِ هوٽل مان نڪتاسين پئي، جو سامهون سفيد سفيد ۽ قديم جعفرين سان ممتاز علي خان ڀٽِي صاحب جن جو پراڻو بنگلو ڏٺوسين. ڪوچ تي سوار ٿي، اتان 28 ڪلوميٽر دور، موهن جي دڙي ڏانهن روانه ٿياسين ته، ممتاز مرزا صاحب جي ڪتاب ”سدا سوئيتا ڪاپڙي“ مان 1973ع واري پهرين انٽرنيشنل سمپوزيم جو احوال پڙهڻ شروع ڪيم. لکيل هو: هي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي پنجاهين سال جو جشن هو. خاص مهمان جاپان جو ولي عهد پرنس ”مڪاسا“ هو. گڏوگڏ باباءِ آرڪيالاجسٽ آر ڊي بئنرجي، سر جان مارشل ۽ مارتيمرو هيلر کي پڻ ان سمپوزيم ۾ سلام پيش ڪيو ويو. اڙي بابا، هي به اهو ئي مارٽيمرو هيلر، جنهن پهريون ڀيرو هن نازڪ نفيس سمبارا ديوي کي ڊانسنگ گرل (ناچڻي) جو نالو ڏنو هو. ممتاز صاحب لکيو آهي: اهو سمپوزيم موهن جي دڙي آڏو عجائب گهر جي ميدان تي ٿيو هو، جتي کليل پٽ تي تنبو تولان کڙا ڪيا ويا هئا. بقول ممتاز صاحب جي اهڙي واد وواد بعد، رات جو جڏهن محفلِ موسيقيءَ ۾ الغوزي تي مصري خان ماڻهن کي جهومايو، مرليءَ تي اقبال جوڳي نچي ڪڏي ڪرتب ڏيکاريا. فيض محمد بلوچ ”ليوا“ تي وش ملي ڳايو، علڻ فقير ڪنگ پريسٽ جو روپ ڌاري اسٽيج تي درشن ڏنو، پوءِ رات جي ماني وقت طعامن تان ڍڪڻ هڪ هڪ ٿي لٿا ته بقول ممتاز مرزا صاحب...ساده دل سازندن ايڏي ته وٺي ڊوڙ وڌي، جو هڪڙو طبلائي ته، سڌو وڃي پرنس مڪاسا جي مٿان ڪرايو...اهڙا احوال مون اڃا پڙهيا ئي پئي، جو هي موهن جي دڙي وارو زبردست عجائب گهر اچي ويو. هاڻي اندر تقريب واري پنڊال ڏانهن وڌيس ته اڙي هان...هي ڇا؟ وچ ميدان تي ٺُل مٿان اها ئي موهن جي دڙي واري ناچڻي سمبارا...اڀي پير بيٺل يا الله! ڇا ته سڊول ۽ سمارت خاتون! ٻانهن ۾ ڪلهي تائين عاج جا سفيد چوڙا...سنها نقش نگار، ۽ شڪل شبيهه ۾ صفا اهڙي، جهڙي فلم ديو داس واري پارو، ايشوريا....آغا سليم صاحب پنهنجي ناول ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ ۾ لکيو آهي....”سنڌ تراش سارنگ کان، موهن جي دڙي جي حاڪم، حڪم ڪري اها مورتي ٺهرائي ۽ ديوتائن جي آڏو آڻي رکي ته بت تراش سارنگ جا هٿ، حاڪم ان ڪري وڍرائي ڇڏيا، جيئن ان مورتي بعد هاڻي هو اهڙي ڪا به ٻي سمبارا ٺاهي نه سگهي.“ بقول آغا صاحب، ”هيڏانهن سارنگ جا اڏي تي هٿ قلم ٿيا ۽ هوڏانهن ڪنهن حملا آور شهر تي هلان ڪئي ۽ سڀ ڪجهه پل کن جو کيل ٿي ويو.“

آغا صاحب جي ان تحرير ۽ انهيءَ جي سحر مان ٻاهر نڪري آئون چپ چاپ ميوزيم جي شو ڪيسن ۾ رکيل نوادرات ڏسڻ لاءِ ميوزيم ۾ مٿي هليو ويس. اڙي هان، هي ڇا!؟ اڪثر نوادرات جي هيٺان لکيل نالا اردو ۾...! ”انگيٺي... چقمق ڪي ٽڪڙي“.... ”پٿر ڪي رڪابي“، ”تانبي ڪي ڪلهاڙي“، ”ديا“، ”مٽڪي“...”پٿر ڪي باٽ...“ ها! ٿورا ٿورا نالا برابر ته سنڌي ۾ به لکيل، مثال طور موهن جي دڙي جون مهرون...۽ اهي به بس آڱرين تي ڳڻن جيتريون مس...اڙي بابا اهي ته سون ۾ لڌيون ويون هيون. خبر پئي ته 2002ع ۾ ڪو شاهينگ اهي اتان سڀ تڳائي ويو ۽ هاڻي انهن اصل جون نقل مهرون ٺاهي شو ڪيسن ۾ رکيون ويون آهن. هوڏانهن هو جيڪا سمبارا جي اصل مورتي، اها وري ورهاڱي کان اڳ دهلي ڪنهن نمائش ۾ رکڻ لاءِ موڪلي وئي...جو پويان صورتحال اهڙي بيٺي، جو سمبارا، دهلي ۾ ئي رهجي وئي. هاڻي ميوزيم مان لهي، موهن جي دڙي جا کنڊر ڏسڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ پنڊال وٽان لنگهيس ته ڪنهن پرڏيهي آرڪيالاجسٽ جا هي لفظ ڪن تي پيم... ”جيڪڏهن دڙي اندر اسٽوپا وارو ٺُل ڊاهي، ان جي هيٺان کوٽائي ڪئي وڃي ته شايد اڃا به وڌيڪ دنيائون نڪري نروار ٿي سگهن ٿيون ۽ پوءِ جڏهن اهي اتان لڀي پون ته اسٽوپا جو رپليڪا ٺهرائي انهيءَ ساڳي هنڌ تي رکيو وڃي...“ ياالله!....مون اهي لفظ ٻڌي، دل ۾ دهرايو ته سنڌ جي قديم آثارن سان اها دوستي يا دشمني!؟ هاڻِ موهن جي دڙي جا کنڊر ڏسڻ لاءِ ان جي مکيه اينٽرنس وٽ پهتس، ته ڇا ڏسان اتي وري هڪ اوچي ٺل تي ڪنگ پريسٽ براجمان....پر اهو به اصلي ڪٿي!؟ نقلي! ۽ اسان جي آرٽسٽ يار نعمت خلجيءَ جو پلاسٽڪ آف پئرس مان ٺاهيل چهري تي وڻندڙ سونهاري مڇون، صاف ڪلهي تي ڦلڙين ڦلڙين وارو سفيد بوڇڻ...هاڻي اتان هلندي گريٽ باٿ (حوض) ڏانهن ويندي، هڪ هڪ کوهه وٽان لنگهس پئي ته لڳو ڄڻ موهن جي دڙي جون ڇيل ڇبيليون ناريون، مٿي تي ٻيلهڙا ۽ ڪڇ تي دلا رکي ڳائينديون پيون وڃن....”منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مان پاڻيءَ تي ٿي وڃان.“ اڙي واهه! منهنجي ڀرسان لنگهندڙ ڪو سياح وري ڳائيندو پئي ويو...”آج پرائي راهون مين، ڪوئي مجهي آواز نه دي...“ ۽ آئون سوچيندو ويس...يا الله، هن شهر جي ماڻهن جون شڪليون الائي ڪهڙيون هونديون؟ ۽ ان جو ڪنهن کي ڪوئي پتو ڪونه، ها! ڪنهن کنڊر مان هڪ اڌ ڍانچا ضرور مليا، پر اهي به بي چهرا...۽ پوري موهن جي دڙي ۾ نه ڪو قبرستان....نه شمشان گهاٽ، نه مندر آشرم....ڪنهن ٻڌايو، هتان جا ماڻهو پنهنجون ميتون درياءِ سنڌ ۾ لوڙهي ڇڏيندا هئا...پر موهن جي دڙي ۾ صرف قبرستان، ۽ شمشان گهاٽ ئي اڻ لڀ نه، مون کي ته ڪنهن به کنڊر ۾ نه ڪاٺ جو ڪو دروازو نظر آيو، نه لوهه جو ڪو ڪنڊو ڪڙو...ها! ٿورو فاصلي تي ٽوپلا پاتل ٻه فارينر...هڪ مرد ۽ ٻي عورت ضرور نظر آيا...خاتون ڇا ته دلڪش ۽ وڻندڙ ساروپن واري هئي! تڏهن اهڙي ياترا دوران، شام تيزي سان ويجهو ايندي وئي ۽ هوريان هوريان آسمان ۾ چنڊ جو ڪٽ آئوٽ نمودار ٿيڻ شروع ٿي ويو. ڏٺم...ڏور موهن جي دڙي واري ايئرپورٽ تي جهاز لينڊ ڪيو ۽ بس ڪا گهڙي مس گذري، جو رن وي تي ڊوڙي، ڀڙڪو ڏيئي آسمان ڏانهن چڪور بڻجي اڏامڻ لڳو...مون نگاهه کڻي مٿي آڪاس کي ڏٺو چنڊ ”ڪوهه نور“ هيري جيان کنڊرن مٿان چمڪي رهيو هو، تڏهن حيدرآباد واپس موٽڻ لاءِ دڙي جي کنڊرن ۽ سنسان گهٽين مان نڪرڻ وقت هڪڙي ديوار جي اجاڙ جاري وٽ آئون بيهي رهيس ۽ تصور ئي تصور ۾، عجائب گهر جي شو ڪيس مان، هڪ چئو مکي ڏيئي کي کڻي، روشن ڪري اتي جاري ۾ ٻاري رکان ٿو ۽ موهن جي دڙي سان ٻيهر ملڻ جو قصد ڪري هن اجاڙ ۽ ويران وستيءَ مان حيدرآباد ڏانهن موٽڻ لاءِ نڪري ٿو پوان.

No comments:

Post a Comment