Monday, January 23, 2012

هِتان هُتان جون ڳالهيون - الطاف شيخ


هِتان هُتان جون ڳالهيون
الطاف شيخ
ممبئي يونيورسٽي جو سنڌي ڊپارٽمينٽ 1995ع کان وٺي، وقت بوقت سنڌ جي ماڻهن کي مختلف سيمينارن ۽ ليڪچرس لاءِ گهرائيندو رهي ٿو. گيسٽ بڪ ۾ آيل مهمانن جا ويچار پڙهندي مون کي اها خبر پيئي. انهن ۾ ڪيترا ئي منهنجا سڃاڻو نظر آيا. ممبئي يونيورسٽيءَ جي سينٽرل نهرو لائبريري يا مختلف ڊپارٽمينٽن ۽ روڊن رستن تان هلندي مون کي اهي سڀ ياد ايندا هئا ته اهي پڻ هنن رستن ۽ هنن ڪمرن مان پير گهمائي ويا آهن. انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: آغا سليم، ڊاڪٽر فهميده حسين، علي قاضي، شوڪت شورو (سنڌالاجي ڄامشورو)، سراج الحق ميمڻ، ناز سهتو (جرنلسٽ)، ڊاڪٽر حميده کهڙو (سابق وزير تعليم)، مظهر صديقي (سابق V.C سنڌ يونيورسٽي)، امر جليل (سابق V.C علامه اقبال يونيورسٽي)، غلام علي الانا، عزيز ناريجو (SANA آمريڪا)، ڊاڪٽر رام بخشاڻي (دبئي)، عنبرين هيسباڻي (W.S.C لنڊن) وغيره...


سينٽ ميران اسڪول جي سينٽرل هال ۾ هلندڙ فنڪشن ۾ پهتس ته ان وقت گهنشام واسواڻي ۽ ميناڪشي ڳائي رهيون هيون.
ڪيئن ريجهايان تو کي ڪيئن پرچايان،
يا ٿيان مومن پاڪ نمازي،
جنهن ۾ جانب تون ٿين راضي،
ڏس ڍولا هري رام... ڪيئن ريجهائيان...
هن وقت اهي ٻه ٽي سٽون وچان وچان ياد اچي رهيون آهن. مون اهو راڳ پورو ٻڌڻ ٿي چاهيو، پر دير سان پهچڻ ڪري، فقط آخري مصرع ٻڌي سگهيس...
*
1975ع ڌاري مون هڪ سنڌي ڳائڻي ڪملا ڪيسواڻيءَ کي سنگاپور يا هانگ ڪانگ ۾ سنڌين جي هڪ فنڪشن ۾ ٻڌو هو. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته؛ اها اڃا جيئري آهي، جيتوڻيڪ ڏاڍي ضعيف ٿي چڪي آهي ۽ اڄ ڪلهه هتي ممبئي ۾ رهي ٿي.
ڪملا ڪيسواڻي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هندستان جي ورهاڱي بعد هوءَ جئپور هلي وئي، جتي هن ريڊيو تان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. پوءِ سنڌي فلمن ۾ ڳايو. ڊاڪٽر عامر سومرو، جنهن کي پڻ ميوزڪ جو شوق آهي، تنهن چيو ته جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ عابده پروين آهي، تيئن انڊيا ۾ ڪملا ڪيسواڻي آهي.
ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ پنهنجي آفيس ۾ به سنڌي ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبريري ٺاهي ڇڏي آهي. چئني طرف رکيل ڪٻٽن جي مٿان مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين جهونن شاعرن ۽ اديبن جون تصويرون لڳائي ڇڏيون آهن. ايڏيون وڏيون تصويرون مون به پهريون دفعو ڏٺيون. مون ڪيترين ئي تصويرن جون پنهنجي ڪئميرا ذريعي فلمون ورتيون.
ان ڏينهن جيسين پروفيسر ٻلديو ليڪچر ڏئي موٽي، تيسين آئون ٻلديو جي ٽيبل تي رکيل هڪ ڪتاب کڻي ان ۾ ڪشنچند ليکراج عزيز جي شاعري پڙهندو رهيس. ننڍا هئاسين ته اسان سڀني جي زبان تي عزيز جي ھمنام ڪشنچند بيوس جو بيت ”الله جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،“ هوندو هو...
جا آهي نه جائيداد ورثي وبال کان،
ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان،
هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان،
جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي،
الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.

چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي ڇتين منجهان،
ڇڻڪار مينهن پيو وسي ڇٽڪي ڀتين منجهان،
ڀڻڪا ڏيئي لڳي هوا جنهن جي وٿين منجهان،
قدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي،
الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
*
گذريل ڏهن- پندرنهن سالن کان انڊيا ۾ ڇپيل جن سنڌي ڪتابن کي اڪيڊمي ايوارڊ مليا آهن، اهي هن ريت آهن:
1994ع: آرسيءَ آڏو (ناول)؛ ڪلاپرڪاش.
1995ع: اَجهو (ناول)؛ هري موٽواڻي.
1996ع: غفا جي هُن پار (افسانا)؛ لڪشمي کلاڻي.
1997ع: ٽانڊاڻا انڌيري رات ۾ (شاعري)؛ ايشور انچل.
1998ع: زلزلو (ڊراما)؛ شيام جئسنگهاڻي.
1999ع: برف جو ٺهيل (شاعري)؛ پارام اڀيچنداڻي.
2001ع: ڀڳت (شاعري)؛ پريم پرڪاش.
2002ع: اڌمن ڌارا ارمان (افسانا)؛ هري همٿاڻي.
2003ع: تحقيق ۽ تنقيد (مضمون)؛ هيرو ٺاڪر.
2004ع: ڪويتا کان ڪويتا تائين (تنقيد)؛ ستيش روهڙا.
2005ع: انڌيرو روشن ٿئي (شاعري)؛ ڍولڻ راهي.
2006ع: ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ)؛ ڪيرت ٻاٻاڻي.
2007ع: وڄون وسڻ آيون (ناٽڪ)؛ واسديو نرمل.
ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي، منهنجي لاءِ انگريزيءَ جا اهي ناول وڌيڪ دلچسپيءَ جو سبب بڻيا آهن، جيڪي انگريزن يا انڊين برٽش راڄ (انگريز حڪومت) انڊيا بابت يا انڊيا جي شهرن جي بيڪ گرائونڊ ۾ لکيا ويا آهن. يعني انهن ناولن ۾ دهلي، آگري، ڪلڪتي، بمبئي، لکنؤ ۽ امرتسر جهڙن شهرن جي روڊن، رستن، گهٽين، چوراهن ۽ عمارتن بابت لکيو ويو آهي. گذريل دفعي دهلي، امرتسر، بڙودا جهڙن شهرن ۾ وڃڻ ٿيو هو، ته ڪجهه روڊن ۽ چونڪن جا نالا لکي ويو هوس. جن جو احوال مختلف ناولن ۾ پڙهيو هوم. پر افسوس جو انڊيا حڪومت پڻ ڪيترا ئي پراڻا تاريخي نالا بدلائي ڇڏيا آهن. ان ڪري اهي رستا ۽ جايون ڳولهڻ ۾ ڏکيائي ٿي. اهو ئي عالم ممبئي جو آهي. هونءَ انڊيا تاريخي شيون ساڳي حالت ۽ ساڳين نالن سان برقرار رکڻ جي چڱي خاصي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي روڊن، گهٽين ۽ چونڪن جا آڳاٽا نالا بدلائي ڇڏيا آهن. پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته ماڻهن جي وات تي اڃا تائين اهي ئي پراڻا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو اهو سلسلو اڃا ڪجهه سال هلي، جيسين اسان جي پراڻي جنريشن غائب ٿئي. بهرحال اسان جهڙن ڌارين ٽوئرسٽن لاءِ اهي نوان نالا ضرور مونجهاري جو سبب آهن. مثال طور مون کي ڪتابن لاءِ دوڪان تي وڃڻو هو، جنهن لاءِ مون کي سڀني فرگوسن روڊ تي وڃڻ جو ڏس ڏنو. آٽو (رڪشا) ۾ چڙهيس. ڊرائيور مون کي ٻن ٽن رستن تان ڦيرائي اچي هڪ روڊ تي لاٿو. ”سر فوگوسن روڊ آگيا“؛ ڊرائيور چيو. کيس ڀاڙو ڏئي دڪان ڳولڻ لڳس، ته هڪ هنڌ روڊ جي ڪپر تي هن روڊ جو انگريزي، هندي ۽ مراٺيءَ ۾ ”جنرل ڀونسلي روڊ“ لکيل نظر آيو. آئون اهو سوچي ته رڪشا واري مون کي غلط هنڌ تي لاٿو آهي ٻي ڪا آٽو رڪشا يا ٽئڪسي ڏسڻ لڳس، ته پوليس واري مون کي ٻڌايو، ته هي اهو ئي رستو آهي پر هاڻ ان جو نالو بدلايو ويو آهي.
ممبئي جا ڪجهه ٻيا روڊ جن جا نالا انگريزي ناولن ۽ هندي فلمن ۾ ٻڌي ٻڌي مون کي ياد ٿي ويا هئا ۽ هاڻ اهي نون نالن سان سڏجن ٿا، هن ريت آهن:
آڳاٽو نالو                           نئون نالو
·        اپولو پيئر روڊ                چتراپتي شيوا جي مارگ
·        اپولو اسٽريٽ                 بامبي سماچار مارگ
·        بازار اسٽريٽ                 پيري ناريمن اسٽريٽ
·        چَرني روڊ                     رام موهن راءِ مارگ
·        چرچ گيٽ اسٽريٽ          وِير نريمان مارگ
·        وڪٽوريا گارڊنس           جيجا ماتا ڀونسلي اديان
·        وڪٽوريا روڊ                 سنت ساوتا ملي روڊ
·        سئنڊ هرسٽ روڊ             S.V پٽيل مارگ
·        سيان سرڪل                 M لڪشمي بائي چوڪ
·        پيڊر روڊ                       ڊاڪٽر ديشمک روڊ.
·        نيو ڪئينس روڊ             ماما پرمانند مارگ
·        مسجد بندر روڊ              يوسف مهر علي مارگ
·        ڊنڪن روڊ                    مولانا آزاد روڊ
·        فورٽ اسٽريٽ               والچند هيراچند روڊ
·        هارون بي روڊ                ڊاڪٽر دادا ڀائي نورو جي روڊ.
انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي انڊيا ۾ انڊين راڄ بابت ناول پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، هتي ڪجهه ناولن جا نالا ڏيان ٿو، جيڪي اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ يا پاڻيءَ جي جهازن جي ڊگهن سفرن دوران پڙهيا.
·        The Ray Quartet انڊيا تي برطانيا راڄ جي آخري ڏينهن تي لکيل هي چار ناول هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ پال اسڪاٽ لکيا آهن.
·        A Passage to India برطانيا راڄ ۾ مڪاني ماڻهن ۽ انگريزن جي وهنوار بابت هڪ بهترين ناول آهي، جنهن جو ليکڪ E.M فارسٽر آهي. هي ڪتاب 1934ع ۾ ڇپيو ۽ انگريزي ادب جي 100 بهترين ڪتابن مان هڪ چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب مون 1963ع ۾ پڙهيو هو ۽ هڪ دفعو وري پڙهڻ چاهيان ٿو. هيءَ ڪهاڻي ڊاڪٽر عزيز، سندس انگريز دوست سائرل فيلڊنگ ۽ انگريز ڇوڪري اديلا جي چوڌاري ڦري ٿي. مالابار غارون گهمائڻ دوران اديلا ڊاڪٽر عزيز تي ساڻس جبر زنا جي ڪوشش جو الزام هڻي ٿي. عزيز جي ڪورٽ ڪيس دوران سڄي ملڪ ۾ سخت ٽينشن رهي ٿي، جنهن کي فارسٽر بهترين نموني سان ناول ۾ بيان ڪيو آهي.
·        The Siege of Krishnapur هي ناول 1857ع واري سپاهي بلوي/ آزادي جي جنگ بابت J.G فاريل لکيو آهي.
·        The Far Pavilions اوڻهين صدي جي برٽش انڊيا ۾ هي هڪ بهترين تاريخي ۽ رومانوي ناول ميري مارگريٽ ڪاءِ (M.M. Kaye) لکيو آهي.
·        مٿين ليکڪا مارگريٽ 1857ع واري بلوي ۽ هڪ پيار جي پرڻي بابت پڻ ناول لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي: Shadow of the Moon
·        انگريز جڏهن انڊيا ۾ رهيا ٿي، ته هنن جي بيحد ڍڪيل ڇپيل زندگي هئي. هنن پنهنجيون اوڻايون پوڻايون، حهيڙا، جهٽا، عشق محبتون مڪاني هندن ۽ مسلمانن کان لڪائي رکيا ٿي. ريبيڪا رائمان جي ناول Olivia & Jai ۾ هن 1840ع جي هڪ معاشقي جو احوال لکيو آهي.
·        Zemindar نالي انگريزي ناول ۾ وئلري فٽز گرالنڊ سپاهين جي 1857ع جي بلوي واري دور جو احوال ڏنو آهي.
·        Flowers in the Blood هن ناول ۾ Gay Courter ڪلڪتي جي هڪ امير ترين يهودي فئملي جو احوال لکيو آهي، جنهن آفيم مان پئسو ڪمايو. هيءَ ڪهاڻي ڪٽنب جي وڏي ڌيءَ دينا ساسون ٻڌائي ٿي. ساسون يهودي فئملي بابت، شروع ۾ ڪافي لکي آيو آهيان.
·        Ray انڊيا جي رهاڪو گيتا مهتا جو انگريزي ناول، جنهن ۾ راڻي وڪٽوريا جي تاجپوشيءَ کان وٺي هندستان جي آزاديءَ تائين لکيل آهي.
ان کان علاوه انگريزن جي انڊيا تي حڪومت ۽ ان کانپوءِ جي ڏينهن تي لکيل ڪجهه ٻيا پڙهڻ جوڳا ڪتاب هن ريت آهن:
1.       A Singular Hostage by Thalassa Ali
2.       The Opium Clerk by Kunal Basu
3.       Mandala by Pearl S. Buck
4.       The House of Blue Mangoes By David Davidas
5.       The Peacock Rider by Katharine Gordon
6.       In a far Country by Linda Holeman
7.       Bhawani Junction by John Masters.
وغيره وغيره.

No comments:

Post a Comment