جناح هائوس کان دينا واڍيا تائين
الطاف شيخ
ممبئي جي خوبصورت علائقي مالابار هل ۾ جتي دنيا جا امير
ترين ۽ اهم ماڻهو رهيا ٿي ۽ اڄ به رهن ٿا، اتي مائونٽ پليزنٽ روڊ تي (جيڪو هاڻ
ڀائو صاحب هيري مارگ سڏجي ٿو.) هن رياست مهاراشٽرا جي چيف منسٽر جي گهر جي سامهون،
پلاٽ نمبر 2 تي جيڪو گهر آهي، ان جي مالڪي جي حقن لاءِ هڪ ئي وقت انڊيا حڪومت،
پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي نوي ساله ڌيءَ ديناClaim ڪري ٿي. هي گهر جيڪو
جناح صاحب 1936ع ۾ انگلينڊ مان موٽڻ بعد اڍائي ايڪڙن (10 هزار چورس ميٽرن) جي پکيڙ
تي، انگريز عمارتساز ڪلائيڊ بئٽلي کان ٺهرايو ۽ جنهن تي ان وقت ٻه لک رپيا خرچ آيو
”سائوٿ ڪورٽ“ نالو رکيو ويو جنهن کي پوءِ انگريز ”جناح هائوس“ سڏڻ لڳا ۽ اڄ ڏينهن
تائين ان نالي سڏجي ٿو، جيتوڻيڪ جناح صاحب جي ڌيءَ کي سخت اعتراض آهي ته ان کي ان
جي اصلي نالي South Court سان سڏيو وڃي جيڪو
نالو مٿس جناح صاحب رکيو هو.
جناح صاحب هن محل جهڙي گهر کي وڏي شوق سان پنهنجي اکين
اڳيان ٺهرايو ۽ ان وقت مطابق هي هڪ تمام مهانگو گهر ٺهيو هو، جنهن جون ٽائلون ۽
ٻيو سامان اٽلي کان آيو هو، جنهن جي ڪاٺ جو ڪم وال نٽ جي ڪاٺ مان ٺهيل آهي. هي اهو
گهر آهي، جتي جناح جون گانڌيءَ سان تاريخي ميٽنگون ٿيون. ورهاڱي کان پورو هڪ سال
اڳ 15 آگسٽ 1946ع تي جناح جي هن گهر ۾ آخري ميٽنگ جواهر لعل نهرو ۽ سڀاش چندرا ڀوس
سان ٿي هئي. 1948ع کان 1982ع تائين هن گهر ۾ برطانيا جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مسواڙ تي
رهيل هو.
جناح صاحب جي وفات بعد پاڪستان جون مختلف حڪومتون هن گهر
کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، جو ان سان پاڪستان جو جذباتي تعلق آهي ۽ جيئن
ان گهر ۾ پاڪستاني قونصل خانو ٺاهي سگهجي. آخري دفعو ان گهر لاءِ پرويز مشرف به ان
وقت جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ سان ڳالهايو هو ۽ ان گهر تي پاڪستان حڪومت جي
ڪليم جو اظهار ڪيو هو. پر ان جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. انڊيا جي وڏي پارسي
ڪارخانيدار نسلي واڍيا جي ماءُ دينا واڍيا جيڪا برطانيا جي شهري آهي ۽ گذريل
ٽيهارو سالن کان نيويارڪ آمريڪا ۾ رهي ٿي، انڊيا جي وزيراعظم کي خط لکيو ته اهو
گهر ”سائوٿ ڪورٽ“ جنهن جي هن وقت ٻن ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قيمت آهي، هن جي حوالي
ڪيو وڃي، جو هوءَ محمد علي جناح جي ڌيءَ جي ناتي اڪيلي والي وارث آهي.
انهن ڏينهن ۾ (جڏهن پاڪستان تي مليٽري حاڪم پرويز مشرف
جي حڪومت هئي)، لنڊن جي روزنامه انگريزي اخبار آبزرور ۾ اها خبر ڇپي ته دينا ۽
سندس پٽ نسلي واڍيا جيڪو ممبئي ۾ رهي ٿو، انڊيا حڪومت کي صاف صاف چيو آهي ته ان
گهر تي پاڪستان حڪومت جو Claim ڪرڻ سراسر بيوقوفي
آهي. ”ممبئي جي هن جناح هائوس (South Court) جو ڪوبه پاڪستان سان واسطو
ناهي. نسلي واڍيا چيو، ”هي منهنجي ناني جو ذاتي گهر هو، جنهن سان هن کي بيحد پيار
هو، اهو ڪيئن سرڪاري گهر ٿي سگهي ٿو؟“ اخبار اهو به لکيو، ته نسلي واڍيا (جناح
صاحب جي ڏوهٽي) ٽوڪ طور اخبار وارن کي اهو به چيو ته سندس نانو جنهن ملڪ ۾ جمهوريت
ڏسڻ ٿي چاهي، پاڪستان جا هي حال ڏسي ڇا سوچي ها. هتي اهو به لکندو هلان ته جناح
صاحب جي وفات بعد سندس ڌيءَ دينا سيپٽمبر 1948ع ۾ پاڪستان آئي هئي. ان بعد مارچ
2004ع ۾ هوءَ لاهور ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاءِ آئي، جتان
پوءِ هوءَ ڪراچيءَ مان جناح جي مزار
تي حاضري ڀري ممبئي موٽي وئي. مهمانن جي ڪتاب (visitors Book) ۾ هن لکيو ته:
“This has been very Sad and wonderful for me. May his dream of
Pakistan come true.”
بهرحال جناح صاحب جي ڌيءَ دينا پنهنجي پيءُ جو گهر حاصل
ڪرڻ لاءِ ممبئي جي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل معرفت ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪيترن کي اها
پڪ هئي، ته ان جي مالڪيءَ جا حق دينا واديا کي ئي ملندا پر هاڻ هتي جي (ممبئي جي) اخبارن ۾ اهو اچي رهيو آهي، ته دينا کي گهڻي خوشي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڇو جو جناح
صاحب واري وصيت جي اها اصل ڪاپي ملي وئي آهي، جيڪا هن 30 مئي 1939ع تي لکي ته سندس
جائداد جو واحد وارث سندس ڀيڻ فاطمھ جناح رهندي ۽ ان وصيت جي ڪاپي فاطمھ جناح جي
جيئري ئي 1962ع ۾ بامبي هاءِ ڪورٽ مان فاطمہ جناح جي حق ۾Certify ۽ Execute ڪئي وئي. ان بابت موجوده
ڪسٽوڊين آفيس جي انچارج دنيش سنگهه به خاطري ڏني ۽ چيو ته هن ان جي ڪاپي وزارت External Affairs ڏي رواني ڪري ڇڏي
آهي. جيئن هو دينا ۽ حڪومت انڊيا جي وچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪن.
دينا ان بنياد تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو ته هن جي پيءُ
قائداعظم محمد علي جناح ڪابه وصيت (Will) نه ڇڏي آهي ۽ هن جو پيءُ کوجو
مسلمان هو ۽ هوءَ پاڻ هاڻ پارسي ڌرم سان واسطو رکي ٿي، جيڪي شريعت بدران انڊيا جو
’هندو قانون‘ قبول ڪن ٿا، ان ڪري هن جو ان گهر تي قانوني ۽ خانداني حق آهي. انڊيا
جي حڪومت پاران ڊپٽي سيڪريٽري Affidavit داخل ڪيو ويو آهي ته
”ان محل نما گهر جي سچي حقدار “Rightful Legal Heir” جناح صاحب جي غير
شادي شده ڀيڻ هئي ۽ هن جي نالي Bequeath (ورثي ۾) ڪيل هو پر
جيئن ته ورهاڱي جي وقت فاطمہ جناح پاڪستان هلي وئي، ان ڪري ٻين ڇڏيل جاين وانگر
اها به Evacuee پراپرٽي ٿي.“
ايفيڊيوٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ”ان وقت جناح صاحب جي
ڌيءَ دينا ممبئي ۾ ئي هئي ۽ جيڪڏهن جناح چاهي ها، ته اها ملڪيت دينا کي ملڻ کپي ها
ته هو اها ڳالهه ضرور لکي ها ته دينا کي ان ۾ رهڻ ڏنو وڃي يا هن حوالي ڪئي وڃي. پر
جناح جي اها مرضي هرگز نه رهي، ڇو جو هن ان جاءِ جو فيصلو 1939ع ۾ ئي پنهنجي ڀيڻ
فاطمھ جي حق ۾ ڪري ڇڏيو هو.“
جناح هائوس ورهاڱي بعد 1949ع ۾ Evacuee پراپرٽي جي ملڪيت قرار ڏنو ويو
۽ ان (بامبي ايويڪيو ائڪٽ) مطابق
انڊيا سرڪار هي گهر مسواڙ تي ڏيندي رهي آهي. گهر جي مرمت ۽ نظرداري جو ڪم 1997ع
تائين سينٽرل پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (CPWD) جي حوالي هلندو رهيو
ٿي. 2003ع کان پوءِ هي گهر انڊين ڪونسل فار ڪلچرل رليشن (ICCR) حوالي آهي.
آئون جن ڏينهن ۾ پوني ۾ هوس ته دينا واڍيا کي ممبئي ۾
رهي مهينو کن ٿي ويو هو. سندس پٽ نسلي جيتوڻيڪ ممبئي ۾ رهي ٿو. پر دينا هڪ فائيو
اسٽار هوٽل جي ڪمري ۾ رهيل هئي. هوءَ پنهنجي پيءُ جي هن ممبئي واري گهر کي ڪنهن
ريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي هئي. جناح صاحب کي دهلي ۾ به هڪ گهر هو، جيڪو پلاٽ
نمبر 10 تي اورنگزيب روڊ تي هو. اهو گهر ٺهرائڻ بدران جناح صاحب ٺهيل ٺڪيل خريد
ڪيو ۽ پوءِ ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ رام ڪرشنا ڊالميا کي ٽن لکن ۾ وڪڻي ڇڏيو. پر
هُن بمبئي واري گهر بابت ڪڏهن به ائين نه سوچيو. هن بمبئي ۾ هميشھ لاءِ رهڻ پسند
ڪيو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئيندي جي ڪنهن کي خبر نه آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻو
آهي. هو ته هندستان جي آزادي لاءِ نڪتو هو، ته هن کي هڪ نئون ملڪ ملي ويو.
انڊيا جو پاڪستان ۾ مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر سري پراڪاسا
پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب:
“Pakistan: Birth and last Days”
۾ لکي ٿو ته: ”هڪ دفعو جناح اڳيان جڏهن مالابار هِل واري
گهر جي ڳالهه نڪتي، ته جناح مون کي چيو ته جواهر لعل نهرو کي چئه ته منهنجي اهڙي
سهڻي گهر کي ٻين جي حوالي ڪري ستيا ناس نه ڪري. توهان کي ته خبر آهي ته مون ان جي
سِر سِر پٺيان ڪيڏو ساهه ڏنو آهي. آئون اڄ به ان ۾ رهڻ جو سوچي رهيو آهيان.‘
ان تي انڊيا جي هاءِ ڪمشنر، بقول سندس، جناح صاحب کي چيو
ته: ’ڇا واقعي مسٽر جناح! توهان بمبئي موٽڻ پسند ڪندائو؟ مون کي احساس آهي، ته
بمبئي شهر لاءِ توهان ڇا ڇا نه خدمتون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ بمبئي جو شهر ۽ ان جا
ماڻهو توهان جا ٿورائتا آهن. سائين! توهان جي اجازت ڏيو ته آئون وزيراعظم جواهر
لعل نهرو کي لکان ته توهان بمبئي ۾ رهڻ پسند ڪريو ٿا.‘ ان تي جناح ‘Yes,
you may’ جواب ڏنو هو.“
جناح صاحب جو جلد انتقال ٿي ويو پر جواهر لعل نهرو لاءِ
چون ٿا، ته هن نٿي چاهيو ته ممبئي جي مالابار هل وارو جناح هائوس ڪو Evacuee پراپرٽي ٿي وڃي. هن
7 مارچ 1955ع واري ڪابينه ڏي موڪليل نوٽ ۾ لکيو ته ”جناح صاحب جي هن گهر کي
ايويڪيو پراپرٽي ۾ شامل نه ڪيو وڃي.“ ۽ وڌيڪ لکيو ته:
“We should further be prepared to make a gift of it to Pakistan
government.”
اها ڳالهه نهروءَ جي ‘Selected Works’ ۾ لکيل آهي. پر،
افسوس جو نهروءَ کي ان لاءِ ڪابينا طرفان اجازت نه ملي.
جناح صاحب 25 ڊسمبر 1976ع تي ٺٽي ضلعي جي شهر جِهرڪن ۾ ڄائو. پاڻ 41 سالن جي ڄمار ۾ 1917ع ۾ سر ڊنشا پيٽٽ نالي هڪ مشهور اهم پارسي شخصيت جي
ڌيءَ رتي (جيڪا رتن ٻائي به سڏبي هئي) سان شادي ڪئي. ان وقت رتي جي عمر 18 سال هئي
۽ شاديءَ کان اڳ هن مسلمان ٿي پنهنجو نالو مريم رکيو. هن جي ننڍي هوندي جڏهن 28
ورهين جي هئي ته وفات ٿي وئي. اولاد ۾ هن کي هڪ ڌيءَ دينا 1919ع ۾ چوڏهين ۽
پنڌرهين آگسٽ جي وچ واري رات ڄائي. سندس بمبئي ۾ جهاز ٺاهيندڙ پارسي فئملي واڍيا
جي هڪ نوجوان نيويلي واڍيا (Neville wadia) سان عشق ٿي پيو. نيويلي 1911ع ۾
لورپول انگلينڊ ۾ ڄائو. پارسي فئملي ۾ ڄمڻ ڪري هو پارسي هو. بعد ۾ هو عيسائي ٿيو ۽
آخر ۾ وري Zoroastrianism يعني پارسي ڌرم
اختيار ڪيائين. جناح صاحب پهرين پنهنجي ڌيءَ دينا تي ناراض ٿيو، پر پوءِ سرچاءُ ٿي
ويو. ان جو تفصيلي احوال مون پنهنجي هن کان اڳ واري هندوستان جي سفرنامي ”هلي ڏسجي
هندستان“ ۾ به ڪري چڪو آهيان. نيويلي واڍيا جي 85 سالن جي ڄمار ۾ 1995ع ۾ وفات ٿي.
سندس 80 سال پراڻو ڪاروبار ”بامبي“Dyeino” جي ديک ڀال 1977ع کان نسلي ڪري
رهيو آهي. اڄڪلهه نسلي جو پٽ (يعني دينا جو پوٽو) نيس واڍيا ان جو M.D آهي ۽ ٻيو پوٽو
جهانگير “Jeh
Wadia” ڪمپني ۽ “Goair” هوائي جهازن جي ڪمپنيءَ جو
مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. نيس واڍيا 1970ع ۾ ڄائو هو ۽ هينئر 40 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. انڊين فلمون ڏسڻ وارا ضرور ’نيس واڍيا‘کان واقف هوندا. هن جو بالي ووڊ جي فلم
ائڪٽريس پريٽي زنٽا سان ڪافي عرصو معاشقو رهيو.
جڏهن ممبئي جي واڍيا پارسي فئملي جي ڳالهه نڪتي آهي ته
انگريزي فلمن ۽ BBC جي ڊرامن جي خوبصورت ۽ مزاحيه ائڪٽريس ”نينا واڍيا“ بابت به ٻه سٽون
لکندو هلان، جنهن کان هر پاڪستاني ۽ انڊين واقف آهي. پاڻ اڄ ڪلهه BBCجي سوپ اوپيرا Eastenders ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي پئي وڃي.
هن فردوس ڪانگا سان گڏ BBCجي 1997ع واري فلم Sixth Happiness ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن
فلم ۾ هن شهوانيت، ناڪاميابي (Disability) ۽ پارسين بابت کوج لڳائي آهي. نينا واڍيا رشي ڪپور سان گڏ بالي ووڊ جي فلم ”نمستي لنڊن“ ۾ به ڪم ڪيو آهي. نينا
1969ع ۾ ڄائي ۽ 1998ع ۾ رائومنڊ مرزا سان شادي ڪئي، جنهن جو پڻ پارسي گهراڻي سان
تعلق آهي. هو انگلينڊ جي شهر سري (Surrey) ۾ رهن ٿا ۽ کين ٻه ٻار آهن. پاڪستان ۾ لڳل زلزلي جي متاثرين لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جڏهن انگلينڊ جي رايل البرٽ
هال ۾ 2005ع ۾ ڪنسرٽ ۽ فيشن شو ڪيو ويو ته نينا واڍيا وڏي دل سان ان ۾ حصو ورتو.
No comments:
Post a Comment