Tuesday, January 17, 2012

سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا - الطاف شيخ


سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا
الطاف شيخ
منهنجو هي انڊيا بابت سفرنامو- بلڪ بمبئيءَ جو احوال پڙهي، گهٽ ۾ گهٽ توهان کي سنڌي ماڻهو سڃاڻڻ جي ڄاڻ ٿي وئي هوندي، ته انهن جي ذات جي آخر ۾ ’ڻي‘ يا ’واڻي‘ اچي ٿو. ممبئي، پوني، جلگائون، ڪولهاپور، احمد نگر ۽ اورنگ آباد جهڙا شهر انڊيا جي مهاراشٽرا رياست ۾ اچن ٿا، جتي گهڻا ماڻهو مرهٺا آهن ۽ توهان کي مرهٺن جي سڃاڻپ ۾ به دقت نه ٿيڻ کپي جو انهن جي ذات جي آخر ۾ ڪر (KER) اچي ٿو، جيئن ته چانديڪر، نندڪر، ڪوپيڪر، ڪاتڪر، ٽنڊلڪر، منگيشڪر وغيره. گجرات، ممبئيءَ واري رياست مهاراشٽرا جي پاڙي واري رياست آهي. ممبئي ۽ پوني جهڙن شهرن ۾ ڪيترا ئي گجراتي رهن ٿا، جن لاءِ آ ٻڌائي چڪو آهيان ته؛ هنن ۾ پٽيل، ميهتا، شاهه، ڊيسائي، پاريک، چدا سما ذاتيون عام آهن. ايتري قدر جو انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي انڊيا جي گجرات رياست جا ماڻهو رهن ٿا، انهن ۾ 90 سيڪڙو پَٽيل آهن. سو ممبئيءَ ۾ رهڻ دوران توهان کي ڪيترن ئي قومن جي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي، جهڙوڪ: سنڌي، مراٺي ۽ گجراتي. هڪ ٻي قوم کي به سڃاڻڻ سولو آهي، اها آهي پارسي. پارسي ماڻهن جو بمبئي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. سڀ کان اڳ، گهڻي کان گهڻا، پارسي بمبئي لڏي آيا. ايتري قدر جو بمبئي ’پارسي آستان‘ سڏجڻ لڳو هو. پارسي نه فقط تعليم، بزنيس ۽ پئسو ڪمائڻ ۾ اڳيان آهن، پر خير خيرات ڪرڻ، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، روڊ رستا ۽ پليون ٺهرائڻ ۾ به اڳيان اڳيان رهيا آهن.


اڄ کان 12 صديون کن اڳ، جڏهن پارسي پنهنجو وطن ايران ڇڏي گجرات جي ڪناري وارن شهرن ڀاروچ، کمڀاٽ، نَوسري، انڪلسا هوار، سورت، ونڪانر وغيره ۾ اچي رهيا هئا، ته هنن جي ڪا ذات پات نه هئي. جيئن اڄ ڪلهه ملائيشيا ۾ آهي. عرصو ٿيو جو ملائيشيا وارن ذات سسٽم ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ هر ڪو پنهنجي پيءُ جي نالي سان سڏجي ٿو. پارسي به ان وقت فقط پيءُ جي نالي سان سڃاتا ويا ٿي. ذاتيون گهڻو گهڻو پوءِ شروع ٿيون. پارسي پنهنجيون ذاتيون پنهنجن ڌنڌن، نوڪرين ۽ شوقن (Hobbies) مطابق رکڻ لڳا. مثال طور ڪو گولف جو شوقين هو، ته هو ”گولف والا“ ذات سان سڏجڻ لڳو. ڪنهن ڪاٺ جو ڪم ڪيو ٿي، ته هو ’لڪڙي والا‘ ٿي ويو. ڪنهن آفيم وڪيو ٿي، ته هو آفيم والا يا دارون والا ٿي ويو. ڪو فوٽ بال راند ۾ گول ڪيپر هو، ته هو ’گول والا‘ ٿي ويو.  سو ان قسم جون ذاتيون پارسين جون آهن، چاهي هو ممبئي ۾ رهندا هجن يا ڪراچي ۾. ممبئي ۾ شپ يارڊ ٺهيو، ٻيڙيون ۽ جهاز ٺهڻ شروع ٿيا، ته ڪو ڪشتي والا ته ڪو جهاز والا به ٿي ويو. ويندي ڪئپٽن، مستري، مرچنٽ، ٽيسٽر، دلال، ڪانٽريڪٽر، ڊرائيور، وڪيل، محنتي به پارسين جي ذات آهي. نان والا، گوليمار والا، ڪئنٽين والا، بوتل والا، سوڊا واٽر والا... ۽ هڪ ذات ته ايڏي وڏي آهي جو ان ذات وارن پارسين جو گنيز بڪ آف رڪارڊ ۾ نالو اچڻ کپي ۽ اها ذات آهي ”سوڍا واٽر باٽل اوپنر والا.“
پارسين ۾ هڪ ذات Penty به آهي. ڪنهن چيو ته ڇا ان ذات وارا عورتن جا ڪڇا ٿا ٺاهين يا ٿوڪ چاٽ وارا ٿڪ ٿا چٽين؟ جي جي ڀائي ذات ان جي آهي جيڪو هر ڳالهه ۾ ها، ها ٿو ڪري؟ بليموريا ذات واري پارسيءَ کي گهڻيون ٻليون پسند آهن؟ ڇا ٽا ٽا ذات ان جي آهي، جيڪو هر وقت باءِ باءِ چوندو رهي ٿو؟ ڇا لالا ذات وارن پارسين جا وڏا پٺاڻ هئا؟ ڇا تارا چنڊ ذات وارن جو واسطو علم نجوم سان آهي؟ جن پارسين جي ذات مسالا والا آهي، اهي خبر ناهي مصالحو وڪڻن ٿا يا رڌ پچاءَ جو ڪم ڪن ٿا! اهڙيءَ طرح ’اون والا‘ پارسي، خبر ناهي اُن وڪڻن ٿا يا هر وقت سوئيٽر پائي هلن ٿا.
پارسين جي ذاتين بابت هڪ سک (جنهن جا وڏا راولپنڊيءَ مان لڏي ممبئي ۾ اچي رهيا) واهه جو مزاحيه مضمون لکيو آهي، جيڪو هيستائين ڪيترن ئي رسالن ۾ اچي چڪو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي هن مضمون جا ڪجهه حصا لکان ٿو، جنهن مان توهان کي پارسين جي ڪجهه ذاتين جي آئيڊيا ٿي ويندي...
”اسان جي فئملي هندستان جي ورهاڱي وقت، راولپنڊيءَ کان لڏي بمبئي اچي رهي. ڪجهه سالن بعد منهنجي پيءُ جي دوستي ڪجهه پارسين سان ٿي جن سان گڏ هو گولف راند کيڏڻ لڳو. آ انهن ڏينهن ۾ اٺن سالن جو هوس. بابا سان گڏ جيڪي ٽي پارسي گولف کيڏندا هئا، اهي هئا انڪل پونا والا، ڪورولا والا ۽ ڪولابا والا. جلدي هنن منهنجي پيءُ کي به پاڻ وانگر هڪ پنهنجي ذات ڏئي ڇڏي ۽ هن کي ’پنڊي والا‘ سڏڻ لڳا. انڪل ڪولابا والا جيتوڻيڪ بمبئي جي علائقي ڪولابا ۾ نٿي رهيو. هن جو مالابار هل تي فلئٽ هو. شايد هن جا وڏا ڪولابا ۾ رهيا هجن ۽ انهن تان هن جي ذات ڪولابا والا ٿي وئي.
انهن ڏينهن ۾ بمبئي ۾ شراب تي پابندي لڳل هئي، پر هي پارسي پاڻ به پيئندا هئا ۽ ڪجهه پرمٽ تي ته ڪجهه لڪ چوري ان ڪاروبار کي هلائيندا هئا. انهن پارسين جو ڏس پَتو ٻڌائڻ يا انهن تائين پهچائڻ وارا پارسي دلال سڏبا هئا. جيڪا پوءِ هنن جي ذات ٿي وئي ۽ سندن اولاد اڄ تائين پاڻ کي دلال سڏائي ٿو. سو انهن ڏينهن ۾ شراب حاصل ڪرڻ لاءِ دلال پارسي کي ڳولبو هو، جيڪو ٻئي پارسي سان ملائيندو هو، جيڪو دارون والا سڏبو هو. دارون والا، توهان جي گهر تائين شراب پهچائڻ لاءِ، مسٽر ٻاٽلي والا کي چوندو هو. جيڪو پاڻ سان گڏ مسٽر سوڍا واٽر باٽل اوپنر والا کي به ساڻ وٺي هلندو هو. ان ڌنڌي ۾ ٻيا جيڪي پارسي Involve هئا، انهن ۾ مسٽر فائونٽين والا، مسٽر جِن والا، مسٽر رَم والا، مسٽر سوڍا والا ۽ مسٽر جهنجهن والا پڻ هئا.
اسان جي فلئٽن ۾ ٻه سهڻيون سيامي ٻليون پڻ رهيون ٿي، جيڪي منهنجي ماءُ کي هن جي پارسي ساهيڙيءَ مسز بلي موريا ڏنيون هيون. منهنجي ماءُ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هنن ٻلين لاءِ، اُن مان سوئيٽر ٺاهڻ ۾ مشغول هوندي هئي. جيڪا اُن، هوءَ هڪ پارسي فئملي ’اون والا‘ کان خريد ڪندي هئي.
منهنجو چاچو ’ڪاٽن گرين‘ ريلوي اسٽيشن وٽ ايئرفورس جي ڪئنٽين هلائيندو هو. جنهن وٽ جيڪو پارسي ڪم ڪندو هو، اهو پاڻ کي مسٽر ڪئنٽين والا سڏائيندو هو. ڪئنٽين ۾ سموسا ۽ پيٽيز ٺاهڻ وارو هڪ زبردست پارسي بورچي هو، جيڪو پاڻ کي مسٽر ڀاجي والا سڏائيندو هو. ڪئنٽين جو شريف ۽ نرم مزاج مئنيجر، جيڪو هر هڪ سان هر وقت هر ڳالهه تي راضي رهيو ٿي. مسٽر جيجي ڀائي سڏبو هو.
منهنجو ڏاڏو بمبئي پولس جو شيرف (Sheriff) هو. منهنجي خيال ۾ هي پهريون سک هو، جيڪو ان پوسٽ تي پهتو. شيرف هجڻ جي ناتي هن جا ٻه پارسي هر وقت ساٿي رهيا ٿي. مسٽر بندوق والا ۽ مسٽر گوليمار والا. منهنجي ڏاڏي ريٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪولابا ۾ بندر روڊ تي هوٽل والڊروف ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي پارسي دوستن مسٽر مستري ۽ مسٽر ڪانٽريڪٽر سان صلاح مشورو ڪيو. پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ ٿيڻ تي هو تامل ۽ مدراسي وياج خورن وٽ وڃڻ بدران پنهنجي پارسي دوست مسٽر ”ريڊي مني“ وٽ ويو ٿي.
اسان جي پاڙي ۾ هڪ پارسي ’ڊاڪٽر آڌي‘ رهيو ٿي، جنهن لاءِ مشهور هو ته هو اڌ ڊاڪٽر آهي، سندس ڀيڻ جي شادي مسٽر اسڪريو والا سان ٿي. اسان کي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي، ته هو گذر سفر لاءِ ڪهڙو ڪم ڪري ٿو، جيڪڏهن توهان بمبئي ۾ آهيو ته ڀلي هن بابت Yellow Pages ۾ ڏسو. بهرحال پارسي اسان کي اهو سيکارين ٿا، ته طنز مزاح ۾ دلچسپي وٺڻ سان اسان هيءَ دنيا بدلائي سگهون ٿا.

No comments:

Post a Comment