Saturday, January 21, 2012

ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...- الطاف شيخ


ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...
الطاف شيخ
آخري ڏينهن تي هڪ دفعو وري ممبئي شهر جو چڪر هڻڻ لاءِ نڪتس ۽ ممبئي جي ڏاکڻي ڇيڙي ڪولابا تائين هليو ويس. واپسيءَ تي بس ۾ ڪف پريڊ، ناريمن پوائنٽ، چرچ گيٽ ۽ فورٽ وارن بس اسٽاپن تان ٿيندو وي ٽي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني چتراپتي شيوا جي ٽرمينس سڏجي ٿي) تي آيس. هتان پوءِ، ريل گاڏي ذريعي دادر، ماٽونگا، ماهيم ۽ باندرا ريلوي اسٽيشنن تي لهندو چڙهندو، کار اسٽيشن تي پهتس ۽ کار ويسٽ پاسي ٻاهر نڪري لنڪنگ روڊ ڏي رخ رکيم ۽ گهناسنگ جوئيلرس جي سامهون واري عمارت رام ڪرشنا ۾ داخل ٿيس. هتي جئه موتياڻي جي The Enterprise نالي ڪمپني جي آفيس آهي. جئه منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. آئون کانئس موڪلائڻ لاءِ آيو هوس. منهنجي هن سفر ۾ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻيءَ جو وڏو هٿ هو، جيڪي منهنجي شروع کان همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندا رهيا نه ته آئون اڪيلو شايد ئي اچي سگهان ها. چانهه پي مون جئه موتياڻي، سندس وڏي ڀاءُ موهن (من) ۽ سندس اسٽاف جي ماڻهن، خاص ڪري ڊرائيور ’ياديو مسافر‘، کان موڪلائي هيٺ لٿس. جئه موتياڻيءَ موڪلائڻ وقت، پنهنجي ڪمپني ”دي انٽر پرائيز“ جي ٺهيل شين مان RELAX نالي مينٿل بام جون درجن کن بوتلون ڏنيون. هي بام، مٿي جي سور، ٿڌ زڪام، کنگهه، گلي جي سور ۽ هڏن جي سور لاءِ فائديمند نه فقط چيو وڃي ٿو، پر پاڪستان اچي جن جن دوستن کي ڏنم، انهن هن بام جي ڏاڍي تعريف ڪئي. دراصل انڊيا جي اها ڳالهه قابلِ داد آهي ته هتي جا ماڻهو ۽ مئنيوفيڪچرنگ ڪمپنيون، ڪا به شيءِ ٺاهين ٿيون، ته وڏي ريسرچ ڪري ڪارآمد شيءِ ٺاهين ٿيون. ٻي ڳالهه ته ان جي قيمت تمام گهٽ رکي وڃي ٿي، جيئن غريب غربو خريد ڪري، فائدو حاصل ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جون هن قسم جون ديسي دوائون، خاص ڪري آيورويدڪ سڀني عرب ملڪن ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ته هلن ٿيون پر يورپ جا ماڻهو به خريد ڪن ٿا. اهڙين شين جي اشتهار بازي آٽوميٽيڪلي ٿيندي رهي ٿي. هڪ کي فائدو ٿيڻ تي هو سڀني دوستن ۽ فئمليءَ جي ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ۽ آئون نٿو سمجهان ته هن جي قيمت ڪا ڏهه پندرنهن رپين کان مٿي هوندي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته؛ هن بام جي گهڻي کان گهڻي کپت عرب ملڪن، ايران، وچ ايشيا جي ملڪن ۽ ٿائلينڊ ۾ آهي.


جئه جي آفيس مان نڪتس ته سج لهڻ وارو هو. مون اڃا گهر (يعني پنهنجي رهائش گاهه- ممبئي يونيورسٽي) موٽڻ نٿي چاهيو. ٽئڪسي ڪري، سانتا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي پهتس، جيڪا کار واري علائقي کان ويجهي آهي، جتان پوءِ ڪُرلا، جتي ممبئي يونيورسٽي آهي ۽ ويجهي آهي.
سانتا ڪروز ۾، ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسي واهه جي رونق هئي. فٽ پاٿ تي ويٺل ڀاڄين ۽ ميون وارا، گاڏن تي چين ۽ انڊيا جون اليڪٽرڪ جون ۽ ٻيون شيون رکي وڪڻندڙ، شربت، جوس ۽ ملڪ شيڪ وارا، ڀيلپوري، گول گپا ۽ دهي ڦلڪيون جهڙيون شيون وڪڻندڙن جا هوڪا ۽ چوڌاري ماڻهن جي پيهه پيهان هئي. ريلوي اسٽيشن مان هڪڙا سوين ماڻهو نڪتا ٿي، ته پٺيان ماڻهن جو ٻيو ريلو آيو ٿي. مرد گهڻو ڪري پتلون ۾ نظر اچن ٿا. ورلي ڪو ڌوتيءَ ۾ نظر اچي ٿو، باقي عورتون ۽ ڇوڪريون ساڙهين، شلوار قميصن، اسڪرٽن، جينز ۽ ڍلين پتلونن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مون هڪ فوٽوگرافر کي گذريل ٻن هفتن ۾ ورتل فوٽن جي سِم ڏني ته مون کي ڊبلCD ٺاهي ڏئي. فوٽن جي ٻٽي CD ان ڪري ٺهرائڻ ٿي چاهيم ته جيئن هڪ پاڻ سان کڻي اچان ۽ هڪ ممبئي ۾ ڪنهن وٽ امانت طور ڇڏي اچان. انڊيا جو سفرنامو لکڻ لاءِ، جيڪي پوني ۽ ممبئي ۾ سوين فوٽو ڪڍيا هئم. ان جي هڪ ڪاپي ته ڪنهن وٽ سلامت هجي، ڇو جو نه انڊيا جي درويش ڪسٽم آفيسرن تي ڀروسو آهي نه اسان جي ڪراچي جي ڪسٽم وارن تي. ڪهڙي خبر ممبئي ڇڏڻ وقت ڪو ضد ڪري ته ڀائي هي انڊيا ۾ فوٽو ڇو ڪڍيا اٿئي؟ انگريز، يورپين ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ ڀلي ڇا ڇا کڻي وڃن، انهن جو هو نالو به نه وٺندا، پر اسان ٿياسين دشمن ملڪ جا ماڻهو. اسان جي هر ڳالهه تي شڪ ڪرڻ ضروري آهي. ساڳيو عالم، انڊيا جي سياحن سان اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو هوندو. پر ڪمال آهي ممبئي ڇڏڻ وقت، ڪنهن به ڪسٽمس جي يا اميگريشن جي آفيسر مون کان گهڻي پڇ ڳڇ نه ڪئي. شايد ان ڪري جو آئون سندن ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽي طرفان گهرايل مهمان هوس. شايد. پڪ نه اٿم. ٿي سگهي ٿو اها منهنجي خوش فهمي هجي.
بهرحال مون ان ڏينهن شام جو اتي جي دڪانن ۽ گاڏي وارن کان ڪافي شاپنگ ڪئي. مٺائيءَ واري دڪان ۽ بيڪريءَ تان، رستي تي کائڻ لاءِ ڪجهه مٺائي ۽ بسڪيٽ ورتم. اڄ رات ڪنهن هوٽل تي ماني کائڻ بدران کير سان اهي بسڪيٽ کائڻ ٿي چاهيم. او ايڇ پي OHP پينون ورتم، جيڪي انڊيا جون ٺهيل هيون ۽ تمام سستيون مليون. چين جي ٺهيل ايمرجنسي ٽارچ ورتم. ڪراچي ڇڏڻ وقت، زال چيو هو ته؛ ”گهر لاءِ ڀلي ڪجهه نه آڻجان پر ڪم ڪندڙ گجراتي هندو ڇوڪري سنگيتا لاءِ، سندس چوڻ مطابق، گنيش ڀڳوان جي مورتي آڻجانءِ! يا پيلي رنگ جي قميص 200 رپئي کن ملي ٿي، جنهن تي هنن جي ڀڳوانن جا نالا لکيل ٿين ٿا، ضرور آڻجانءِ.“ گهر ڇڏڻ وقت، پاڻ به گنيش ڀڳوان جي مورتي آڻڻ لاءِ چئي رهي هئي؛ ”گهر ۾ رکڻ سان ان گهر ۾ ڪڏهن به چوري نٿي ٿئي.“
ڪار ۾ ويهڻ وقت، ڪم واري سنگيتا هڪ دفعو وري ياد ڏياريو. سندس اهو جملو ٻڌي، مون دل ۾ چيو ته؛ هاڻ جي گنپتي نه آندم ۽ هنن جي ڪا چوري ٿي وئي ته سورن ۾ آئون به اچي ويندس. ڀڳوان جي مورتي ته نظر نه آئي، پر اها قميص ساڙهين واري دڪان تي ملي وئي. مون پاڪستاني 200 رپئي Expect ڪيا، پر 350 ۾ ملي. هڪ ته مهانگائي وڌي وئي آهي ٻيو پاڪستاني رپئي جو ملهه به ڪري پيو آهي. اسان جو رپيو هميشھ انڊيا جي رپئي برابر هلندو پئي آيو پر هاڻ انڊيا جو رپيو اسان جي ڏيڍ رپئي برابر ٿي ويو هو ۽ هي سٽون لکڻ مهل، اسان جي رپئي جو قدر انڊيا جي اڌ رپئي برابر وڃي ٿيو آهي. يعني انڊيا ۾ ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو دٻو جيڪو 30 رپئي هو، اڄ 60 رپئي ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو اڄ به اتي جي ماڻهن لاءِ ساڳيو ٽيهين رپئي جو آهي. پر اسان جي رپئي جو اگهه ڪرڻ ڪري، اسان کي ٻيڻا پئسا ڀرڻا پون ٿا ۽ انڊين ٽوئرسٽ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا ته کين اهو دٻو، جيڪو اسان وٽ به ٽيهين رپئي جو آهي، 15 رپين ۾ پوي ٿو. ڇو جو کين، سندن 100 رپين جا پاڪستاني 200 رپيا ملن ٿا. ملڪ جي ايڪانامي ڪِرڻ تي، ان ملڪ جي عام ماڻهوءَ کي ان ريت سزا ملي ٿي. هنن لاءِ هر شيءِ مهانگي بڻجيو وڃي.
ملائيشيا جي مرچنٽ نيويءَ جي ميرين اڪيڊميءَ ۾ پڙهائڻ دوران، ان وقت جو وزيراعظم محمد مهاتير اسان جي اڪيڊمي جي فنڪشن تي اڪثر ايندو هو. هيءَ اڪيڊمي، سندس شوق تي ٺاهي وئي هئي. جنهن کان اڳ، ملائيشيا جا نوجوان جهاز هلائڻ جي تربيت وٺڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ويا ٿي. هڪ سال پاسنگ آئوٽ جي موقعي تي اسان سان گڏ چانهه پيئندي چيائين: ”توهان (يعني اسان پڙهائڻ وارن) جي ڪارڪردگي جو ٽيسٽ ان ۾ آهي ته پاس ٿيل شاگرد ڪيترو سٺي طرح جهاز هلائي سگهن ٿا.“ اسان مان ڪنهن کلندي مهاتير صاحب کان چرچي ۾ پڇيو: ”۽ حڪومت ڪندڙن جو ٽيسٽ ڇا ۾ آهي؟“
وزيراعظم مهاتير کيسي مان نوٽ ڪڍي چيو. ”جڏهن توهان کي اسان جي رنگٽ (روپئي) جي روزبروز Value گهٽ ٿيندي نظر اچي يعني مهانگائي محسوس ٿئي ته سمجهو ته منهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي.“
مون سامان کي ٻڌڻ لاءِ ڏور ورتي. اسٽيشنريءَ جي دڪان تان ڪجهه ڪاپيون ۽ دنيا ۾ مشهور انڊيا کونئر Fevicol جا 6 کن ٽيوب ورتا. انڊيا جي رپئي جو قدر وڌڻ جي باوجود، انڊيا ۾ ڪيتريون عام استعمال جون شيون سستيون آهن. ان ڪري انڊيا جو شاگرد طبقو، توڙي غريب غربو، اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ خوش آهي. مون ان قسم جي شاپنگ سان ڀريل ڇهه ست ٿيلهيون هٿ ۾ لڙڪائي ۽ هاڻ واپسيءَ لاءِ ڪا رڪشا ۽ ٽئڪسي ڳولڻ لڳس. خير لفظ ’ڳولڻ‘ لکڻ اجايو آهي، جو انڊيا ۾ جتي ڪٿي کوڙ ٽئڪسيون نظر اچن ٿيون ۽ سندن ڀاڙو يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن کان ته ڇا اسان جي ملڪ کان به گهٽ آهي. ڊرائيورن کي قانون جو خوف رهي ٿو. ان ڪري يورپ جون ڇوڪريون به اڪيلي سر انڊيا جي ٽئڪسين بسين ۾ پيون گهمن. سانٽا ڪروز جي علائقي کي ريل جا پٽا ٻن حصن ۾ ورهائين ٿا. ممبئي يونيورسٽي سانٽا ڪروز ايسٽ پاسي آهي. آئون ويسٽ پاسي بيٺو هوس. آئون هتان به ٽئڪسي ۾ چڙهي سگهيس ٿي، پر هن پاسي واري ٽئڪسي کي ريل جا پٽا ٽپڻ لاءِ ڪافي مفاصلو وڌيڪ ڪرڻو پوي ها، جيسين ڪو ڦاٽڪ اچي ان ڪري اهڙي صورت ۾ باندرا، کار، انڌيري، ويلي پارلي جا ماڻهو ريلوي اسٽيشن وٽ پليٽ فارم ٽپي ٻئي پاسي ويندا آهن.
اسٽيشن وٽ ٽپڻ لاءِ هي لوهي پُلين جهڙا پليٽ فارم ايڏا ته ويڪرا آهن جو مختلف شيون وڪڻڻ وارا ٻنهي پاسي بوڇڻ وڇائي، انهن تي وڪري لاءِ شيون رکي ويهن. ان هوندي به مسافرن جي لنگهڻ لاءِ ڪافي جاءِ ٿئي ٿي. مون لاءِ ته هي به نئين شيءِ هئي ته مدراسي، مراٺي ۽ گجراتي عورتون ۽ مرد مختلف Pitch ۾ هوڪا ڏيئي شيون وڪڻي رهيا هئا. ڪو ڪاڪروچ ۽ ڪوئا مارڻ جي دوا وڪڻي رهيو هو ته ڪا عورت ڪوڙا زيور وڪڻي رهي هئي. ڪنهن واچون پئي وڪيون، ته ڪنهن هٿ جا ٺهيل چمپل. ڪنهن مرمريا، گانٺيا، سيرڻي ۽ ڀڳڙا پئي وڪيا ته ڪنهن سيون ڌاڳا. سانٽا ڪروز جي ان پل تي 50 کن اهڙا دڪان آهن. ڪن ڪن دڪانن تي عجيب قسم جون شيون يا ڪي ڪي وڪڻڻ وارا، خاص ڪري عورتون، عجيب قسم جي جپسي نموني جي وڳن ۾ ڏسي، آئون سندن فوٽو ڪڍڻ لڳس. اتي ئي ڏسان ته هڪ همراهه ٻن هٿن جي ماپ جيڏا دٻا رکيو ويٺو هو. جنهن ۾ رام ڪرشن، گنيش ۽ ٻين ڀڳوانن جون رنگين ۽ خوبصورت آرٽ ورڪ جون مورتيون هيون. اهي هڪ قسم جا ٽيپ رڪارڊر پڻ هئا، جن ۾ ان ديوتا سان واسطو رکندڙ ڀڄنون فيڊ ٿيل هيون. ان سان گڏ هر دٻي ۾ ڪيترا ئي رنگين ننڍا بلب لڳل هئا جي ٽمڪيا ٿي. يعني ٻريا ۽ وساميا ٿي. ٺاهڻ واري I.C (انٽيگريٽيڊ سرڪٽ) جو فائدو وٺي، اهي ويهي ٺاهيا آهن جيڪي بيٽري ننڍن يا وڏن Cells ذريعي هليا ٿي. دڪاندار کان مون گنيش ڀڳوان واري دٻي جي قيمت پڇي.
”اڍائي سؤ رپيا.“هن وراڻيو.
”هي تو ٺاهيا آهن؟“ مون پڇيو.
”نه. هي منهنجي ڀائٽي ٺاهيا آهن،“ هن ٻڌايو. گذريل سال هن انجنيئرنگ B.E اليڪٽرانڪس ۾ ڪئي. جيسين ڪو روزگار مليس، هو بازار مان اليڪٽرڪ جون شيون وٺي، گهر ۾ ويهي ٺاهيندو آهي.“
دل ۾ مون چيو؛ ’تنهنجي ڀائٽي، واقعي صحيح طرح علم حاصل ڪيو آهي. جنهن جي آڌار تي هو هن قسم جون شيون ٺاهي وڃي ٿو.‘
در اصل اها ئي ڳالهه آهي، جيڪا نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ڏٺي وڃي ٿي، جنهن ۾ اسان جا ڪيترا شاگرد مار کايو وڃن. هو رڳو ڪاغذي ڊگرين جي ڳالهه ڪن ٿا، جيڪي هنن ڀلي کڻي محنت يا ڪاپي ڪري حاصل ڪيون آهن. هو پنهنجي تخليقڪاري (Creativeness) جي ڳالهه نٿا ڪن، جنهن کان هو خالي آهن. پر اڄ جو پرائيويٽ ڪارخانن جو مالڪ، پنهنجي ايمپلائيز کان اهو ئي پڇي ٿو ته تو کي هيترا پئسا پگهار طور ڏيئي، جيڪڏهن نوڪريءَ ۾ رکان ته تو مان، منهنجي ڪمپنيءَ کي ڪهڙو فائدو رسندو؟
هيءَ جيڪا شيءِ هئي، جنهن ۾ هٿ جي آرٽ، بلبن ۽ ٽيپ رڪارڊر جهڙيون شيون شامل هيون، ڪنهن شيشي جي پيتيءَ ۾ ٺاهي وڏي دڪان تي رکجي، ته هزار ٻن هزار رپين کان گهٽ نه وڃي، پر هي 250 رپين ۾ وڪڻي رهيو هو، جو هي دڪان جي مسواڙ، ٽئڪس، بجلي پنکي جو بل بچائي چادر پٽ تي وڇائي ويٺو هو. مون هتي جي دستور موجب، قيمت گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخري قيمت 225 طيءِ ٿي. جيڪا هن جي آرٽ ورڪ جي ملهه کان جيتوڻيڪ گهٽ هئي، پر جيئن ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ لاءِ پنجاهه سٺ رپئي واري ڪا ننڍي مورتي (Statue) وٺڻ جو سوچيو هو، ان کان هيءَ گهڻن پئسن واري هئي. پر پوءِ نيٺ سوچيم ته هيءَ ضرور وٺي وڃان، جيڪا هڪ نرالي شيءِ آهي، جنهن ۾ ننڍڙا اسپيڪر به لڳل آهن ۽ آواز وڏو ٿي نڪري ٿو. هن شيءِ جي رکڻ سان، اسان جي ڪم واريءَ جي گهر جي سڄي محلي ۾ لئه ٿي ويندي.
”چڱو بند ڪري شاپر ۾ وجهي ڏي،“ مون دڪاندار کي پئسا ڏيندي چيو.
مختلف ٿيلهيون آئون هٿن ۾ لڙڪائيندو پل تان هيٺ لٿس، ته ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ رڪشائون بيٺيون هيون. هڪ رڪشا ۾ اچي ويٺس جنهن کي انڊيا ۾ ”آٽو“ چون ٿا، جو اها آٽو موبائيل انجڻ تي هلي ٿي. هتي رڪشا اها آهي، جيڪا سائيڪل ذريعي يا هٿن سان ڇڪي وڃي ٿي.
”ڪالينا ڪئمپس هل.“ مون آٽو واري کي چيو. ٻنهي هٿن ۾ جهليل ٿيلهين مان ڪجهه ساڄي رکيم ڪجهه کاٻي باقي ڪئميرا هٿ ۾ جهليم. ممبئي جا هي روڊ رستا ۽ علائقا، خاص ڪري ممبئي يونيورسٽي واري علائقي جا، هڪ دفعو وري اکين اڳيان گذرڻ لڳا: سر سورتي روڊ، هنسمک نگر، ٽئگور روڊ، وويڪانند روڊ، ملهوترا چوڪ، ڊيسائي چوڪ، راما ڪرشنا مشن روڊ، نارائن چوڪ، مکرجي چوڪ، علي ياور جنگ مارگ، ماهيم ندي، ديانند وديالايا... مون ممبئي يونيورسٽي پهچي، وري ٻاهر نڪرڻ نٿي چاهيو. مون کي کير وٺڻو هو سو يونيورسٽيءَ جي در وٽان لنگهندڙ روڊ جي ٻئي پاسي، هڪ جنرل اسٽور وٽ آٽو رڪشا واري کي ترسايو. سامان سيٽ تي ئي ڇڏي آئون کير وٺڻ لاءِ لٿس. فٽ پاٿ تي ماڻهن جي پيهه پيهان هئي، پر مونکي ڪهڙو دڪان اندر غائب ٿي وڃڻو هو. دڪان جي ٻاهران ئي بيهي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري کي پئسا ڏنم، جنهن کير جو دٻو شاپر ۾ وجهي آڻي ڏنو ۽ آئون انهي پيرين رڪشا ڏي موٽيس. رڪشا روڊ ڪراس ڪري، ممبئي يونيورسٽي جي مين گيٽ مان لنگهي اندر WRIC گيسٽ هائوس جي در تي اچي لاٿو... خريداري ڪيل مڙيئي ٿيلهيون ميڙي چونڊي هيٺ لٿس، ۽ ڪمري جو در کولي اچي کٽ تي رکيم. هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي هاڻ کاڌي جون شيون الڳ ۽ پاڪستان کڻي وڃڻ جون شيون الڳ ڪرڻ لڳس، ته اتي ڏٺم ته ’گنيش ڀڳوان‘ وارو دٻو هجي ئي نه. ڏاڍي ڳالهه ٿي. هي ڇا ٿيو! رڪشا مان ته سڀ سامان لاٿم، خبر ناهي ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويو. هڪ هڪ ڪري وري سڀ ٿيلهيون جاچيم. هر شيءِ موجود هئي، سواءِ ان هڪ ٿيلهيءَ جي. جيتوڻيڪ گنيش جي هيءَ مورتي ڏسي، مون کي ايڏي ته خوشي ٿي، ته هڪ غريب ڪم واري نوڪرياڻيءَ جو ڪم ٿيو جو يڪدم زال کي فون ڪري ٻڌايم ته؛ ”سنگيتا لاءِ گنيش ڀڳوان ورتو اٿم.“ ۽ وڌيڪ ڪراچي موٽڻ جي احوال لاءِ چيومانس ته پنجن منٽن ۾ ڪمري تي پهچي فون ٿو ڪريان. هاڻ گنيش جي گم ٿيڻ جي پريشانيءَ ۾ مون کان گهر فون ڪرڻ جي ڳالهه ئي وسري وئي. دير ٿيڻ تي منهنجي زال کي فڪر ٿيو ته فون ڇو نه ڪيم. سو هن ئي ڪراچيءَ کان رِنگ ڪيو.
”ڏس ته سهي گنپتي گم ٿي ويو.“ مون چيو. آواز ۾ ڏاڍو Disturbance هو.
”ڇا موبائيل فون گم ٿي ويو؟“ منهنجي زال پڇيو.
”نه. نه. سنگيتا لاءِ ورتل گنيش ڀڳوان، ڪو رڪشا مان چوري ڪري ويو.“
دراصل دڪان جي ٻاهران رڪشا کي بيهاري اندر وڃڻ وقت، رڪشا واري همراهه يا ڪنهن لنگهندڙ هڪڙو ٿيلهو تڙڳائي ورتو جو رڪشا (Auto) جي پٺ ۽ پاسا کليل هئا ۽ ڪو به لنگهندي اهي ٿيلها ڏسي هڪ ٻه کڻي سگهيو ٿي.
ٿوري دير کانپوءِ، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي به موڪلائڻ آيو. مون کي منجهيل ڏسي پڇيائين:
”ممبئي ڇڏڻ جو ڏک اٿئي؟“
کيس گنيش بابت ٻڌايم، ته هيڏي وڏي شوق مان ورتل ڪو چوري ڪري ويو. مون پاڪستان پهچي پنهنجن دوستن کي ان جي ٺاهيندڙ جي عقل بابت به ٻڌائڻ چاهيو ٿي، ته هن ڪيئن اها Circuitry  ٺاهي هئي. پر ٺهيو. پوءِ ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيم، ته گهر پهچي چور به پريشان ٿي ويو هوندو ته هي ڇا ’آئون ڀڳوان چوري ڪري آيو آهيان!‘ هن غريب کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ٿيلهيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ آهي. ان کان به بسڪيٽن، مٺائي يا پين پينسلن جي ٿيلهي چورائي ها ته کيس ڪجهه فائدو رسي ها.

No comments:

Post a Comment