Tuesday, January 10, 2012

پردي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع - الطاف شيخ



پردي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع

الطاف شيخ
پوني ۾، ان بعد ممبئي ۾ پهتس ته ٻنهي شهرن جي ڪيترن ئي سنڌين، خاص ڪري وڏي عمر جي مردن توڙي عورتن پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي انهن شهرن کي ڏسڻ چاهين ٿا، جتي هنن جنم ورتو يا سيوهڻ، اڏيرولعل، ٽنڊوجهانيان جهڙا شهر گهمڻ چاهين ٿا، جتي هنن جا پير مرشد يا ولي بزرگ آهن.


”هاڻ ته انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اچ وڃ جي اجازت ٿي وئي آهي، توهان ڇو نٿا گهمڻ لاءِ اچو؟“ منهنجي ان پڇڻ تي مون کي پڻ ان وقت ڄاڻ ٿي، ته اسان جا ملڪ هڪ ٻئي سان دوستي وڌائڻ جي ناتي هڪ ٻئي جي ملڪ جي ماڻهن جي آڌرڀاءُ ۽ ويزا ڏيڻ جا بيان ته ڏيندا رهن ٿا پر اهو  ڪم ايڏو آسان به نه آهي جيئن اسان دبئي، سعودي عرب ۽ ايران هليا وڃون ٿا. يا ٿائلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا گهمڻ لاءِ هليا وڃون ٿا. مون جهڙن ڪجهه ماڻهن کي آفيشلي يا سيمي آفيشلي ته جهٽ پٽ هفتي ڏيڍ ۾ ويزا ملي وڃي ٿي، پر هڪ عام ماڻهو لاءِ انڊيا يا پاڪستان جهڙو ڌاريون ملڪ گهمڻ اڃا اهڙو به سولو نه ٿيو آهي. هڪ پاڪستانيءَ کي انڊيا گهمڻ لاءِ يا انڊين کي پاڪستان گهمڻ لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ٽي چار مهينا انتظار ڪرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به اها ان کي تڏهن ملي ٿي، جڏهن هنن لاءِ ڪو ذمو کڻي يعني اسپانسر ڪري. ائين ناهي ته ٽريول ايجنٽ کان ٽڪيٽ وٺڻ سان هو توهان کي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو به هڻائي ڏيندو. بهرحال وڏي گهل بعد ويزا ملڻ تي به هن کي شڪ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ هن  کي هر شهر ۾ پوليس رپورٽنگ جهڙي کٽراڳ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پوءِ اهو چاهي ميرپورخاص جو ڪو سنڌي هندو هجي، سکر جو ڪو بوهري يا ڪراچي جو ڪو اسماعيلي هجي، ۽ اهو ئي حال دهلي، لکنؤ يا ممبئي کان پاڪستان ايندڙ ٽوئرسٽ سان ٿئي ٿو. ان معاملي ۾ اهي پاڪستاني ۽ انڊين فائدي ۾ آهن، جن کي آمريڪا، انگلينڊ، آسٽريليا يا ڪنهن ٻئي ڌارئين ملڪ جو پاسپورٽ آهي.
منهنجي انڊيا وڃڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ، ويهارو کن سنڌي هندو سنڌ گهمڻ آيا هئا، جيڪي هينئر انڊيا ۾ نه پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ هنن کي انهن ملڪن جو پاسپورٽ آهي. هو ڀٽ شاهه به آيا جتي شاهه لطيف جي درگاهه تي پيرڀريائون. هن گروپ جي ليڊر مسٽر شيام گيانچنداڻي، هن جي ننهن سنيتا ۽ پٽ ديپڪ ڀٽ شاهه جي مزار لاءِ ڪئش جي صورت ۾ نذرانو پيش ڪيو ۽ فقيرن کان پاڻ لاءِ دعا ڪرايائون. شيام 1933ع ۾ نواب شاهه ۾ ڄائو هو ۽ هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو. ڀٽ شاهه بعد هو نواب شاهه روانو ٿيو، جتي جي موهني بازار ۾ هن پنهنجي وڏن جي گهر جو ديدار ڪيو ۽ تبرڪ طور اتان جي مِٽي پاڻ سان کنئي. جيتوڻيڪ هن نوابشاهه 62 سال کن اڳ ڇڏي هئي، ته به هن کي پنهنجو حجام جو دڪان ياد هو.
26 ميمبرن جو هي ڊيليگيشن ان بعد سکر ۾ ”مسجد منزل گاهه“ ڏسڻ لاءِ پهتو. ڪشن نانواڻي جنهن 1932ع ۾ سيوهڻ ۾ جنم ورتو هو، ان سيوهڻ پهچي روئي ڏنو. هن چيو ته هن جي ڏينهن ۾ قلندر شهباز جي مزار ننڍي ۽ سادي هوندي هئي ۽ سندس فئملي کي اها عزت بخشيل هئي، ته هو قلندر جي روايتي مهندي پهچائين.
ان ٽولي ۾ ارجن هڱوراڻي به هو، جيڪو سنڌي فلم ’اباڻا‘ جو ڊائريڪٽر آهي. اها فلم پاڪستان ٿيڻ بعد 1957ع ۾ رليز ٿي هئي. اها فلم سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ بابت آهي. هن فلم جي ڪهاڻي بهاري مساند لکي، جنهن شڪارپور ۾ ٿيٽر هلايو ٿي. بِلوسي راني هن فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر هو ۽ گانا پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيا هئا. ارجن هڱوراڻي 1926ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائو هو ۽ هن ٽولي ۾ سڀ کان پوڙهو مڙس هو.
هن ڊيليگيشن ۾ موجود راج ڏاسواڻي 1935ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو هو ۽ سندس ڄمڻ بعد ڪوئيٽا ۾ تمام وڏو زلزلو آيو، جنهن ۾ سڄو شهر تباهه ٿي ويو. آل سنڌي ايسوسيئيشن الائنس جي صدر پريم لالواڻي ۽ سندس ڀاءُ جڳجيت لالواڻيءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجو گهر پڻ ڏٺو، جيڪو ڪراچي ڪلب وٽ ضياءُ الدين روڊ تي آهي، جيڪو روڊ انهن ڏينهن ۾ ڪچهري روڊ سڏبو هو. پريم لالواڻي جرنلسٽ آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ هو ’سنڌ آبزرور‘ ۽ ”ڊيلي گزيٽ‘ وغيره ۾ ڪم ڪندو هو. هن کي اهو فنڪشن به ياد هو، جيڪو هن ان وقت ’ڊيلي ايوننگ‘ اخبار لاءِ ڪور ڪيو هو. هن فنڪشن ۾ لارڊ مائونٽ بئٽن، مسٽر جناح ۽ ٻين ”پاڪستان ڊاڪومينٽس“ تي صحيحون ڪيون هيون. ان وقت ان اخبار جو ايڊيٽر ڊاڪٽر تارا چند جي لالواڻي هو ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري 6 لک هئي، جيڪا هينئر 130 لک وڃي ٿي آهي.
هن ٽولي جي هڪ ميمبر مئڊم شيلا جيڪا 74 سالن جي هئي، ان کي حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ پنهنجو آڳاٽو گهر ساڳي نالي ”وشن نِواس“ سان ملي ويو. جنهن کي ڏسي هوءَ بيحد خوش ٿي. اهو اڄ به سٺي حالت ۾ نظر اچي رهيو هو. هن ميلواڻي فئملين جا گهر، ڪندن مل گرلس ڪاليج، آڏواڻي لين ۽ اڪال پنگا لين جيڪي پڻ ساڳي حالت ۽ نالن سان هئا، پڻ ڏٺو.
اڏيرولال پهچي هنن مسجد، مندر ۽ ريهتڪي دربار ڏٺي. ڊاڪٽر سريچند ۽ ڊاڪٽر شاهاڻي جن جو حيدرآباد جي هندو پئنچائت سان واسطو رهيو، اهي تمام گهڻو خوش ٿيا. هن گروپ ۾ هنسراج ڀوڄواڻي به هو. هنسراج آمريڪا(USA)  جي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي بيچ ۾ رهي ٿو ۽ سندس واسطو سيٺ نائومل سان آهي. هو هن جي تيرهين پيڙهيءَ ۾ آهي. هنسراج 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنهن گهر ۾ ڄائو، اهو هنڌ هلي ڏٺو. گروپ جي ميمبرن ٻڌايو، ته جڏهن هو ٽلٽي وٽان لنگهيو ته اتي هنن کي’دوري ديرو‘ به نظر آيو جيڪا سيٺ نائونمل جي جاگير هئي.
هو سمتائيان ۾ ڄائو هو. هن جي پيءُ جي وقت جي حاڪمن ’ميرن“ سان ڇڪتاڻ ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن ايسٽ انڊيا ڪمپني (انگريز حاڪمن) سان تعلق پيدا ڪيو ۽ کين سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جيئن هو ميرن کان بدلو وٺي سگهي. جڳجيت لالواڻيءَ چيو ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو ذاتي مسئلي ڪري سڄي سنڌ کي سزا ڏني وئي.
مختلف ولايتن کان آيل هنن سنڌين رڪ اسٽيشن به ڏٺي، جتي ڪنور ڀڳت شهيد ڪيو ويو هو. مئڊم لِيلا وتي جنهن نون سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو وطن شڪارپور ڇڏيو، انکي شڪارپور جون هن وقت به ڪجهه ڳالهيون ياد هيون. هن گروپ جي هڪ ميمبر ڀاڳو آهوجا ٻڌايو ته هن جو اصل ڳوٺ ٺارو شاهه (ضلع نوشهرو فيروز) آهي پر هو گذريل 40 سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
ممبئي ۾ رهائش دوران هتي جي اخبارن جي ڪجهه خبرن سنڌي هجڻ جي ناتي منهنجو ڌيان ڇڪرايو:
ڀوپال ۾ رهندڙ 21 سالن جي پريانڪا واڌواڻي نالي هڪ سنڌي ڇوڪري 22 سالن جي مسلمان ڇوڪري محمد عمر سان گذريل هفتي ڀڄي وئي ۽ ممبئي وڃي پيار جو پرڻو ڪيو. عمر اسلام ڇڏي هندو ٿيو آهي ۽ پنهنجو نالو اميش رکرايو اٿس.
ڇوڪريءَ جي والدين توڙي ڀوپال جي سنڌي ڪميونٽيءَ کي هڪ سنڌي هندو ڇوڪريءَ جو ٻئي مذهب جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ قبول نه آهي. ڇوڪريءَ جي والدين ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آهي، ته ڇوڪرو هنن جي ڌيءَ کي اغوا ڪري ويو آهي ۽ ڪجهه هندو تنظيمن شهر ۾ مظاهرو ڪيو آهي ته ڇوڪري کي جهلي سوگهو ڪيو وڃي ۽ ڇوڪِري ماءُ پيءُ حوالي ڪئي وڃي.
پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ کان بچڻ لاءِ هي جوڙو هتي جي ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ پهچي ويو آهي، جنهن هن شاديءَ کي صحيح قرار ڏنو آهي ۽ ڀوپال جي انتظاميا کي آرڊر جاري ڪيا آهن ته هن جوڙي جي زندگيءَ جي هر خيال کان حفاظت ڪئي وڃي.
ڪورٽ طرفان اهو فيصلو ٻڌي ڪيترين ئي هندو جماعتن جا ليڊر مڌيا پرديش جي گورنر بلرام جاکر وٽ پهچي ويا آهن ته غير مذهب ۾ شادين جي رواج خلاف قانون ٺاهيو وڃي. ”هڪ 18 سالن جي ڇوڪِري کڻي بالغ سمجهي وڃي، پر هن ۾ ايترو عقل نٿو ٿئي ته هوءَ پنهنجي زندگي بابت فيصلو ڪري سگهي ته ان قسم جي شادي هن لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندي يا نه.“ هندو ڪنيا رکشا سامتي جي هڪ ميمبر اتمچند ايسراڻيءَ گورنر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڀوپال جي سنڌي هندو پئنچات هن جوڙي کي پنهنجي ڪميونٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سنڌي ڇوڪرين جي والدين لاءِ هڪ اخلاقي رهنمائي تيار ڪئي آهي.
*
ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾، مٿين خبر سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي خبر:
رائيپور: ڇتيس ڳڙهه سنڌي پئنچائت (CSP) چيو آهي ته هتي جي ڪميونٽي جون ڇوڪريون، تعليم يافته ۽ ذهني طور بالغ آهن جن کي اڄ جي ماڊرن ٽيڪنالاجي جي فائدن جي چڱي طرح پروڙ آهي. ان ڪري هنن کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي.
ياد رهي ته ڀوپال جي سنڌي ڪميونٽيءَ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌي ڇوڪرين کي موبائيل فون رکڻ ۽ گاڏي هلائڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن قاعدن قانونن جي اها لسٽ ڇوڪرين جي ڀڄي وڃڻ ۽ غير مذهب جي ڇوڪرن سان پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڊپ کان ٺاهي آهي. هو پردي جي به خلاف آهن ڇو جو ڪيتريون ڇوڪريون پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ منهن ڍڪي هلن ٿيون.
”ڀوپال ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون نه فقط ڏينهن جو پر رات جو به منهن ڍڪي هلن ٿيون. هاڻ کانئن ڪو پڇي ته رات جي وقت ڪهڙو سج آهي جنهن جي اس کان توهان پنهنجي چهري جي حفاظت ڪريو ٿيون؟ اهو فقط بهانو آهي. حقيقت اها آهي ته هو پنهنجن بواءِ فرينڊس سان گڏ گهمڻ خاطر پنهنجو منهن ڍڪي هلن ٿيون. جيئن کين ڪو سڃاڻي نه سگهي.“ سنڌي ڪميونٽي ليڊر ۽ سابق ڀارتيا جنتا پارٽي (BJP) جي سابق ضلعي صدر ڀڳوانداس سبناڻيءَ هن اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو.

No comments:

Post a Comment