لاڙ ميوزيم ۽ لائبريري
منظور ڪوھيار
ڪجھ ڏيهاڙا اڳ صوفي
ازم فائونڊيشن گلشن حديد ڪراچي جي روحِ روان صوفي زلف علي ٿر هلڻ جي نينڍ ڏيندي
چيو ته: ”هيءَ دنيا هڪ ڪتاب مثل آهي. ان کي به پڙهڻ ۽ پروڙڻ گھرجي.“
ڳالھ دل سان لڳي،
ته؛ ’منهنجا به رڳو چاڪيءَ جي ڏاند وارا ڦيرا آهن. ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻي
کان ڪراچي لڳي پئي آهي. ڀلا ڪو ٻيو جھان به ڏسجي.‘
ٿر کي ڏٺي ڏينهن ٿيا
هيا. سوچيم ڇو نه ڀلا ان ٿر کي وري ڏسجي. جنهن لاءِ متضاد خبرون پيون هلن. ڪو چوي ٿو،
ته ٿر ترقيءَ جي شاهراه تي گامزن آهي، ڪو چوي ٿو، ته ٿر بر ٿي ويو آهي. ڪجھ دوستن
کي ٻڌايم، ته انهن کلي چيو؛ ”لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي!“. ٿر گھمبو آ، وسڪاري ۾. وسي
ته ٿر، نه ته بَرُ. ڀورا! بَر ۾ وڃي ڇا ڪندين؟. مون وراڻيو، ته: ”بر به گھمي ڏسجي
ته خبر پئي، نه ته ٿر ۽ بر ۾ ڇا فرق آهي. لطيف سائين چواڻي، ته: سؤکي ويل سڀ ڪو،
اؤکي تونهين تون!...
سو سائين منهنجي کي
چوان. نڪري پياسي ٿر طرف صوفيءَ جي سنگت ۾. واٽ تي لاڙ جو شهر بدين آيو، ته لڙي
پياسي، لاڙ ميوزم ۽ مولوي حاجي احمد ملاح لائبريري ڏسڻ لاءِ. لاڙ ميوزم جنهن کي ٺاهڻ
لاءِ لاڙ جو جاکوڙي محقق محمد سومار شيخ پنهنجو رت ست ڏنو هو. انهيءَ جدوجھد ۾ ساڻس
ڪيترن ئي اديبن، ادب دوستن ۽ ادب پرورن جي پگھر جو پورهيو به شامل آهي. ميوزم ۾ گھڙياسي،
ته محترم شفيق حيدري جيڪو صوفي زلف علي جي دوستيءَ جو دم ڀريندڙ ۽ لاڙ ميوزم ۽
لائبريري جو انچارج رهيو هيو، تنهن وڏي پيار ۽ پاٻوھ سان ائين آڌرڀاءُ ڪيو. ڄڻ ته
مولوي حاجي احمد ملاح جو، سراپا اهو شعر هجي، ته:
مرحبا محبوب منهنجا
تو مٿان سر گھوريان
گس گھٽيون ڇانيان
گلن سان، گنج گوهر گھوريان
ميوزم جو گائيڊ نماڻو
نوجوان محمد علي ملاح به اسان جھڙن اڻڄاڻن کي ٻڌائڻ لاءِ آتو بيٺو هيو. تنهن به
پنهنجي وت ۽ سمجھ آهر چڱي معلومات ڏني. پر مونکي ميوزم الائي ڇو کٽل کٽل ۽ بي
ترتيب پئي لڳو. منجھس سڌاري ۽ واڌري جي گھڻي گنجائش نظر آئي. ڇو جو لاڙ سنڌ جي ٻن
تاريخي دؤرن خاص ڪري سومرا ۽ سما دؤر جي ثقافت ۽ تهذيب جو تاريخي مرڪز رهيو آهي.
ان حوالي سان شين کي ترتيب سان رکڻ ضروري آهي.
وري جڏهن مولوي
حاجي احمد ملاح لائبريري ۾ گھڙياسي، ته ڪتابن جي اڻاٺ محسوس ٿي. لاڙ واري سنگت ٻين
هامن سان گڏ اها به هام هڻندي آهي، ته حاجي احمد ملاح، شيخ اياز کان به وڏو شاعر
آهي، جنهن کي سنڌي ادب جي وچولي وارن ۽ اتراڌي نقادن نظر انداز ڪيو آهي. خير اهو
ته علمي بحث مباحثو آهي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ادب جا نقاد يا شاعر ئي ڪري سگھن ٿا.
وتائي وانگر پنهنجو ڇا؟.... پر اها حقيقت آهي، ته مولوي احمد ملاح سنڌي شاعري جي
حوالي سان پنهنجي منفرد ۽ الڳ ٿلڳ حيثيت رکي ٿو. جنهن ڳالھ جو افسوس پئي ٿيو، ته سڄي
لائبريري ۾ صرف ٻه پڙهندڙ نوجوان ڪن ڪڍيون ويٺا هيا. جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگھجي
پيو، ته هڪ ته انتظاميه جي بي ڌياني ۽ ٻيو ته اتان جي ماڻهن جي عدم دلچسپي ۽
لاغرضي. ان ڪري ثقافت کاتي کي نماڻو عرض ته لاڙ وارن کي به لاڙ جو ڍڳو سمجھي نظر
انداز نه ڪن. ڪجھ نظر ڪرم ڪن ۽ ابر ڪرم ٿي وسن، ته جيئن هيءَ لائبريري به سنڌ جي ٻين
لائبررين جيان سهولتن سان آراسته ٿئي. ڪجھ علم ۽ ادب جي درد رکندڙ علم پرورن کي به
گذارش آهي، ته ڪتابن جي حوالي سان هن لائبريري جي سهائتا ڪن. لاڙ جي سرنديءَ وارن
کي به وينتي ڪجي ٿي، ته پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کي سارين ۽ سنڀارين، ۽ مولوي احمد
ملاح جي اها دانهن ٻڌن ۽ ورنائين، ته:
تون وسارين مر
وسارين
آئون وساريان ڪنهن
طرح
تون نه سارين، ور
نه سارين
آئون نه ساريان ڪنهن
طرح
جي نه! ته پوءِ لاڙ
جو نوجوان مين پڙي ۽ گٽڪي ۾ غرق ٿي ويندو. پوءِ نه رهندي لاڙ جي سهڻي ثقافت ۽
تهذيب. جي هونديون، ته صرف روڊن تي ڳاڙهون ٿڪون ۽ چانھ جون مانڊڻيون.
(منظور ڪوھيار جي
فيس بوڪ وال تان بعنوان At Laar museum and library
Badin, Sindh تان کنيل)
No comments:
Post a Comment