Tuesday, December 11, 2012

هڪ ايجاد جي ڪهاڻي - الطاف شيخ


هڪ ايجاد جي ڪهاڻي
الطاف شيخ
 جن ڏينهن ۾ آئون سئيڊن جي شهر مالمو ۾ اُتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ سان ٻن سالن لاءِ وابسته هوس، سامونڊي پٽيءَ جي ٻئي پاسي ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ اسانجو دوست، سنڌ جي دلير ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو وڏو فرزند محمد علي ميمڻ ٽريڊ ڪمشنر هو. ڪڏهن هو مون وٽ منهنجي شهر مالمو ۾ هلي ايندو هو ته ڪڏهن آئون هن وٽ ڪوپن هيگن پهچي ويندو هوس. يورپ جا اهي ٻئي شهر ائين آهن، جيئن اسانجو دادو-مورو يا سکر-روهڙي! ڪتابن پڙهڻ جو هو به شوقين هو، سو اسان جو ادبي دنيا جي ماڻهن بابت گهڻو بحث هلندو هو. محمد علي هر ڳالهه بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪرڻ جو عادي آهي. ڪو رسي ته رسي وڃي، هو ڳالهه اها ڪندو، جيڪا صحيح سمجھندو.


هڪ ڏينهن آئون ڪوپن هيگن سندس گهر پهتس ته سندس هٿن ۾ هڪ سنڌي رسالو هو، جنهن ۾ منهنجي تازي ڪتاب تي تبصري سان گڏ نقاد مون بابت ڪافي تعريف لکي هئي ته پاڻيءَ جي جهاز تي ڪم ڪرڻ سان گڏ هن جو ادب سان ايڏو چاهه آهي، جو ۳۰ کن ڪتاب لکيا اٿس (ان وقت منهنجا اوترا ڪتاب شايع ٿيا هئا). محمد عليءَ رسالي جو اهو صفحو مونکي ڏيکاري، پنهنجي خاص انداز ۾ نرڙَ کي ڌڪ هڻي چيو: ”ٻڏي مرڻ جي جاءِ آهي! اسان جي ملڪ ۾ قوم جو ايڏو ڪريل معيار آهي، جو ۳۰ کن ڪتاب لکڻ وارو وڏي ڳالهه پيو سمجھجي ۽ جي تون جهاز ٿو هلائين ته اها ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي...........“
مونکي ڄڻ باهه وٺي وئي. دل ۾ چيم اهي ئي ته محمد علي جون ڳالهيون آهن، جو پنهنجا پراوا کانئس ڀڄندا وتن. گهر ۾ گهرائي ٿيو ذليل ڪرڻو. دل چيو ته هينئر جو هينئر پنهنجي شهر مالمو (سئيڊن) هليو وڃان. پر پوءِ چانهه پي ٿورو سامت ۾ آيس ته مونکي يڪدم محسوس ٿيو ته ٻيلي محمد علي ڳالهه ته صحيح ٿو ڪري. جهاز هلائڻ ۽ ڪجهه ڪتاب لکڻ ڪا اهڙي ته وڏي ڳالهه ناهي، جو تبصرو لکندڙ کڻي مونکي ”عظيم ليکڪ“ جو خطاب ڏنو آهي، هتي يورپ ۾ ماڻهو الائي ڪهڙا ڪهـڙا ڪم پيا ڪن!
ان ڳالهه تي آئون بعد ۾ به سوچيندو رهيس ته اسان پاڪستاني، خاص ڪري سنڌي، معمولي ڳالهه کي وڏو ڇو ٿا سمجھون ۽ ان تي هيڪاندو گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڇو ٿا ڪريون. پڇڻ تي منهنجي ڳوٺ جي هڪ وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ چيو ته ان ڪري جو قومي ليول تي اسانکي نه راندين ۾ همٿايو وڃي ٿو ۽ نه ريڊيو، ٽي وي ۽ آرٽ جي دنيا ۾. پوءِ ڪو پنهنجي مڙسيءَ سان ننڍو ڪم به ڪري ٿو ته فخر مان سڀني جو ڳاٽ مٿي ٿيو وڃي ۽ هو پنهنجي احساس محرومي ۽ ڪمتريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين کي اهو ٻڌائڻ چاهين ٿا ته اسين به ڪنهن کان گهٽ نه آهيون. ان چڪر ۾ ڪڏهن ڪڏهن مس فائر به ٿيو وڃي........... يعني تڪڙ ۾ بنا ڪنهن خاطري ڪرڻ جي ان کي به هيرو بڻايو ڇڏيون، جيڪو اڃان مڪمل طور نه ٿيو آهي.
مٿين ڳالهه ان ڪري ڌيان ۾ آئي ته هن ڀيري پاڪستان اچڻ تي ان ڳالهه جو ذڪر صوبائي توڙي ملڪي ميڊيا تي زور شور سان ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪنهن همراهه اهڙو پرزو ٺاهيو آهي، جيڪو پاڻيءَ کي اهڙي صورت ۾ آڻيو ڇڏي، جو ان سان ڪار هلي سگهي ٿي. دراصل آئون ملائيشيا ۾ ئي هوس ته اها ڳالهه ٻڌم ۽ منهنجا مئرين انجنيئرنگ جا شاگرد مونکان سوال ڪرڻ لڳا ته اهو ممڪن آهي............؟
فيول ۽ فيول ٽيڪنالاجي منهنجو خاص سبجيڪٽ رهيو آهي. ۽ ۱۹۸۰ع کان ملائيشيا ۽ سنگاپور جي مختلف نيول اڪيڊمين ۽ ٽيڪنيڪل ادارن ۾ پڙهائيندو اچان. هڪ جهاز، جيڪو پاڻي ۾ هلي ٿو، جنهن جي چوڌاريءَ مفت جو بي انتها پاڻي آهي، ان کي هلائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ’پاڻي‘  فيول (ٻارڻ) طور استعمال ٿي وڃي ته اسان جهاز هلائيندڙن ۽ جهازن جي مالڪن جا عيشَ ٿي وڃن. مالڪن جو پئسو بچي وڃي ۽ اسان جهاز هلائيندڙ لاءِ Maintenance جو ڪم نه برابر وڃي ٿئي، جو تيل جي مقابلي ۾، خاص ڪري جيڪو ڏامر جهڙو سستو تيل اسان جهاز کي هلائڻ لاءِ ڪم آڻيون ٿا، ان جي مقابلي ۾ پاڻي هڪ صاف سٿرو fuel ٿي پوندو. مون پنهنجن جهازي شاگردن کي اهوئي جواب ڏنو ته ايجاد ڪندڙ همراهه سان پاڪستان ۾ ملي، پوءِ توهانکي، ان پويان جيڪا هن ٽيڪنالاجي ايجاد ۽ استعمال ڪئي آهي، اها اچي ٻڌائيندس.
تيل (ٻارڻ) جي ٽيڪنالاجي کان اڻ واقف پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکندس ته جهاز کي هلائڻ واري انجڻ ايڏي ته وڏي ٿئي ٿي، جو ان جي سلينڊر ۾ ٽي ماڻهو هڪ ئي وقت بيهي سگهن ٿا. سو ان ۾ تيل به ان حساب سان سڙي ٿو. هاڻ ته هڪ لک ٽن وزن کان به وڏا جهاز ٿي پيا آهن پر نوڪريءَ جي شروعات جي سٺ واري ڏهي جيڪي ۳۰ هزار کن ٽنن وارا اسان جهاز هلايا، انهن ۾ به روزانو ۴۰ ٽن کن تيل سڙيو ٿي. ۴۰ ٽن معنيٰ چاليهه هزار لٽر تيل! هاڻ جي هي جهاز پيٽرول تي هلن ته اسان جي ملڪ جي اڄوڪي اگهه مطابق چاليهه لک رپيا روزانو تيل تي خرچ ٿيو. جنهن خرچ تي جهاز جي مالڪ کي الٽو نقصان پوي. ان ڪري جهاز کي تمام سستي قسم جي تيل سان هلايو وڃي ٿو. يعني پاڻيءَ واري جهاز کي ......... هوائي جهاز ته پيٽرول کان به اوچو ۽ مهانگو فيول ”آڪٽين“ استعمال ڪري ٿو. بهرحال هن ڏامر جهڙي تيل کي انجڻ يا بئالر ۾ ٻارڻ لاءِ هن تيل کي گرم ڪري صاف ڪيو وڃي ٿو، جيئن هن جي viscosity گهٽجي ۽ فلو (لاڙَ)بهتر ٿئي.
پاڪستان اچي مونکي ڪو گهڻو وقت نه مليو، جو آئون هن صاحب سان سندس ايجاد بابت سوال جواب ڪري سگهان. مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته هن ايجاد ڪندڙ سان ملان يا گهٽ ۾ گهٽ جن جي هن سان ملاقات ٿي آهي ۽ جن هن کي پاڻيءَ تي ڪار هلائيندي ڏٺو آهي، انهن سان ڪجهه ڳالهيون ڊسڪس ڪري سگهان......... يعني هو مونکي سمجھائي سگهن. پر اهو به ممڪن نه ٿي سگهيو. هو پاڻ به ان بابت منجھيل نظر آيا ٿي. ڪار، ٽرئڪٽر، هوائي جهاز کان پاڻيءَ واري جهاز کي جيڪا انجڻ هلائي ٿي، ان ۾ ٻارڻ (Fuel) طور پيٽرول، ڊيزل، سي اين جي ويندي بئالرن ۾ جيڪو ڪوئلو، ڪاغذ يا ڪاٺ ٻاريو وڃي ٿو، انهن سڀني ۾ ڪاربن موجود آهي. پوءِ ڪنهن ۾ گهٽ آهي ته ڪنهن ۾ گهڻو. ان کان علاوه هائڊروجن به آهي. اهي ٻئي شيون آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ ٻرن ٿيون. انجڻ يا بئالرن ۾ آڪسيجن هوا رستي مهيا ڪئي وڃي ٿي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته پيٽرول وارين گاڏين ۾ ڪاربيوٽر ذريعي هوا ۽ پيٽرول مڪس ڪري پوءِ سلينڊر ۾ ساڙيو وڃي ٿو ۽ ڊيزل انجڻ ۽ بئالرن وغيره ۾ هڪ طرف کان ڊيزل ۽ ٻئي طرف کان هوا  وجھي سلينڊر ۾ ئي مڪس ڪري ساڙيو وڃي ٿو، جيڪو ڪم  بئالر جي فرنيس ۾ ڪيو وڃي ٿو.
پيٽرول، ڊيزل، آڪٽين يا ڪاٺ، ڪوئلو، پنو وغيرهه سڙڻ تي جيڪا Exhaust گئس يعني دونهون نڪري ٿو، اها گئس ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. يعني ان ۾ هڪ حصو ڪاربن جو آهي ته ٻه حصا آڪسيجن جا. هن جهان ۾ يعني هن ڌرتيءَ جي گولي تي اها گئس قدرتي طرح ان شڪل ۾ ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن سڙڻ وقت هوا (آڪسيجن) جو مقدار گهٽ آهي ته پوءِ گهاٽي ڪاري رنگ جو دونهون نڪري ٿو، جنهن ۾ آڪسيجن جي ٻن حصن بدران هڪ حصو ٿئي ٿو ۽ هڪ ڪاربن جو. اهـڙي دونهين جي گئس ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ بدران ڪاربن مونو آڪسائيڊ سڏجي ٿي.  ڪاربن مونو آڪسائيڊ (يعني ڪارو دونهون) اسان لاءِ خطرناڪ ان ڪري آهي، جو ڪاربن مونو آڪسائيڊ پنهنجي قدرتي فارم (ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ) ۾ اچڻ لاءِ آڪسيجن جو ٻيو حصو آس پاس مان ڇڪي ٿي ۽ جيڪڏهن اهو دونهون، ڪو ساهه ۾ ٿو کڻي ته اها گئس آڪسيجن جو باقي حصو انسان جي جسم مان ٿي ڇڪي ۽ اسان کي چڪر اچن ٿا......... ننڍا ٻار ته بيهوش به ٿي سگهن ٿا ۽ موت جو به شڪار ٿين ٿا. اهوئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن ۾ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ”قاتل“ سمجھيون وڃن ٿيون.
پاڻيءَ جو تاثير جيتوڻيڪ ٿڌو آهي يا باهه کي وسائڻ جي ڪم اچي ٿو پر اهو ٻن خطرناڪ شين جو ٺهيل آهي: هڪ هائڊروجن جيڪا ٻري ٿي ۽ ٻي آڪسيجن، جيڪاٻارڻ ۾ مدد ڪري ٿي. يعني پاڻي نج ٻارڻ (Fuel) آهي. پاڻيءَ کي باهه به لڳي سگهي ٿي ۽ اسان مان ڪيترن، خاص ڪري گهر جي عورتن پاڻيءَ کي باهه لڳڻ جو مشاهدو به ڪيو هوندو. چلهه تي گرم تيل کي جڏهن پاڻيءَ جا ڇنڍا لڳن ٿا ته اُلا (شعلا) نڪرن ٿا......... اهي باهه جون ڄڀيون ڇا آهن؟ اهي پاڻيءَ ۾ موجود هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي سڙڻ جون آهن. يعني پاڻي به پيٽرول وانگر ٻري سگهي ٿو جيڪڏهن هن جا جزا هائڊروجن ۽ آڪسيجن جدا ڪيا وڃن. چلهه تي ڪڻڇي يا تئي تي جيڪو تيل گرم ٿيو وڃي، ان جو ٽيمپريچر ٽي چار سؤ ڊگريون ٿئي ٿو ۽ پاڻيءَ جا ڇنڍا ٽڙڪيو هائڊروجن ۽ آڪسيجن  ٿيو پون.
 پاڻيءَ کي ٻارڻ جي ڪم ۾ آڻڻ لاءِ ان جا جزا هائڊروجن ۽ آڪسيجن ڌار ڪرڻ جو ٻيو طريقو اليڪٽرڪ آهي. ڪار يا ٻي ڪا انجڻ پاڻيءَ تي بلڪل هلي سگهندي، جيڪڏهن اليڪٽرڪ  ڪرنٽ يا طاقتور بيٽريءَ جو بندوبست آهي. هاڻ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن هڪ ڪار هڪ سؤ رپين ۾ يعني پيٽرول جي هڪ لٽر ۾ ڏهه ڪلو ميٽر هلي سگهي ٿي ته ايترو مفاصلو کڻي پاڻيءَ جي ٻن بوتلن (ٻن لٽرن) ۾ طئيءَ ڪري....... ۽ ان نج پاڻيءَ جا ٻه لٽر کڻي اسان کي ۲۰ رپئي جا ملن پر انهن ٻن لٽرن کي اليڪٽرڪ ڪرنٽ ذريعي ڦاڙڻ ۾ بجليءَ جو بل جيڪڏهن ۱۵۰ رپيا ٿو اچي ته پوءِ اها شيءَ ڪهڙي فائدي جي ٿي،
اهو چيو وڃي ٿو ته ان لاءِ جيڪو ”واٽر ڪِٽ“ ايجاد ڪيو ويو آهي، ان ۾ اهو ڪم آٽوميٽڪ ٿيو وڃي ۽ بيٽري به چارج ٿيندي رهي ٿي. اسان هن اسٽيج تي اهو نٿا چوڻ چاهيون ته ايجاد ڪندڙ ڪوڙ ٿو ڳالهائي...... اسان ته دعائون ڪنداسين ته پاڻيءَ کي انجڻن ۾ ٻارڻ حقيقت ثابت ٿئي ته ماحول ڪاربن واري دونهين کان به صاف سٿرو رهندو ۽ مهانگائي به دور ٿيندي. پر آخر اها به ته خبر پوي ته اهو Water Kit ڪهڙي جادو منتر جو ٺهيل آهي؟
هڪ ٻي ڳالهه ته واٽر ڪِٽ ذريعي رڳو پاڻي وڃي ٿو يا ٻي ٻارڻ جي شئي به، جنهن ۾ ڪاربن جهڙي شيءِ موجود هجي. اها ته هر هڪ کي خبر هوندي ته انبن پچائڻ واري ڪيميڪل ڪاربائيڊ مٿان پاڻي وجھڻ تي نڪرندڙ گئس ٻري سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته ڊيزل وانگر پاڻي نج حالت ۾ انجڻ جي سلينڊر ۾ داخل ٿي ٻري ٿو ته اها ڳالهه به هڪ معمولي سائنس يا مڪينيڪل انجنيئرنگ جي شاگرد کي به حيرتزده ڪندي هوندي ته سليندر جو پاور اسٽروڪ ۾ ته ڪو اڌ چمچو ڊيزل جو مس ٿو Spray ڪيو وڃي پر اوتريون ڪئلوريون حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڪوپ کن داخل ڪرڻ ضروري آهي ۽ پسٽن Inward اسٽروڪ جي آخر ۾ Clearance ايترو گهٽ ٿو ٿئي جو ايترو پاڻي زبردست هائڊرالڪ پريشر پيدا ڪري سگهي ٿو.
پاڻيءَ جي ٻارڻ سان گاڏي هلڻ جي خاطريءَ ڪرڻ لاءِ عوام کي ان جي دونهين بابت ته ٻڌايو وڃي ته Exhaust گئس ۾ ڇا ٿو نڪري. جي ڪاربن گئس ٿي نڪري ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته انجڻ جي سلينڊر ۾ پاڻيءَ کان علاوه ٻي به شئي داخل ڪئي پئي وڃي. ڇو ته فقط پاڻيءَ جي ٻرڻ تي دونهين (Exhaust) ۾ فقط ۽ فقط هائڊروجن ۽ آڪسيجن اچڻ کپي. شروع ۾ ته هر چئنل ۽ اخبار ۾ هن ايجاد جي ڳالهه هئي پر هاڻ ته ڪئين مهينا ٿي ويا آهن، ان بابت ڪا ڳالهه نٿي ٻڌجي. خبر ناهي ان ايجاد مئچوئر ٿي جنم ورتو يا وقت کان اڳ ڪُهائي (Abortion) ٿي.

No comments:

Post a Comment