Sunday, December 09, 2012

پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع - امتياز منگي


پئنوراما ميوزيم ۱۴۵۳ع
امتياز منگي
اسان جي پهرين منزل پئنوراما ۱۴۵۳ع جو ميوزيم هئو. بس هڪ ڪشادي باغ مان گذرندي هڪ عمارت ڀرسان بريڪ هنيو. سڀ هيٺ لٿاسين، ان هدايت سان ته هڪ ڪلاڪ ۾ هن ئي غلط جڳهه تي واپس اچڻو آهي. ۱۴۵۳ع Panorama نالي جي اعتبار سان ته تاريخي ميوزيم ئي چئبو پر گهڙڻ سان معلوم ٿيو ته هن عمارت ۾ ڪنهن فلم جيان استنبول جي فتح جي منظرنامي جي عڪاسيءَ لاءِ ڄڻ ڪو فلم جو سيٽ لڳايو ويو هجي. اسان ٽڪيٽ وٺي گول ڏاڪڻ تان آخري طبقي تي آياسين. Oh my God اسان ته غلط جڳهه تي اچي ويا سي. هي ميوزيم ته جنگ جو ميدان آهي، باهه جا اُلا گولن جو وسڪارو، تلوارن جا تيز آواز، زخمين جون سسڪيون ۽ حملا آورن جون اُلرون ۽ گهوڙن جا آواز، الله اڪبر جي نعرن جا پڙاڏا وغيره. واقعي هي ميوزيم ڪمال آهي، جتي اچڻ سان گهڙيءَ پلڪ لاءِ اوهان پاڻ کي جنگي ميدان ۾ محسوس ڪندا. هو ته ڏسو وڏن گولن سان سٽي ديوار جا ڪافي حصا ٽٽي چڪا آهن. ڀت ڪرڻ جو آواز بلڪل چٽو ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي ڇا ٿيندو. ڪجهه زرهون، ڪٽيل سِسيون، جنگي اوائلي اسلح ۽ گولا ته بلڪل پيرن ۾ پيئي محسوس ٿيا. ۱۴۵۳ Panorama قائم ڪري دراصل اوهان کي اکين سان قسطنطنيه فتح ڪرڻ وارو منظر فلمبندي ذريعي ڏيکارڻ آهي. جنهن مان مراد اها آهي ته سال ۱۴۵۳ع ۾ بائزنٽائن Byzantine حڪومتن جو زوال ۽ تڏا ويڙهه ۽ ديو قامت ديوار جنهن تي کين ناز هيو، ڪنهن اوڏڪي ڪچي ڀت جيان ڀُري پئي ۽ ڏيکاريل منظر ۾ فاتح شهر ۾ داخل ٿي، پنهنجو تسلط قائم ڪيو. گائيڊ ٻڌايو ته افسوس جو فوج جو وڏو انگ ۽ خصوصن بحري فوج يورپي سمنڊ ۾ محلاتن چوڌاري صرف بائزنٽائن جي ٽهل ٽڪور ۾ مشغول هئي. باقي سلطان محمد ڪمانڊر جنهن بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ حمله آورن تي کنوڻ جيان ڪڙڪيو، تنهن کي استنبول جو هوشو شيدي  چئي سگهجي ٿو. ميوزيم جو سائونڊ سسٽم۽ روشني بلڪل ا صلي پئي محسوس ٿيا.


هتي پنج سؤ پنجاهه سال پراڻي فتح مهل استنبول جي زميني حقيقتن جو منظرآهي، جڏهن سلطان محمد ٻئي گجگوڙ ڪندي سوڀ حاصل ڪئي. هتي اندر دا خل ٿيڻ سان  گهڙي پلڪ لاءِ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندئو. اوهان کي سلطان محمد ٻئي جي لشڪر جي نعرن جو پڙاڏو ”الله اڪبر“ ۽ فوجي بينڊ تي جذباتي ڌنون پري کان ٻڌڻ ۾ اينديون. ٿورو تصويرن ۽ پينٽنگس  ڏانهن واجهايو جيڪي ڏسڻ سان اوهان کي 3D يعني dimensions three جو اثر ملندو. ڇت پڻ آسمان جو ڏيک ڏئي ٿي. وڏي ڳالهه ته تصويرن جي ڪا به حد ڪو نه آهي. ڪاٿي به اهو محسوس ڪون ٿيندو ته تصوير ڪٿان جڙيل آهي. جيتوڻيڪ هڪ بند جگهه تي بيهندي اوهان هڪ کليل ميدان ۾ محسوس ڪندا. هن پئنوراما جو منصوبو استنبول جي ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽيءَ شروع ڪيو جنهن ۾ اٺن مشهور ترين آرٽسٽن جي مدد حاصل ڪئي وئي، پر تخليق هن پراجيڪٽ جي ڪوآرڊينيٽر حاصم وطندس جي هئي جيڪو آرٽسٽ سان گڏ ڪارٽونسٽ پڻ آهي. مددگار آرٽسٽن ۾ ياسر، زينالو، آڪسن ليگڪا، احمد ڪايا، حسن ايڇ ڊنسر، مراد ايفي ۽ عطيلا تنڪا شامل آهن. پوري دنيا ۾ هن طرح جا ڪل ۳۰ پينوراما سينٽر آهن، جيڪي تاريخي واقعات ترجيحاً جنگين جو منظرنامو پيش ڪن ٿا. تن مان نيپولين جو ماسڪو ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻيا مشهور آهن، پر پنهنجي نوعيت جو هي ميوزيم حقيقت جي قريب تر آهي ۽ توهان هڪ خوفناڪ ۽ غير محفوظ ميدان وچ ۾، پاڻ کي جنگ جو حصو محسوس ڪندا. ڪنهن وقت ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ اسان ٽيليويزن منجهه ڪا تحريڪ آزاديءَ جي سيريل ڏسي رهيا هجون. يا سراج ميمڻ جو سنڌي ناول” پڙائو سوئي سڏ“ پڙهي رهيا هجون. ان طرز تي مون هڪ اردو جو پراڻو ناول”استنبول“ به پڙهيو هيو، جيڪو محمد سعيد جو لکيل هيو ۽ لاهور مان ڇپيل هيو. ڇا ته لکڻ جو ڏانو هيس. حرف آغاز ۾ لکي ٿو:
”استنبول تي پهرين يلغار ڪرڻ واري لشڪر جي قيادت، ميزبان رسول الله، حضرت ايوب انصاريءَ جهڙي جليل القدر صحابي ڪئي. بالآخرسلطنت عثمانيه جي نوجوان سلطان محمد ثانيءَ کي هيءَ سعادت نصيب ٿي. فوجي نقطه نگاهه کان هي فتح هڪ ملڪ جي گادي تي قبضو ڪرڻ لاءِ نه هئي، پرهن فتح ۾ دراصل فلسفه زندگي جي فتح شامل هئي جنهن کي اسلام جون اڀرندڙ قوتون ساھ ۾ سانڍي اڳتي وڌي رهيون هيون“.

سلطان محمد فاتح ثاني
محمد ثاني المعروف فاتح صرف ۲۱ سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ قسطنطنيه فتح ڪري، بازنطيني سلطنت جون پاڙون پٽيون. هن عظيم الشان فتح کانپوءِ هن پنهنجي نالي اڳيال قيصر جو واڌارو ڪري ڇڏيو. (ترڪي زبان ۾ محمد جي جاءِ تي محمت لکندا ۽ پڙهندا آهن ۽ ث جي جاءَ تي ٽ لکندا ۽ پڙهندا آهن، جيئن عثمانيه کي اوٽومن پڪاريندا آهن) مذهبي اعتبار کان هن حضرت محمد ﷺ جي خواهش جي تڪميل ڪئي، ڇو ته آخري رسول ﷺ جن، پنهنجي زندگي مبارڪ ۾ قسطنطنيه جي فتح جو اظهار ڪندي، ان جي فاتح کي جنت جي بشارت ڏني هئي. فتح قسطنطنيه جي خوشخبري هڪ حديث ۾ بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ پاڻ سڳورا فرمائن ٿا: ”توهان قسطنطنيه ضرور فتح ڪندو. اهو فاتح به ڇا باڪمال هوندو ۽ سندس فوج به ڇا باڪمال هوندي“. قسطنطنيه فتح ڪري محمد ثاني اسلام جي اهم هستين ۾ پنهنجو نالو شامل ڪري ڇڏيو. محمد ثاني ٽيهه مارچ ۱۴۳۲ع ۾ ادرنه ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت سلطنت عثمانيه جو گاديءَ جو هنڌ هيو. سندس والد مراد ثاني ۽ امڙ جو نالو هما خاتون هيو. محمد ثاني قسطنطنيه ۽ اناطوليه فتح ڪرڻ بعد يورپ جو ر خ ڪيو. هن سابق رومي سلطنت کي، سلطنت عثمانيه جي جهنڊي هيٺ آڻڻ پئي چاهيو. ۱۴۸۰ع ۾ هن اٽليءَ تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ پهرين مرحلي ۾ اوٽرانٽو (OTRANTO) فتح ڪيو، پر البانيه ۾ سڪندر بيگ جي بغاوت فوجن جي رابطن جي ٽٽڻ ڪري اوٽرانٽو ۱۴۸۱ع ۾ مسلمانن کان کسجي ويو. ٻئي طرف محمد ثاني بلقان جون ننڍيون وڏيون رياستون فتح ڪيون ۽ مشرقي يورپ ۾ بلغراد تائين پهتو، پر خاطر خواه ڪاميابي حاصل ڪونه ٿي. چوڻ جو مقصد ته فتح سان گڏوگڏ شڪستون به هلنديون آيون.
سلطان محمد فاتح جنگي جوڌو هجڻ سان گڏوگڏ علم ۽ هنر جي به سرپرستي ڪندو آيو. فتح قسطنطنيه بعد هن اٽليءَ جي مصورن ۽ يونان جي دانشورن کي پنهنجي دربار جو حصو بڻايو. مسلمان سائنسدان ۽ هنرن جا ڄاڻوگر پڻ سندس درٻار ۾ اڳ کان موجود هئا. استنبول جي يونيورسٽي سندس ٺاهيل آهي. ان کان سواءِ مسجدون، واه کوٽائڻ ۽ ٻيا گهڻا عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين. ٻيو ته ٺهيو تاپڪاپي جهڙو فن پاروهن هن ٺهرايو. هو ست زبانون ڳالهائي ڄڻندو هو، جن ۾ ترڪيءَ کان علاوه عربي، فارسي، يوناني، لاطيني وغيره شامل آهن. سندس تصوير هزار روپئي واري ترڪش ليرا جي نوٽ تي ۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۲ع تي ڇاپي وئي. سندس دور رواداريءَ ۽ برداشت جو دور ليکيو وڃي ٿو. هو دشمنن سان به چڱيءَ ريت هلندو هو. هو حيرت انگيز قابليت ۽ سلطنت جي انتظام ۾ ڏاهو هو. هن پهريون دفعو سلطنت عثمانيه جا قانون مرتب ڪيا. سلطان محمد فاتح ترڪن جو اڪبر بادشاهه ۽ شير شاه هو. چند ڪريل روايتون ۽ ڪارا قانون پڻ سندس جوڙيل هئا، جيئن جڏهن ڪو سلطان تخت تي ويهي، ته اهو پنهنجي  ڏنگن ڀائرن کي قتل ڪرائي ڇڏي. سلطان محمد فاتح اها روايت وجهڻ مهل اها وضاحت justification  ڏني ته سلطان جي فوتگيءَ کان پوءِ سندس پٽن ۾ بادشاهت تي جهڳڙا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ جيڪو ڏا ڍو سو گابو واري مثال تحت تخت تي ويهي ٿو. ڇاڪاڻ ته ان رسا ڪشي ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو مرن ٿا ۽ خونريزيءَ جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ان لاءِ رستو صاف ڪرڻ ۽smooth  قسم جي حڪومت ڪرڻ لاءِ، اهو ضروري هيو. سياست ۾ ڀائر ۽ پيارا ڪهائڻ جو قانون، صرف ترڪيءَ ۾ قانوني شڪل وٺي ويو، پر پوري دنيا ۾ اڄ به اقتدار خاطر، انتهائي ويجهن ۽ رت جي رشتن جو قتل عام ڪٿي نه ٿو ٿئي؟ جديد سياست جي ابي. اٽليءَ جي نڪولو ميڪاولي (Nicholo Machiavelli) جو جڳ مشهور ڪتاب ”پرنس“ جيڪو ۱۵۱۳ع ۾ لکيو ويو هو (جيڪو منهنجي دوست امجد لغاري جو پسنديده ڪتاب آهي ۽ ان جو سنڌي ترجمو ”شهزادي“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي) سو پڙهڻ سان ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ ته سلطان ثانيءَ جي پاليسين جي پوئواري ۾ لکيو ويو هجي. حالانڪ اهو سلطان محمد فاتح جي مرڻ کان ٻٽيهه سال پوءِ جو لکيل آهي. نڪول ميڪاوليءَ پرنس جي هڪ باب (نفرت ۽ عداوت کان پاڻ کي ڪيئن بچائجي) ۾ ترڪ سلطانن لاءِ لکي ٿو.
”پر هاڻي سواءِ سلطان ۽ ترڪ بادشاه جي، ٻين حڪمرانن لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته اهي سپاهين جي ڀيٽ ۾ عام رعايا کي مطمئن رکن، ڇاڪاڻ ته هاڻي عوام سپاهين کان وڌيڪ ملڪ جي تحفظ ۽ نظم ۽ نسق ۾ هٿ ونڊائي سگهي ٿو. آ انهيءَ زمري ۾ ترڪ بادشاه کي نه آڻيندس، ڇاڪاڻ ته هو ٻارهن هزار پيادل ۽ پندرهن هزار گهوڙي سوار فوج هميشه پاڻ وٽ موجود رکي ٿو ۽ ملڪ جي تحفظ ۽ استحڪام لاءِ مڪمل طور تي پنهنجي انهن سپاهين تي ڀاڙي ٿو، جنهن ڪري هن لاءِ اهو ضروري آهي ته هو انهن کي پنهنجو دوست بڻائي رکڻ واسطي ٻين ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏي.“
 سلطان جي بادشاهت جو به سا ڳو حال آهي. ملڪ جو انتظام مڪمل طور تي فوجين جي هٿ وس آهي، جنهن ڪري مٿس لازم آهي ته هو عام رعايا جي مقابلي ۾ فوج سان ٺاه ۾ رهي. هتي هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ کپي ته سلطان جي حڪومت ٻين حڪمرانن جي حڪومتن کان مختلف ۽ عيسائي پادرين جي حڪومت جهڙي آهي. ان قسمن جي حڪومتن کي نه ته موروثي چئي سگهجي ٿو نه نيون، ڇاڪاڻ ته ان ۾ فوجي حڪمرانن جا پٽ ۽ پڙ پوٽا سندس وارث ٿي نه ٿا سگهن ۽ حڪومت ڪرڻ جو اختيار صرف ان کي ئي آهي، جنهن کي اختيار رکندڙ رڪن چونڊين، جيئن ته اهو هڪڙو پراڻو نظام آهي. تنهن ڪري ان کي هڪ نئين حڪومت چئي نه ٿو سگهجي.
ان کان علاوه هتي اهي ڏکيائون ۽ مونجهارا به هوندا آهن، جيڪي هڪ نئين حڪومت ۾ پئدا ٿين ٿا. حڪمران ضرور نئون هوندو آهي، پر ملڪ جا قاعدا قانون لڳاتار پراڻا هوندا آهن، جنهن ڪري اتي جو عوام نئين حڪمران کي موروثي بادشاهه جي حيثيت ۾ قبول ڪري و ٺندو آهي.
پر، هاڻي وري اصل موضوع تي ايندي، آ ائين چوندس ته جيڪو شخص منهنجي بيان ڪيل دليلن جو مطالعو ڪندو ته کيس معلوم ٿيندو ته انهن شهنشاهن جي برباديءَ جو ڪارڻ نفرت هئي يا وري بدنامي. انهن مان ڪن هڪ طريقي تي عمل ڪيو ته ڪن وري ٻيو طريقو ا ختيار ڪيو. بهرحال انهن ٻنهي اصولن تي عمل ڪرڻ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ڪن شهنشاهن جي پڄاڻي سرهي ٿي ته ڪن جي نهايت خراب.               
سلطان محمد فاتح جي فطرت ۾ فرعونيت ۽ سختي حد درجي جي هئي. هو مخالفت اصل برداشت ڪري نه سگهندو هو. بغير ڪنهن جاچ جوچ جي چڱا ڀلا ماڻهو مارائي ويهندو هو. سزائون ڏيڻ مهل سوچيندو ڪون هو ۽ ڪنن جو ڪچو هو. صلاحڪار ته گهڻا ئي هيس، پر هلائيندو پنهنجي مرضي هو. هي سلطان ٽين مئي ۱۴۸۱ع ۾ اوچتو وفات ڪري ويو. سندس موت بابت چيو وڃي ٿو ته کيس پٽ بايزيد ثاني زهر ڏئي مارايو هو. مرڻ وقت سندس عمر ۵۱ سال هئي. کيس فاتح مسجد جي ڀر ۾ دفنايو ويو. باسفورس تي اڏيل پل سندس نالي سان منصوب آهي.سندس مرڻ بعد هن جو پٽ بايزيد ثاني تخت نشين ٿيو، جنهن ٽيهه سال حڪومت ڪئي.
برنارد ليوئس Bernard Lewis پنهنجي ڪتابIstanbul and the Civilization of the  Ottoman Empire ۾ لکي ٿو ته:
”اڱاري جو ڏينهن ۽ مئي ۱۴۵۳ع جي اوڻٽيهه تاريخ، اسر ويل فوج جو وڏو انگ قسطنطنيه جي عظيم ديوار ٻاهران حملي لاءِ خيمه زن ٿئي ٿو. حملا ته اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر اولهه ۽ اوڀر جي مداخلت تي اڪثر ٽري ويندا آهن، پر هي نوجوان ته قهر بڻجي آيو آهي. اوچتو يونانين جون رڙيون بلند ٿين ٿيون: ”شهر تي قبضو ٿي ويو آهي“. ڪجهه ڪلاڪن بعد سلطان محمد فاتح گهوڙي تي سوار شهر ۾ هڪ گيٽ، جنهن کي هاڻي تاپڪاپي سڏجي ٿو مان جينيسري گارڊ ۽ اميرن سان پاڻ داخل ٿئي ٿو“.
هن ئي ڪتاب ۾ هڪ ٻي هنڌ صفحي ۲۶ ۽ ۲۷ تي هڪ غير ملڪي شخص جنهن جو نالو، جيڪومو (Giacomo de Langusto)  آهي، سو سلطان سان مليو. هو حد درجي تائين سلطان مان متاثر ٿيو ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار هيٺيئن ريت  ٿو ڪري:
A young man of 26, well complexioned, large in body rather than middling height, noble in arms, of an aspect inspiring fear rather than reverence, sparing of laughter, a pursuer of knowledge, gifted with princely liberality, stubborn in purpose, bold in all things, as avid of fame as Alexander of Macedon. Every day he has Roman and other histories read to him chronicles of the popes, the emperors, the Kings of France, the Lombard’s, he speaks three languages, Turkish, Greek and Slavonic. Diligently he seeks information on the position of Italy, the seat of the Pope, of the Emperor, and how many kingdoms there are in Europe, of which he has a map showing the states and provinces. Nothing gives him greater satisfaction and pleasure than to study the state of the World and the science of war. A shrewd explorer of affairs, he burns with the desire to rule. It is with such a man that we Christians have to deal. He is vigilant, able to endure fatigue, cold, heart, thirst and hunger. Now he says, times have changed, so that he would go from the East to the West, as the Westerners had gone to the East. The Empire of the World, he says, must be one faith and one Kingdom. To make this unity, there is no place in the World more worthy than Constantinople.
اسان پئنوراما ۱۴۵۳ع مان تمام گهڻو متاثر ٿياسين. مقرر ڪيل وقت گذري چڪو هو ۽ اسان کي گرائونڊ فلور ۾ هڪ Shop مان تاريخي ڪئلينڊرس، بيج، گفٽس ۽ ٻيون شيون پڻ خريد ڪرڻيون هيون، ان ڪري هيٺ لهي آياسين. هتي ميوزيم متعلق معلومات جو بروشر ۽ سي ڊي، ڪجهه پوسٽ ڪارڊ ۽ تڙ تڪڙ ۾ ڪجهه شيون وٺي ٻاهر نڪري آياسين. بس تيار هئي ۽ سڀ ان ۾ چڙهي ويٺاسين. بس ۾ داخل ٿيڻ تي اڳ ۾ ويٺل دوستن دير جا ڏوراپا ڏنا. بس هلڻ شروع ڪيو. ٽوئرسٽ بس ۾ سائونڊ سسٽم لڳل آهي، جنهن جي مائڪرو فون ذريعي اسان جي گائيڊ ڪنهن ماڳ تي پهچڻ کان اڳ ۾ ان جي تاريخي اهميت متعلق پئي ٻڌايو ۽ واپسيءَ ۾ رستي جي ٻنهي پاسن کان نظر ايندڙ اهم جڳهن ۽ تاريخي عمارتن بابت ڄاڻ ٿي ڏنائين. هن ايندڙ ماڳ متعلق پڻ پئي ٻڌايو ته جيئن گروپ کي ايڊوانس ۾ ڄاڻ مهيا ڪئي وڃي.

No comments:

Post a Comment