Friday, December 07, 2012

نيپولين جي شاهي سيلون جي نمائش - عبدالحي پليجو


نيپولين جي شاهي سيلون جي نمائش
عبدالحي پليجو
گذريل ڀيري مون پئرس جي لوور ميوزيم جو ذڪر ڪيو هو، ان حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته، ميوزيم جي رچليوُ ونگ واري حصي جو افتتاح سن ۱۹۹۷ع ۾ ٿيو. هتي اتر يورپ ۽ فرانس ۾ ٺهيل پينٽنگس، آرائشي سامان ۽ فرانس ۾ ٺهيل مجسما، مشرقي نوادرات، جن ۾ اسلامي دنيا جا فن پارا موجود آهن ۽ نيپولين ٽئين وارا شاهي سيلون نمائش لاءِ رکيل آهن. عمارت جو هي حصو اصل ۾ ۱۸۵۲ع کان ۱۸۵۷ع جي وچ ۾ ٺهيو هو. جنهن ۾ پوءِ وڌيڪ ڪمرا اڏيا ويا، هاڻي هن ڀاڱي ۾ ۱۶۵ ڪمرا ۽ ٽي ڍڪيل دالان آهن. جتي ٻارهن هزارن کان وڌيڪ فن پارن جي نمائش جاري آهي، هتي رکيل يوناني ۽ رومي نوادرات ۾ پارٿينن گرجا گهر مان هٿ آيل ڪپڙي تي ٺهيل تصويرن جا ٽڪرا به شامل آهن. سڄي دنيا جي ماڻهن جو موناليزا ۽ وينس جي تصويرن سان ته گهڻو لڳاءُ آهي پر فرينچ ماڻهن لاءِ جيڪس ڊيوڊ جي ٺهيل ميڊم ريڪاميئر جي پينٽ ٿيل تصوير دائمي دلچسپيءَ جي حامل آهي. نيپولين جي مخالف جي حيثيت ۾ ۲۳ سالن جي عمر ۾ پنهنجي آرامده صوفا تي ڪلاسيڪي شاهڪار انداز ۾ براجمان آهي. شپ آف فولس، فورسيزينس لبرٽي ليڊنگ دي پيپل ۽ پائولو ويرونير واري پينٽنگ ويڊنگ فيسٽ ايٽ ڪينا هن ونگ ۾ شامل آهن. هتي گهمندي ٿڪجڻ سان ساهي پٽڻ ۽ کاڌي پيتي لاءِ ٻه ڪيفي هڪ رچليو ۽ ٻي مارلِي موجود آهن. ٽاپ ڪاپي ميوزيم سسٽين چيپل، برٽش ميوزيم ۽ لنڊن ٽاور ۾ اندر ويهڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست ٿيل ڪونهي پر هتي سياحن جي ويهڻ لاءِ تمام سهڻو بندوبست ٿيل آهي. هر هڪ هال ۾ تمام سٺا بئنچ پيل آهن، جن تي سَون جي تعداد ۾ سياح ويٺل نظر ايندا، هي عجائب گهر مٿي ڄاڻايل عجائب گهرن کان تمام وڏو عجائب گهر آهي.


اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته، پنهنجو اڄ جو هتي گهمڻ وارو پروگرام پورو ٿيو. پاڻ هاڻ ٻاهر نڪرنداسين. اسانکي جيترو به هن مختصر وقت ۾ ممڪن هو، اوترو گهمايائون. ان کانپوءِ اسانجي هن گروپ مان هڪڙن کي ورسيلز ٽوئر وارن سان گڏ وڃڻو هو. جيڪو منهنجو اڳ ۾ به ڏٺل هو، اسان جو اُتي نه پر پئرس جي ڊزني لينڊ وڃڻ جو پروگرام هو. تنهنڪري اسان پنهنجي ٽوئر وارن کان موڪلائي پنهنجي اڳتي جي منزل ڊزني لينڊ وڃڻ لاءِ ان طرف جي ٽيوب اسٽيشن ڏانهن روانا ٿياسين. والٽ ڊزني آمريڪا جو هڪ مشهور ماڻهو هو، جنهن پهريائين آمريڪا ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ ڪارٽون فلمون ٺاهيون، تنهن کانپوءِ ڪمرشل فلمون به ٺاهيون. هن ڪجهه وقت کانپوءِ ڊزني لينڊ جي نالي سان لاس اينجلس ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي ادارو قائم ڪيو، اهو ايڏو ته ڪامياب ٿيو جو پوءِ هن اُرلانڊو، ٽوڪيو، پئرس ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهڙي قسم جا تفريحي مقام ٺاهي، سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ تفريح مهيا ڪئي. جتي روزانو هزارين نه پر لکن جي تعداد ۾ سياح هنن تفريح گاهن ۾ اچن ٿا، نه صرف آمريڪا پر سڄي دنيا مان ماڻهو ڪَهي انهن تفريح گاهن کي ڏسڻ اچن ٿا. سڄي دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻو پگهار کڻندڙ به هن ڪمپنيءَ جو سربراهه آهي ۽ انهيءَ گهڻو پگهار کڻندڙن ۾ آمريڪي صدر جو نمبر ۷۸۵ آهي.
ڊزني لينڊ جي هنن تفريحي مرڪزن ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز اُرلانڊو جو ڊزني ورلڊ آهي، جيڪو وڏي  هئڻ سان گڏ جديد پڻ آهي. ڊزني ورلڊ آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ آهي. جتي ميامي بيچ پڻ آهي. ”دنيا ۾ گهڻا سياح ، اسپين ۽ آمريڪا جي هن رياست ۾ اچن ٿا“. پئرس جو هي ڊزني لينڊ شهر کان ڪافي پري آهي، تقريباً ايترو جيترو ڪراچيءَ جي وچ شهر کان گلشن حديد پري آهي، جتي ٽئڪسيءَ ذريعي پهچڻ لاءِ هزارين رپيا گهرجن. سو بهتري انهيءَ ۾ سمجهي سين ته ٽيوب جي ٽڪيٽ ۾ وڃي ڊزني لينڊ پهچون. انهيءَ کان اڳ جو ڪنهن ٽيوب اسٽيشن پهچون. پئرس جي رستن تي وڏن وڏن وڻن جي هيٺان پئرس جي حسين نارين کي ڏسندا، سندن سونهن مان لطف اندوز ٿيندا، اڳتي هلندا وياسين. جتي هاڻ صُبح واري ٺاپر نه پر ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي ڪافي گَهما گهمي نظر آئي ۽ انهن کان به وڌيڪ رش توهان کي هتي سياحن جي نظر ايندي. اهڙن شهرن ۾ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ته توهان کي مقامي ماڻهن کان به گهڻا سياح نظر ايندا. گهڻو ڪري سڀ جوڙا پيرن ۾ رَٻڙ جو ٿُلهو جوتو، بدن تي گَنجيءَ نما شرٽ، هٿ ۾ ننڍي ڇَٽي هل هلان، هر سياح چاهيندو آهي ته ڏينهن جو پنهنجو هڪ منٽ به ضايع نه ڪريان. پيو گهمان ڦِران، سو اسان به هنن جي نقشِ قدم تي هل هلان ڪري اچي هڪ ٽيوب اسٽيشن تي پهتاسين، جتي ڀِت تي ٽيوب اسٽيشن جي نقشي تي نگاهه وجهي ٽڪيٽ واري دريءَ تان پڇي ڳاڇي هڻي هنڌ ڪري، نيٺ وڃي ڊزني لينڊ ٽيوب اسٽيشن جون ٽڪيٽون خريد ڪيون سين. باقي ٽڪيٽ ۽ نقشي تي پنهنجي منزل جي ٽيوب بابت هر سمجهاڻي لکي پئي آهي. صرف سوچڻ سمجهڻ ۽ اکيون کولي هلڻ جي دير آهي. نه ته هيڏن شهرن ۾ جي ماڻهو ڀُليو ته پوءِ واپس پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ وقت سان گڏ پئسو به خوامخواهه خرچ ٿيو وڃي ۽ بوريت ان کانسواءِ!، سو اسان به ٽڪيٽ وٺي پُڇي ڳاڇي اچي پنهنجي اچڻ واري انڊر گرائونڊ ٽرين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. باقي يورپ ۾ ٽيوب ۽ ريل جي ليٽ ٿيڻ جو ته ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
هتي اليڪٽرانڪ بورڊ هر هنڌ لڳل آهن، جتي هر سيڪنڊ جي انفارميشن لکي پئي آهي. اسان جي ٽيوب اچڻ تي اسان به انهيءَ اندر ڪاهي پياسين ته ڪئين قسمن جي سرهاڻن سرير ۾ داخل ٿي اسان جو استقبال ڪيو ۽ ائين اسان اڳتي پئرس جي ڊزني لينڊ لاءِ روانا ٿي وياسين. ٽيوب ۾ فرينچن کان  وڌيڪ ٻيا سياح نظر آيا. جيڪي شايد ڊزني لينڊ گهمڻ وڃي رهيا هئا. ٽيوب ۾ هڪ به نيگرو نه هو. هونئن به توهان کي آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ ٻي سڄي دنيا ۾ نيگرو گهٽ نظر ايندا ۽ انهن ۾به وري پئرس ۾ گهٽ ۾ گهٽ نظر ايندا. باقي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ته توهانکي هر هنڌ نيگرو وڏي تعداد ۾ نظر ايندا. ٽيوب ۾ ڪافي رش  هئي، اسان مٿي بيهڻ وارن لاءِ لڳل هوڪس ۾ جهلي بيهي رهياسين. ٿورا ٿورا ماڻهو هر ٽيوب اسٽيشن تي لهن پيا پر اڃا به ويهڻ لاءِ جڳهه نظر نه آئي. اسان آهستي آهستي هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا هئاسين، سڄي ٽيوب ۾ بلڪل سانت لڳي پئي آهي. لنڊن جي مقابلي ۾ هتي ٽيوب اشتهار ڪجهه گهٽ هئا.
ٽيوب سائيز ۾ لنڊن جي ٽيوب جيڏو ئي آهي ۽ سندن ٽڪيٽ جو اگهه به تقريباً هڪ جهڙو آهي پر هي وڌيڪ سنواريل ۽ سينگاريل آهي. هن جون سيٽون به وڌيڪ نفيس ۽ آرامده آهن. صفائي به هر هنڌ، لنڊن جي ٽيوب کان وڌيڪ نظر آئي. اسان بيٺل آهيون، تنهنڪري ٻاهر ڪجهه به ڏسي ڪونه ٿا سگهون. جنهن ڪري دل ئي دل ۾ پئرس ڏسي ۽ گهمي رهيا آهيون. هونئن به نيويارڪ، لنڊن ۽ پئرس اندر داخل ٿيندي ئي هر ماڻهو پنهنجي ناٽڪ جو پاڻ ئي هيرو ٿيو پوي ۽ اڪيلو ئي اڪيلو پاڻ سان رهاڻ شروع ڪريو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته انسان پهرئين پئسي، پوءِ آرام ۽ آسائش  ۽ آخر ۾ نالي ڪمائڻ لاءِ ڪيڏو نه پريشان آهي!.

No comments:

Post a Comment