Saturday, December 29, 2012

ماستري ڪو سولو ڪم - ناهي الطاف شيخ


ماستري ڪو سولو ڪم ناهي
الطاف شيخ
 ملائيشيا کي خودمختياري يا کڻي چئجي ته انگريز راڄ کان آزادي، پاڪستان کان گهڻو پوءِ ۱۹۵۷ع ۾ ملي، پر ان وقت به ملائيشيا ۾ ايترا تعليمي ادارا يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه  هيون، جيتريون پاڪستان ۾ ڏهه سال اڳ ۱۹۴۷ع ۾ هيون. منهنجي ڳالهه  جو مطلب اهو آهي ته هي جيڪي اڄ جا نوجوان ملائيشيا جي تعليمي نظام مان متاثر آهن (۽ واقعي ٿيڻ به کپن، جو بدقسمتيءَ سان اسان وٽ تعليمي نظام صحيح رفتار سان اڳتي وڌڻ بدران پٺتي ٿي ويو آهي) انهن کي ڄاڻ هجڻ کپي ته تعليمي ادارن ۾ اسانجو ملڪ گهڻو اڳتي ۽ ترقي يافته هو.


ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جهنگن جو ملڪ آهي ۽ بقول هتي جي ماڻهن جي، ملئي ماڻهو ڪير آهن،’ جنگل جا ماڻهو ته آهن!‘  پر يارو، هڪ ڳالهه آهي ته هن ملڪ جي ماڻهن ۽ هتي جي حڪومتن شروع کان ٻن ڳالهين تي وڏو ڌيان ڏنو. هڪ تعليم کاتي تي ۽ ٻيو پوليس کاتي تي. ايتري قدر جو ۱۹۸۷ع ۾ جڏهن ڪوالالمپور ۾ ڪامن ويلٿ ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ٿي هئي ته آخري ڏينهن تي انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ ملائيشيا جي مٿين ادارن، تعليم ۽ پوليس جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. ملائيشيا جي حڪومت کي شروع کان ان ڳالهه جو اونو رهيو.
پاڪستان ۾ مئرين اڪيڊمي ۱۹۶۳ع ۾ کلي. هتي ملائيشيا ۾ ۱۹۸۲ع ڌاري، جنهن لاءِ مونکي به سڏايو ويو هو ۽ مون سمنڊ تي جهاز هلائڻ ڇڏي، ڪناري جي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪئي. بلڪه آئون انهن چند  ماڻهن مان آهيان، جن هيءَ اڪيدمي شروع ڪئي. ملڪ جي نئين وزير اعظم ڊاڪٽر مهاتير کي شوق هو ته سندس ملڪ جا نوجوان ٻاهر وڃي جهاز راني ۽ جهاز سازيءَ جي تعليم وٺڻ بدران پنهنجي ملڪ ۾ حاصل ڪن. هن کي وزير اعظم ٿئي اڃان هڪ سال ٿيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هو ۱۹۸۱ع کان وٺي ۲۰۰۳ع تائين ٻاويهه سال ملڪ جو وزير اعظم رهيو ۽ اهو سمورو وقت، منهنجو سندس ملڪ سان واسطو رهيو. بلڪه ان کان به تيرهن چوڏهن سال اڳ ۱۹۶۸ع کان وٺي، منهنجو جهاز رستي، ملائيشيا ۾  اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو. بهرحال مون ڏٺو ته هن (مهاتير) ڪيترائي وڏا وڏا ڪم ڪيا، جن تي مخالف پارٽيءَ ڏاڍي تنقيد ڪئي ۽ هنن کي پڪ هئي، بلڪه حيرت جي ڳالهه آهي ته اسان جهڙن ڌارين کي به لڳندو هو ته مهاتير بيوقوفي پيو ڪري ۽ ملڪ جو خزانو برباد ٿي ويندو، پر هر دفعي مهاتير جي ڪاميابي  نصيب ٿي  ۽ انهن پروجيڪٽن ذريعي ملڪ ۾ پئسو اچڻ شروع ٿيو. جيئن پروٽان ڪار شروع ڪرڻ، پينانگ ٻيٽ واري ڊگهي ۾ ڊگهي پل، پيٽروناس ٽاورس واري عمارت، مونو ريل ۽ ٽرامون، مختلف يونيورسٽيون ۽ ٻيا انيڪ تعليمي ادارا وغيره. مئرين اڪيدمي، جنهن لاءِ اسان سمنڊ جي نوڪري ڇڏي، ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي، مهاتير سان گڏ سندس زال ڊاڪٽر سيتي هاسما جي اولين خواهش هئي ۽ آئون ڏسندو هوس ته شروع وارن سالن ۾ ٻئي ڄڻا (زال ۽ مڙس) اڪيڊميءَ جي هر فنڪشن تي ڪوالالمپور کان ڪَهي ملاڪا اچي نڪرندا هئا ۽ اسان پڙهائڻ وارن جهازي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن سان خوب فري ٿي خبرون ڪندا هئا. هي اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن دهشت گردي يا مارڌاڙ جهڙا فئشن وجود ۾ نه آيا هئا ۽ هن ملڪ ۾ ته بيحد امن امان هو. ۱۹۹۰ع تائين ته رياست جي گورنر ۽ وزير اعليٰ جي آفيسن جا دروازا کليا پيا هوندا هئا. انگريزن جي ڏينهن جون هي آفيسون وچ شهر ۾ هونديون هيون. منهنجو ته ڪير به هم وطن مون وٽ ملاڪا ايندو هو ته کيس شهرَ جو چڪر ڏياري، ڪڏهن وزير اعليٰ وٽ ته ڪڏهن گورنر وٽ اچي چانهه پياريندو هوس. منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي، جن لاءِ هتي جو ماحول اوپرو هو، حيرت ٿيندي هئي ته هتي جو عام ماڻهو به بنا ٽائيم وٺڻ جي رياست (صوبي) جي اعليٰ آفيسرن سان ملندو رهي ٿو ۽ کين پوليس جو وڏو عملدار به SIR چئي مخاطب ٿئي ٿو. اهو ان ڪري  جو هتي جا آفيسر/ ڪامورا سمجھن ٿا ته هو عوام جا نوڪر آهن ۽ اهي عوام جا  ڏنل ٽئڪس  ئي آهن، جن مان کين پگهار ملن ٿا يعني سندن ٻچا پلجن ٿا. ساڳئي وقت ڏوهه ڪرڻ تي ڪنهن جي به بخشش نٿي ٿئي، چاهي هو رياست جي والي (سلطان) جو پٽ هجي يا  ملڪ جي بادشاهه جو!
مهاتير کان علاوه هاڻوڪو وزير اعظم نجيب ۽ اڳيون احمد بداوي جيڪي ان وقت راندين جا يا تعليم جا وزير هئا، اسان جي اڪيڊميءَ ۾ ايندا رهندا هئا ۽ انهن سان فري ٿي ڳالهائبو هو. ملئي زبان سمجھڻ جي ناتي آئون اڪثر چرچا ڀوڳ به ڪندو رهندو هوس. پر هڪ ڳالهه آهي ته کين شاگردن جي تعليم، صحت ۽ راندين روندين جو وڏو فڪر هوندو هو. هينئر وارو وزير اعظم نجيب ته پاڻ به چڍي پائي اسان سان گڏ فٽ بال راند کيڏندو هو. سندس والد عبدالرزاق ملڪ جو ٻيو وزير اعظم هو، پر مهاتير سٺ جو هوندي به بيحد ذهين، پورهيت ۽ قابل لڳو ٿي. هونءَ به هتي (ملائيشيا) ۾ اهو مشهور آهي ته اهي ملئي ماڻهو، جن  جي ماءُ يا پيءُ  مان هڪ  چيني يا انڊين آهي  ته  اهي تيز ٿين ٿا. مهاتير جو به پيءُ انڊيا جي صوبي گجرات کان ننڍي هوندي، ملائيشيا جي رياست ڪيداح ۾ آيو هو ۽ هڪ ملئي ڇوڪريءَ (مهاتير جي والده) سان شادي ڪيائين. مهاتير پاڻ به پنهنجي وقت جو سٺو شاگرد رهيو. پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو ۽ هن پنهنجي قوم جي نوجوانن کي پاڻ جهڙو ڏسڻ چاهيو ٿي، خاص ڪري هن نئين اڪيڊميءَ جي ڪئڊٽن کي ، جو هيءَ اڪيڊمي سندس شوق  جي ڪري کلي هئي. پڙهائڻ لاءِ مختلف ملڪن جي تجربيڪار ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي آندو ويو هو، جن جو نه فقط تعليم ۾، پر جهاز رانيءَ ۾ به نالو هو. هو هر وقت ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته نه رڳو ٽيچر سٺا هجن، پر شاگردن جي به ميرٽ تي چونڊ ڪئي وڃي. هڪ ڏينهن لنچ دوران خبرون ڪندي، مهاتير خلا ۾ گهوريندي چيو ته،” خبر ناهي اسان بسم الله ڪيئن ڪئي آهي؟“ سندس مطلب هو ته خبر ناهي پڙهائڻ وارا ڪيئن آهن؟ مون ادب سان چيو ته سائين ان جي خاطري توهان  انهن  جي سرٽيفڪيٽن مان ڪري سگهو ٿا.
”نه“ مهاتير وراڻيو ۽ پوءِ چوڌاري ويٺل اسان ڌارين ملڪن جي جهازران ٽيچرن ڏي مرڪندي چيو ”سٺي ٽيچر جو ٽيسٽ اهو آهي ته امتحان ۾ سندن شآگرد ڪيڏو سٺيءَ طرح  پاس ٿين ٿا.“
”کيس موڊ ۾ ڏسي، مون يڪدم چيو، ”سر! ڀلا سٺي سياستدان جو ڇا ٽيسٽ آهي؟“
کانئس ٽهڪ نڪري ويو. اسانجي ملڪ جو ماڻهو ضرور حيرت کائيندو هوندو ته مون هڪ ٽيچر ٿي ڪري، ملڪ جي وزير اعظم کان ان قسم جي سوال پڇڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي! پر هتي سال کن نوڪري ڪري ۽ ان کان اڳ ڏهه سال کن هن تر ۾ جهاز هلائي، آئون هن ملڪ جي مزاج کي سمجھي ويو هوس ته هتي جا سياستدان، وزير ۽ حاڪم پاڻ کي عوام جو خادم سمجھن ٿا ۽ هنن ۾ اها ٽيڙي ناهي، جيڪا اسان جهڙن ملڪن ۾ عام آهي. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هڪ ماستر جي وڏي عزت آهي ۽ مهاتير جي دل ۾ ته هيڪاندي گهڻي آهي، جو سندس والد به ٽيچر هو.
بهرحال مهاتير کلندي چيو؛ ”سياستدان جو ٽيسٽ ٻڌايانءِ؟“
”ضرور داتڪ (ڏاڏا) “ انهن ڏينهن ۾ کيس داتڪ جو لقب مليل هو ۽ اسان سندس نالو وٺڻ بدران پيار مان داتڪ چوندا هئاسين. هونءَ به داتڪ ملئي زبان جو عزت وارو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ’ڏاڏو‘.مهاتير پنهنجي ٻٽونءَ مان هڪ رنگٽ (هتي جي ڊالر) جو نوٽ ڪڍي، اسانجي اڳيان لهرائي چيو: ”جنهن ڏينهن ڏسو ته هن جو قدر ڪرندو وڃي، ته ان ڏينهن سمجھجو ته آئون صحيح طرح نوڪري نه پيو ڪريان.“ يارو! ان وقت ملائيشيا جو رنگٽ اسان جي ڇهن رپين برابر هو، ڪِرڻ بدران اڄ اهو ٽيهن رپين برابر وڃي ٿيو آهي. انهن ڏينهن ۾ اسانجي هڪ سؤ رپين ۾ چار آمريڪن ڊالر هئا، اڄ اسان جي سؤر روپين ۾ فقط هڪ ڊالر ملي ٿو!

No comments:

Post a Comment