Sunday, December 09, 2012

حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت - امتياز منگي


حضرت ايوب انصاري جي مزار جي زيارت
امتياز منگي
اڄ اپريل جي ۲۱ تاريخ آهي. حسب معمول ناشتو ڪري ڪمري ۾ پهتم ۽ ڪلهه تائين ورتل سامان بيگ ۾ سٿيم. هتي هوٽلن جو ماحول تمام پر امن ۽ تحفظ وارو آهي. ڪمرن اندر چوريءَ چڪاريءَ جو ڪوبه انديشو ڪونه آهي، تنهن ڪري قيمتي سامان به جيڪڏهن ڪمري اندر وساري ٿي ويو ته واپسيءَ تي اهو محفوظ حالت ۾ ٿي مليو. باوجود ان جي ته ڪمري جي صفائي به ٿيل هوندي هئي، واش روم ۾ ٽوال شيمپو، لوشن وغيره به بدلائي رکيل هوندا هئا ۽ ميرا ڪپڙا پڻ ويڙهي سيڙهي ڪٻٽن ۾ ترتيب سان رکيا ويندا هئا. صفائيءَ لاءِ آسماني رنگ جي يونيفارم ۾ نوجوان ڇوڪريون مقرر ڪيل آهن، جيڪي ڏسڻ يا لنگهڻ وقت مهذب نموني سلام ڪنديون هيون. مان انهن منجهه هڪ ٻي شيءِ محسوس ڪئي ته اهي هرو ڀرو لنگهندڙ کان مفاصلو رکي شرافت جو نماءُ نه ڪنديون، پر مردن جيان پر وقار نموني آرام سان گذري وينديون. جيڪڏهن ڪنهن کٽل شيءِ جي طلب ڪبي ته  sorryچئي، ٽراليءَ مان هڪدم کڻي، ڪمري ۾ ٺيڪ جڳهه تي رکي ڇڏينديون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتان جوLabour Class  ڪيترو نه فضيلت وارو آهي. مان تيار ٿي، ڪمرو لاڪ ڪري، لفٽ طرف رخ ڪيو ته هميشه جيان روشني ڦهلجي وئي. هتي هوٽل جي گهٽين ۾ لائيٽ خودڪار آهي. جيڪڏهن ڪو به لنگهندو ته ڇت جون لائيٽون پاڻ ئي ٻرڻ لڳنديون ۽ گذري وڃڻ بعد بند ٿي وڃن ٿيون. مان لفٽ رستي هيٺ آيم. جيئن ته ۵۳ دوستن جا مختلف گروپ ٺهيل هئا ۽ هرڪو ٽولا ٽولا ٿي ويٺو هو. ٻڌ سڌ بعد مون ان گروپ کي چونڊيو، جيڪو حضرت ايوب انصاريءَ جي مزار تي وڃي رهيو هو. ان سان گڏ اهي ڪافي صحابين جا نالا پڻ کڻي رهيا هئا، جيڪي استنبول ۾ مدفون آهن. گروپ جي سڀني ميمبرن طئي ڪيل وقت تي هوٽل ڇڏي پنهنجي پنهنجي پسند جي ماڳ ڏانهن رخ ڪيو. گروپ ۾ ڪجهه اهڙا به دوست شامل ٿيا، جن سڀ ڏينهن صرف شاپنگ پئي ڪئي ۽ گهمڻ لاءِ صرف بازارون پئي جهٽيون. مان انهن مان هڪ کان پڇيو ته ڇا اوهان جو استنبول اڳ ڏٺل آهي؟ چيائون؛ نه. ته پوءِ توهان کي ڪڏهن تاريخي جڳهه تي ڪو نه ڏٺو آهي. هوندا ڪاٿي آهيو. چيائون؛ استنبول ۾. مون سان، سندن گروپ، حسب معمول ٽرام جي اسٽاپ ڏانهن وڌڻ لڳو. رستي تي ڪنهن صلاح ڏني ته ٽيڪسي جو ڀاڙو ته معلوم ڪريون. هڪ ٽيڪسيءَ واري اسان کي ۱۰ ليرا ڪرايو چيو، جيڪو پاڪستاني لحاظ سان ساڍا پنج سؤ روپيا پئي ٿيو. اسان سوچيو؛ چار ڄڻا آهيون، هونئن به هر هڪ تي ٻه ترڪش ليرا جي حساب سان اٺ ليرا خرچ ايندو ۽ پوءِ به رستن تي پڇ پڇان جي خواري، سو ٽيڪسيءَ ۾ هلجي. ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي اسان ٿوري مسافري بعد هڪ ڪشادي چوڪ تي پهتاسين. ان جي سڄي پاسي حضرت ايوب انصاري جي مزار ڏسندي، ڊرائيور بريڪ هنئي. ڪرايو ڏئي اڳتي وڌياسين. مزار جي احاطي ۾ جيئن ئي داخل ٿياسين ته سوين ڪبوتر، هڪ وڏي ڦڙڪي سان، اسان سان ٽڪرائجي، هيڏانهن هوڏانهن اُڏاڻا. هتي مزار لڳ ابو ايوب مسجد آهي جتي اسان فوٽو ڪڍياسين ۽ ايندڙ ويندڙ کان پنهنجا فوٽو به ڪڍراياسين. هتي ترڪ ماڻهن ۾ اها خاصيت آهي ته جيڪڏهن ڪو فوٽوءَ لاءِ ڪئمرا اک تي رکندو ته هڪدم بيهي رهندا ۽ تيسيتائين اڳيان نه لنگهندا جيستائين فوٽو بعد ڪئمرا اک تان نه ٿي لهي. اسان اخلاقًا Thank you پئي ڪئيسين ۽ هنن مرڪي ڪنڌ پئي ڌوڻيو. مسجد ٻاهران شيڊ لڳل آهن، جتي زائرين ڪافي وقت سج جو تڙڪو وٺڻ لاءِ ويٺل آهن. انهن مان ڪي اخبار پيا پڙهن ته ڪي چاءِ پيا پيئن. مسجد جي اَڱڻ ۾ هڪ اوائلي وڻ آهي، جيڪو پئنوراما ميوزيم ۾ پڻ نمايان هو. اسان جوتا ٿيلهي ۾ کڻي روزي جي ننڍي در مان اندر داخل ٿياسين. اندر چانديءَ جي ڄاريءَ ۾، حضرت محمد ﷺ جن جو ميزبان اسان آڏو هو ۽ اسان جي بلڪل پويان کاٻي پاسي، حضرت محمد ﷺ جن جو پاڪ نقش قدم مبارڪ Foot Print ڀت ۾ آويزان ٿيل هو. مقبرو اندران ايترو ڪشادو ڪو نه آهي. روزي اندر هڪ بند دروازو پڻ هيو جيڪو پتل جو پئي لڳو ۽ تمام زبردست هئو. مون سان گڏ آيل دوست سيپارو کڻي ڪنڊ ۾ دور ڪرڻ لڳا. دعا بعد اسان مسجد کان ٿيندا ٻاهر نڪري آياسي. چوڌاري هڪ وڏو قبرستان آهي. پٿر جي قبرن تي اُڀيون پڳون آهن يا پٿر جون تختيون. قبرستان ۾ تمام صفائي آهي ۽ سڪون پڻ. حضرت ايوب انصاريءَ جو اصل نالو خالد بن زيد آهي. سندس واسطو مديني پاڪ جي قبيله بنو خزرج سان آهي. هي مرد مومن شروع ۾ ئي اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ هن کي ئي نبي ڪريم ﷺ جي ميزبانيءَ جو شرف حاصل ٿيو. نبي ڪريم ﷺ جي پنهنجي خواهش موجب هو سڀني جنگين ۾ ساڻس گڏ رهيو. حضرت علي ڪرم الله وجھ کيس مدينه منوره جو گورنر پڻ مقرر ڪيو هيو.منحوس يزيد جڏهن قسطنطنيه تي حملو ڪيو ته ان وقت به حضرت ايوب انصاري ان سان گڏ هيا ۽ اتي ئي تمام بيمار ٿي پيا ته يزيد سندن طبيعت پڇڻ آيو. حضرت ايوب انصاري﷦ پنهنجي هڪ خواهش ظاهر ڪئي ته جڏهن هو مري وڃي ته سندس لاش کي گهوڙي تي رکي دشمن جي زمين ۾ جيترو اڳتي کڻي وڃڻ ممڪن هجي اوترو کڻي وڃجي ۽ اتي ئي دفن ڪري ڇڏجي. جڏهن سندن وصال ٿيو ته يزيد ان وصيت تي عمل ڪندي، تمام پري قسطنطنيه جي هڪ اوچي ديوار جي ڀر ۾ کيس دفن ڪرائي ڇڏيو. جڏهن سلطان محمد فاتح استنبول فتح ڪيو ته ان کي حضرت ايوب انصاري جي قبر جي تلاش هئي. کيس خواب ۾ هن جگهه جي بشارت ٿي، بعد ۾ اُن جڳهه تي جامع  مسجد ابو ايوب اڏرائي وئي.


هن مسجد جي صحن جي بلڪل اڳيان واري پاسي هڪ ٻه اهڙا به دڪان هئا، جن تي هر شيءِ جو ملهه ساڳيو هو. ڪائونٽر تي نوجوان ڇوڪريون گم سم ويٺيون هيون، جتان اسان ڪافي سارا رانديڪا ۽ ٻيون ننڍيون سوکڙيون ورتيون. اسان اتي ئي هڪ هوٽل ۾  چاءِ پيتي، جيڪا تمام ڪڙڪ ۽ ذائقي ۾ بهترين هئي. اسان ابو ايوب مسجد جي قبرستان طرف کلندڙ در مان گذري ٻاهر آياسين. هي هڪ سيمنٽ جو ٺهيل ڪشادو رستو هيو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پراڻيون قبرون هيون. قبرن جي سيرانديءَ کان ڪن تي پڳ ته ڪن تي ٻه ٽي فٽ اوچي تختي هئي. قبرون پڪيون ۽ چوطرف صفائي ٿيل هئي. مختلف پڪن رستن مان گذرندا اسان ٻاهر نڪري آياسي. هتي هڪ بازار هئي جتي تسبيحون، منڊيون، اسڪارف، مصلا، سنگ مرمر جا  آيتن وار نمائشي ٽيبل شوپيس، چاٻين جا ڇلا، ڇوڪرين جا ڪنگڻ، بريسليٽ، ڦڻيون، اسلامي ۽ دعائن جا ڪتاب، مختلف نمونن جو نماز لاءِ ٽوپيون ۽ ڏسي ڪنهن ميلي جو گمان پئي ٿيو. قيمتون اسان جي  سوچ کان گهڻيون سستيون هيون. منهنجي دوستن ته ايترو سامان ورتو جو ٿيلهيون ڀرجي وين. هن بازار ڀرسان چونو پلستر ٿيل پراڻيون رهاشي  جايون هيون.      

ايشيا وارو استنبول
اسان زيارت ۽ شاپنگ بعد ٽرام ۾ چڙهي پياسين. ڪافي اڳتي هلي محسوس ٿيو ته اسان شايد غلط رستي ڏانهن پيا وڌون. اسان جي گروپ جو هوشيار ميمبر به هڪ نهايت خوبصورت ڇوڪريءَ سان گڏ سيٽ ملڻ تي خاموش بت بڻيو ويٺو هو، نه ته هر رستو اهو ئي ٻڌائيندو هو. اسان ان کي زبردستيءَ اٿاري ٽرام مان هڪ نامعلوم اسٽيشن تي لهي پياسين. هتي استنبول کي چوڌاري ڏنل پراڻي ديوار جا آثار هيا ۽ مکيه دروازو پڻ، جنهي کي سٽي وال پئي چيائون. هيءَ اها ديوار هئي، جيڪا فتح َوقت توب جي گولن سان ڪيرائي وئي هئي. هي ديوقامت ديوارون شهرچوڌاري تحفَظ لاءِ جوڙايون ويون هيون. حيدرآباد جي قلعي کان وٺي استنبول جون ديوارون هينئر تحفَظ بجاءِ هر وقت عدم تحفَظ جو احساس ڏيارين ٿيون. يونيسڪو کان وٺي آ ثار قديمه تائين مڙني وٽ انهن جون لسٽون ته موجود آهن، باقي مڙئي خير آهي. اسان ديوار جي اندران وارا حصا گهمي ڦري جلدي موٽي آياسين. ڇو ته يڪراءِ ٿي اهو فيصلو ڪيوسون ته هاڻي ايشيا وارو استنبول ٿا گهمون. هاڻي اسان کي هڪ وسيع روڊ پار ڪرڻو هو، جنهن لاءِ پيادل هلڻ وارن واريءَ پل طرف وڌياسين.

هڪ سريلو فقير
اسان ڀٽڪيل مسافر جيئن جيئن ڏس پتو پڇائيندا، هڪ فلاءِ اوور جون ڏاڪڻيون مٿي چڙهندا پئي وياسون ته هڪ سريلي ساز جو آواز ويجهو محسوس ٿيندو ٿي ويو. جڏهن ڏاڪڻ چڙهي سڌا ٿياسين ته سامهون پل جي پاسي سان  هڪ فقير تي نظر پئي، سندس سيني سان اڪارڊين(Accordion)  چهٽيل هئي ۽ هو پنهنجي ڌن ۾ مگن هو. ڪو country song  هوندو، پر رڌم ۾ پئي وڄايائين. هن جي پاسي ۾ هڪ تيرهن چوڏهن سالن جي معصوم ڇوڪري هٿ ۾ پلاسٽڪ جو شفاف گلاس کڻي، ايندڙ ويندڙ ڏانهن التجا واريون نظرون ڌري رهي هئي. نٽهڻ اُسَ ۾ به سيءَ ۾ به ٿڙڪي رهي هئي. سندس ڪاري جيڪيٽ جا ڪالر مٿي هئا. پل ڪراس ڪندڙ راهگير، سندس گلاس ۾ خيرات طور ڪجهه سڪا پئي وڌا ۽ اڪارڊين پليئر فقير جيڪو شايد انڌو هو، سڪن جي کڙڪي تي chord هڻي، اڪارڊين جي ڌنوڻ کي ڇڪي سندن مهرباني پئي مڃي. مان کيسي ۾ موجود سمورا سڪا ڪڍي گلاس ۾ وجهي ڇڏيا ۽ هن موسيقار جي آڱرين ڏي تڪڻ لڳم. سندس آڱريون octaves تي ترڻ لڳيون. مان بيهي رهيم. اڪارڊين جو آواز به ائين آهي ڄڻ  ڪنهن دم جي مريض ابهم ٻار کي اوچتو nebulizer ملي وئي هجي. مان ساه جي لرزش کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جڏهن هو ڌن کي ختم ڪرڻ لڳو ته سائونڊ fade out ٿيندو ٿيندو هوائن ۾ هليو ويو. اوچتو ڌن مٽجي وئي، شايد ڪنهن واٽهڙوءَ جي فرمائش تي. هاڻي ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ بنجارن جي بستي جي ڪنهن ميلي ۾ بيٺو هجان.” اڇا هوگا ايڪ شيشي ڪا گلاس تم ڀي اٺا لو. ڪتنا انتظار ڪرايا هي“ اڳتي نڪري ويل دوستن مان هڪ واپس ٿي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو. Sorry يار. مان شرمندو ٿي هنن سان هلڻ شروع ڪيم.         
اسان جي هٿ ۾ ٽريول نقشو آهي ۽ تلاش آهي هڪ عدد ٽرام اسٽيشن جي. نقشي جي نشانن جي مدد سان ۽ پڇائيندي پڇائيندي اڳتي وڌندا پئي وياسين. پري کان ٽرام اسٽيشن نظر آئي. اسان ٽوڪن وٺي هوشيار دوست کي پارت ڪئي ته جيڪڏهن شرافت سان ويهين ته ٺيڪ آهي، نه ته لهي پوئون؟ ان نهايت ئي محتاط دوست پنهنجي ڀرسان ويٺل مسافر کان سنئون سڌو رستو پڇيو.جنهن ٻڌايو ته Ferry Service بهتر آهي. اسان کي صلاح سٺي لڳي ۽ ان جي ٻڌايل Stop تي لهي، بندر طرف پنڌ شروع ڪيوسين. ٽوڪن وٺي هڪ ڪشادي Lounge ۾Ferry جي انتظار لاءِ ويهي رهياسين. Commuter Ferries جي شروعات ۱۸۳۷ع ۾ ڪئي وئي، جيڪي ڪوئلن تي هيون. ڪجهه لمحن کانپوءِ گهنٽي وڳي ۽ اسان شيشي جي دروازي ڀرسان اچي وياسين. اسان سان گڏ نوجوانن جو ڪافي وڏو انگ هيو،  ڪجهه يورپي ڇوڪريون پڻ وڏا وڏا پرس ڪلهن ۾ گيٽ طرف وڌيون. اسان سڀ داخل ٿي هڪدم جهاز جي ڇت تي چڙهي وياسين ته جيئن سمنڊ جو نظارو ڪيون. هتي سرد هوا عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. چوطرف نهار ڪئيسين ته پري پري آباديون، پليون ۽ بحري جهاز نهايت خوبصورت منظر ڏئي رهيا هئا. جهاز اندر جهٽڪن تي نوجوان جوڙا لمڪا ڏئي پاڻ کي هڪ ٻئي مٿان اڇلي رهيا هئا. هتي اسان جي هڪ دوست حسرت وچان چيو: ”ڪاش ڪو هجي ها، جيڪو مون کي به ائين پيار مان لوڏي ۽ جهومائي ها!“ مون جواب ڏنو مانس ته مان جوآهيان. اجازت کپي باقي توکي کڻي سمنڊ ۾ اهڙو ڌڪو ڏينداسين جو ترو وڃي وٺندين. هتي ڪي ٻيڙيءَ جو پاسو وٺي سگريٽ جي ڊگهن ڪشن مان لطف اندوز پئي ٿيا، ڪن شرارتي جوڙن ٻانهون کولي ٽائيٽينڪ فلم جي ٽائيٽل وارو گانو پئي گنگنايو. ڪن نوجوان پريمي جوڙا جذبات تي ڪنٽرول نه ڪندي نازيب حرڪتون پئي ڪيون.
ان قسم جي شرارتن تي چوطرف ويٺل مسافرن جي چهرن تي ڪابه حيرانگي يا ڪاوڙ محسوس ڪونه پئي ٿي، جو اهو هتي ائين روز جو معمول آهي. ان تي هڪ لطيفو ياد ٿو اچيم، سو ڇو نه پڙهندڙن سان به شيئر ڪجي، ته ٻڌو،”ڪو همراهه پاڪستان مان الازهر يونيورسٽي (مصر) ۾ اسلامي علوم پڙهڻ ويو، جڏهن واپس موٽيو ته دوستن پڇيس ته ڏي ته خبر اُتي ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه به نظر آيئي. تنهن تي همراهه چيو: ها ير، ٿيو هيئن ته مون سان هڪ مصري ڪلاس ميٽ ڏاڍي فري ٿي وئي، هڪ ڏينهن مون تي چيائين، ته هاڻ منهنجي سالگرهه آهي ۽ تون منهنجو پيارو دوست آهين، آءٌ چاهيان ٿي ته سالگرهه توسان گڏ سيلبريٽ ڪريان. مون به کڻي هامي ڀري، جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته خبر پئي ته هن اهڙو بندوبست قاهره جي هڪ عاليشان هوٽل جي ڪمري ۾ ڪري رکيو آهي. اُتي وڃڻ تي پتو پيو ته سندس سالگرهه واري ڏينهن لاءِ آءٌ ئي اڪيلو مهمان آهيان سو جڏهن سالگرهه جي تقريب شروع ڪيائين ته اول روم جو دروازو لاڪ ڪيائين ۽ ڊيڪ چالو ڪري مست مست ڌنون وڄايائين. ان بعد جوش ۾ ڀرجي وئي مون کي اُٿڻ لاءِ اشارو ڪري گڏجي ڊانس لاءِ چيائين. ڊانس ڪندي ڪندي اوچتو کڻي منهنجي ڪوٽ جا بٽڻ کوليائين، هيئن اسان جي ملڪ ۾ ته ڪونه ٿيندو آهي، مان سوچڻ لڳس.
همراهه تڪڙو پڇيس پوءِ ڇا ٿيو.
چيائين پوءِ ته ان منهنجا سمورا ڪپڙا هڪ هڪ ڪري کڻي لاٿا- ۽ اهو ئي، همراهه ماٺ ٿي ويو، ته پڇندڙ چيو، پوءِ ڇا ٿيو؟
همراهه چيو پوءِ ادا هم نه ڪيئن تم رن پنهنجا ڪپڙا به کڻا لاٿا، اهو چئي همراهه وري ماٺ ٿي ويو.
پڇندڙ جو تجسس ويتر وڌي ويو سو کائنس پڇيائين ڀلا پوءِ ڇا ٿيو؟
همراهه منهن ميسوڻو ڪندي وراڻيو، بس ادا پوءِ اهو ٿيو جيڪو هت به ٿيندو آهي.  ايئن پئي لڳو ڄڻ اها ڪا عام رواجي حرڪت هجي. ٻيڙيءَ ۾ ڪجهه پوڙهن جوڙن ته لهرن جي جهٽڪن تي توازن برقرار نه هجڻ ڪري سيٽ کي زور سان پئي سنڀاليو يا هر هر لڪڻ کي مضبوطي مان پئي پڪڙيو. هڪ Walker ۾ ويٺل گڏي جهڙي بيبي اکيون ٽم ٽم ڪري هيڏاهن هوڏاهن نظرون ڦيرائي رهي هئي . مان هيٺ اوڪڙو ويهي ان گڏي کي جو پتڪڙو هٿ پڪڙيkiss  ڪيم، ته هن ڪپهه جهڙو نرم هٿ پاڻ ڏانهن ڇڪيو. مان پنهنجي جڳهه ورتي. ڪينئن هئي بيبي جي ماءُ. منهنجي دوستن هم آواز ٿي پڇيو؟ مان ڏاڍو لڄي ٿيم ۽ کين قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته منهنجي دل صرف ان معصوم پري ڏي ئي سٽ کاڌي هئي. منهنجي ڌيءُ دعا به ستڙي ڄائي هئي ۽ ان وانگر ڪمزور ۽ نازڪ هوندي هئي. اوهان جي ذهنيت گندي آهي. پر سندس ماءَ به گهٽ ڪونه هئي، جيڪا تنهنجي ويجهو اچي ويٺي هئي. وڏو استاد آهين. هن دفعي توکي بخشيون ٿا ٻيهر اهڙي حرڪت ڪرين ته اسان کي به به ڀائيوار رکجانءِ! اها هڪ وارننگ هئي.  
ڪائونٽر تان مسافرن چانهه، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ سگريٽ پئي ورتا. فيريءَ جو هيءَ سفر تمام سٺو هيو. ايتري ۾ اسان ٻئي ڪناري جي ويجهو ٿيڻ لڳاسين ۽ ڪجهه تڪڙن مسافرن اڳ ۾ ئي در جو رخ ڪيو. جهاز لامارو ڏيندو لنگر انداز ٿيو ۽ اسان هيٺ لهي ايشيا ۾ ڪيديڪواءِ Kadikoy جي علائقي ۾ پهچي وياسين، جنهن کي بائزنٽائن جي بنياد وقت ”انڌن جي ڌرتي“ پڪاريو ويندو هئو. بندرگاهه تمام مصروف ۽ ڪشادو هيو. چوڌاري نگاهه ڪرڻ سان سوين سال پراڻيون عمارتون نظر آيون. ڪناري تي اسان کي هڪ مجسمو نظر آيو، جنهن ۾ ڪمال اتا ترڪ کي ٻن اسڪولي ٻارن کي ڪجهه تلقين ڪندي ڏيکاريو ويو هو. هي مجسمو بلڪل سون جو پئي لڳو  ۽ تمام خوبصورت هو. ٻارڙن جي حوالي سان ته  ڪمال اتا ترڪ بي اولاد هيو. هن ست نياڻيون ۽ هڪ ڇوڪرو هنج ورتيون.

مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ
ڪمال اتاترڪ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، پوءِ به ورجائيندو هلان ته هو ۱۸۸۱ع ۾ سئلونيڪا ۾ پئدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو علي رَضا آفندي هيو. ۱۸۸۸ع ۾ هو پرائمري اسڪول ۾ هيو ته هن جو والد وفات ڪري ويو. هي ڪجهه وقت رپلاRapla  ۾ پنهنجي چاچي وٽ رهيو. بعد ۾ هو  فوجي اسڪول ۾ داخل ٿيو. ۾۱۸۸۹ع هو Monastir Military Senior High School  مان تعليم پرائي استنبول آيو.  ۱۹۰۲ع ۾ هو ليفٽيننٽ ٿيو ۽  ۱۹۰۵ع ۾ ڪپتان. ۱۹۰۷ع ۾ هن کيAdjutant Major جو درجو مليو. ڪمال اتا ترڪ خلافت جو سخت مخالف هو ۽ آزاد خيال هو. وقت جو خليفو عبدالمجيد هن جو جاني دشمن هو. هن گهڻن کي ڪمال اتا ترڪ جي سوپاري ڏني، پر هر دفعي هو بچي ويو. هن فتويٰ ڏياري کيس باغي ۽ گمراهه مسلمان قرار ڏنو. جڏهن ڪمال اتا ترڪ، ترڪي کي اندروني ۽ بيروني دشمنن مان نجات ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائي، ته ان وقت حالت اها هئي، جو نه رستا هئا، نه فوجي سازو سامان. پراڻين رائيفلن تي گذارو ڪيترو هلي ها. نه ته ملڪ ۾ ڪو ڍنگ جو ڪارخانو هو، نه آمد رفت جا ذريعا. جڏهن ڪمال اتا ترڪ اقتدار ۾ آيو ته ان وقت ملڪ ۾ نوي سيڪڙو ماڻهو اڻپڙهيل هئا ۽ ا ڄ پنجاسي سيڪڙو پڙهيل آهن. هن محسوس ڪيو ته عربي رسم الخط  ترڪيءَ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهي. هن ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ڪانفرنس ڪو ٺائي ۽ انهن کان سوال ڪيو ته عوام کي لاطيني ابجد ۾ ترڪي سيکارڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ لسانيات جي ماهرن وراڻيو: پندرهن سال. ان تي ڪمال اتا ترڪ چيو ته ”مان توهان کي ڇهه مهينا ڏيان ٿو. ڇهن مهينن کانپوءِ ترڪيءَ جون سموريون اخبار لاطيني  اکرن ۾ ڇپيا. ماڻهو حيران ٿي ويا ته ايترو جلدي ايڏو وڏو ڪم ڪيئن ٿي ويو. ٻئي طرف عالم سڳورن ڪمال اتا ترڪ خلاف ”ڪافر“ جي فتوي جاري ڪري ڇڏي. انهن واويلا ڪئي ته ڪمال اتا ترڪ خدا ۽ ان جي رسول جي زبان سان هٿ چراند ڪئي آهي . ان جي برعڪس ڪمال اتا ترڪ ڇا ڪيو، جو صدارتي سڪيورٽي ۽ پروٽوڪول کان بغير، چاڪ ۽ بورڊ کڻي انهن آبادين ۾، جتي جتي مذهبي جنوني رهندا هئا هليو ويندو هو ۽ وڻ هيٺان بورڊ رکي ماڻهن کي قائل ڪندو هو ته  لاطيني رسم الخط  ۾ ترڪي زبان ڪيئن پڙهجي. سندس ٻاريل ڏيئو ا ڄ به قائم ۽ دائم آهي.      
کيس ٽرڪش گرانڊ نيشنل اسيمبليءَ اتا ترڪ جو  خطاب ڏنو. هن کي ترتيبوار ۲۴ اپريل۱۹۲۰ع ۽ ۱۳ آگسٽ ۱۹۲۳ع تي هائوس جو اسپيڪر ۽ ۲۹  آڪٽوبر ۱۹۲۳ع ۾ جڏهن ترڪي جمهوري رياست بڻيو ته کيس لوڪ راڄ صدر بڻايو. هو مسلسل چار دفعا ترڪيءَ جو صدر رهيو. هن  ۲۹ جنوري ۱۹۲۳ع ۾ لَطيف حانم سان شادي ڪئي. جيڪا گهڻو وقت نه هلي. هن۱۹۳۷ع ۾ پنهنجا فارم اسٽيٽ ٽريزري کي ڏنا، ملڪيتون انقره ۽ برسا جي ميونسپالٽين ۽ نج موروثي ملڪيتون ڀينرين ۽ نپايل اولاد کي ڏنائين. هن عَظيم ليڊر کي موسيقي، ڪتاب، گهوڙي سواريءَ ۽ رقص سان لڳاءُ هيو. هن پهنجي ذاتي لائبرري قائم ڪئي . هو خوش لباس رهندو هيو ۽ فرانسيسي ۽ جرمن زبان روانيءَ سان ڳالهائيندو هيو. ۱۰ نومبر ۱۹۳۸ع اهو نڀاڳو وار هيو، جنهن ڏينهن استنبول جي دولامباچي محل ۾ هي تاريخ ساز هستي جيري جي بيماري ۾ وفات ڪري وئي. کيس انقرهه ۾ دفن ڪيو ويو. يقينن هي سچو سپوت امر آهي. سندس ملڪ جا ماڻهون کيس ڪنهن وليءَ جيان پوڄن ٿا.
مون مجسمي جي ڏاڪڻ تي ويٺل هڪ ننڍي ڇوڪريءَ کان گاڏر ساڏڙ انگريزيءَ ۾ ڪجهه سوال ڪيا. جواب ۾ هو خاموشيءَ سان صرف منهنجي منهن کي تڪيندي رهي. شايد هتي انگريزي ايتري عام ڪونه آهي. عام بازارن ۾ پڻ ترڪي ٻوليءَ کان علاوه عربي گهڻي ڳالهائيندي ٻڌڻ ۾ آئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٻڌائيندي ڪنهن به ترڪي ماڻهو جي منهن تي عجيب رونق پئي محسوس ٿي، جنهن مان اندازو لڳو ته هنن کي اسان جي ملڪ سان ڪا خاص انسيت آهي. روڊ ڪراس ڪري بازار ۾ گهڙي پياسين. بازار تمام مهنگي هئي ان بازار ۾ گهما گهمي ڪونه هئي، هتي بازار جا رستا ويڪرا ۽ انهن پويان  پراڻيون بلڊنگون هيون. باقي کاڌو هڪ هوٽل ۾ نهايت سستو ۽ سٺيءَ ڪوالٽي وارو مليو. هتي بوٽ پالش لاءِ سينگاريل مخصوص ٽيبلون هيون. جن تي گولڊن ڊزائن جو ڪم ٿيل هو. اڃان هن هنڌان گهمڻ مان دل ڪانه ڀري هئي، پر ڇا ڪجي سج لهڻ وارو هو ۽ مون سان گڏ دوستن نئين مسجد طرف رخ رکيو، مون کي به مجبورن سندن پويان پويان هلڻو پيو.

نئين مسجد
هي نئين مسجد New Mosque آهي ۽ سندس ننڍي در تي (Eminonu 1597-1663) Yenicamii لکيل هيو، جنهن منجهان اسان داخل ٿي اندر آياسين. ييني مسجد، نئين مسجد يا وليد سلطان  مسجد استنبول جي ايمينونو ضلعي ۾ آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هن مسجد جو پراڻو نالو نئين راڻي ماءُ مسجد هو، ڇا لاءِ ته راڻي ماءُ مسجد اڳي ئي هئي، ان ڪري سندس نالي پٺيان ’نئين‘  لفظ جو اضافو ڪيو ويو. هن مسجد استنبول جي مڙني مسجدن کان ٺهڻ ۾ جهجهو وقت ورتو. آرڪيٽيڪٽ دائود پاشا يا آَغا هن مسجد جو ڪم صفيه سلطان جي چوڻ تي شروع ڪيو هو، جيڪا سلطان مراد ٽئين جي گهرواري هئي. مسجد جي اڏاوت جو ڪم ڪجهه عرصي لاءِ روڪيو ويو هو، ڇو ته آرڪيٽيڪٽ ان وچ ۾ گذاري ويو. مسجد جو ڪم ۱۶۰۵ع کان ۱۶۶۱ع تائين ان ڪري رڪيل هو، جو پئسن جي کوٽ هئي ۽ ٻي وجهه ته اها سمنڊ سان بلڪل مليل هئي، جنهن ڪري ڪافي مشڪلاتون پيش پئي آيون، بهرحال ڪجهه انجينئرن ان جي تعمير  جاري رکي. ظاهري طور مسجد جا ٻه مينار آهن ۽ پنج در اٿس ۽ هڪ عاليشان قسم جو ڦوهارو پڻ لڳل اٿس. ان مسجد جي محرابن جي چوٽيءَ تي سون جهڙي نوڪدار شيءِ آويزان آهي. پري کان ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته مسجد تي ڇاهٺ ۶۶ قبا آهن ۽ ننڍڙا قبا جيڪي مصر جي احرامن جيان ڪنڊائتا پيا لڳن. مرڪزي قبو ڇٽيهه ميٽر اوچو ۽ چئن ننڍن ننڍن قبن جي ٽيڪ تي بيٺل آهي. اها خصوصيت جيڪا هن مسجد کي  استنبول جي ٻين شاهي مسجدن کان ممتاز ڪري ٿي سا آهي هن جو صحن، جنهن جي چوڌاري چوويهه قبا آهن. ڪشمور جي تنگواڻي تعلقي ۾ مون هڪ اوائلي مسجد ۾ قبن جي اهڙي ڊزائن ڏٺي هئي. اندروني ساخت کي ڏسبو ته مسجد نيرين، ساين ۽ سفيد ٽائيلن سان سينگاريل آهي. هنن ٽائيلن جو معيار استنبول جي ٻين مسجدن کان گهٽ آهي.  
جيئن ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي، ان ڪري اسان هاڻي تڪڙا تڪڙا ساڳي رستي سان واپس ٿيڻ لڳاسين. ڪجهه دير بعد اسان هوٽل پهتاسين، ڇاڪاڻ ته ٻي ڏينهن جي تياري به ڪرڻي هئي، ڇو ته HRDN پاران سڀاڻي Training رکيل هئي. مون ڪافي گهرائڻ لاءِ انٽر-ڪام تي ڪچن جو نمبر هنيو ۽ فرج مان پاڻي ڪڍي پيتم. جيسيتائين چاءِ اچي مان ڊجيٽل ڪيمرا کولي ڦوٽو ڏسڻ لڳم. هي ڇا پراڻا ڦوٽو ڪاڏي ويا؟ پوءِ ياد پيو ته ڪيمرا جو پهريون ميموري ڪارڊ فل ٿي چڪو هيو ۽ مون نئون ڪارڊ وڌو هيو. ايتري ۾ چاءِ به اچي وئي. هوٽل جي ڪافي ۾ بنهه مزو ڪونه هو ته طبعيت ۾ به.پردو هٽائي هوٽل جي دري کوليام ته هيٺ گاڏين جي لائين نظر آئي. دوڪانن ۽ فاسٽ فوڊ جي هوٽلن تي ٻارن ۽ عورتن جي رش لڳل هئي. مان موبائل ۾ پنهنجي پٽن صارم، حمدان ڌيءُ دعا ۽ گهرواريءَ جا، حيدرآباد جي سندباد پلي لينڊ وارا نڪتل ڦوٽو ڏسان ٿو. موبائل تي اتفاق سان گهران رنگ اچي ٿي. سڀني سان ڳالهايان ٿو ۽ موڊ صحيح ٿي وڃي ٿو.   

No comments:

Post a Comment