Sunday, December 09, 2012

ترڪيءَ جو نوجوان نسل - امتياز منگي


ترڪيءَ جو نوجوان نسل
امتياز منگي
ٿورو تبصرو ترڪي جي نئين نسل تي. مان بار بار چئي چڪو آهيان ته هڪ نظر سان ته استنبول ڪنهن به صورت ۾ ايشيا جو حصو نه پيو ڀائنجي. نوجوان طبقو يورپ طرف گهڻو مائل آهي. سندن اٿڻي ويهڻي، عادتون، رهڻي ڪهڻي، فيشن يورپي اسٽائل جون آهن. وارن ۽ ڏاڙهي جي ڪٽائي به عجيب و غريب، خشڪ سنهري وار. عجيب چال، پينٽون اڊڙيل، ٽي شرٽون اڌ اندر اڌ ٻاهرجن تي لاپرواهي، بهادري، جواني جي مستي جا جملا، وڏا سن گلاسز، ٻانهن ۾ ڪڙا ۽ ڌاڳا ۽ ڊگها نوڪدار بوٽ. فلمن، موبائل -انٽرنيٽ- ڪيبل نيٽورڪ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا منجهن آگاهيءَ سان گڏوگڏ سندن ٽور ضرور بگاڙي ڇڏي آهي، پر پوءِ به پنهنجي ثقافت کان باغي هيءَ جنريشن تمام فضيلت واري ۽ ذهين آهي. هتڙي سگريٽ نوشي عام جام آهي، خصوصاً نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جڳهن تي سگريٽن جا سوٽا هڻندا ٿا وتن. سگريٽن جي قيمت به گهڻي آهي. ڪار چيزنگ يا موٽر سائيڪل تي ريس ڪندي ڪو به نه ٽڪريو. اسان کي ڪٿي به مذهبي تبليغ ڪندي ڪو نظر ڪونه آيو ۽ نه ئي ڪو نوجوان ملن جو ٽولو اٽڪيو جنهن نماز لاءِ زور ڀريو هجي. ٽين ايجرز ترڪش جو يورپي ٽوئرسٽ ڇوڪرين کي ڏسندي ئي چال ئي ڦريو وڃي ۽ ڪنهن مهل ته چهٽيل محبوبائن تان به ڌيان هٽايو ڇڏين. ان کانسواءِ ترڪ نوجوان هوٽلنگ ۽ راند روند ۾ به اڳڀرا لڳا. نيٽ ڪيفي تي به خالي ڪيبن نه ملندي ۽ انتظار ۾ هوندا ته ڪير ٿو نڪري. موبائل تي ڳالهائڻ جا ڪوڏيا ۽ طبعيت ۾ تمام ماٺيڻا. هر هنڌ لائين ٺاهي پنهنجي واري جو انتظار ڪندا. تڪڙ ته سندن طبعيت ۾ ئي ناهي. سواري دوران ڪو وڏيءَ عمر وارو ڏسندا ته ان جي داخل ٿيندي ئي سيٽ ڇڏي ڏيندا ۽ هٿ ڏئي ان کي ويهاريندا. جيڪڏهن ڪاٿي ڪنهن جي ڪا شيءِ وسري ويندي ته پويان رڙيون ڪندا ۽ ڊڪي ڊڪي پهچي وساريل چيزون واپس ڪندا. زندگيءَ جو هر لطف وٺڻ ڪو هنن کان سکي. لوئسا مئي الڪوٽ ان ئي ڪيفيت تي ڪجهه سٽون چيون هيون، جيڪي مون کي  بيحد پسند آهن ۽ منهنجي ڊائريءَ جي پهرين پني تي لکيل آهن.
”جڏهن مون وٽ جواني هئي تڏهن پئسو ڪونه هئو، هاڻي جڏهن پئسو آيو ته وقت ڪونهي ۽ جڏهن وقت ملندو ته زندگي جو لطف ماڻڻ لاءِ صحت سالم نه هوندي“.   

ترڪي، يورپ ۾ هوندي به يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه؟
هاڻي موٽئون ٿا حقيقت طرف ته جڏهن استنبول يورپ ۾ آهي ته پوءِ يورپي يونين جو ميمبر ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟؟ ڇا اها يورپي يونين جي مسلم امه سان ٻه اکيائي چئبي يا ڪا مجبوري. ڪهڙو سبب آهي جو يورپي يونين کيس قبول ڪرڻ کان انڪاري آهي؟  مون ڪجهه ٻين دوستن سان به ان تي بحث ڪيو ۽ هوٽل ۾ پراڻن رسالن مان ڄاڻ ورتي.
مکيا سبب اهي آهن ته ترڪيءَ جو تمام ٿورو حصو يورپ ۾ آهي ۽ باقي سمورو ايشيا ۾، ان گهڻائيءَ ۽ ٿورائيءَ جي فرق ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ شموليت کي مشڪل ڪري وڌو آهي. ٻيو، ته اهو ٺيڪ آهي ته ملڪ جو وڏي ۾ وڏو  شهر ته يورپ ۾ آهي پر اهو به ڏسڻو آهي ته ترڪيءَ جو گاديءَ جو هنڌ انقره مڪمل طور ايشيا ۾ آهي. اهي به چوٻول آهن ته قبرص ترڪي جو سخت مخالف آهي، جيڪو يورپي يونين جو سگهارو ميمبر آهي. جيئن قيام پاڪستان بعد افغانستان اقوام متحده ۾ پاڪستان جي شموليت جي مخالفت ڪئي .ترڪيءَ جو وڏو ڏوه اهو به آهي ته هو هڪ مسلمان ملڪ آهي جنهن جي تهذيب ۽ تمدن يورپي يونين جي ملڪن سان ملندڙ جلندڙ ڪونه آهي ۽ ۹۹ سيڪڙو مسلم آبادي آهي.  پر منهنجوذاتي خيال اهو آهي ته ترڪي هڪ سڪيولر رياست آهي، جنهن منجهه ٻين مذهبن لاءِ پڻ عزت ۽ احترام آهي، پوءِ ڇو سندس شموليت تي اعتراض واريل آهي. خدشو اهو به آهي ته ترڪي جي آبادي جيڪا ۷۰ ملين آهي، يورپي يونين جي طاقت جو توازن بگاڙي سگهي ٿي. هن وقت ته جرمني ئي گهڻيءَ آباديءَ وارو ملڪ ليکجي ٿو، جنهن جي آبادي ۸۲ ملين آهي. مطلب ته ترڪي جي شامل ٿيڻ مان کيس ٻيو وڏو آبادي واري ملڪ جو درجو ملي ويندو. جنهن تناسب سان ترڪي جي آبادي وڌي رهي آهي پوءِ ته جرمني کي پوئتي ڪرڻ جو مسئلو ئي نه رهندو. ترڪي يورپ جو  Gateway آهي، پر هن کي قبرص جو روايتي حريف ۽ هڪ مسلمان ملڪ هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي . ان ڏس ۾ نيٽ تي هيٺيان ڪتاب موجود آهن.
1.       Turkey & the EU: an awkward candidate for EU membership?
2.       The EU & Turkey, a glittering prize or a millstone?

قبرص جو مسئلو
جولاءِ ۱۹۷۴ ۾ قبرص ۾ ترڪ مسلمانن تي عيسائي يوناني آبادي جي وڌندڙ بي واجبين ۽ ظلمن جي نتيجي ۾ هڪ ٻي رياست اترادي قبرص Turkish Republic of Northern Cyprus جو قيام ناگذير ٿي پيو. اترادي قبرص کي ترڪيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ تسليم ڪونه ڪيو آهي ۽ اقوام متحدهه پڻ ان کي ملڪ تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي. هي ملڪ ۱۵ نومبر۱۹۸۳ ۾ وجود ۾ آيو. سندس آبادي ڪل ۲۶۵۰۰۰ آهي. سموري آبادي ترڪي ٻولي ڳالهائيندڙ آهي. ترڪ جمهوري اترادي قبرص ۾ نڪوسيا جو اتراهون حصو به شامل آهي. نڪوسيا قبرص جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
اصل ۾ جنهن رياست جو بنياد ئي تڪرار، ڦڏي ۽ ڪروڌ تي ٻڌل هجي ته اها آخر ڪيسيتائين هلندي؟ ۱۹۶۰ع ۾ جڏهن جمهوري قبرص جو قيام عمل ۾ آيو ته مقامي آباديءَ جي پرزور اسرار باوجود برطانيه، قبرص جي يونان سان الحاق کي رد ڪندي، کيس آزاد مملڪت جو درجو ڏنو. ان وقت هن خليج ۾ رهندڙ ترڪ ۽ قبرصي قومن کي گڏ ويهاريو ويو. ٻنهي ڌرين لاءِ حڪومتي ايوانن ۽ نوڪرين ۾ تناسب جوڙيو ويو.آئين موجب ايوان نمائندگان ۾ سترسيڪڙو يوناني قبرصي ۽ ٽيهه سيڪڙو ترڪ قبرصي هوندا، ٻين معاملن ۾ به ساڳيو تناسب رهندو. ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ قبرص جي جمهوري رياست جو بت ڪري پيو جڏهن ترڪ قبرصين ان ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو.ان انڪار تڏهن شدت اختيار ڪئي جڏهن  ملڪ جي آئين ۾ ترميم لاءِ تيرهن تجويزون پيش ٿيون.ايڪويهين ڊسمبر ۱۹۶۳ع ۾ ترڪ قبرصين ۽ وزارت دا خلا جي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن وچ ۾ جهڙپ ٿي پئي.جنهن جي نتيجي ٻه ترڪ قبرصي ۽ هڪ يوناني قبرصي پوليس وارو مري ويا جنهن سان ٻن قومن وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي. ترڪ قبرصي علائقن ۾ قتل و غارت، ڦرلٽ ۽ و ٺ سٺ شروع ٿي. ترڪ قبرصين سان ايتري ته ويڌن ڪئي وئي جو هو پنهنجي ڌرتيءَ تي مهاجر بڻجي ڪئمپن ۾ رهڻ لڳا. حڪومت ته کين ٻئي درجي جو شهري به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ترڪي اهڙي مشڪل دور ۾ کين بدستور کاڌو، لٽو، دوائون امداد طور ڏيڻ لڳي. ڪئيمپن ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ٿي وئي سندن ڪو به اوهي واهي نه رهيو. پندرهين جولاءِ ۱۹۷۴ع ۾ يونان جي فوجي دستن قبرص تي حملو ڪري قبضو ڪري ڇڏيو. صدر ميڪاريوس (Makarios) کي هٽائي، سندس جاءِ تي نڪوس سئمپسن (Nikos Sampson) کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو. ترڪي حڪومت ان ڏاڍائي جي کليل لفظن ۾ مخالفت ڪئي ۽ ان کي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪو ٺيو. ترڪي حڪومت ٻاڪاريندي رهي پر انهن جي نه ته ڪنهن ٻڌي ۽ نه ڪنهن حمايت ڪئي. آخرڪار ويهين جنوري ۱۹۷۴ع تي ترڪي قبرص تي حملو ڪري ڇڏيو ڇو ته هاڻي قبرصي ترڪن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو هو. هڪدم ترڪي فوجن قبرص جي ستٽيهه سيڪڙو حصي کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو، جتي يوناني قبرصن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ترڪي جو هي حملو ايترو ته ڀرپور ۽ جارحانه هيو، جو ان ۾ لکين يوناني قبرصي لڏي ويا ۽ هزارين گم ٿي ويا. رياست اترادي قبرص Turkish republic of Northern Cyprus جي معيشيت جو مدار وڻج واپار، سياحت ۽ معياري تعليم آهي، جڏهن ته زراعت جون ننڍ يون ننڍ يون صنعتون پڻ موجود آهن. بحرحال هي هيون چند حقيقتون جيڪي ترڪيءَ جي يورپي يونين ۾ شموليت ۾ حائل آهن.

No comments:

Post a Comment