Tuesday, December 11, 2012

پئرس جو ڊزني لينڊ ۽ برسات جي موسم - عبدالحي پليجو


پئرس جو ڊزني لينڊ ۽ برسات جي موسم
عبدالحي پليجو
 اسان جي ٽيوب اسٽيشن هاڻي اچڻ واري آهي، جنهن ڪري ڊزني لينڊ ۾ لهندڙ مسافرن ۾ هاڻ چُرپر نظر اچي رهي آهي، اسان وٽ ڪو به سامان نه آهي پر جن سياح مسافرن وٽ ٿورو گهڻو سامان ساڻ آهي، اهي پنهنجو پنهنجو سامان ڇَنڊي ڦُوڪي، ڪلهن ۾ وجهي رهيا آهن يا هٿن ۾ جهلي بيٺا آهن، ڇو ته ٽيوب، اسٽيشن تي صرف چند گهڙيون بيهندو آهي، جنهن دوران خود به خود در کلن ۽ بند ٿين ٿا، اُن ٿوري عرصي ۾ ماڻهو، چڙهن ۽ لهن ٿا. اهو سڄو عمل چند گهڙين ۾ ٿئي ٿو، تنهن ڪري مقامي ماڻهو، جيڪي هر روز پنهنجين پنهنجين مصروفيتن جي ڪري، ڏينهن ۾ هڪ دفعو نه پر ڪيترائي دفعا چڙهن ۽ لهن ٿا، اها اُنهن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، نه وري، اُنهيءَ ۾ کين ڪا دِقت ۽ پريشاني ٿئي ٿي، ٻيا اُهي غير ملڪي سياح، جن جي ملڪن ۾ به اهي ئي ٽيوب ۽ ٽيوب اسٽيشنون، هر هنڌ پيا هلن، سو انهن کي به ان لاههَ چاڙهه ۾ ذري جي دِقت نٿي ٿئي پر اهي سياح، جن جي ملڪن ۾ ٽيوب نالي ڪا شيءِ ناهي، تن سياحن کي پهريائين ڪجهه تڪليف محسوس ٿئي ٿي. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ سرڪيولر ريلوي شروع ٿي هئي ۽ اهي ڳالهيون به ٻڌڻ ۾ آيون ته، ڪراچيءَ ۾ جلد انڊر گرائونڊ ريلون به هلنديون پر هاڻ ته سرڪيولر ريل به بند ٿي ويئي آهي. ٻن ٽن سالن کان، دهليءَ ۾ به انڊر گرائونڊ ريل شروع ڪئي ويئي آهي، جنهن کي يورپين ملڪن ۾ ٽيوب چون ٿا.


اسان جو ٽيوب هتي بيٺو ته، هزارن جي تعداد ۾ سياح پليٽ فارم تي لهڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي سڄو پليٽ فارم ڀرجي ويو، اسان به نهايت ئي ڦُڙتائيءَ سان هيٺ لهي وياسين ۽ ڏسندي ڏسندي، ٽيوب پنهنجي اڳتي جي منزل لاءِ روانو ٿي ويو ۽ سڄو پليٽ فارم خالي ٿي ويو ”ڊزني لينڊ“ ٽيوب جي بلڪل ويجهو هو، جنهن ڪري چند منٽن ۾ سوين قسمن  جي گُلن مان هلندي هلندي، اچي ڊزني لينڊ جي دروازي تي پهتاسين، دروازي تي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ هڪ نه، پر ڪئين گيٽ هئا، جن تان جلدي جلدي ٽڪيٽ وٺي، هر ڪو اندر وڃڻ لاءِ آتو هو ۽ اسان به پنهنجيون ٽڪيٽيون خريد ڪري، اندر روانا ٿياسين، سڄي ٽوئر ۾ هي پهريون موقعو هو، جو ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪري رهيا هئاسين نه ته اهي سڀ ڪم ڪار اسان جي ٽوئر ڪمپني وارن تي هوندا هئا، اسان هر هنڌ بالَم ٿيا بيٺا هوندا هئاسين پر هتي اهو بار به، اسان تي هو، هي ”ڊزني لينڊ“ لاس اينجلس جي ڊزني کان تمام گهڻو ننڍو ٿي لڳو، پهرين ته گهڻي تعداد ۾ اسان هڪٻئي جا فوٽو ڪڍيا ۽ مووي به ڀري. هي پئرس جو ڊزني لينڊ جديد فرينچ تاريخ ۾ ڪئين ملين يورو ڊالرن مان تيار ٿيو آهي ۽ دنيا جي عجائبات ۾ شامل آهي، اهو ۱۹۹۲ع۾ عوام جي تفريحَ لاءِ کوليو ويو، هي پارڪ پئرس شهر جي اوڀر طرف ۲۰ميل پري واقع آهي ۽ پنج هزار ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهي، انهيءَ علائقي کي مارني لاويلي Marne La Val lee سڏجي ٿو. سن ۱۹۹۴ع۾ هن پارڪ جو نالو غير سرڪاري طور تي بدلائي ڊزني لينڊ رکيو ويو.
ڊزني لينڊ پارڪ ۾ پنج تفريحي مکيه مڪان، ڇهه شاهي هوٽلون، هڪڙو شاهي ڪيمپ گرائونڊ، هڪڙو ”فيسٽيول ڊزني“ مرڪز، هڪ گولف راند جو ميدان، درجنين ننڍا ريسٽورنٽ، شوروم ۽ دُڪان موجود آهن. سموري يورپ کان ايندڙ سياحَ هتي گلن جي ٻارين جي وچ ۾ گُهمندا ڦِرندا نظر ايندا، جتي ڪيترائي تلاءَ، ڦوهارا ۽ هٿرادو ٺاهيل ڍنڍ، هوٽلن سان گهيريل آهن. هتي هٿرادا جانور Disney Characters، موجود آهن. مکيه رستي Main Street تي گهوڙي گاڏيون موجود آهن ۽ رستي جي ڪارنر تي باربر شاپس آهن، هتي ٻاڦَ تي هلندڙ ريل ڪارون به آهن، جيڪي فرنٽيئر لينڊ تائين هلايون وڃن ٿيون، اهي ڪارون ميسيپي درياءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين جي يادگار آهن.
هتي ٻي دلچسپ شيءَ هڪڙو چڙيا گهر آهي، جنهن کي ڪريٽر ڪورل Critter Corel سڏين ٿا، پارڪ ۾ موجود ٻاڦَ واريون ريل ڪارون ايڊوينچر لينڊ کان فينٽاسي لينڊ ڏانهن به هلن ٿيون، هتي پارڪ جو مکيه عنصر سليپنگ بيوٽي ڪيسل Sleeping Beauty Castle نالي هڪڙو محل آهي. انهيءَ جا تمام اوچا مينار فرينچ محلاتن جي علامت تصور ڪجن ٿا.
ڊِسڪوري لينڊ ۾ سائنس جي جديد تصور موجب، تيار ڪيل سيشن ۽ ڳالهين جي نمائش ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مشهور مصورن، ليونارڊو ڊاونچي، جولس ورن ۽ ايڇ جي ويلس جي خيالن سان ٺهڪندڙ شين جي پڻ نمائش ٿئي ٿي. تنهن کانسواءِ ڪيترين فلمن جا شاهڪار ڪردار پڻ نمائش لاءِ موجود آهن. انهن سمورين شين سان گڏ هتي وليج ڊزني انٽرٽينمينٽ سينٽر Village Disney Entertainment Center پڻ قائم آهي. جنهن ۾ ناچ گهر، دڪان، ريسٽورنٽ، بار، ٽوئرسٽ آفيس، پوسٽ آفيس ۽ هڪ ٻيڙين جو گهاٽ پڻ آهي.
اسان فوٽو ڪڍڻ ۽ مووي ڀرڻ کان واندا ٿي ڊزني ۾ وڌيڪ گهمڻ ڦِرڻ لاءِ روانا ٿياسين، اڃا ٿورو اندر گهڙياسين ته چڱي برسات شروع ٿي وئي، اسان تيز تيز هلندا وڃي، هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين، جتي اڳ ئي ڪافي رَش لڳي پئي هئي پر نيٺ ڳولي ڳولي وڃي هڪ هنڌ ويٺاسين، اسان جا ڪپڙا ٿورا ڀِڄي چُڪا هئا ۽ ۽ ڏسندي ڏسندي مِنا سيءَ ۾ رَڦڻ لڳي. مون چيس خير ته آهي، پاڻ چيائين ته، ريشمي ڪپڙا پهريل آهن، انهيءَ ڪري وڌيڪ سيءُ محسوس ٿي رهيو آهي، مون پاڻ کي پهريل ڪوٽ لاهي، کيس پاتو پر مون ڏٺو ته سندس سيءُ ڪونه لٿو هو، سوچيم، ته جيڪڏهن سرديءَ جو اثر نه لٿو ته سڄو پروگرام خراب ٿي ويندو ۽ اسان کي واپس هوٽل وڃڻو پوندو. ڪافي گهري سوچ بعد دماغ ۾ هڪ آئيڊيا آيو، هڪدم هوٽل بواءِ کي سڏ ڪري کيس چيم ته ٻه بلئڪ ڪافي کڻي اچ، پر دير نه ڪر سرديءَ ۾ ٺرندا پيا وڃون. همراهه آرڊر آڻڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي ۽ اسان به پيئڻ ۾ دير ڪانه ڪئي. ڪافي پيئڻ کانپوءِ سردي گهٽجڻ سان چستي به اچي وئي ۽ برسات به بلڪل بند ٿي وئي ۽ اسان به ٻين سياحن سان گڏ ڊزني لينڊ گهمڻ نڪري پياسين. پهرين ڊزني ريل ۾ چڙهي سڄي ڊزني لينڊ جو چڪر لڳائي، واپس انهيءَ ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين، جتان انهيءَ ۾ چڙهيا هئاسين، پوءِ زمين کان مٿي ئي مٿي ڦرندڙ هڪ مِني ريل وانگر هلندڙ سواريءَ ۾ چڙهياسين، هن ۾ هلندي ڏاڍو مزو آيو، هر شيءَ مٿان کان هيٺ ٿي نظر آئي، جنهن ڪري مزو پئي آيو، تنهن کانپوءِ محبوب، هڪ تيز سواري جيڪا هيٺائين کان مٿي ۽ مٿي کان هيٺ هلي رهي هئي، ان ۾ گهميو.
آئون هانگ ڪانگ ۽ آمريڪا ۾ ان ۾ چڙهيو هئس ته ڪا به تڪليف محسوس ڪا نه ٿي ٿئي. پر هينئر خبر ناهي ڇو، ڄاڻي واڻي هن سواريءَ ۾ ڪونه چڙهيس. اُس نڪري چُڪي هئي ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو اچي رهيو هو، برسات جي سرديءَ وارو اثر ختم ٿي چُڪو هو ۽ گُهمڻ ڦِرن جي ڪري بدن چُست ٿي ويو هو ۽ دل پئي چاهيو ته پيا پَرين جي هن ڏيهه ۾ گهمون. جتي هڪ جنت نه پر سڄي ڌرتيءَ جي گولي جون پريون، اچي گڏ ٿيون آهن، پَرين جي هن آستان ۾ گهمندي ڦِرندي ڪافي دير ٿي وئي هئي. تنهنڪري نه چاهيندي به مجبورن واپس وڃڻو پيو، واپس ويندي ويندي به ڊزني لينڊ جي انهن پَرين کي دل ئي دل ۾ Good Bye چوندا، اچي ڊزنيءَ جي ٽيوب اسٽيشن پهتاسين.

No comments:

Post a Comment