Sunday, December 09, 2012

استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر - امتياز منگي


استنبول، يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر
امتياز منگي
استنبول کي ۲۰۱۰ع جو يورپي ثقافتي گاديءَ جي اعزاز سان نوازيو ويو آهي. هن سان گڏ ٽي ٻيا شهر به شامل آهن. هي اعزاز جتي ڪنهن به شهر لاٰءِ  باعث افتخار بڻجي سگهي ٿو ته ساڳي وقت هڪ وڏي ذميواري به آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو شهر پاڻ کي ۽ پنهنجي ثقافتي ميراث کي سهڻي نموني سان باقي دنيا جي سامهون پيش ڪري نه سگهيو ته هي اعزاز الٽو شرمندگيءَ جو باعث به ٿي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ هڪ ڪلچرل ڪيپيٽل ايجنسي قائم ڪئي وئي آهي. هي سموريون ڳالهيون يارهين ڊسمبر ۲۰۰۹ع ۾ هلٽن هوٽل منجهه رکيل هڪ افتتاحي تقريب ۾ طئي ٿيون. جتي ميزبان ڪجهه هيئن چيو: ”استنبول شهر هڪ الڳ تاثير رکي ٿو. هي خاص ۽ منتخب ماڻهن جو شهر آهي ۽ ڪنهن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو اڃان ڪهڙا ڪهڙا ناول، ڊراما، اوپيرا ۽ گهڻو ڪجهه تخليق ڪري سگهن ٿا“ ڪنهن کي خبر ته هتي ڪهڙيون فلمون ٺهنديون؟

 اڄ جي دور ۾ پوري دنيا جا شهر هڪ ٻئي تي سبقت حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهن ۽ ثقافتي گاديءَ جو اعزاز شهرن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جو هڪ وڏو وسيلو آهي. گهڻو وقت اڳ ترڪي جي هڪ ننڍي گروپ هن اعزاز لاءِ ڪوششون ڪيون، جن برسلز پهچي يورپي يونين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون، جن هن شهرکي ”يورپي گادي“ جو درجو ڏياريو. 
يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر ڇا آهي؟ يورپي يونين هڪ سال لاءِ يورپ جو ڪوبه هڪ شهر چونڊيندي آهي، ته جيئن ان شهرکي موقعو ڏجي ته پنهنجي ثقافتي صلاحيتن، تهذيب تمدن جو مظاهرو ڪري. هن کان اڳ جن ملڪن کي يورپين ڪيپيٽل آف ڪلچر جو خطاب مليو آهي، سي هي آهن.
۱۹۸۵ ۾ اٿينس (يونان)، ۱۹۸۶ ۾ فلورينس (اٽلي)، ۱۹۸۷ ۾ ايمسٽرڊم (هالينڊ)، ۱۹۸۸ ۾ برلن (جرمني)، ۱۹۸۹ ۾ فرانس (پئرس)، ۱۹۹۰ ۾ گلاسگو (اسڪاٽلينڊ)، ۱۹۹۱ ۾ ڊبلن (آئرلينڊ)، ۱۹۹۲ ۾ ميڊرڊ (اسپين) ۱۹۹۳ ۾ آنٽورپ (بيلجيم)، ۱۹۹۴ ۾ لزبن (پرتگال)، ۱۹۹۵ ۾ (لگزمبرگ)، ۱۹۹۶ ۾ ڪوپن هيگن (ڊينمارڪ)، ۱۹۹۷ ۾ ٿيسالونڪي (يونان)، ۱۹۹۸ ۾ اسٽاڪ هوم (سويڊن)، ۱۹۹۹ ۾ ويمار (جرمني)، ۲۰۰۰ ۾ اويگنن (فرانس)، برجن (ناروي)، بولوگنا (اٽلي)، برسلز (بيلجيم)، هيلسنڪي (فنلينڊ)، ڪراڪو (پولينڊ)، رڪياوڪ (آئيس لئنڊ)، پراگ (چيڪ ريپبلڪ)، سنتياگو ڊي ڪمپوسٽيلا (اسپين)، ۲۰۰۱ ۾ پورٽو (پرتگال)۽ روٽرڊم (هالينڊ)، ۲۰۰۲ ۾ بروگس (بيلجيم) سالامانڪا (اسپين)، ۲۰۰۳ ۾ گراز (آسٽريا)، ۲۰۰۴ ۾ جينوئا (اٽلي) ۽  للي (فرانس)، ۲۰۰۵ ۾ ڪارڪ (آئرلينڊ)، ۲۰۰۶ ۾ پترس (يونان)، ۲۰۰۷ ۾ (لگزمبرگ)، سبيو (رومانيه)، ۲۰۰۸ ۾ لورپول (انگلينڊ)، ۲۰۰۹ ۾ لنز (آسٽريا)، ولنيس (لٿوانيا)، ۲۰۱۰ ۾ استنبول (ترڪي)، ايسن (جرمني)۽ پيڪ (هنگري)، ۲۰۱۹ع تائين خطابن جي ورڇ ٿي چڪي آهي.
۲۰۱۱ ۾ ترڪو (فنلينڊ) ۽ ٽالن (ايسٽونيا)، ۲۰۱۹ع ۾ اٽليءَ کي چونڊيو ويو آهي.

هوٽل ۾ آمد
مان بس ۾ گائيڊ سان مغز ماري ڪندو رهيس ۽ هو صبر سان منهنجي هر اڍنگي سوال جا جواب ڏيڻ لاءِ جتن ڪندو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن سوال پڇي بس ٻاهران ڪا عمارت ڏسي اوڏاهن ڌيان ڇڪجڻ ڪري سندس عربي اسٽائيل انگريزي جي جواب ورجائڻ لاءِ زور ڀريندو رهيس. اسان جي بس هڪ مصروف شاهراه لتاڙيندي Aspen Hotel جي در تي بريڪ هنئي، جيڪو ضلعي Aksaray ۾ واقع آهي. هتي ئي اسان جي قيام جو بندوبست ٿيل هيو. هي هوٽل استنبول جي يورپ واري حصي ۾ آهي. سياحن لاءِ هي علائقو اڪساري، مثالي ۽ تصوراتي چئي سگهجي ٿو. هوٽل ۾ بسترا لاهي Check in ڪرائيسون. سفر جي ٿڪ ۽ اوجاڳي ڪري سڄي سنگت هوٽل جيReception Lobby تي ئي ڊهي پئي. مان به هڪ صوفي تي سڌو ٿي ويهي رهيم. ڪاغذي ڪاروائي پوري ٿيڻ بعد ڪائونٽر تي اچڻ لاءِ گهرايو ويو. اسان قطار ٺاهي پاسپورٽ جمع ڪرايا ۽ بوڪ ٿيل ڪمرن جون ڪارڊ نما چاٻيون حاصل ڪيونسون. ھوٽل تمام آرامده آهي، جنهن ۾ ڪل ۶۳ ڪمرا آهن. انهن سان گڏ ڪانفرنس هال، ٻه ڊسڪو بار، جڪوزي Jacuzzi ۽ هيئر ڊريسر جي سهولت به اٿس. گهڻي ڀاڱي اسان جا ڪمرا بوڪ ٿيل هئا. لفٽ ذريعي سامان کڻي ڪمري ۾ اچي ويم. ڪمري جو نمبر ڳولهي سامهون بيهي ڪارڊ نما چاٻي ڪڍي در چوڌاريTM Counter  جهڙو نشان ڳولهڻ لڳس. در تي وائڙو ڏسي ملڪ جاويد ڪارڊ وٺي در کولڻ ۾ مدد ڪئي. اندر داخل ٿي روزمره جي استعمال جو سامان بئگ مان ٻاهر ڪڍي رکيو. واش روم مان هٿ منهن ڌوئي موبائل چارج تي لڳائي، بئڊ تي آهلڻ ساڻ ننڊ اچي وئي. ڪافي دير بعد اوچتو فون جي زوردار گهنٽيءَ تي سجاڳي ٿي. کنيم ته افتخار هو. چيائين: ”سمهڻ آيو آهين ڇا؟ هل جلدي تيار ٿي ته هلي شهر جو چڪر لڳايون. روزمره جو سامان وٺون، ڪرنسي به چينج ڪرايون ۽ ڪنهن سٺيءَ جڳهه تي ماني به کائون.“ افتخار منهنجو پشاور جو NRSP جو دوست هيو، جيڪو بحرين جي هوٽل ۾ منهنجو روم پارٽنر هيو. چيومانس:
”ديوانن کي ڇيڙيو ڇو ٿا، بيگانن جي بستيءَ ۾،
رهڻ ڏيو اي دنيا وارو، مستن کي سر مستيءَ ۾!“
”توهان شهر مان ٿي اچو ۽ منهنجي لاءِ شوروو ۽ ڪوڪ وٺي اچجو!“ مون اوٻاسي ڏيندي نٽايو. دراصل ٿڪاوٽ بيزاري ڏئي ڇڏي هئي ۽ مس مس ته سڪون جي ننڊ اکين جي اڱڻ تي آئي هئي. هي يار به ڇڏڻ وارو ڪو نه هئو ۽ بار بار پئي زور ڀريائين سو منهنجي ننڊ به ڦٽي چڪي هئي. هن جي بيحد اسرار تي منهن تي ڇنڊو هڻي، ڦڻي ڏئي هيٺ لهي آيم. استنبول بابت نقشو ۽ هڪ ٽريول گائيڊ هوٽل مان ئي وٺي ڇڏيم. ڪائونٽر تي موجود ملازم ان سان گڏ هوٽل جو ڪارڊ پڻ ڏنو، جنهن منجهه ٽيليفون نمبر ۽ ايڊريس لکيل هئي. مٿئون صلاح ڏنائين ته؛ ”شهر جي ڪنهن حصي ۾ ڀلجي وڃڻ جي صورت ۾ يا ته فون ڪري پڇي وٺجو يا ٽيڪسيءَ واري کي ڪارڊ ڏيکاري هوٽل تي واپس اچجو، ڇو ته هتڙي انگريزي ايتري عام ناهي.“ روينيو کاتي جو ملازم هجڻ ڪري نئين علائقي جي جاچ پڙتال ۽ ان بابت وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ جنبي ويس. هونءَ به جاچ جوچ ضروري آهي. مون هتي شهر جي باري ۾ ڪافي معلومات ڪٺي ڪئي هئي ۽ اڪثر ڪئمرا کڻي اڪيلو ئي نڪري پوندو هيس. هڪ ڀيرو گهمندي گهمندي تمام پري نڪري ويس. شهر جي هڪ حصي ۾ شڪارپور جي ڪنهن ڳتيل آبادي واري محلي وانگر ڪاٺ جون خوبصورت عمارتون نظر آيون ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙيءَ جگهه تي پهتس جتي گهٽي بند هئي. واپس ٿيم. موٽندي رستا ياد نه رهيا، ڇو ته سڀ ننڍا وڏا رستا هڪ جهڙا هئا ۽ مين روڊ جي تلاش ۾ به ناڪام رهيس. مقامي ٻولي به نه اچي ۽ انگريزي سا به منهنجي ڪو سمجهڻ لاءِ تيار نه هجي. بس پوءِ ڀٽڪي ڀٽڪي هڪ  ٽيڪسي پڪڙي ۽ هوٽل جو ڪارڊ ڏيکاري اچي ٿانيڪو ٿيس. منهنجي اڪيلي نڪرڻ کي ڪجهه دوست شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ڇو جو منهنجا عام معمول وارا اوقات پنهنجا هئا. سوير نه سمهڻ ۽ صبح جو سوير ئي جاڳي پوڻ منهنجي عادت هو. سنگت جي اعتراض تي تنگ ٿي جواب ڏيندو هيم؛ ”يار مان آزاد مسافر آهيان! ڪا ڪلينڪ ناهيان جنهن جا کلڻ ۽ بند ٿيڻ جا وقت مقرر ٿيل هجن“. اسان جو هوٽل شهر جي ڪاروباري حصي ۾ آهي ۽ پسگردائي وارا مارڪيٽ، ڪلبون، بار، هوٽل دير تائين کليل هوندا هئا. هتي چؤطرف ڪمرشل ڪاروهنوار زور تي هو ۽ رهائشي علائقا پري هئا.  
استنبول جي موجوده آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ آهي. ٻهراڙين مان لڏ پلاڻ ڪري هر سال پنج لک وڌيڪ ماڻهو اچي رهائش اختيار ٿا ڪن. ۱۹۸۰کان ۲۰۰۵ تائين پنجويهه سالن دوران، ان جي آبادي ٽيڻي ٿي وئي آهي. ستر سيڪڙو کان به وڌيڪ آبادي استنبول جي يورپي حصي ۾، جڏهن ته ٽيهه سيڪڙو ايشيائي پاسو وسايون ويٺي آهي. ملڪ جي ٻين حصن ۾ بيروزگاريءَ ڪري به ماڻهو استنبول جو رخ ڪن ٿا. شروع شروع ۾ آبادي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌندي رهي آهي. آباديءَ جا انگ اکر هيٺ ڏجن ٿا.
سال
آبادي
330 عيسوي
40،000
440 عيسوي
400،000
530 عيسوي
550،000
545 عيسوي
350،000
715 عيسوي
300،000
950 عيسوي
400،000
1200 عيسوي
150،000
1453 عيسوي
36،000
1477 عيسوي
،75،000
1566 عيسوي
600،000
1817 عيسوي
500،000
1860 عيسوي
715،000
1885 عيسوي
873،570
1890 عيسوي
874،000
1897 عيسوي
1،059،000
1901 عيسوي
942،900
1914 عيسوي
909،978
آڪٽوبر 1927
680،857
آڪٽوبر 1935
741،148
آڪٽوبر1940
793،949
آڪٽوبر 1945
860،558
آڪٽوبر 1950
983،041
آڪٽوبر 1955
1،268،771
آڪٽوبر 1960
1،466،535
آڪٽوبر 1965
1،742،978
آڪٽوبر 1970
2،132،407
آڪٽوبر 1975
2،547،364
آڪٽوبر 1980
2،772،708
آڪٽوبر 1985
5،475،982
آڪٽوبر 1990
6،620،241
نومبر  1997
8،260،438
آڪٽوبر 2000
8،803،468
جنوري 2005
9،797،536
جنوري 2006
10،034،830
2008
.12،697،164

مٿين ڊيٽا يا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ۱۴۵۳ ۾ استنبول جي فتح وقت آبادي ڏيڍ لک مان گهٽجي ڇٽيهن هزارن کي پهتي هئي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته نج مذهبي غير مسلم آبادين جي لڏ پلاڻ ڪري گهڻي ڀاڱي ٻارهن آنا شهر ته خالي ٿي ويو هوندو. ضرور ڪي امن پسند، مذهب کان بيزار forward قسم جي ماڻهن ۽ دولتمند مسلمان خاندان به انهن ئي ڏينهن ۾ ڀڄي جان بچائي هوندي. ڪن جي ڪيفيت بلڪل ائين هوندي جيئن پاڻ وٽ اپر سنڌ مان هندن جي هندستان جي ورها ڱي يا آزاديءَ وقت، ڌرتي کي آخري سجدو ڏئي جسماني طور هليو وڃڻ. جن جي ذهنن ۾ اڄ به اباڻا فلم جا ريل ۽ ڪنن ۾ ٺارو شاه جي ماسٽر چندر جي وڇوڙي جي گيتن جي گونجار هوندي. ڪن وري يارن دوستن ۽ خانداني دٻاءَ ۾اچي اباڻا ڪک ڇڏيا هوندا. ڪي نوجوان نياڻين، ڀينرن ۽ زالن جي عزت بچائڻ خاطر به ڀڳا هوندا؟ انهن ڏينهن ۾ ڍڪ بازارون، منڊيون ۽  معيشيت ته تباه ٿي وئي هوندي؟ پئسو نڪري ويو هوندو.بچيو سچيو وري مال غنيمت ۾ شامل ڪري خزانا ڀريا ويا هوندا. فوجين ڦر لٽ به ڪئي هوندي؟ اهوضرور پڙهيو هيم ته استنبول جي نئين سر تعمير لاءِ سلطان فاتح پنهنجي رهائش کان شروعات ڪندي استنبول يونيورسٽي، مسجدون ۽ محلات جوڙائي هڪ نئين استنبول جو بنياد وڌو. پرRehabilitation  تباه ڪاري يا متاثر حصن جي مرمت تمام وقت ورتو هوندو.
جيسيتائين وڌندڙ آباديءَ ۽ سهولتن جو سوال آهي ته اهو ته پوريءَ دنيا جو مسئلو آهي. ٻهراڙين ۾ سهولتن جي فقدان ڪري اتان جي آبادي جي لڏ پلاڻ ڪري وڏا شهر ڏينهون ڏينهن urbanization شهربندي جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن. انهن منجهان نوڪري پيشه ۽ مڇي ماني لائق ڪٽنب ته فليٽ يا گهر وٺي رهائش شروع ڪن ٿا پر گهڻي قدر لڏي ايندڙ خاندانن جي اڪثريت غريب هجڻ سبب شهر جي پسگردائي، واهن جي ڪپرن تي پکا اڏي ڪچيون آبادين ۾ مسلسل اضافو ڪندا رهن ٿا. مالوند ماڻهو پاڻ سان گڏ گهوڙا، ڪتا، کير ڏيندڙ جانور به ضرور آڻن. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ميونسپالٽيون يا شهري رٿابنديءَ جا ادارا انهن کي وسائڻ ۾ ڪيترو سنجيده آهن! يا ته انهن کي ڪنهن پلاننگ سان آباد ڪري، روزمره جي زندگيءَ جون سڀ سهولتون ڏئي مان ڏجي يا في الحال نظرانداز ڪندي هلائيندو رهجين ۽ جڏهن سرڪار جو دٻاءُ پوي، ڪنهن اسڪيم لاءِ زمين جي ضرورت پوي يا ڪو اعتراض اٿي يا ڪو سرڪار جو دادلو بلڊر ڀڳڙن مٺ  ۾ سا ڳي زمين کڻت ڪرائي اچي ته انهن غريب آبادين کي حدد خلي ڄاڻائي، هڪ آپريشن ذريعي مسمار ڪيو وڃي؟ اسان جي پيري ملڪ جي صوبي سنڌ ۾ وسندين جيregularization جو ٻٽو معيار آهي. هتي ڪيئي دفعا سروي ۽ ماپن باوجود صدين کان رهندڙ خاندانن کي ڳوٺ آباد تحت مالڪاڻا حق نه ٿا ڏنا وڃن. باقي وڏن شهرن يا ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنن ۾ ڪچيون آباديون قائم ڪرڻ  جو ڪم ڌڙاڌڙ شروع آهي.

مڪاني ادارا
استنبول جي ميٽرو پوليٽن ميونسپالٽي ايترو ته جانفشاني ۽Commitment  سان ڪم ڪري ٿي جنهن جو جواب ناهي. شهر جي ٽائون پلاننگ، صحت صفائي، سول ڊفينس، روشنيءَ جا انتظام، ترقياتي منصوبا، سينيٽيشن، ڊرينيج، سيوريج جو سرشتو ۽ ٻيا انتَظام مڪمل ظابطي ۾ آهن. روڊ ڪشادا ۽ فوٽ پاٿن تي انڪروچمينٽ نالي ماترآهي. نيون وسنديون نهايت ئي ترتيب ۽ شهري رٿابنديءَ جي اصولن تحت تعمير ٿيل آهن. ڀل کڻي مرگلا هل جهڙي Camlica Hill هجي يا پائري لوٽي Pierre Loti جي ٽڪري، ملڪ جي ناميارن عمارتن جي ماڊلن وارومنياترڪ باغ هجي يا پئنوراما ۱۴۵۳ جو ميوزيم (جن جو اڳتي ذڪر ايندو)، ماڻهن کي سهولتن سان گڏ تفريح فراهم ڪرڻ واري هيءَ بلديه، مون کي هڪ مڪمل صداقت تي ٻڌل ادارو لڳو جيڪو سونپيل ڪم تي سچو هيو. انهن وٽ اهي عذر ناهن ته ٽڪريون ٽوئرزم وارا سنڀاليندا آهن ۽ تاريخي عمارتون آثار قديمه وارن جو مٿي جو سور آهي. سندن لڳاءَ ۽ تخليقون ڏسي احساس پئي ٿيو ته اسان جي ملڪ جون ميونسپالٽيون صرف اوڳاڙيون ڪرڻ، قيمتي پلاٽ ليز ڪرڻ، مين هول کليل ڇڏي معصوم جانيون ضايع ڪرڻ، بلڊرن سان ساز باز ٿي اڏجندڙ اسڪيمن ۾ سهولتن جو فقدان پئدا ڪرڻ، تجاوزات يا قبضا خوري کي هٿي ڏيڻ ۽ گندگي وڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. تعميري ڪم ۾ تنقيد سندن بهترين مشغلو آهي، جڏهن ته استنبول جي بلديه سهولتن جا نوانtrends جوڙي شهر کي سنواري ۽ سينگاري ڇڏيو آهي. شهر ۾ صفائي، وڻڪاري ۽ باغباني ايتري جو طبعيت هلڪي ٿي وڃي. هر شاهراه تي (Tulip) گل لاله جون اڻکٽ قطارون اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪنديون نظر اينديون.
ائسپن هوٽل مان نڪرندي کٻو رستو وٺي، اسان مکيه مارڪيٽ جي شاهراهه تي آيا آهيون، ٿورڙو ئي اڳيان ٽرام Tram) ( جو ٽرمينل نظر آيو، جتان ٽرام ڊبل روڊن جي وچ ۾ پئي ڊوڙي. سڀني ترقي يافته ملڪن جيان استنبول شهر منجهه ٽرام جو نيٽورڪ موجود آهي. تيز رفتار، صاف سٿريون ٽرامن مناسب ڪرائي تي، اهم جڳهن تي پنهنجا اسٽاپ قائم ڪيا آهن. هر اسٽيشن تي پهچڻ کان اڳ ۾ ٽرام اندر لڳل اسپيڪر سسٽم تي ايندڙ اسٽيشن جو نالو پڪاريو ويندو ته جيئن پيسينجر تياري ڪري سگهن. استنبول ۾ ٽرام سروس ۱۹۶۶ع ۾ ڪجهه سببن جي ڪري رو ڪي ويئي هئي، پر ۱۹۹۰ع ۾ وري  بحال ڪئي ويئي هئي. مزي جي ڳالهه اها به آهي ته هتي ۱۸۷۲ع ۾ گهوڙا ٽرام به هلندڙ هئي، جيڪا گهوڙا ڇڪيندا هئا،  جنهن کي ۱۹۱۲ع ۾ بند ڪري،  ان جي جاءِ تي  اليڪٽرڪ ٽرام شروع ڪئي ويئي هئي.
پنجاب جي شهر فيصل آباد جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ گنگاپور ۾ هن جديد دور ۾ گهوڙا ريل گاڏي هلندي آهي، جنهن ۾ ڏهن کان پندرهن مسافرن جي چڙهڻ جي گنجائش آهي. سر گنگا رام هڪ مشهور انجينيئر هو جنهن لاهور ميوزيم، ايچيسنAitcheson) ) ڪاليج، مايو آرٽس اسڪول، لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور پوسٽ آفيس جون ڊزائينون تخليق ڪيون. هي گهوڙا ريل گاڏي، ريل جي پٽڙي تي هلندي آهي ۽ سوارين کي بچيانه ريلوي اسٽيشن تائين پهچائيندي آهي. بلديه هيءَ سروس سترهن سالن کان پوءِ بحال ڪئي آهي. هي علائقو چار سؤ سال پراڻو آهي. جڙان معنيٰ پاڙون سو ٻڌائن ٿا ته هتي هڪ کوهه هوندو هو، جنهن مٿان بيد جو وڻ هوندو هو. انڪري سندس نالو اهو مشهور ٿي ويو. هتي ٽي ڪلوميٽر پٽڙي ۱۹۰۳ع ۾ وڇائي وئي، پر ۱۹۹۳ع ۾ چور خان پٽڙي چورائي ويا جنهن ڪري آمد رفت بند ٿي وئي. زمين تي وڇايل پٽڙيون جڙن کان اکاڙڻ تمام آسان ڪم آهي. مزو تڏهن ايندو آهي جڏهن اخبارن ۾ ڳوٺن کي بجلي پهچائڻ لاءِ هوا ۾ لڳايل تارون به چوري ٿي وينديون آهن. ريل گاڏين جا بلب ۽ ٽونٽيون غائب ٿيڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، بغير ٽڪيٽ سفر ڪرڻ معتبري آهي، پر سرڪاري ٽرانسپورٽ جي بسن ۾ ويهي جيسيتائين سيٽن هيٺان لڳل فوم نه ڪتربو تيسيتائين سڪون نه ملندو. سبب؟ سرڪاري مال آهي.   
سو اچون ٿا ٽرام طرف ته ان منجهه ويهڻ ته پري بيهڻ جي جڳهه به ورلي ملندي. هتي پيادل گهمڻ عام آهي. فوٽ پاٿن تي مرد، عورتون، پڪا پوڙها تڪڙا تڪڙا ٻرانگهون پائيندا پيا نظر ايندا. پريمي جوڙا ڌيمي رفتار ۽ هڪ ٻئي جي ڀاڪرن منجهه نظر آيا ۽ فحش اشارن واري ۲۹۴ پي پي سي قلم جي ڀڃڪڙي عام جام آهي. جنهن تي پوليس يا ماجسٽريٽ ڪوcognizance ڪو نه ٿا وٺن. ترڪش پوليس به جڏهن سر عام اهي ڏوهه ڏسندي هوندي ته جڪون ضرور کائيندي هوندي، ته هڪ دل سڙي ڪباب ٿي، ٻيو حاصل ڪجهه نه ٿئي. پوليس لاءِ ڪمائي جو اصل کانچو ته روڊ ئي آهي، اهو به ماڻهن حوالي. پبلڪ پليس، باغن ۽ تفريح وارن ما ڳن تي Deep kissing ڪرڻ ۾ ڪو به عارمحسوس نه پئي ڪيائون. مان سنگت کي ٽرام تي چڙهڻ بجاءِ پيادل هلڻ جي صلاح ڏني ته جيئن شهر جي رونقن ۽ سرگرمين کي ويجهڙائيءَ سان ڏسي سگهون. جيئن جيئن شام ٿيندي وئي، روشنيون، چهل پهل ۽ چرپر وڌندي وئي. فاسٽ فوڊ، ڪافي هائوس، سبز چاءِ ۽ شاورمي جي دوڪانن تي شور شرابو وڌندو ويو. شاهراهن تي لڳل مختلف ڪمپنين جي سائين بورڊن جي سرچ لائيٽن ۽ دوڪانن تي آويزان روشن بورڊن عجيب رنگ پکيڙي ڇڏيا هئا. بي مقصد ڀٽڪڻ وارن ۽ ڪنهن خاص مقصد لاءِ نڪتل مشڪوڪ ماڻهن جو تعداد وڌندو ٿي ويو. انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ گهوريندڙ نگاهون وڌيڪ تيز ٿينديون ويون. هينئر سج لهي چڪو آهي، مون سان گڏ نڪتل پٺاڻ دوستن استنبول يونيورسٽي اڳيان واري مسجد جو رخ ڪيو ڇو ته آذانن جو آواز گونججي رهيو هيو. جيسيتائين نماز تان موٽن، ان وچ ۾ مان استنبول يونيورسٽي ۽ ڀر پاسي جون عمارتن جا فوٽو ڪڍندي هڪ اوائلي عمارت آڏو اچي ويس، جيڪا پري کان ڪا سرڪاري رهائش گاه پئي نظري. سندس مکيہ لنگهه واريون لائيٽون روشن هيون. در ڀرسان ڪو ترڪي زبان ۾ پلاڪ آويزان هو. شايد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو بنگلو هوندو يا سنڌيالاجي جهڙو ڪو ميوزيم. مان حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳائي ڇڏيو. هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته ڪو چوڪيدار نظر اچي. وري حسب عادت پاڻ ئي اندازو لڳايم ته پٺاڻ چوڪيدار هوندو، جيڪو نماز تي ويو هوندو. هر ڪامياب سودائيءَ جيان اندازا لڳائڻ اڪثر منهنجي واندڪائيءَ جي وندر رهي آهي. جيئن حيدرآباد اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس جو انتظار ڪندي مان سندس ٽي ڪلاڪ ليٽ هجڻ جو اندازو لڳائي، ذهني طور پاڻ کي تيار رکندو آهيان. اهو ڄاڻيندي به ته اها ڪراچي کان هلندي آهي. سرڪاري گهر جي ڄاري لڳل ونگن واري در مان اندر جهاتي پاتم. ڪاريڊور تي ڪاٺيءَ جون آرام ڪرسيون، ننڍيون ننڍيون ٽيبلون رکيل هيون ۽ ڪمرن جا ڊگها در بند هئا. هڪ در مٿان گهڙيال لڳل هو. سرڪاري عمارتن جا گهڙيال به ڄڻ پگهاردار ملازم هوندا آهن. آفيس واري وقت ڪم ڪري باقي وقت ستل رهن ٿا. دوستن ڏاڍي دير ڪئي. مونکي اوچتو خيال آيو ته کسڪي ته نه ويا؟ مان مسجد ۾ اندر اچي ويم. اندران تلاوت جو پڙاڏو چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. آسرو ٿيو ته نماز هلي رهي آهي. مان مسجد جي اڱڻ ۾ وضو ڪرڻ واري گول چبوتري جي هڪ دڪي تي ويهي نماز ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. چؤطرف نگاهه ڪيم، استنبول جون مسجدون آرڪيٽيڪچر جو عاليشان نمونو آهن. پٿر جي مضبوط اڏاوت، اوچا منارا ۽ اندر بلبن جون قطارون ڄڻ ڪتين جا قافلا. ڪارپيٽ نهايت نرم ۽ نفيس آهن. هونئن به پاڪستان سميت پوريءَ دنيا ۾ استنبول جا ڪارپيٽ ۽ قالين تمام اعليٰ معيار جا ليکيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ پٺاڻ اڪثر روڊ جي خالي حصن ۾ نوي سيڪڙو استنبول جا ڪارپيٽ، ديوارن تي لڳائڻ لاءِ پرنٽيڊ قالين کپائيندا آهن. حاجي سڳورا جڏهن سعودي عرب مان موٽندا آهن ته تسبيح چين جي ۽ مصلو ترڪيءَ جو هوندو. نماز ختم ٿي. هتي نمازين جو انگ خطرناڪ حد تائين گهٽ پئي لڳو. انهن منجهان به گهڻي قدر دڪاندار ٽائيپ پئي لڳا. نوجوانن ۾ مذهبي رجحان بنهه نظر ڪو نه آيو. جيتوڻيڪ هتي مسجدن جو ڪل تعداد ٻه هزار نو سؤ چوئيتاليهه ۲۹۴۴ آهي. مون کي ڪٿي به نئين مسجد ٺهيل يا ٺهندي نظر ڪو نه آئي. مسجدن مان اذانن کانسواءِ لائوڊ اسپيڪرن تي ڪو به گمشدگيءَ جو اعلان، تبليغ يا تلاوت، ميلاد وغيره جو ڪڏهن اعلان ڪو نه ٻڌم. 

No comments:

Post a Comment