Sunday, December 09, 2012

استنبول مان واپسي - امتياز منگي

استنبول مان واپسي
امتياز منگي
وليم اسپينسر (William Spencer) ترڪيءَ تي پنهنجي لکيل ”ڪتاب ترڪيءَ جي سرزمين ۽ رهواسي“The land and people of Turkey ۾ لکي ٿو ته استنبول مان رخصت ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هر ڏينهن جيڪو اتي گذاريو وڃي ٿو، هڪ نئون احساس پئدا ڪري ٿو. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو گھڻو ڪجهه ڏسڻ، گهڻو ڪجهه محسوس ڪرڻ باوجود به گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ ڏسڻ رهجي ويو. ڪوئي ان ڳالهه جي ضمانت نه ٿو کڻي سگهي ته توهان وري استنبول ايندئو. حقيقت پسند ترڪ ڪنهن ڪرامت، معجزي يا چمتڪار جا پوئلڳ ناهن، جو ڦوهاري ۾ هڪ سڪو اڇلي چون ته اوهان ضرور ايندئو، ليڪن جنهن طريقي سان اهي الوداع چوندا آهن، ان ۾ اميد جو سهارو آهي هڪ آس آهي. جڏهن اوهان انهن کي خدا حافظ چوندئو ته جواب ملندو ته ”گولي گولي گدنر“ خوش خوش وڃو. ان کان سوا ڪو ئي ڇا چئي سگهي ٿو.


اڄ چوويهين اپريل ۽ اسان جو استنبول ۾آخري ڏينهن. ناشتي جي ٽيبل تي سڀ دوست موجود آهن. اهو نه وسرندڙ ۽ جاندار ناشتو جتان هڪ نئين ڀرپور صبح جي شروعات ٿيندي هئي، گذري ويل ڏينهن تي تبصرا ۽ نت نوان پروگرام ٺهندا هئا. سو ناشتو نهايت ئي بي سوادو، بي رونق، ٻسو ۽ بي مزو پئي لڳو. ميلي جي موٽ هونئن به پلال ڪري ڇڏيندي آهي. کليو ڳالهايو معاف ڪرڻ يا ڪرائڻ واري ٽيڪنڪ  هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي. هاڻي ته حرڪتون ۽ بيوقوفيون، نادانيون ۽ مذاق ياد ڪري مزو پئي آيو.  هرهڪ جي هڪڙي ئي Activity آهي، هڪ ٻئي جا موبائل فون نمبر ۽ ائڊريسون وٺڻ ۽ ڏيڻ. هر ڪو وزيٽنگ ڪارڊن جي ڏي وٺ ۾ رڌل آهي. سکڻو هٿ ملائيندڙ اڄ ڀاڪر وجهي ڇڏن ئي ڪو نه پيا ۽ اچڻ جون دعوتون پئي آڇيائون. مون کين ڀاڪرن ۾ ڏسي مذاق ۾ چيو ته؛ هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽ-ورڪ جي ٽيم کي به استنبول جي پريمي جوڙن جو وائرس لڳو آهي ڇا؟ اهو ناشتو جيڪو ڪا پروقار تقريب لڳندو هيو، سو اڄ سوڳواري جي عالم ۾ آهي. ناشتي بعد ٻوجهل قدمن مان هر ڪو چيڪ آئوٽ بعد وڏا بيگ کڻي هيٺ Lobby ۾ پهچي ٿو. مان ڪمري کان نڪري آخري ڀيرو ڇت جي بتين کي ڏسان ٿو، جيڪي منهنجي اچڻ تي روشن ٿي وينديون هيون. لفٽ ۾ بئگ رکي بٽڻ دٻايم هيٺ پهچي Reception تي چاٻي جمع ڪرائي، بقايا بل ادا ڪيم ۽ پاسپورٽ ورتم. بس اچي چڪي هئي. سامان گهڻو هيو سو اڳ ۾ اهو لوڊ ڪرايوسين ۽ بس ۾ چڙهي پياسين. بس هلي ڪنهن به ڪونه ڳالهايو ۽ هر ڪو شيشي مان ٻاهر ٿو ڏسي. مون گنگنايو:
سڀ ڪجهه ڇڏي آيو آهيان مٺا تنهنجي شهر ۾.
بس اتاترڪ ايئرپورٽ ٻاهران پهتي. سامان ۽ يادون سهيڙي هيٺ لٿاسين. استنبول کي ڳل ڳراٽي پائي موڪلايوسي. مسجدن جا اهي مينار جيڪي استنبول جي ٿڌڙين راتين ۾ ايئن روشن هوندا هئا، جيئن ڪنهن ڪيڪ تي ميڻ بتيون ٻاريون ويون هجن، تن کي الوداع چيو. هر موٽندڙ مسافر وارو عجيب احساس ته هفتو ايئن گذري ويو ڄڻ ڪلهه آيا هجون. زندگي تيز رفتار آهي وغيره وغيره. مليل جليل ڪيفيتن سان ايئرپورٽ ڏانهن وڌياسين. ڊيوٽي فري شاپس واري حصي مان آخري شاپنگ ڪئي سين. هي ڊيوٽي فري شاپ ته نه هو مارڪيٽ هو. قيمتون گهڻي ڀاڱي يورو ڪرنسيءَ ۾ هجڻ ڪري شيون تمام مهانگيون هيون. مون ڪجهه ڪپڙا، سوکڙيون ۽ مٺائي ورتي، جيڪا ڏاڍي مزيدار هئي ۽ سندس پيڪنگ پڻ بهترين، جنهن کي (Delight) پئي ڪوٺيائون. هڪ ڪافي هائوس تي سنگت ٽولو ڪري ويٺي هئي. مونکي پري کان اشارو ڏنائون. مان به بئگ گهليندو، انهن جي ٽيبل تي ويهي رهيم، ڇو ته گهمي گهمي ٿڪجي پيو هيم. ڪافي هائوس سامهون مختلف قسمن جي شرابن جو ڪارنر هيو. بوتلن جي پيڪنگ ۽Display اهڙي ته پرڪشش، جو ڏسڻ سان خمارچڙهيو وڃن. مسافر ٿوڪ جي حساب سان شراب خريد ڪري رهيا هئا، ته ڪي ازمير جي بيئر جي دٻن ۾ گم هئا. مان ويهڻ سان دوستن سان چرچو ڪيو ته مڌ مستيءَ واري هن مخمور مهل ۾ ڪاري ڪافي پيئڻ وڏي زيادتي آهي. هڪ سگريٽائي دوست خراب منهن ڪندي چيو: هتي سگريٽ ڦوڪڻ تي سختي آهي، تون وري پيئڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين؟ شرافت سان جيڪا شئي ملي ٿي پيءُ هتڙي جن دوستن وٽ ليپ ٽاپ هئا، اهي استنبول جون دستاويزي سي ڊيز، ڪيمرا جا فوٽو ۽ ڪلپس save ڪري رهيا هئا ۽ هڪ ٻئي کي  USB۾ مواد لوڊ ڪرائي رهيا هئا. هڪ ڪتابن جي دوڪان تان مون سي ڊيز، ڪجهه ڪتاب ۽ پوسٽ ڪارڊ ورتا. هتي انگريزي ڪتاب موجود هئا، باقي استنبول ۾ ته هر هنڌ ترڪي زبان ۾ ڪتاب پئي مليا سواءِ چند جڳهن جي. هيومن رسورس ڊيولپمينٽ نيٽورڪ جي مس حنا ٻڌايو ته ٽائيم ٽيبل واري بورڊ تي اسان جي فلائيٽ جو وارو اچي ويو آهي، تنهن ڪري هلڻ واري ڪيو. اسان ڪافيءَ جا پئسا ڏئي لائونج ۾ اچي وياسي. لائونج ۾ اچڻ سان مان هڪ ڪنڊ وٺي ويهي رهيم. مقرر وقت تي جهاز ۾ چڙهياسين ۽ گلف ايئر جي جهاز ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون. اوچتو زوڪاٽ سان رفتار وڌندي وئي، جهازُ اٿيو ۽ اسان هوائن ۾ هليا وياسين.
سڄي واٽ ذهن ۾ استنبول ئي استنبول هيو. اکيون بند هيون، پر ذهن ۽ دماغ ۾استنبول جي گل لاله سان سجايل رستن جون هوائون پئي ڦريون ۽ ڪنن منجهه ٽرام جا زوڪاٽ ۽ جهومائيندڙ لوڏا، اسر ۽ سج لٿي جو آذانن جا پڙاڏا گونجندا رهيا ۽ ٿڌڙين خوشبوئن جو ڪومل احساس پئي ٿيو. سوچيم ته موٽڻ تي ماڻهو مون کان پڇندا ته استنبول ۾ وڌيڪ ڪهڙي شئي وڻيوَ ته مان چوندم ته پراڻي استنبول جون اهي فريبي ۽ اڻ گهڙيون گهٽيون، جن ۾ رلندي مان بالڪوني تي ڪپڙا سڪائيندي ڪو چنڊ جهڙو چهرو ۽ چوڪن ڀرسان سج لهڻ جا پاڇا ڏ ٺا. مان اهو به ضرور چوندم ته بڙڇين ڀالن سان ته استنبول جي جنيسري ڪمانڊوز کي به مات ڏئي سگهجي ٿي، پرسندس سونهن تي سوڀ حاصل ڪرڻ محال آهي. اوهان ڪيڏا به بهادر، پرهيزگار ۽ سرڪش ڇو نه هجو پر هتي جي حسن آڏو اوهان کي هٿيار فٽا ڪرڻا پوندا. سچ ته استنبول هڪ وائرس آهي، جيڪو هڪ دفعو لڳڻ کانپوءِ اوهان جي جان نه ڇڏيندو. ان جي باري ۾ خود استنبولين جو هي خيال ڪيئن آهي؟.
I love Istanbul
because it's like a virus that you can never get out of your system
because I grew up here
because it made me who I am
because I know that everyone from all around the world would feel at home
because the city never sleeps
because I forget all my problems when I have a glass of raki with maze at the phosphorus
because IT'S ISTANBUL!!!!
مان استنبول سان پيار ڪيان ٿو
ڇو ته؛ اهو ڪنهن وائرس مثل آهي جنهن کي اوهان پنهنجي سسٽم مان ٻاهر ڪڍي نه سگهندئو
ڇو ته؛ مان هتڙي ئي وڌيو ويجهيو آهيان
ڇو ته؛ ان ئي ٻڌايو ته مان ڪير آهيان
ڇو ته؛ مان ڄاڻان ٿو ته سموري دنيا جو هر هڪ ماڻهو هن کي پنهنجو گهر محسوس ڪري ٿو
ڇو ته؛ هي شهر ستل ناهي رهندو
ڇو ته؛ مان باسفورس تي مڪئي سان راڪي جو گلاس پي پنهنجا سمورا غم وساري ويهندو آهيان
ڇو ته؛ هي استنبول آهي.

راڪي RAKI  يورپ ۽ وچ اوڀر جو تيز شراب
استنبول ڪيرڇڏڻ چاهيندو؟ پنج ست ڏينهن گذاريندڙ هڪ مسافر ۽ عثماني سلطنت جا پنج سئو سال حڪومت ڪندڙ حاڪم جي ڪيفيت مڙئي سا ڳي ٿي رهي. هي مختصر واقعو ان وڇوڙي جي ترجماني ڪندو جيڪو مان ٻڌائڻ چاهيندم ته مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي انقلاب ۽ عثماني سلطنت جي انت بعد جڏهن آخري خليفي سلطان عبدالمجيد کي پوليس دولام باچي محل ۾ اچي، جڏهن اهو فرمان پڙهي ٻڌايو ته کين آزاد ڪيو ويو آهي ۽ سج اڀرڻ کان ا ڳ خاندان ۽ خاص ملازمن سميت محل خالي ڪري استنبول ڇڏڻو آهي، ته سندن پيرن مان زمين کسڪندي محسوس ٿي. راڻي درشهوار جيڪا ۱۹۹۵ع ۾ فوت ٿي. ان واقعي جي چشم ديد گواه هئي جيڪا اهو فرمان ٻڌي محل جي درو ديوار کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري رهي هئي. ان جي آلاپيل انهن لفظن جو پڙاڏو ”مونکي اهڙي آزادي نه کپي“ اڄ به دولام باچي محل ۾ گونججي ٿو. ڪيئن سمهي سگهيا هوندا اها آخري رات؟ انهن ڪمرن جي درين مان هوا تي ڦڙڪا ڏيندڙ پردن کي پرچائي سگهيا هوندا؟ سکيا ڏينهن سارڻ لاءِ هڪ رات پوري پوندي. ڇا ڇا ياد نه ڪيو هوندائون. ٻالڪپڻ، شرارتون، والدين جو ڊپ، پيار. پنج سؤ سالن تائين خلافت عثمانيه جو تخت رهندڙ استنبول جي آخري حڪمران سلطان عبدالمجيد جو قافلو ساڍي پنجين بجي ڇهن ڀاتين، ٽن سرڪاري آفيسرن ۽ ٻن ملازمن تي ٻڌل هو. ٽن ڪارين ۾ چڙهي ريلوي اسٽيشن طرف روانو ٿيو. اسٽيشن جي درجه اول انتظار گاهه ۾ جڏهن سندن سازو سامان لاٿو ويو ته پروٽوڪول ۾ اسٽيشن مئنيجر جيڪو يهودي هو، هڪدم پيش ٿي، ادب سان سلام ڪيو. هن هيٺن لفظن سان سلطان کي خراج تحسين پيش ڪيو ته:
”عثماني خاندان ترڪي جي يهودين جو ڇپر ڇانوَ هو. جڏهن اسان جو خاندان اسپين مان دربدر ٿيو ته پناه لاءِ اجهو ڳولهيندو رهيو. اهي رحمدل ترڪ ئي هئا، جن کين مانُ ڏئي هتي ترسايو ۽ کين بربادي کان بچائي ورتو. اها عثماني خليفن جي رحمدلي هئي، جن جي طفيل کين مذهب جي آزادي ۽ ثقافت جو تحفظ حاصل ٿيو. اوهان اسان جي ٻچن ۽ نياڻين جي عزت ۽ زندگين کي تحفظ فراهم ڪيو، جنهن لاءِ اسان وٽ لفظ ناهن جن سان شڪريو ادا ڪيون. اسان ان صلي ۾ اوهان جي جيتري خدمت ڪيون گهٽ آهي. اسان اوهان جو احسان لاهي نه ٿا سگهون.“
استنبول جي تخت جو هي آخري چشم وچراغ خليفو عبدالمجيد رات جي گهپ اونڌاهي ۾ اورينٽ ايڪسپريس ذريعي جڏهن سوئٽزرلينڊ لاءِ نڪتو ۽ هنگري جي سرزمين تي پير رکيو ته بي اختيار چيائين: ”منهنجا وڏڙا گهوڙن تي سوار ٿي، حشمت سان جهنڊا ڦڙڪائيندا هتي آيا هئا ۽ مان ان ڌرتي تي پهتو آهيان، پر هڪ گمنام ۽ جلاوطن جيان.“     
چئن ڪلاڪن بعد اسان جو جهاز بحرين ايئرپورٽ تي لٿو. اڄ يعني ۲۴ کان ۲۶ اپريل تائين بحرين ۾ (Formula-1, Grand Prix) جو ميلو متل هو. سڄي دنيا مان شوقين ڪارين جي ريس فارمولا ڏسڻ لاءِ بحرين ۾ لٿل هئا. اهڙن موقعن تي هالي وڊ ۽ بالي وڊ جون اداڪارائون پڻ مقابلي ۾ لٿل پليئرن کي همٿائڻ، شائقين کي شغل ڏيارڻ، جوئاري ۽ خفتين جي خدمت چاڪري ۽ عرب سڳورن جي مت کسڻ لاءِ ميدان جي رونق وڌائڻ لاءِ پهچنديون آهن. ايئرپورٽ تي اهڙين ئي همٿ افزائي ڪندڙن جا ٽولا پئي ڦريا. ڊيوٽي فري شاپس تي هر هنڌ ڊوڙ جي چٽاڀيٽي ۾ ڊڪندڙ اسپورٽس ڪارين جي ڇاپي ۽ لوگو واريون شرٽون، ٽوپيون، بيج، پرس، واچون، ماڊل ۽ گهڙيال موجود آهن. ٽرمينل جي ٽي وي ڏسي لڳي ٿو ته هي ميلو بحرين جي ڀٽن کان ٿيندو چپي چپي تي ڇانئجي ويو آهي. فارمولا ريس جي هڪ ماڊل ڪار پڻ Display لاءِ بيهاري وئي هئي، جنهن جوِ فوٽو ڪڍيو. دل ته چاهيو ته اسپورٽس چينل تي ڪاڪروچ وانگر ڪلٽيون کائيندڙ ڪارن جي ان ريس جو سامهون نظارو ڪجي. ڏسجي ته پٽا پٽي جهنڊو لهرائڻ سان اسپورٽس ڪاريون ڪيئن ٿيون ڀڙڪو ڏئي اٿن، دلين جو ڌڙڪنون ڪهڙي رفتار سان تيز ٿيون ٿين. ڪهڙي ملڪ جي ماهر  challenger کي سوڀ نصيب ٿي ٿي ۽ ڪير رستن تي رلي گم ٿو ٿئي. گولائين ۽ لاهين چاڙهين تان اڇلائجي ڪريل ڪارون ڪٿي وڃي دنگ ڪنديون. ڪير چيڀاٽجي ويندا ڪير سلامت نڪرندا. Pit babes پنهنجي جلوه افروزي سان ريس ڏسڻ وارن جي دلين جا بريڪ فيل ڪريو ڇڏين ۽ سندن دماغن کي هوائن ۾ قلابازيون کارايو ڇڏين. مون کي موٽڻو هو ڇو ته گروپ سان طئي ٿيل شيڊيول موجب واپسي اڻٽر آهي. ڪجهه انتظار بعد اسان وري پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ اڍائي ڪلاڪن بعد اسان جي جهاز جا ڦيٿا اسلام آباد جي ايئرپورٽ جيRunway سان ٽڪريا.مسافرن ۾ آنڌ مانڌ وڌندي وئي. هر ڪنهن سيٽ تي آرس ڀڳو. پنهنجي ڌرتي تي خير خوبي سان واپس اچڻ جي خوشي ٿي رهي هئي.

واپس وطن ۾
مان گهڙيءَ کي اسلام آباد ايئرپورٽ جي گهڙيال سان ملايو ۽ موبائل مان ترڪيءَ واري سم ڪڍي موبلنڪ جي سم وجهي، ٻارن سان گهر ڳالهايم ۽ دوستن احبابن کي اطلاع پڻ ڏنو، جن کي واپسي جو انتظار هو .گروپ جي دوستن سان ڀاڪر پائي موڪلايم. اسلام آباد جي سنگت جن جي آڌر ڀاء لاءِ سندن گهروارا آيا هئا، گهڻو خوش پئي لڳا. ڇو ته انهن جي منزل اچي وئي هئي ۽ مون کي اڃا اڳتي وڃڻو هو. سندن پتڪڙا ٻار ڊڪون پائي کين چمبڙي پيا هئا ۽ سندن گهرواريون پري کان ئي چپن ۾ کلي رهيون هيون. ماڻهون جيترو نڪرڻ مهل excited هوندو آهي، اوترو ئي واپسيءَ ۾ به جلدي گهر پڄڻ چاهيندو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪجهه ساٿين رات رهي صبح وڃڻ جي صلاح ڏني، پر ڪير ٿو بيهي سگهي؟ اتفاق سان ڪراچيءَ لاءِ فلائيٽ ملي وئي. ڪجهه لمحن بعد لوڪل فلائيٽ ذريعي ڪراچي پهتم. ڪچڙيءَ منجهند ٿي وئي هئي. حيدرآباد فيمليءَ کي اطلاع ڪري ڇڏيو هيم، جن اچي ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي.   

استنبول جي سفر لاءِ ڪجهه مشورا
1.      استنبول گهمڻ لاءِ اپريل، مئي، سيپٽمبر۽ آڪٽوبر جا مهينا موزون آهن. ڇو ته انهن مهينن ۾ موسم موافق رهندي آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٽوئرزم چوٽ چڙهيل هوندو آهي ان ڪري شين جون قيمتون آسمان سان  ڳالهيون ڪنديون آهن.سياري ۾ هتي نه اچجي.
2.              پاڻ سان گرم ڪپڙا ضرور آڻڻ گهرجن. مفلر، ٽوپي ۽ ڇٽي پڻ ساڻ کڻجي.  
3.      ڊينمارڪ، فنلئنڊ، فرانس، جرمني، نيوزيلينڊ، جاپان، سئيڊن، ناروي ۽ سوئٽزرلينڊ جي سياحن لاء ويزا ضروري نه آهي، جيڪِڏهن انهن کي ٽن مهينن کان گهٽ رهڻو آهي، باقي آمريڪا، برطانيه، ڪيناڊا، آسٽريليا، بيلجيم، نيڌرليند، اٽلي، پرتگال، ۽ اسپين جي سياحن لاء ويزا ضروري آهي. ناروي، هنگري، مشرقي يورپين ۽ سينٽرل ايشين ملڪ جا باشندا پڻ صرف هڪ مهيني لاءِ داخل ٿي سگهن ٿا.
4.      استنبول لاءِ پروگرام ٺاهيندڙن لاءِ لازمي آهي ته سندن پاسپورٽ پراڻو نه هجي ۽ ايندڙ ٽن مهينن لاءِ قابل استعمال هجي.
5.      سرڪاري ملازم هجڻ جي صورت ۾ مجاز اٿارٽي جي منظور ڪيل ايڪس پاڪستان موڪل جو آرڊر ضرورساڻ هجي.
6.      نماز جي وقتن تي مسجدن اندر دا خل ٿي گهمڻ ڦرڻ، گوڙ ڪرڻ ۽ فوٽوگرافي ڪرڻ منع آهي. بهتر ايئن ٿيندو ته ان وقت ۾ ٻاهران جي فوٽوگرافي ڪجي.
7.      استنبول ۾ نوي سيڪڙو آبادي ترڪي زبان ڳالهائيندي آهي. ان کان علاوه ڪردش ۽ عربي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.انگريزي نالي ماتر آهي. گائيڊ ساڻ هوندو ته هر مسئلي سان پيو منهن ڏيندو.
8.      هتڙي ٽپ ڏيڻ ۽ و ٺڻ سٺو سمجهيو ويندو آهي. خا ص طور ويٽر، هوٽل جو عملو، ڊرائيورن ۽ لوڊرن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ترڪش ليرا ٽپ ڏ جي.
9.      استنبول ۾ عام پاڻي پيئڻ صحت لاءِ نقصانده آهي. هميشھ بوتل وارو منرل واٽر واپرائجي.
10.  استنبول ۾ جيتوڻيڪ جيب تراشي ايتري عام نه آهي، پر پوءِ به سفر دوران پنهنجو پاڻ، پئسا، ۽ پاسپورٽ جي حفاَظت خصوصن هجومن ۾ ضروري آهي.
11.  استنبول ۾ ڪجهه بار ۽ ڪلبن ۾ ترڪي عورتن جي اچڻ تي پابندي آهي، پرغير ملڪي عورتن تي اها پابندي نه آهي. جيڪڏهن اوهان عورت آهيو ته اوهان کي گهرجي ته ڪنهن مرد سان گڏجي اچو.
12.  ذاتي استعمال جون دوائون هميشه پاڻ سان گڏ آڻيو.
13.  عام موڪل جا ڏينهن جن ۾ سمورا سرڪاري ادارا، اسڪول، بئنڪون، بازاريون بند رهن ٿيون. (پهرين جنوري) نئون سال، (ٽيويهين اپريل) آزادي ۽ ٻارڙن جو ڏينهن، (اڻويهين مئي) ڪمال اتاترڪ جو جنم ڏينهن، (ٽيهين آگسٽ) يوم فتح ۽ ٻه عيدون.


REFERENCES:
1.       Prince by Nicholo Machiavelli
2.        Istanbul and the Civilization of the Ottoman Empire by Bernard Lewis.
3.       Dance, sex and gender: (Signs of identity, dominance, defiance and desire by Judith Lynne Hanna).
4.       The land and people of Turkey by William Spencer.
5.       Istanbul by J.A.Cuddon.

سرد ملڪن جي پکيئڙن جهڙي حسين ڇوڪري،
منهنجيون ڏهه ئي آڱريون، ميڻ بتين وانگر ٻرن،
پوءِ به تنهنجي روح جون سڀ ڳليون ويران ڇو؟

No comments:

Post a Comment