Sunday, December 09, 2012

ٽريننگ جو ڏهاڙو - امتياز منگي


ٽريننگ جو ڏهاڙو
امتياز منگي
BUILDING THE CAPACITIES, VISION TO CHANGE, POWER TO ACT
ٻاويهين اپريل جي صبح سوير اٿيم. ڇو ته نائين وڳي هوٽل جي Basement تهه خاني ۾ ٽريننگ رکيل هئي. ناشتو ڪري ٽريننگ واري هنڌ پهتم. نالي ۽ ڦوٽوءَ وارو ڪارڊ، شيڊيول، پينسل، رسالا ۽ مواد وٺي اندر داخل ٿيم. مقرر وقت تي پروگرام شروع ٿيو. تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ ڀليڪارڪئي وئي. دوستن جو تعارف ۽ بعد ۾ استنبول شهر ۾ HRDN جي دوري تي مختصر تقرير ڪئي وئي بعد ۾ مقررن طرفان مختلف موضوعن تي ليڪچر ۽ خيالن جي ڏي وٺ ۽ سوال جوابن جو سلسلو ٿيو ۽ چانهه جي وقفي کانپوءِ هڪ سادي پر پروقار تقريب ۾ سڀني کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. ساڳي ڏينهن HRDN ۾ مانجهاندي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هيو، سو آخري فلور تي اچي ماني کاڌيسين.


ڪانفرنس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا هڪٻئي سان تمام گهاٽا لاڳاپا رهيا آهن. قائد اعظم محمد علي جناح به پاڪستان کي ترڪيءَ وانگر جديد ۽ سڪيولر ڏسڻ پيئي چاهيو. ترڪيءَ ۾ قائد اعظم کي نهايت احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انقراه ۾ هڪ اهم شاهراه ان جي نالي سان منسوب آهي. اهڙيءَ طرح اسان ڏسون ٿا ته پاڪستان ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪراچيءَ ۽ پشاور ۾ ڪمال اتاترڪ جي نالي سان شاهراهون منسوب آهن. ساڳي وقت لاڙڪاڻي ۾ هڪ عظيم الشان اتاترڪ ميموريل. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي جي لاڳاپن کي مضبوطي ۽ اقتصادي حالتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ۱۹۶۴ع ۾Regional Cooperation for Development جو قيام عمل ۾ آيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان مان ڪنهن به قسم جو لاڀ حاصل ڪونه ٿيو. ۱۲ سالن جي مڪمل ناڪاميءَ کان پوءِ ۲۲ اپريل ۱۹۷۶ع ۾ ٽنهي ملڪن جا سربراه ازمير ۾ مليا ته جيئن ۱۹۶۴ع واري پڌرنامي ۾ ڪجهه ترميمون ڪري سگهجن. هن صلح نامي تي ۱۹۷۷ع ۾ صحيحون ڪيون ويون، پر خبر ناهي ڇو ڪجهه حاصل ٿي نه سگهيو. جنوري ۱۹۸۵ع ۾ ساڳين ٽنهي ملڪن هڪ نئين تنظيم جوڙي ورتي، جنهن جو نالو اڪانامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن رکيو ويو.  تازو اسلام آباد کان استنبول تائين هڪ بين الاقوامي ڪنٽينر ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو ويو ته جيئن ترڪي ۽ ايران سان وڻج واپار ۾ واڌ ٿئي. نومبر ۲۰۰۹ع ۾ ترڪيءَ جي وزير اعظم طيب اردوگن پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو، جنهن ۾ کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ سان نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح ترڪيءَ جي وزير اعظم طيب اردوگن گڏيل پارليامينٽ کي پڻ خطاب ڪيو ۽ ٻنهي ملڪ ۾ خيالن جي هم آهنگي ڏٺي وئي. ساڳي وقت سعودي عرب ۾ کيس اعليٰ ترين ايوارڊ(King Faisal Prize for service to Islam) سان نوازيو ويو آهي.
سيمينار ختم ٿيو ته سڀ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ڏانهن روانا ٿيا. ڪافي ليڪچرمٿان مٿان گذري ويا ۽ ڪي مزاق جي ور چڙهي ويا. هتي ٻارهين بجي (Annual Trainers’ Retreat)ووٽنگ به ڪرائي وئي. چين جا ووٽ وڌي ويا هئا. سندس عنوان يا ٿيم بابت رايا پڻ ورتا ويا. جڏهن مون کان رايو ورتو ويو ته مان ڀوڳن ڀوڳن ۾ افغانستان چونڊيو. جنهن تي وڏو گوڙ ٿيو. سڀني مون کي مخاطب ٿيندي چيو: ”ڇو پنهنجي ۽ ٻين جي جان جي پويان پيو آهين.“ عجيب ڳالهه ٻڌايان ته استنبول مان موٽي اچڻ بعد ترت ئي ڪابل چيپٽر۾ هڪ مختصر ٽريننگ لڳائي وئي. مون افغانستان جي مخالف دوستن کان فون ڪري پڇيو ته شهادت جو جام پيئڻ واري ٽريننگ ۾ ڪير ڪير ٿو وڃي؟ جنهن جي سندن ورهائڻ جي آخري تقريب بهشت ۾ ٿيندي.
مان ڪمري تي اچي ويس. بتيون وسائي پردا ڏئي، ڪافي دير تائين سمهيو رهيس. اڄ مون تمام گهڻي ننڊ ڪئي آهي، اکين ۾ اڃا تائين ڏينهن جي ننڊ جو خمار آهي. ڏينهن جي ننڊ جو به پنهنجو سرور آهي. آرس ڀڃي اٿيم. تيار ٿي ڪمرو لاڪ ڪري هيٺ لهي آيم هيٺ هوٽل مان جڏهن ٻاهر نهار ڪيم ته بارش وسي رهي هئي ۽ سردي، به ڏند پئي کڙڪائي. موسم سان مزاق سٺو ناهي، مان واپس ڪمري ۾ اچي ڪوٽ اندران سئيٽر پائي هيٺ لٿم. سردي سان سنگت ۾ بارش ملي ۽ هوا به سندن سر سان سر ملايو، سو مون کڻي بچاءَ خاطر ٻاهران ته گرم ڪپڙا پهريا، پر ساه مان ٻاڦ پئي نڪتي. مون کي ڪافيءَ جي ٻاڙ لڳي، پر ڪير ٿو اهڙيءَ موسم ۾ ٻاهر نڪري. هوٽل جي ڪافيءَ ۾ صفا سواد ڪونهي. مون جيان گروپ جا ڪجهه رولاڪ ان بارش جو مزو وٺڻ لاءِ هيٺ لٿا ۽ مون کي به اڪيلو ڏسي گڏ هلڻ لاءِ چيائون. فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته وڃان يا نه ؟ڇو ته شهر ۾ نڪري به ڪنهن بند جڳهه تي ئي ويهڻو پوندو، پراهو سوچي ته سوير ننڊ به نه ايندي، سو نڪري پئجي. اسان روڊ تي ڇا نڪتاسين مينهن به پلٽجي پيو ۽ هوا........... توبهه ايڏي سرد جو گرم ڪپڙا پارو ٿي ويا. مان دوستن جي ڳالهه تي يقين ڪونه پيو ڪيان ته ڪو هتي ايترو سيءُ هوندو، پر اپريل ۾ هيءَ حالت ڏسي ته پريشان ٿي وياسين. عينڪ به هر هر بارش جي قطرن سان ڌنڌلي ٿيندي پئي وئي. هڪدم ٽرام ۾ چڙهي ان بازار ڏانهن رخ ڪيوسين، جيڪا دوستن چواڻي ته ڪجهه سستي آهي. اها بازار ٽرام جي آخري اسٽاپ تي ٻڌائي پئي وئي. اهو به سوچيو سين ته تيسيتائين بارش جو زور به ٽٽي پوندو. مون دوست کي چيو ته استنبول جي باڙا ماڪيٽ ته نه ٿا وٺي هلو. دوستن ٻڌايو ته هيءَ بازار سستي نه، پر Whole Sale مارڪيٽ آهي، ڪا هٿيارن ۽ منشيات جي مارڪيٽ نه آهي. ٽرام جي ڀنل ۽ ڌنڌلن شيشن مان اسان سرمئي آسمان مان کليل ڪڻين جو شاور ، دوڪانن جي شيڊ هيٺان ڦاٿل ماڻهن جي بيقراري، پيراشوٽ جا اوور ڪوٽ پهريل پوليس جي زميداري جو جائزو و ٺي رهيا هياسين، ته ٽرام جي اسپيڪرآخري اسٽاپ جو ٻڌايو. اسان در جي ڀرسان اچي وياسين. ٻاهر لهي ڪير؟ بارش ته هتي به جان ڪون ڇڏي! بازار ۽ ٽرام جي اسٽاپ وچ ۾ ڪافي پنڌ هيو ۽ هڪ فلاء اوور پڻ ڪراس ڪرڻو هيو. پوري رستي تي ڪوبه انتظار گاهه، ڪينوپي يا شيڊ وغيره نظر ڪو نه آيو، جتي بيهي بارش جي بند ٿيڻ جو انتظار ڪري سگهجي. بس پوءِ ته ڊڪون پائڻ شروع ڪيونسون ۽ هڪ شاپنگ مال ۾ پناهه ورتيسون. بعد ۾ مينهن جو رخ ڏسي، اهو پاسو ورتوسون، جتي مينهن جو پاڻي مار ڪري نه سگهي. بازار ۾ گارمينٽس جا تمام وڏا وڏا دڪان هيا. ڪپڙي ۽ سلائيءَ جو معيار به تمام سٺو. اڳ ۾ گهمي ويل دوستن چيو: هڪ نئين بازار ٿورڙو اڳتي آهي، جتي ورائٽي سٺي آهي. مون دوستن کي ڪافيءَ جي فرمائش ڪئي ۽ ائين چئي دوڪانن مٿان بورڊ پڙهي هڪ ڪيفي ۾ ٽپي پياسين. هتي ست ليرا ۾ ڪافي اهڙي سٺي ملي جو ڪرنٽ ڪڍي ڇڏيائين. هتي جو ويٽر عرب هيو پر ڪراچي گهمي آيو هيو ۽ ڏاڍا تعريف پئي ڪيائين. ڪافي پيئڻ جو منهنجي دوستن کي هڪ ٻيو به Advantage مليو، جو مون سندن نماز پڙهڻ تي پهريون ڀيرو اعتراض نه ڪيو ۽ مان به سج لٿي جي نماز پڙهي. جنهن مسجد ۾ نماز پڙهيسين سا بند ۽ گرم هئي. ان ۾ تمام نرم قالين وڇايل هيو ۽ مسجد جي نکن تي ڪاٺي جي اسٽينڊ تي تسبيحون ٽنگي رکيون ويون هيون. مان سلام ورائڻ کانپوءِ پيش امام سان هٿ ملايو هن پاٻوهه مان ڀاڪر پاتو. مان مسجد ۾ نهاريو ته ڪٿي به تنهنجا دوست نظر نه آيا. جڏهن ٻاهر نڪري واجهايم ته اهي قهر جهڙي ٿڌ ۾ مسجد جي ڪاريڊور ۾ نماز پڙهي. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هيءَ مسجد شايد ڪنهن مخصوص فرقي جي آهي، انهن سان نماز جائز نه آهي. مون کي ڏاڍو برو لڳو، پر چپ رهيم، جو ڳالهايان ها ته کين باهه لڳي وڃي ها. مان رستي تي دوستن کي صرف ايترو چيو ته توهان سان نماز پڙهڻ جائز نه آهي. ٻاهر نڪري اسان ڪارڊ و ٺي بوٿن تان گهر ڳالهايو. ابر ڪرم اڄ ايترو وسيو آهي ته پرديسي گهر ڪيئن پهچندا؟ اڃا ته اسان جي ملڪ وانگر لائيٽ ڪونه وئي آهي، نه ته اوندهه ۾ ته رات مسجد ۾ گذارڻي پوي ها.. اسان جي گروپ جا ڪجهه ٻيا دوست پڻ هتي خريداري ڪندي نظر آيا. هتي ڪپڙن کان علاوه ٻيون شيون تمام مهانگيون پئي مليون. مون هڪ عينڪ جي فريم جي قيمت معلوم ڪئي، جيڪا پاڪستان جي ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ هئي.ٻارڙن جا ڪپڙا خريد ڪرڻ مهل اهو مشڪل پئي لڳو ته سائيز ڪهڙي اٿن. ميڊيم، سمال يا لارج ته لکيل ڪونه هيو، پر انچن ۾ به نشاندهي ٿيل ڪونه هئي. منهنجي گروپ جي هڪ دوست جيڪو اڳ ۾ به هتان خريداري ڪري ويو هيو، ان پاڻ سان گڏ پلاسٽڪ اسڪيل جي پٽي گڏ آندي هئي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ درزين جي ڳچيءَ ۾ هوندي آهي. مون به ان دوست کان اها اسڪيل وٺي پوءِ شاپنگ ڪئي. بارش شاپنگ ڪرڻ نه ڏني. اسان کي واپس هوٽل پهچڻو هيو ۽ بازار کان ٽرام جي اسٽيشن تائين ڳپل پنڌ به ڪرڻو هيو. هڪ پل مٿان گذري نيٺ  اسان ماڳ تي پهتاسين. ٽرام معمول کان وڌيڪ رش هئي.
سفر جو اختتام ٿيو. ڳورن قدمن سان هيٺ لٿاسين. اسان جي هڪ دوست کي شايد سيءَ سٽيو هو ۽ چپ چپ هيو. مون صلاح ڏني مانس ته هوٽل جي تهه خاني(Basement)  ۾ هڪ هنڌ آهي، جتي ٻاف ڏين ٿا ۽ وٽن ڳجهن اشارن سان ٿڌا شوڪارا ڀرائڻ جا جديد اوزار به آهن، بلڪه ٻيو به گهڻو ڪجهه ميسر آهي، ان ڪري جيڪڏهن چاهيو ته توهان کي اوڏانهن کڻي هلون واس و ٺندؤ، ته ٺيڪ ٿي ويندئو. دراصل HRDN جي ڪانفرنس واري ڏينهن مون اها جڳهه ڏٺي هئي، جنهن اندر Jacuzzi جو انتظام ٿيل آهي. پاري واري ٿڌ ۾ ٿڪل جسمن لاءِ هي هنڌ نعمت کان گهٽ ڪونه هو. جيئن ته ائسپن هوٽل وڃي رات جي مانيءَ لاءِ واپس اچڻو هو، ڪونه ان ڪري رستي تي اسان ماني کاڌي ۽ جڏهن نگاهون مٿي کنيونسين ته شيشن اندران تيز روشنين ۾ ڇوڪرين جي حرڪت نظر آئي. ترڪيءَ ۾ ڪجهه بازارن ۾ دوڪانن مٿان ننگين عورتن جا مجسما نماءَ لاءِ رکيا ويندا آهن، پر هي پلاسٽڪ نه پر elastic وارا نرم مجسما هيا. اڌ اگهاڙا ڀورا جسم ۽ ويڪريون شڪاري ڇاتيون، جتي سڀ احتجاج ختم ڪري ڌرڻو هڻڻ تي دل چوي. تنگ ڪپڙن ۾ کليل دل واريون دادليون. منتظر آهن ته ڪير ٿو سنهي ڏاڪڻ چڙهي انهن جي آغوش ۾ اچي. هو ڏسو، اوچتو ٽيڪسيءَ مان لهندڙ هڪ ٻيو تجلا ڏيندڙ چهرو ڏٺوسين، ائين وڪڙ ڏئي مٿي هلي وئي جيئن ميڻ بتيءَ جو ونگڙ وارو دونهون. ڪن واٽهڙو ڇوڪرين ڪيبن تان سگريٽ وٺندي، ڪنهن سنهيءَ گهٽيءَ جو پاسو پئي ورتو ۽ ڪنهن پرواني سان ڪنڊ ۾ سيٽنگ پئي ڪيائين. ڪي گول مٽول رشين اهڙيون ڄڻ برف جا نرم گولا. هي اپسرائن جو ٿاڪ آهي. شهر جو هي حصو ڏينهن جو وسايل ٽانڊن جو ڏيک ڏيندو، جيڪي راتين جو عاشقن جي ڦوڪن تي ڀڙڪو ڏئي ٻرن ٿا. نائٽ ڪلبن ۽ ڊسڪو بار ۾ ترت سروس آهي. هتڙي رشين علائقن جون ڇوڪريون گهڻيون ملنديون. انتهائي گورا بي داغ چهرا، ايتريون ازغيبي ڄڻ اڻ ويساه جوڳيون لوڪ ڪهاڻيون، جڏهن قريب اينديون ته ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ڪو برفاني ڇپ هيٺان دفن ٿي ويو هجي. داخل ٿيندي ئي ڏوري جيان ويڙهي ويندڙ ماحول. َquick service ۽ ويهڻ سان سلاد ۽ سنئڪس جون پليٽون رکيون وينديون ۽ ڊرنڪ لاءِ پڇيو ويندو. انهن ڪلبن ۾ فرش ۽ ڇت ۾ مڌم لائٽن وچ ۾ ڇوڪرين جا ٽولا ويسٽرن موسيقيءَ جي رڌم تي تال تي تال ملائندي نظر اينديون. جيستائين ڪوئي گراهڪ انهن کي سڏي پنهنجي ڀرسان ڪنهن مقصد لاءِ ڪو نه ٿو ويهاري، تيستائين هو الوٽ رهن ٿيون. ڪي ته هروڀرو به پاسي ۾ ويهي حال احوال و ٺنديون، ڄڻ ڳوٺ جو ماڻهو ملي ويو هجين. ڪن ۾ سرگوشيون ڪري پيون دل وندرائينديون. موسيقي جي تيز پڙاڏن ۾ اوهان کي جڏهن وڏا واڪا به ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندا، ان صورت ۾ هيءَ سس پس، سا به رشين انگريزي، ظاهر آهي مٿان ئي گذرڻي آهي. بس ڪنڌن جي ڌوڻ ڌوڻان هئي باقي آيل ڇا ٿا چاهن ۽ هي ڇا لاءِ هتي آيون آهن. مقصدن تي سوديبازي آهي. اوهان جي ٽيبل تي ڇوڪريون ڏسندي ئي ترڪيءَ جو ڊگهي ڏانڊيءَ وارو گل لاله(Tulip) محبوب جي نظر ڪرڻ لاءِ پليٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙي ماحول مان ڪير اٿڻ جي دل ٻڌندو. جڏهن وقت گذرڻ سان نوان نوان پاڇا ائين اڳيان گذري ويندا ڄڻ  Catwalkجيان ڪو فيشن شو هجي. هڪ روڊ تي ته پوري لائين سان دوڪانن مٿان ڊسڪو بار آهن.شوقينن جا اٽالا علائقي جو گهيرو تنگ ڪيون بيٺا هئا، ڪي شايد هيراڪ ۽ ايندڙ ويندڙ هئا، ڪي سڀ ڪجهه لٽائي لڙکڙائيندا هيٺ لهي رهيا هئا ۽ ڪي سهارن ذريعي نچندا جهومندا واپس وڃي رهيا هئا.
قدم قدم تي هجوم رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا
ڪري ويو ڪير بارش مئي، خمار آلود ٿيا زمانا

خبردار
استنبول جي ڪنهن به نائيٽ ڪلب ۾ وڃڻ کانپوءِ هڪ شئي کان خبردار رهجي. جڏهن ڪلب ۾ داخل ٿبو ته ويهڻ سان اوهان جي ٽيبل تي ڪا نه ڪا ڇوڪري ويجهو اچي ڪمپني ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ڪائونٽر ويجهو منتظر ويٽر هڪدم پهچي ڊگهي ڏانڊيءَ وارو گل لاله ٽري ۾ اوهان کي پيش ڪندو ۽ ظاهر آهي اخلاقاً اوهان پنهنجي پاسي ۾ تمام مفاصلا ختم ڪري حاوي ٿيندڙ حسينه کان ڊرنڪ جو ضرور پڇندؤ؟ ويٽر جلد ئي سلاد ۽ چاڪليٽ سميت ٻه پئگ آڻي اوهان جي سامهون رکندو. گلاس کڙڪائڻ بعد سرور ۽ سرود ۾ وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهندو، نه ئي گلاسن جي ڳڻپ ڪري سگهبي. جيڪڏهن اوهان ان طرفان گهڻن پئسن جي تقاضا جي سٽ سهي نه سگهندئو ته ظاهر آهي هو اوهان جي ڪن ۾ باءِ چئي ڪا ٻي ٽيبل ڳولهيندي. هر تماشائي بارگيننگ ڪري پسند جي شئي حاصل ڪرڻ لاءِ هر حربو هلائيندو. Choice جي ڪوشش ۾، گلاسن جو انگ وڌندو رهندو. جڏهن بل ڏيڻ جو وقت ايندو ته اوهان مٿان عشق جو سوار ڀوت پناهه گهرندو، ڇو ٿه ويٺي ويٺي هر موالڻ محبوبا انتهائي مهانگي وسڪي گهرائيندي ويندي ۽ گلاس تي گلاس خالي ڪندي ويندي. ٻه سؤ ڊالرن کي جهجهو ڀانئيندي، آفر ٺڪرائيندڙ مجبور عاشق، جڏهن هر ڇوڪريءَ جي وسڪيءَ جو بل ڏيڍ سئو ڊالز کان به وڌيڪ ايندو ته اوهان انتهائي خراب پوزيشن ۾ اچي سگهو ٿا، تنهنڪري ٿورو پنهنجي کيسي کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. صرف پري کان ئي نظارو ڪجي ته بهتر رهندو. اسان به هڪ دفعو دل جون صدائون دٻائي پنهنجي هوٽل موٽيا هئا سين ڇو ته اسان عرب نه پر هڪ يتيم ملڪ جا رهواسي هياسين.

(A JOINT TRIP TO ISTANBUL)
اڄ ۲۳ اپريل هئي. اسان جو استنبول ۾ آخري ڏهاڙو. سڀاڻي يارهين وڳي اسان کي هوٽل ڇڏڻو هو. اڄوڪو ڏينهن اسان مڙني ميمبرن کي گڏجي گذارڻو هيو. هونئن ته ايترن ڏينهن ۾ سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻي ويا هياسين، ڪن سان اڳ جي واقفيت هئي، ته ڪي هتڙي گهرا ٿيا هئا ۽ ڪي صرف چهرن مان سڃاتل هئا. روز نوان ننڍا گروپ ٺاهي گهمڻ سان به نون چهرن سان گڏجي هلڻ جو موقعو مليو پئي، پر اڄ اجتماعي دورو هيو، جنهن ۾ هرهڪ سان دل کولي ملڻ جو موقعو مليو هيو. اڄ ته هر ڪنهن جا مهانڊا ئي مٽيل هئا. هر ڪو هشاش بشاش ۽ خوش پوش ٿي آيو هو. ڇوڪريون ته ايئن ٺهي سنڀري آيون هيون ڄڻ فيشن شو هجي. سوير ئي ناشتي جي ٽيبل تي اچي وياسين. ايڊوانس پارٽيءَ سان ويهي پروگرام طئي ڪيوسين. ناشتو ڪري ڪمري ۾ واپس آيس، ڪئميرا، نقشا، ٽريول گائيڊ ۽ منرل واٽر جي بوتل کڻي هوٽل جي Lobby ۾ اچي ويس، جتي ٻيا دوست اڳ ئي پهچي چڪا هئا. بس ۽ گائيڊ پڻ اچي چڪا هئا. سڄو گروپ ننڍن ٻارڙن جيان خوش خوش بس ۾ سوار ٿيو. اڄ بس ۾ مائيڪ تي ٻڌايو ويو ته مقرره شيڊيول تحت اسان کي، هڪ پئنوراما ميوزيم، هڪ تاريخي ماڊل وارو باغ، ڪيبل ڪار ۽ ٻه عدد ٽڪريون ڏسڻ نصيب ٿينديون. باقي وقت تي منحصر آهي جيڪو ٽائيم بچيو ته متفقه راءِ سان ڪو ويجهو ماڳ پڻ ڏسي وٺبو. بس اسٽارٽ ٿي روڊ تي ترڻ لڳي ۽ اسان درين مان اوچين عمارتن، مصروف شاهراهن ۽ تاريخي جڳهن ۽ واٽهڙن جو نظارو ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. پاسن اوسن ۾ ڪاٿي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پلازا ته ڪاٿي وري ننڍا باغيچا. هتي سيمنٽ بدران اينويڪريٽ جي سرن سان اڏيل رستا آهن. ننڍن ننڍن سرن جون گول ۽ سڌيون ڊزائينون پراڻي اسٽائيل جون آهن. هيءَ موسم ڇاڪاڻ ته گهمڻ جي آهي، تنهن ڪري هر طرف سياح ئي سياح هئا.

No comments:

Post a Comment