سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟
الطاف شيخ
ڪيترا ماڻهو جن جو ڪڏهن واپار وڙي سان واسطو نه رهيو
آهي اُهي اِهو ئي ٿا سمجھن ته بزنيس ڪرڻ هڪ آسان ڪم آهي. هو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن هنن
وٽ پئسو اچي وڃي ته بزنيس آٽوميٽڪ ٿي ويندو. پر اها ڳالهه ناهي. جهاز هلائڻ دوران توڙي
نوڪري دوران مون ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سري لنڪا کان
ٽرنيڊاڊ، برمودا، بالٽيمور ۽ بريمن ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندن، چينين، گجراتين ۽ بوهرين
کي ويجھڙائي سان ڏٺو آهي. ڇا ته هنن کي بزنيس جي ڄاڻَ آهي جيڪا ظاهر آهي هنن پنهنجن
۽ وڏن جي تجربن مان حاصل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ملائيشيا جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ
جون ڳالهيون لکي چڪو آهيان ته هن چينين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪيئن ساڳي شيءِ ايتري ته
گهٽ اگهه ۾ وڪي ٿي جيڪا ٻين دڪاندارن کي خريد ۾ به نٿي پئي. ان لاءِ هو هندو واپاري
پاڻ مختلف ملڪن ۾ وڃي گهٽ اگهه تي گهڻو مال وٺي آيو ٿي. بهرحال سٺي دڪانداري لاءِ ڪئين
اٽڪلون سٽڪلون آهن جيڪي هو پشت به پشت پنهنجن وڏن کان سکن ٿا جيڪي پڻ بزنيس ۾ ماهر
هئا. هنن کي گراهڪن سان ميٺاج سان ڳالهائڻ جا طريقا اچن ٿا. ائين ناهي ته ڪو اسان جي
ملڪ جو ڪامورو جنهن سڄي عمر ٻين سان رعب سان ڳالهايو اهو رٽائرڊ ٿيڻ تي ڪو دڪان کولي
وهي ۽ هو گراهڪ کي باس سمجھڻ بدران اڃا تائين پاڻ کي ئي باس سمجھندو رهي. اهڙا ڪيترا
بيوروڪريٽ منهنجي نظرن ۾ آهن جن رشوت جو خوب پئسو ٺاهيو ۽ پوءِ پڪڙ ڌڪڙ جي خوف کان
پنهنجو ملڪ ڇڏي دبئي يا آمريڪا ۾ ڪو دڪان، ڪا اسٽيٽ يا ٽريول ايجنسي کولي. پر هو هلي
نه سگهيا. ڪيترا ماڻهو اهو سمجھن ٿا ته پئسو اچي وڃي ته بس پوءِ ڪو نه ڪو بزنيس ڪري
سگهجي ٿو ۽ زندگي آرام سان گذرندي رهڻ کپي پر ائين ناهي. بنا عقل، بنا بزنيس جي ڄاڻَ،
بنا تجربي ۽ بنا بخت جي فقط پئسو ڪجهه نه آهي ۽ واپار ۾ آرام نه پر سخت محنت ۽ پريشاني آهي. اها ٻي ڳالهه
آهي ته هڪ پگهار کڻڻ وارو واپار جي ڪمن کان بي خبر هجڻ ڪري هو ائين ئي سمجھي ٿو.