ٻي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ڇو؟
الطاف
شيخ
ٻين
ملڪن ۾ آزاديءَ سان وڃڻ لاءِ اسان جي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهريت
اختيار ڪن ٿا. ڪو زمانو هو 1990ع تائين به ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن
۾ اسين پاڪستاني ائين هليا ويندا هئاسين جيئن ڪو سکر کان لاڙڪاڻو وڃي... يعني سامان
رڳو بئگ ۾ وجھڻو پوندو هو ۽ ڪنهن ٽريول ايجنٽ جي دڪان تان ٽڪيٽ وٺي اچي هوائي جهاز
۾ وهبو هو. ڪوالالمپور، سنگاپور يا بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لهڻ وقت اتي جو اميگريشن آفيسر
پاسپورٽ تي مهيني، ٻن يا ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي ڏيندو هو. پر هاڻ اسان کي اهڙن
ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا لاءِ جُھد پٽڻا پون ٿا. پنهنجي ملڪَ ۾ انهن جي موجود
سفارتخاني يا قونصل خاني کي مطمئن ڪرڻو پوي ٿو ته اسان مهيني اڌ لاءِ توهانجو ملڪ فقط
گهمڻ لاءِ ٿا وڃون. اتي وڃي ترسي نه پونداسين ۽ نه وڃي نوڪري ڪري توهان جي ماڻهن جي
روزگار کي لت هڻنداسين ۽ نه اتي چوري ڪري يا پني پيٽ گذر ڪنداسين... ان جو ثبوت اهو
آهي جو اسان خرچڻ لاءِ نه فقط هيترو پئسو کڻي پيا وڃون پر پٺيان بئنڪ ۾ به هيترو بئلنس
اٿئون ۽ اهو بئلنس سال کان به مٿي قائم رکندا اچون... پوءِ مس مس ويزا ٿي ملي ۽ پوءِ
ان ويزا جي باوجود جڏهن مٿين ايئرپورٽن تي پهچون ٿا ته اتي جا واسطيدار عملدار: اميگريشن
پوليس، ڪسٽمس ۽ انٽيليجنس وغيره اسان کي حيرت ۽ شڪ جي نگاهن سان جانچين ٿا ته اسان
جي دماغ ۾ ڪا لُچائي ته نه آهي ۽ آن لائين ڪمپيوٽر تي اسان کي چيڪ ڪندا رهن ٿا ته مقرر
مدت اندر سندن ملڪ مان نڪرون ٿا يا موٽڻ کان نٽايون پيا.