ڪپاڊوڪيا جو تاريخي
پسمنظر
ڊاڪٽر صلاح الدين
پنھور
ويھ سيپٽمبر ۲۰۱۹ تي صبح سوير ارشد ملڪ، سنگھار سنڌي، عامر
ميمڻ، حنسي بوجواني ۽ مان انقره کان ڪپاڊوڪيا گھمڻ نڪتاسين، گاڏيءِ جي ڊرائيونگ
عامر ڪئي، ڇو جو هو ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ سان گڏ گاڏي ھلائڻ ۾ ڪافي مھارت رکي ٿو. ڪپاڊوڪيا
ترڪي جي اوڀر طرف کان واقع ھڪ قديم شھر آهي، ھي شھر لکين سال اڳ زمين مان نڪرندر
لاوا جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ يونسيف انھي شھر کي سٺ ھزار سال قديم ڄاڻايو آهي، جڏھن ۱۹۶۵ع ۾ ترڪي جي جوڌي جبل تان حضرت نوح عليه
سلام جي ٻيڙي جا نشان مليا، پوءِ دنيا جي سائنسدانن انھي جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته
جڏھن دنيا ماھا ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ھئي ته انھي کانپوءِ انسانن جي ٻيھر پيدائش ڪپاڊوڪيا
۽ قونيا کان ٿي ھئي. انھيءِ شھر ۾ انسانن جبلن کي تراشي گهر ٺاھيا، جيڪي اڃان
تائين انھي حالت ۾ توهان کي ڏسڻ لاءِ ملندا ۽ اڄ به جديد دور ۾ ماڻھن جا گهر ۽ ھوٽلون
انھن تراشيل جبلن ۾ آهن.