Monday, June 18, 2018

ٽورانٽو ۽ ڊاڪٽر خليل لاکو - ذوالفقار شيخ


ٽورانٽو ۽ ڊاڪٽر خليل لاکو
ذوالفقار شيخ
ٻٽيهين آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي زال ۽ آمريڪا جي خاتون اول جو رتبو رکندڙ الينار روزويلٽ جيڪا خود هڪ سماج سڌارڪ، تعليمي ماهر ۽ ليکڪ پڻ هئي، تنهن چيو ته؛ “وڏا ذهن آئيڊياز تي بحث ڪندا آهن، وچٿرا ذهن واقعن تي بحث ڪندا آهن ۽ ننڍڙا ذهن ماڻهن تي بحث ڪندا آهن” ڀلي الينار جو مقصد ڇا به هجي پر پاڻ سندس ان نظرئي جي ابتڙ هلي ماڻهن کي بحث هيٺ آڻينداسين پوءِ پاڻ ڇو نه ننڍڙا ذهن ئي ليکجون. هتي مان آسڪر وائلڊ کي به ڄاڻائيندو هلندس جنهن ڪنهن دانشور چواڻي چيو ته؛ ”دنيا ۾ جيئرا ته سڀ هوندا آهن پر زندھ تمام گھٽ هوندا آهن، زندھ اهي هوندا آهن جيڪي رڳو پاڻ لاءِ نه بلڪ جڳ لاءِ جيئندا هجن.“ پاڻ هن سلسلي ۾ ماڻهن کي ته بحث هيٺ آڻينداسين پر اسان جي بحث جو موضوع اهي ماڻهون هوندا جيڪي رڳو پاڻ لاءِ ڪون ٿا جيئن بلڪ جڳ لاءِ هڪ وسيلو ۽ اسان جهڙن لاءِ اتساه جو سبب بنجن ٿا.

دبئيءَ جو سير - حيات علي شاهه بخاري


دبئيءَ جو سير
حيات علي شاهه بخاري
اهلاً و سهلاً مرحبا
دبئي پهچي جهاز مان لهي ضروري ڪارروائين مان واندا ٿي، بيگ کي هٿ ڪيوسين. ڇوڪري چيو ته نومي ڪلاڪ کانپوءِ اسان کي وٺڻ ايندو. ڪرسين تي ويهي رهياسين. اسان سان گڏ آيل مسافر وڃي چڪا هئا ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن فلائٽ جي وڃڻ جو وقت نه هو، ان ڪري ڪو مسافر نظر نه آيو. رڳو اسٽاف جا ماڻهو اچي ۽ وڃي رهيا هئا. آئون ڪرسيءَ تان اُٿي چهل پهل ڪرڻ لڳس ته جيئن وقت گذري. ۲۰ منٽن کانپوءِ منهنجي ڌيءَ ٻڌايو ته نومي اچي چڪو آهي. ٽرالي تي بيگ کي گهليندو ٻاهر نڪتس ته منهنجو فرزند نومي گاڏي جهليو بيٺو هو، ڀاڪر پائي ملڻ کانپوءِ گاڏي ۾ ويٺاسين. اسٽيئرنگ تي نومي جو ڪو دوست ذيشان نالي ويٺو هو، اخلاق سان مليو. ذيشان چيو ته ”انڪل سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو، ڇو جو ان تي به ساڍا چار سؤ درهم فائن آهي“ مون سيٽ بيلٽ ٻڌي سوچيو ته اڃا خيرن سان دبئي پهتا آهيون. سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي ايڏو وڏو فائن، اڳتي ڏسجي ته قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙين تي ڪيترو فائن ٿو لڳي. گاڏي دبئي جي مختلف رستن تان ٿيندي هڪ هنڌ پهتي، جتي نومي جو دوست موڪلائي هليو ويو ۽ نومي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو. رات جا اٺ کن ٿيا هئا. چوڻ لڳو ته پهرين ماني ٿا کائون، ڪار دبئي جي عاليشان روڊن رستن تان هلندي رهي ۽ آئون دبئي جون وڏيون عمارتون ۽ رنگ برنگي بتيون ڏسندو رهيس. نومي ٻڌايو ته روڊ جي وک وک تي ڪئميرائون لڳل آهن، جيڪي اها چڪاس ڪن ٿيون ته ڪار ڊرائيو ڪندڙ ۽ سندس ڀرسان ويٺلن سيٽ بيلٽ ٻڌو آهي يا نه، ڪار جي رفتار ڪيتري آهي، ڊرائيونگ ڪندڙ موبائل تي ڳالهائي ته نه پيو يا ڪار ڊرائيو ڪندڙ گاڏي هلائيندي ڪجهه کائي ته نه پيو. نيٺ ڪار مختلف روڊن تان ٿي هڪ هنڌ بيٺي، جتي هڪ هوٽل هئي. نالو هئس ”ٽرڪ اڊه“ دبئي ۾ ڪار پارڪنگ جو وڏو مسئلو آهي. سو نومي اسان کي لاهي چيو ته اوهان ويهو ته ڪار پارڪ ڪري اچان. آئون ۽ منهنجي ڌيءَ هوٽل ٻاهران وڻن هيٺان رکيل ٽيبل تي ويهي رهياسين. نومي ڪار پارڪ ڪري ۱۵ منٽن کانپوءِ آيو. ويٽر کي مانيءَ جو آرڊر ڏئي ڳالهيون ڪرڻ لڳاسين. ماني آئي کائڻ لڳاسين، اسان جي ٽيبل ڀرسان هڪ فيملي اچي ويٺي جن سنڌيءَ ۾ پئي ڳالهايو. لهجي مان پتو پيو ته سنڌي هندو فيملي آهي. اسان ماني کائي، چانهه چڪو پيتو، نومي بل ڏنو. مون اندازو لڳايو ته ٻوڙ جي هڪ ڊش، چئن نانن، سلاد، ڌونئري ۽ ٻن چانهين جو بل پاڪستاني رپين ۾ ٽي هزار رپين کان به وڌيڪ هو. خير پنڌ ڪندا ان جاءِ تي پهتاسين جتي ڪار پارڪ ڪيل هئي. ڪار ۾ ويهڻ شرط مون پهرين سيٽ بيلٽ ۾ پاڻ کي سوگهو ڪيو. هاڻي اسان جو رُخ ”دبئي مال“ ڏي هو. رات جو وقت هئڻ ڪري وڏيون عمارتون رنگ برنگي بتين سان ٻري رهيون هيون. ڪافي دير کانپوءِ دبئي مال پهتاسين. اُتي به گاڏين جي پارڪنگ لاءِ اٺ ڏهه فلور هئا، اسين منو ڪلاڪ ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ سڀني فلورن تي ڦرندا رهياسين. نيٺ هڪ ڪنڊ ۾ گاڏي بيهارڻ جي جاءِ ملي. گاڏي پارڪ ڪري تڙ تڪڙ ۾ مال ۾ داخل ٿياسين، لفٽ تي لهندا چڙهندا گرائونڊ فلور تي پهتاسين. اُتي مختلف جاين تان ٿيندي اڳتي وڌندا رهياسين، چئني پاسي مختلف شين جا شاپس هئا. نومي اُتان جو سونهون هو، اُهو اڳيان ۽ اسين پويان هزارين ماڻهو هئا مختلف ملڪن جا پر مون نوٽ ڪيو ته ٽوئرسٽن ۾ وڏو تعداد عرب ملڪن جي مردن ۽ عورتن جو هو. يورپ جي ملڪن جا ماڻهو به هئا ته ٻين ملڪن جا ماڻهو به هئا پر اهي تمام گهٽ.