ٽورانٽو ۽ ڊاڪٽر خليل
لاکو
ذوالفقار شيخ
ٻٽيهين
آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي زال ۽ آمريڪا جي خاتون اول جو رتبو رکندڙ الينار
روزويلٽ جيڪا خود هڪ سماج سڌارڪ، تعليمي ماهر ۽ ليکڪ پڻ هئي، تنهن چيو ته؛ “وڏا
ذهن آئيڊياز تي بحث ڪندا آهن، وچٿرا ذهن واقعن تي بحث ڪندا آهن ۽ ننڍڙا ذهن ماڻهن
تي بحث ڪندا آهن” ڀلي الينار جو مقصد ڇا به هجي پر پاڻ سندس ان نظرئي جي ابتڙ هلي
ماڻهن کي بحث هيٺ آڻينداسين پوءِ پاڻ ڇو نه ننڍڙا ذهن ئي ليکجون. هتي مان آسڪر
وائلڊ کي به ڄاڻائيندو هلندس جنهن ڪنهن دانشور چواڻي چيو ته؛ ”دنيا ۾ جيئرا ته سڀ
هوندا آهن پر زندھ تمام گھٽ هوندا آهن، زندھ اهي هوندا آهن جيڪي رڳو پاڻ لاءِ نه
بلڪ جڳ لاءِ جيئندا هجن.“ پاڻ هن سلسلي ۾ ماڻهن کي ته بحث هيٺ آڻينداسين پر اسان
جي بحث جو موضوع اهي ماڻهون هوندا جيڪي رڳو پاڻ لاءِ ڪون ٿا جيئن بلڪ جڳ لاءِ هڪ
وسيلو ۽ اسان جهڙن لاءِ اتساه جو سبب بنجن ٿا.
ان جو ڪهڙو
فائدو. ان سان هڪ فائدو اهو ٿيندو ته گھڻن کي اهڙن ڪردارن مان لاڀ
پرائڻ جو موقعو ملندو ۽ گھڻن ۾ اهڙن ڪردارن جهڙو بنجڻ لاءِ ريس پئدا ٿيندي، ان سان
گڏوگڏ اسان اهڙن املھ ماڻڪن کي سندن زندگي ۾ ئي مڃتا ڏيڻ وارو پنهنجو فرض پڻ ادا ڪري
سگھنداسين.
ڪئناڊا
۽ آمريڪا ۾ سنڌين جو جھجھو تعداد رهي ٿو ۽ هر ٻئين ڏينهن ڪيترا ئي نوجوان اڪيلي سر
يا خاندانن سميت، پنهنجي يا پنهنجي اولاد جي بهتر زندگي ۽ روشن مستقبل خاطر هنن ملڪن
ڏانهن هجرت ڪندا رهن ٿا، ان حوالي سان هنن ٻنهي ملڪن ۽ خاص طور ڪئناڊا جو اميگريشن
جو پروگرام اهڙو ته اٽريڪٽو آهي ۽ ان کان به وڏيڪ هنن ملڪن جو پنهنجو نظام ئي اهڙو
دل لڀائيندڙ ۽ خوابناڪ آهي جو سڄي دنيا ۽ خاص طور پاڪستان، انڊيا، فلپائن، جهڙن پوئتي
پيل ملڪن جو ٽئلنٽ هنن ملڪن ڏانهن ڄڻ ته ڇڪجيو پيو اچي، هاڻي ته چينين به حد ڪري ڇڏي
آهي ۽ ڄڻ ته انهن ڪئناڊا ۽ آمريڪا کي هڪ طرح فتح ڪرڻ سوچي ڇڏيوهجي، ڇو جو چون ٿا
ته ويهن سالن بعد هنن ملڪن جون واڳون ئي چينين جي هٿن ۾ هونديون. اميگريشن يعني
هجرت جو هڪ ڏکيو پاسو اهو هوندو آهي جو هيڏاهن ايندڙ نوجوان اهو سمجھندا آهن ته بس
انهن جي ڪئناڊا يا آمريڪا پهچڻ جي دير آهي، هو اتي پهچندا ۽ ڇائنجي ويندا، پر جڏهن
اهي هنن ملڪن ۾ لهندا آهن ته کين ان وقت ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا آهن جڏهن کين
اهو پتو پوندو آهي ته اميگريشن ته سندن تجربي ۽ تعليم جي آڌار تي ملي آهي پر ڪئناڊا
۽ آمريڪا ۾ تعليم معني هتان جي تعليم ۽ تجربو معني هنن ملڪن جو تجربو. پوءِ لازمي
طور پنهنجن پوين ملڪن جون ڊاڪٽريٽ، انجنيئرنگ سميت ٻيون اعلي ڊگريون رکندڙن کي
هتان جون ڊگريون حاصل ڪري تجربو حاصل ڪرڻ خاطر هر طرح سان زيرو کان شروعات ڪرڻي
پوندي آهي. ان عمل ۾ گھڻا ماڻهون ته پنهنجو اصل شعبو ئي ڇڏي وڃي ٻئي شعبي ۾ هٿ وجھندا
آهن. تنهن ڪري ئي ته ڪئناڊا ۾ ۷۰ سيڪڙو
کان به وڌيڪ ماڻهون پنهنجي ڊگري واري شعبي بجاءِ ٻين شعبن ۾ هٿ پير هڻڻ تي مجبور ٿيندا
آهن، اهڙي بي رحم صورتحال ۾ اهڙا ڪردار جيڪي نون ايندڙن کي صحيح دڳ لائن ۽ سندن ئي
شعبن ۾ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڏين، اهي جس لهڻن ٿا ۽ اڄ اسان پنهنجي هن
سلسلي جي شروعات به اهڙي ئي هڪ ڪردار سان ڪنداسين.
هونئن
به اسان جي هن ملڪ ڪئناڊا ۾ اڄ ڪلھ سرديءَ جي موسم آهي، هر طرف برف جي اڇي چادر وڇايل
آهي جيڪا هن ملڪ جي خوبصورت گلن، ٻوٽن ۽ ساوڪ جي موسم جيان ئي مشهور آهي، ۽ جڏهن
برف هر شي کي ڍڪي ڇڏي، خوبصورت انسان سردي کان بچڻ خاطر ڳرا ۽ ٿلها اوڍڻ اوڍي، ڪا
آسماني مخلوڪ بنجي وڃن ۽ جڏهن ڪاٽو ۱۰ ۽ ۲۰ جي ان موسم ۾ اک مان وهندڙ ڳوڙهو به اک مان ڪرڻ ساڻ ئي ڄمي برف ٿي وڃي ته
اتي اسان کي جيئڻ جي جستجو ڏيندڙ ڪردارن جي ضرورت پوڻ لازمي ٿيو پوي ٿي.
شاھ
لطيف چيو ته
لکي ۽
لاکو، ٻئي مئا ٻاجھ ٿي،
قادر
لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،
وانڍن
۾ واڪو، ريٻاڙي رهي ويا.
سو
دوستو، اسان پنهنجي هن سلسلي جي شروعات ئي ڊاڪٽر خليل لاکي سان ڪيون ٿا جيڪو ٽورانٽو
شهر ۾ ڪئنيڊين الٽراسائونڊ انسٽيٽيوٽ نالي ادارو هلائي، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل
نون ايندڙن کي سندن ئي شعبي ۾ لائسنسنگ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي باعزت روزگار لاءِ صحيح
دڳ لائي رهيو آهي. صحت جو شعبو ڪئناڊا ۾ آمدني جي لحاظ سان تمام مٿانهن شعبن ۾
ليکيو وڃي ٿو پر ان جي هر شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لائسنسنگ لازمي آهي، هنن ملڪن ۾
تقريبن هر شعبي ۾ ڪم ڪرڻ خاطر ڊگري بعد حڪومت کان لائسنس وٺڻ پڻ لازمي آهي ۽ صحت
جي شعبي ۾ لائسنس وٺڻ ائين آهي ڄڻ آسمان مان تارا لاهڻ، تنهن ڪري ئي مون کي سنڌين
مان هن وقت تائين ٽي چار ئي اهڙا ڪردار نظر آيا اٿم جيڪي عملي طرح صحت جي شعبي ۾ ڊاڪٽر
طور ڪم ڪري رهيا آهن، حالانڪه آمريڪا ۾ ڪيترا ئي سنڌي آهن جيڪي ڊاڪٽر طور ڪم ڪري
رهيا آهن. پاڻ انهن ڪردارن ۽ انهن جي ڪاميابين تي پڻ لکنداسين ته جيئن اسان جي
نئين نسل کي انهن مان اتسان ملي پر اڄ نوابشاھ ڄائي ڊاڪٽر خليل لاکي جو ذڪر ڪريون ٿا
جنهن جي جدوجهد رڳو اکين جي نور کان محروم انسانن کي روشني مهيا ڪرڻ تائين محدود
نه رهي آهي بلڪه هن دوست، نوابشاھ کان ڪراچي، اتان سوڊان سميت آفريڪا جي مختلف ملڪن
کان ٿي ڪئناڊا پهچڻ بعد به ساهي نه پٽي آهي ۽ هتي ڪئنيڊين الٽراسائونڊ انسٽيٽيوٽ
نالي اداري ذريعي نون ايندڙ ڊاڪٽرن کي صحت جي شعبي ۾ تحقيق جي ڪم سان گڏوگڏ نون
ايندڙن کي صحت جي بيمارين جي تشخيص واري شعبي ۾ لائسنسنگ جي مرحلن مان پار اڪارڻ
جو ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر لاکو ڄڻ ته پنهنجي اندر ۾ جدوجهد جو هڪ سمنڊ سنڀاليو
پيو هلي، هو سنڌي ڪميونٽي جي هر محفل ۾ ماڻهن کي صحت جي شعبي ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جو
دڳ ڏسڻ خاطر موجود هوندو آهي. مون کي هو اهڙو پهڻ لڳندو آهي جنهن کي جيڪو ڇهي ته
سون ٿي پوي، ان جي باوجود هو چوندو آهي ته پاڻ ته اڃان ڪجھ به نه ڪيو آهي.
ٽورانٽو
وارو شهر نه رڳو ڪئناڊا جو اقتصادي حب بلڪ ڪيترن ئي شهرن جو گلدستو پڻ آهي جنهن کي
مختصر فارم ۾ جي ٽي اي (گرانڊ ٽورانٽو ايريا) چوندا آهن جنهن جي ٻين شهرن ۾ مسي
ساگا، اسڪاربورو، برامپٽن، ملٽن، مارکم، اوڪ ول، ۽ ٻيون ميونسپلٽيون شامل هجن ٿيون.
ان جي شهر مسي ساگا کي وري بيگم پوره چوندا آهن ڇو ته هن شهر ۾ رهندڙن جي گھڻائي
مسلمانن جي هجي ٿي جن ۾ عربن بعد پاڪستاني به جھجھي تعدان ۾ رهن ٿا، جيڪي اميگريشن
وٺڻ بعد پنهنجي ٻارن کي زالن جي حوالي ڪري پاڻ واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن هليا وڃن ٿا،
تنهنڪري ئي ان کي بيگم پوره جو لقب مليو آهي. سنڌين جي گھڻائي پڻ هن علائقي ۾ رهي ٿي
۽ ڪئنيڊين الٽراسائونڊ انسٽيٽيوٽ به مسي ساگا جي ڄڻ ته دل ۾ يعني مرڪز ۾ واقع آهي.
ڪئناڊا جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي جو آمريڪا جي ابتڙ هتي هاءِ اسڪول تائين تعليم ۽
علاج جون سهوليتون مڪمل طرح فري آهن. (ان جي بدلي ۾ حڪومت هر ماڻهوءَ کان ڳرا ٽئڪس
وٺي ٿي.) ڪئناڊا جو صحت جو شعبو، جيئن مٿي ذڪر ڪيم ته پگھارن جي حوالي سان سڀني
شعبن ۾ مٿانهون آهي پر هتي ائين ڪونهي جيئن پاڪستان ۾ اسپتالون حڪومت پاران هلايون
ويندوين آهن. هتي سرڪار صحت جو شعبو سورس آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهنڪري وڏين اسپتالن
کان وٺي ننڍا ننڍا صحت مرڪز به نجي شعبي پاران هلايا وڃن ٿا، حڪومت هر ماڻهونءٌ کي
هيلٿ ڪارڊ ڏئي ٿي، ۽ ان جي آڌار تي هر ماڻهون پاڻ کي ڪنهن هڪ ڊاڪٽر وٽ رجسٽر ڪري ٿو
جنهن کي فيملي ڊاڪٽر چون ٿا، اهو ئي مريض جو علاج ڪري ۽ ضروري سمجھي ته ڪنهن اسپيشلسٽ
ڏانهن ريفر ڪري. اهي ئي ڪارڊ سواپ ڪري ماڻهونءٌ کي مهيا ڪيل خدمت جو بل حڪومت ڏانهن
موڪليندا ۽ پئمينٽ وٺندا آهن. صحت جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لائسنس لازمي ڪيو ويو آهي
۽ ان جي حاصلات هڪ قسم جو ٿڪائيندڙ عمل هوندو آهي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر خليل
لاکو ٻاهران آيل اهڙن ايم بي بي ايس ڊاڪٽرن يا نرسنگ جون ڊگريون رکندڙن کي جيڪي
هتي ڊاڪٽريءَ جو لائسنس نه ڪري سگھن، انهن کي سندن ئي شعبي ۾ الٽراسائونڊ وغيره جو
لائسنس ڏيارڻ ۾ مدد ڏئي ٿو ته اهو ڄڻ ته هڪ تمام وڏي مدد جيئن هجي ٿو.
هن
اداري ڪئنيڊين الٽراسائونڊ انسٽيٽيوٽ ۾ نه رڳو ڪئناڊا بلڪ (اي آر ڊي ايم ايس) امريڪي
رجسٽري فار ڊائگنوسٽڪ ميڊيڪل سونوگرافي لائسنس جي ٽن کان چئن مهينن ۾ تياري ڪرائي
ان جي امتحان ۾ ريهڻ جي لائق بنايو ويندو آهي، ان لاءِ هن سينٽر ۾ جديد مشينون پڻ
موجود آهن جن ذريعي نالي وارين اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ان فيلڊ جا ماهر اميدوارن کي
عملي تربيت ڏيندا آهن. ان تربيت جي شروعات ئي انهن مشينن جي ڪم ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿي
۽ ان کان پوءِ اميدوارن کي مختلف بيمارين جي تشخيص جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. هن اداري ۾
عملي تربيت سان گڏوگڏ ورڪشاپن ذريعي، ڪلاس اندر ۽ آن لائن سکيا ذريعي اميدوار کي
هن ڪم ۾ ڀڙ ڪيو وڃي ٿو. اداري ۾ جيڪي ڪورس ڪرايا وڃن ٿا تن ۾ سوگرافي مشينن ۽ پرزن
جي ڄاڻ، پيٽ، جسم جي ٻين ننڍن عضون، گائناڪالاجي، رڳن، هڏن، ڇاتي جي تپاس ۽ انهن
جي مرضن جي تشخيص، ٻارڙن ۽ وڏن جي دل جي ايڪو ڪارڊيوگرافي، ايمرجنسيءٌ ۾ تڪڙي الٽراسائونڊ
وغيره جي سکيا سان گڏوگڏ هن فيلڊ ۾ وقت بوقت جي ترقي ۽ تبديلين بابت ڄاڻ پڻ ڏني وڃي
ٿي جنهن سان نه رڳو نئين ماڻهونءٌ کي اعتماد بلڪه هتان جي ڪلچر مطابق پاڻ کي لاڳاپيل
شعبي ۾ کپائڻ جو ڏس ملي ٿو. انسٽيٽيوٽ ۾ رڳو ايم بي بي ايس جي ڊگري رکندڙ نه بلڪه
سائنس ۾ بي ايس سي جي ڊگري رکندڙ ڪو به داخلا وٺڻ جو اهل آهي ۽ ڊاڪٽر لاکي پاران
اميدوارن کي سندن مالي سگھ مطابق فيس جي ادائگيءٌ جي سهوليت پڻ ڏني وڃي ٿي جيڪا گھڻن
لاءِ هڪ قسم جي نعمت مطابق هجي ٿي.
هونئن
ته ڊاڪٽر لاکي جو جنون اکين جي نور جي نعمت کان محروم ماڻهن کي ڏسڻ جي سگھ ڏيڻ
رهيو آهي ۽ هن اداري ذريعي هو ان فيلڊ ۾ به ڪم جاري رکيو اچي ٿو ۽ هو ڪيترن ئي
ادارن ئي اکين جي ڪئمپن لاءِ فنڊس جي مهيا ڪرڻ ۾ ڪم پڻ اچي ٿو پر سندس هيءٌ ادارو
منهنجي لاءِ هن وڏي انسپائريشن آهي ڇو ته ڪيترا ئي نوان ايندڙ هتان سکيا وٺي
روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بنجن ٿا.
ڪئناڊا
هجرت ڪري ايندڙن مان جيڪي ۳۰ سالن
کان مٿي جي عمر جا هجن ٿا اهي جسماني طرح ته هنن معاشرن ۾ رهن ٿا پر ذهني طرح اهي
هر دم پنهنجي وطن ۾ هجن ٿا جتي سندن پيارا مٽ مائٽ، ننڍپڻ جا دوست ۽ ساٿي، زندگيءِ
جون يادون، وڏڙن جون قبرون ۽ جهڙوڪر سڀ ڪجھ هجي ٿو، ۽ هڪ طرح سان انهن جي پنهنجي
وطن سان حب هتي اچي ٽيڻي چوڻي ٿي وڃي ٿي ۽ اهي پنهنجي وطن لاءِ ڪجھ ڪرڻ جو جزبو پڻ
رکن ٿا، ان ڪري ئي اسان جا سنڌي جڏهن به ۽ جتي به گڏبا آهن ته اهي حسن، پرفيومن،
فيشن، مال دولت يا ٻين موضوعن تي ڪون ڳالهائيندا آهن بلڪه اهي پنهنجي وطن جي حالتن،
غربت، تعليم ۽ صحت جي اڻهوند بابت ڳالهائيندا آهن، اهي پنهنجي ڳوٺن، شهرن، اتان جي
اسڪولن، اسپتالن لاءِ ڪجھ ڪرڻ تي سوچيندا آهن ۽ پوءِ جيڪر اهي مالي طرح پنهنجي
پيرن تي بيهندا آهن ته پنهنجن عزيزن ۽ گھرجائن جي مدد پڻ ڪندا آهن، مان سمجھان ٿو
ته ڊاڪٽر لاکو ۽ ان جهڙا ٻيا ڪردار نون ايندڙن مان جيڪر سال ۾ ۱۰۰ ماڻهن جي به سنڌيت جي جزبي سان مدد ڪن ٿا انهن ۱۰۰ نون ايندڙن مان ۱۰
باضمير ماڻهون به جيڪر پنهنجي پوئتي واري معاشري يعني پنهنجي ڌرتيءِ جي خدمت ڪن ته
منهنجي نظر ۾ اها وڏي ڪاميابي هوندي. ان حوالي سان مان هن ڪالم کي لطيف سائينءَ جي
انهن سٽن سان سهيڙيندس ته “جڏهن ستيون جي پٿر پير ڊگھا ڪري، تڏهن تنين کي ساٿ ستي
ئي ڇڏيو.”
No comments:
Post a Comment