مجبورين يا بهتر مستقبل
جي چڪر ۾ وطن ڇڏڻ
عبدالله عثمان مورائي
لڏپلاڻ
۽ پنهنجو وطن ڇڏڻ کي ٻن مختلف فيڪٽرز سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هڪ آهي پُش فيڪٽرPush
Factor ۽ ٻيو
آهي پُل فيڪٽر Pull Factor
پُش فيڪٽر
۾ جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، انهن ۾ غربت، ڌرم جي آزادي نه هئڻ، ڪرپٽ يا بدعنوان حڪومت،
ميرٽ جي لتاڙ يا سڀني انسانن کي هڪجهڙا موقعا نه هجڻ، تعليم جا گهٽ موقعا هجڻ،
قبائلي جهيڙا، جنگيون، صحت جي سهولتن جو گهٽ هجڻ يا بلڪل به نه هجڻ ۽ آخر ۾ قدرتي
۽ ماحولياتي آفتون پُش فيڪٽر جي فهرست ۾ اچي وڃن ٿيون. ڳولڻ تي اچجي ته ٻيا به کوڙ
سبب يا مثال ڳولي سگهجن ٿا.
پل فيڪٽر
۾ جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آهن، اهي هن ريت آهن ته سڀني کي برابر جو موقعو ملڻ، مذهبي
يا ٻي هر طرح جي آزادي، زندگي جو اعليٰ معيار، روزگار جا موقعا, دوستي يا رشتن ۾ ڳنڍجڻ
۽ ان لسٽ ۾ به ٻيون گهڻيون ڳالهيون ڳڻائي سگهجن ٿيون.
اسٽاڪهولم
Stockholm ۾ جن جن ڪيفيٽيرياز
تي اسان ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ ويهندا آهيون، انهن ۾ هڪ ڪيفي جو
فلسطيني عيسائي مالڪ آهي پر ان تي هڪ ڪوئيٽا Quetta
جو هزارو Hazara
ڇوڪرو علي هزارھ Ali
ڪم ڪندو آهي. اسان علي هزاره جي ڪري هاڻي ان ڪيفي کي هزاره ڪيفي
سڏيندا آهيون. مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته لکڻ لاءِ اوهان کي ڪا نه ڪا ڳالهه
متاثر ڪري قلم کڻڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي ۽ لکڻ واري لاءِ ان کان وڌيڪ ڀلا ڪهڙي سٺي
ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو ان کي لکڻ لاءِ مختلف انسانن جي زندگين بابت انهن انسانن کان
سڌي سنئين ڄاڻ ملي. پنهنجي لکڻين بابت کوجنا ڪرڻ واري طبيعت جي ڪري هڪ ڏينهن مون
علي کان سندس ڪهاڻي پڇي ته تون هتي ڪيئن ۽ ڪڏهن پهتو آهين. هُن ٿڌو شوڪارو ڀري چيو
قصو وڏو آ پر پوءِ مختصر ٻڌايائين.
هُن جي
چوڻ مطابق ته جيئن ته ڪوئيٽا ۾ اسان هزارن سان وڏو ظلم آ سو گهر وارن فيصلو ڪيو ته
هاڻي تون وڏو پيو ٿئين ۽ هتي رهڻ تنهنجي لاءِ صحيح ناهي سو سامان ٻڌ ۽ هتان گول ٿي
وڃ. چيائين پوءِ ايجنٽن جي ذريعي پهريان ڪراچي Karachi
آياسين ۽ سندس چواڻي ته ڪراچيءَ ۾ به مان ڏاڍو ڊنل هوس ۽
جنهن هوٽل ۾ رهيل هوس ان مان هرو ڀرو ٻاهر نه پئي نڪتس ته متان شهري تنظيم وارا نه
پڪڙين. وڌيڪ ٻڌايائين ته اتان کان پوءِ اسان کي جهاز ۾ روس جي شهر ماسڪو Moscow
موڪليو ويو ۽ اتي تمام سولائيءَ سان هوائي اڏي کان ٻاهر نڪري
وياسين. روس ۾ ڪجهه مهينا رهي پوءِ اسان کي اتان کان يوڪرينUkraine
وٺي
ويا ۽ ائين پوءِ پولينڊ Poland کان ٿيندا جرمني Germany
۽ ڊينمارڪ Denmark
پهتاسين ۽ هاڻي آخر ۾ سئيڊن Sweden
۾ جتي مان هاڻي پُرسڪون زندگي گذاري رهيو آهيان. ڪجهه مهينن
کان پوءِ وري علي سان ملاقات ٿي، چيائين شادي ڪئي اٿم پر خرچ وڌي ويا آهن ۽ شاديءَ
جو قرض به اڃا واپس ڪرڻو آهي. مون مذاق ڪندي چيومانس ائين ٿيندئي ڀائو.
مونکي ڪجهه
سال پهريان يونان Greece جي هڪ ٻيٽ تي هڪ
نوجوان پاڪستاني ڇوڪرو مليو هو، جيڪو تقريبن سترنهن يا ارڙنهن سالن جو هو ۽ پنجاب
جي ڪنهن شهر جو هيو، اهو به هيتري ننڍي عمر ۾ گهران نڪتو هو. سندس چوڻ هو ته اسان
پهريان پاڪستان Pakistan کان ترڪي Turkey آياسين ۽ ان کان پوءِ هاڻي يونان پهتا آهيون، مون پڇيومانس ته هتي
اچڻ کان پوءِ پهريان ڇا ڪندا آهيو؟ چيائين پوليس وٽ وڃي ڪم ڪرڻ جي اجازت وٺي ڪم
شروع ڪندا آهيون. سندس منزل اڃا يورپ ۾ ڪٿي اڳتي هئي، شايد جرمني.
هڪ
دفعي اسٽاڪهولم Stockholm جي سينٽرل اسٽيشن تي
هڪ نوجوان سان ائين اچانڪ هلندي ملاقات ٿي، تقريبن ستاويهن اٺاويهن سالن جو نوجوان
هو. سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳو ته پٺاڻ آ، پوءِ پڇيومانس ڪٿان جو پٺاڻ آهين؟ وراڻيائين
ته دره آدم خيلDra Adam Khel جو آهيان.سندس منزل هالينڊ
Holland جو شهر ايمسٽرڊيم Amsterdam هئي.
هن
نوجوان جي آکاڻي به تمام دلچسپ ۽ ڪجهه ڏکوئيندڙ هئي. سندس چوڻ مطابق ته پاڻ دره
آدم خيل جو رهواسي آهي، مائٽن سٺي مستقبل لاءِ هن کي چين ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليو،
جتي هن ايم بي بي ايس MBBS جي ڊگري سال ۲۰۱۲ ۾ سٺين
مارڪن سان Hunan University of Chinese Medicine مان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ درا آدم خيل واپس اچي پنهنجن ماڻهن جي
خدمت شروع ڪئي. پر پوءِ سندس چوڻ هيو ته اتي طالبان مون سميت ٻين ڊاڪٽرن کي تنگ ڪرڻ
شروع ڪيو ۽ اسان کي مجبور ڪندا هيا ته اسان جي زخمين جو علاج ڪيو ۽ هڪ دفعي اسان
کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا، جتي اسان کي زنجيرن سان ٻڌي رکيو ويندو هيو. وڌيڪ
ٻڌايائين ته هڪ ڏينهن اتي ڪو حملو ٿيو ۽ اسان کي اتان کان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو ۽ ڪجهه
ڏينهن پيرين پنڌ هلڻ کان پوءِ اسان ڪنهن هنڌ پهتاسين ۽ پوءِ دره آدم خيل. ڊاڪٽر
مقصود خان جو چوڻ هو ته هاڻي پنهنجن ماڻهن جي خدمت ته پنهنجي جاءِ تي رڳو پنهنجي
جان جو اچي فڪر لڳو، سو پاڪستان کان پوءِ مان آفريڪاAfrica
جي
ملڪ ايٿوپياEthiopia هليو ويس، جتي مان هڪ ڊاڪٽر
طور پنهنجي نوڪري ڪري پيٽ گذر ڪري رهيو هوس ته اتي به وري اچي مسئلن ڪر کنيو. اتي
ايٿوپيا جي قبيلن ۾ جهيڙا هيا ۽ ايٿوپيا ۾ چار سال رهڻ کان پوءِ اتان کان به مون
کي نڪرڻو پئجي ويو. ڊاڪٽر مقصود هن وقت بهتر مستقبل جي ڳولا ۾ سرگردان آهي.
عرفان ڀائي
وري ڪراچيKarachi جو آهي، پاڻ ٻڌايائين ته مان ۽ هڪ ٻيو دوست ڪراچي کان سڌا روس
آياسين ۽ اتان کانپوءِ وري فنلينڊFinland وياسين ۽ اتي ڪافي وقت رهڻ
کان پوءِ سئيڊن آياسين. چيائين جڏهن اسان فن لينڊ مان سئيڊن پاڻي واري جهاز ۾ پئي
آياسين ته مان ڏاڍو ڊنل هوس. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن سئيڊن ۾ پهچڻ کان پوءِ اوچتي جاچ
پڙتال ٿيندي هئي. چيائين مان سڄي رات پاڻي واري جهاز ۾ نفل نمازون پڙهندو آيس ته رڳو
خير سان پهچي وڃون. وڌيڪ ٻڌايائين ته هتي سئيڊن ۾ اچڻ جو مقصد اهو هيو ته هتي
سياسي پناهه ٻين ملڪن جي حساب سان سولي ملي ويندي هئي. عرفان کي هاڻي هتي منهنجي
خيال ۾ ويهارو سال کن ٿي ويا آهن.
هي سڀ
مٿيان قصا انهن جا ٻڌايل آهن، هاڻي اها خبر خدا کي ته ان ۾ ڪيترو سچ آهي، پر مون
لاءِ لکڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته ماڻهو ڀلي پڙهيل لکيل هجن يا اڻپڙهيل، هو بهتر کان
بهتر مستقبل جي ڳولها ۾ نڪري پون ٿا پوءِ ڀلي انهن کي ڪهڙين به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو
پوي. ڪي مجبورين مان نڪرن ٿا ته وري ڪي رڳو پيسي جي چڪر ۾. مون جهڙا وري دنيا کي
پسڻ ۽ ڏسڻ جي چڪر ۾. پوءِ ڪي پنهنجن خوابن جي ساڀيان ٿيندي ڏسن ٿا ۽ ڪي وري مسلسل
جستجو ڪندا رهن ٿا، تان جو خبر پوي ٿي ته وقت گذري ويو ۽ ماڻهو نه هيڏانهن جو نه
هوڏانهن جو. خوابن تي جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪم نه ڪبو ته پوءِ خواب ٽُٽي به پون ٿا,
ماڻهو ڀلي ڪٿي به هليو وڃي پر پنهنجي وطن جهڙو ٻيو وطن قطعي به نٿو ٿي سگهي. ڀلي
ماڻهوءَ وٽ ڪيتري به دولت ڇونه هجي. وري وطن سان ڪيتري به محبت ڇونه هجي پر ان
هوندي به دنيا کي ڏسڻ لاءِ نڪرڻ به انتهائي ضروري آ، پوءِ کٽن ڀاڳ. هاڻي اهو
اندازو لڳائڻ ته ڪير کٽي ٿو ۽ ڪير هارائي ٿو اهو ٿورو ڏکيو آ. ڪنهن فلم ۾ ڊائلاگ
هو ته نو باڊي ونز، نو باڊي لوز، ايوري باڊي ڊائيز Nobody
wins nobody lose but everybody dies هرڪو نڪو کٽي ٿو ۽ نڪو هارائي ٿو،
پر اهو مري ضرور ٿو. هاڻي وري هتي ٻيو سوال ٿو پيدا ٿئي ته هر ڪو جيوت يا ماڻهو
مرندو ته سهي پر ڇا هرڪو ماڻهو پنهنجي زندگي جئي به ٿو يا نه؟ اوهان پاڻ سوچيو ته
اوهان پنهنجي زندگيءَ کي رڳو گذاريو پيا يا ان کي واقعي به زندگي سمجهي جيو پيا؟
جيڪا پاڻ کي صرف هڪڙو دفعو گذارڻ لاءِ نه پر جيئڻ لاءِ ملي آ.
No comments:
Post a Comment