آمريڪا جو دلپسند صدر ڪينيڊي
الطاف شيخ
ٻه چار لفظ آمريڪا جي صدر ڪينيڊي بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو
اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (جڏهن اسان انٽر ڪري، پروفيشنل تعليمي اداري ۾ جهاز
رانيءَ جو علم سکڻ لاءِ گهڙيا هئاسين) اسان شاگردن جو مشهور ۽ دلپسند ماڻهو هو.
آئون صدر نٿو چوان، اهو پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هو.
اڄڪلهه يعني گذريل ويهن ٽيهن سالن کان ڏسان پيو ته آمريڪا جو هر صدر
عتاب ۾ آهي يعني سڄي دنيا جون گاريون کائيندو رهي ٿو. دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو وس
پڄيس ته رهڻ به آمريڪا USA ۾ ٿو چاهي. ساڳي وقت گاريون به آمريڪا جي عوام ۽
حڪومت کي ڏئي ٿو. پر سٺ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن ڪينيڊي آمريڪا جو پنجٽيهون صدر
چونڊجي آيو هو ته هو پنهنجي دلچسپ شخصيت ۽ خوبصورت شڪل ڪري، نوجوان طبقي ۾ ائين
پاپولر هو جيئن ڏهاڪو کن سالن بعد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي پسند ڪيو ويو هو. اسان
جي نيول اڪيڊميءَ ۾ اسان ڪئڊٽن ٿي سگهي ٿو ته ڪينيڊيءَ کي ان ڪري به پسند ڪيو ٿي
ته هو سٺو نيول آفيسر هو. هن جي ان بهادري ۽ همٿ کان هر ڪو واقف هوندو ته 1943ع ۾
(جڏهن اڃا ٻي جنگ عظيم هلي رهي هئي) ۽ هي هڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ نما جهاز تي ڪمانڊنگ
آفيسر هو ته هڪ وڏي جپاني destroyer جهاز هن جي مٿان جلهه ڪري، سندس ٻيڙي کي ٻوڙي ڇڏيو.
ڪينيڊي جيتوڻيڪ تمام گهڻو زخمي ٿي پيو، پر تنهن هوندي به ان سرد، اونداهيءَ ۽ طوفاني
رات ۾ بچي ويلن کي مشڪل مان ڪڍي، ڪناري تي سلامتيءَ سان آندو.