Tuesday, June 05, 2012

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر - الطاف شيخ


هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سفر
الطاف شيخ
1960ع ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين ته اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ خالد حسين مخدوم لاهور گهمي موٽڻ تي اتان “The Road to Mecca” نالي ڪتاب وٺي آيو هو. جيڪو اسان سڀني پڙهيو. هن ڪتاب بابت اسان ”ڊان“ اخبار ۾ پڙهيو هو پر اسان جو انگريزي پرنسپال ڪرنل ڪومبس، جيڪو هونءَ ته اسان کي گهڻي کان گهڻا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هو، جيئن اسان جي انگريزي ۽ معلومات بهتر ٿئي پر لئبرري لاءِ هيءُ ڪتاب گهرائڻ کان نٽائيندو رهيو. اسان جي پرنسپال جون هونءَ سڀ سٺيون ڳالهيون هيون پر هن کي جرمنن، يهودين، نازين لاءِ سخت نفرت هئي. ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم جيتوڻيڪ آخر ۾ انگريزن کٽي پر ٽي چار سال 1939ع کان 1945ع تائين جرمنن انگريزن کي پِنائي رکيو ۽ انگريزن جو D-Day تائين ساهه مُٺ ۾ هو. جن جو اڌ دنيا تي راڄ هو، انهن کي جرمنن ۽ جپانين، ڪنگلو ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو. جنگ کٽڻ جي باوجود، هو ايڏا ڪمزور ٿي ويا جو آفريڪا ۽ ايشيا جو هڪ هڪ ملڪ، سندن هٿن مان نڪري ويو. اسان جو انگريز فوجي پرنسپال، ان جنگ جو حصو هو. هو جرمنن جي قيد مان ته بچي ويو پر سنگاپور ۾ پوسٽنگ دوران جپانين جو Pow (پرزنر آف وار) ٿي رهيو ۽ سخت تڪليفون ڏٺائين. هن کي جپانين تي به چڙ هوندي هئي پر جرمنن لاءِ وڌيڪ غم ۽ غصو هوندو هوس، جپاني ته وري به ڌاريا ۽ ڏورانهين ڏيهه جا ٿيا پر هي پاڙي جا جرمن ته ڄڻ سندن سوٽ ماسات ٿيا، جن ڏني نه ورتي پاڻ کي به خوار ڪيو ۽ هنن (انگريزن) کي به ذليل ڪيو.
 
هڪ دفعي ڪاليج ۾، اسان ڪجهه دوستن، بنا ڪنهن نيت يا پروگرام جي ٺوڙهه ڪرائي. ڪرنل ڪومبس کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو اسان کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيائين ۽ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. آخر قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (پاڪستان اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جي والد) جنهن جا هن ڪاليج تي ڪافي ٿورا هئا ۽ سندس پٽ اظهر قاضي به ان ڪم ۾ اسان سان شامل هو، تنهن ان وقت جي صدر صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کان سفارش ڪرائي جنهن تي راضي ٿي پرنسپال معاف ڪيو. ڪاليج موٽڻ تي به اسان حيران هئاسين ته ٺوڙهه ڪرائڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه ڪيوسين. هونءَ ئي ڪاليج جي سڀني ڪئڊٽن جي Crew ڪٽ ٿيندي هئي، يعني ڪڻڪ جي داڻن جيڏا وار رکيا ويندا هئا. پوءِ ڪجهه هفتن بعد هڪ ڏينهن ڊنر تي ڳالهين دوران ڪرنل ڪومبس ٻڌايو ته جرمن نازي ائين ڪندا هئا...  اسان مان ڪيترن کي ان وقت اها به خبر نه هئي ته پهرين يا ٻي جنگ عظيم ۾ ڪهڙا ملڪ ڪنهن جي پاسي هئا.
”دي روڊ ٽه ميڪا“ ڪتاب ۾، اسلام جون ڳالهيون ۽ سعودي عرب جو سفرنامو آهي ۽ اسان جي پرنسپال کي اسلام کان نفرت نه هئي. هن نه فقط اسان لاءِ پنج وقت نماز مسجد ۾ پڙهڻ ضروري ڪئي هئي پر روزانو صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن جي تلاوت ڪرائڻ بعد، ان جي معنيٰ پاڻ ٻڌائيندو هو. پوءِ خبر پيئي، هِن هُن کان ٻڌوسين ته ڪتاب جو ليکڪ محمد اسد، جيڪو اسان جي پرنسپال جو تقريبن هم عمر هو، ان سان کيس چڙ هئي جو هو يهودي هو. جيتوڻيڪ هو مسلمان ٿي چڪو هو پر ڪرنل ڪومبس جهڙن ڪيترن انگريزن، هن کي نازي (جرمن) جاسوس سمجهيو ٿي. ايتري قدر جو 1939ع ۾، جيئن ئي ٻي وڏي لڙائي جي شروعات ٿي ته انگريز حڪومت، ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) ۾ جيڪي جرمن قوميت جا ٽي هزار کن يهودي هئا، انهن کي قيد ڪري ڇڏيو. هن ڪتابThe Road to Mecca جو ليکڪ محمد اسد، انهن ۾ اڪيلو مسلمان هو. هو جيتوڻيڪ ڪڏهوڪو نه فقط مسلمان ٿي چڪو هو پر هن جرمني ۽ پولنڊ جي قوميت ڇڏي، آسٽريا جي ورتي ھئي ته به کيس جنگ جي خاتمي تائين، جرمن فوج جو همدرد سمجهي، انڊيا جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. بهرحال ان وقت تائين، محمد اسد مٿيون ڪتاب اڃا نه لکيو هو پر اسلام تي ليڪچر ۽ مضمون لکڻ ۽ ”صحيح بخاري“ جون حديثون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪري، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي دل پسند شخصيت هو ۽ سندس آزادي لاءِ ان وقت جي اهم ماڻهن ظفر الله خان ۽ سڪندر حيات انگريزن کي ڏاڍي سفارش ڪئي پر انگريزن ڪنهن جي به نه ٻڌي. هو کيس پنهنجو دشمن ئي سمجهندا رهيا. سر محمد ظفر خان انهن ڏينهن ۾ وائسراءِ جي ڪابينا جو ميمبر قانون هو. پاڪستان ٺهڻ تي هو پهريون وزير خارجه مقرر ٿيو. سردار سڪندر حيات (1942-1892) تن ڏينهن ۾ پنجاب صوبي جو وزيراعليٰ هو. سندس پٽ سردار شوڪت حيات (1998-1915) مسلم ليگ جو ورڪر ۽ محمد علي جناح جو ساٿي رهيو هو.
محمد اسد جو ڪتاب The Road to Mecca جنهن جو ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ تازو اڙدو ۾ ”شاهراهه مڪا“ جي نالي سان ڇپيو آهي، عربستان جو سفرنامو ۽ محمد اسد جي شروعاتي سالن جي آتم ڪٿا آهي. جنهن ۾ هن 1923ع تائين، پنهنجي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي، جيستائين هو مڪي ۽ مديني ۾ رهيو. هيءُ ڪتاب، 1954ع ۾ ڇپيو ته ان ئي سال هن جون بيشمار ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون. اسان کي 1960ع ۾ خبر پيئي ۽ پڙهيوسين. بلڪ هيءُ ڪتاب، مون جهاز جي ڊگهن سفرن دروان، هڪ دفعو سمنڊ تي به پڙهيو ۽ هن ڪتاب مان ايڏو متاثر ٿيس جو 1994ع ڌاري جڏهن آئون ڪجهه مهينن لاءِ پنهنجي عرب دوست (حسن الحاربي جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي شهر مالمو مان جهازراني جي تعليم حاصل ڪئي) جي دعوت تي هن جي گهر ينبو (Yanbu) ۾ وڃي ٽڪيس، جتان هر جمعي ڏينهن، ڀر واري شهر مديني ويندا هئاسين. پنهنجي هن سفرنامي ۽ سعودي عرب ۾ گذاريل ڏينهن واري احوال جي ڪتاب جو نالو ”دي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد اسد جي هن ڪتاب The Road to Mecca کي ڇپئي جيتوڻيڪ اڄ سٺ سال کن اچي ٿيا آهن پر اهو اڄ به ايترو ئي مشهور آهي ۽ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا ناشر هن ڪتاب کي وڏي اهتمام سان ڇپين ٿا ۽ دنيا جي شايد ئي ڪا وڏي زبان هجي، جنهن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو نه ٿيو هجي. 1954ع ۾ جڏهن هيءُ ڪتاب پهريون دفعو ڇپيو هو ته هن ڪتاب جو وڪرو سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مڃيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ مهم جوئي جي واقعن کي اعليٰ نموني سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن خاص ڪري عربن جي حقيقي زندگي جو اولڙو واضح طور ڏيکائي ڏئي ٿو. هيءُ ڪتاب مصنف جي غير جانبداراڻي خيالن ۽ ذهني اتمپڻي جو ثبوت ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ حقيقت ۽ افساني جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي. جيڪو جرمن شاعر گوئٽي جي آتم ڪٿا Ducting und wharheit (سچائي ۽ افسانو) جي ياد ڏياري ٿو ۽ بقول نيويارڪ جي هيرالڊ ٽربيون جي فرييا اسٽارڪ کانپوءِ عرب دنيا تي هن کان وڌيڪ بهتر ڪتاب شايع نه ٿيو آهي.
مون کي اهڙن يورپي ۽ آمريڪي ماڻهن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق رهيو آهي، جن اسلام قبول ڪيو ۽ صحيح طرح مسلمان ٿي زندگي بسر ڪيائون. مون کي پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيندو آهي ته مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿي ڪري به اسان پنهنجي مذهب کي ان قدر سان نٿا ڏسون. ڪيترن هنن نون مسلمانن، حق جي ڳولا جي سفر بعد، اسلام قبول ڪرڻ بابت ايمان افروز واقعا تحرير ڪيا آهن پر شايد ئي ڪنهن غير مسلم انهن کي پڙهي هنن جي راهه تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هيءَ سعادت فقط محمد اسد جي ڪتاب ”دي روڊ ٽُ ميڪا“ (شاهراهه مڪه) کي حاصل آهي، جنهن کي پڙهي آمريڪا جي يهودي عورت مريم جميلا ۽ سابق جرمن سفير مرادو لفريڊ هافمان جهڙا ماڻهو مسلمان ٿيا.
محمد اسد سعودي عرب ۾ رهڻ بعد، هڪ وڏو عرصو برٽش انڊيا ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو پر منهنجي ساڻس ملاقات اسپين ۾ ٿي، جتي ستر واري ڏهي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ مان ايندي ويندي هر دفعي اسان جو جهاز سامان لاهڻ چاڙهڻ يا مرمت لاءِ بارسلونا ۽ اسپين جي ٻين بندرگاهن ۾ ترسيو ٿي. سامونڊي نوڪري ڇڏي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهيل هوس ته 1992ع ۾ محمد اسد جي وفات جي خبر پڙهيسين. هو اسپين جي تاريخي شهر غرناطا ۾ دفن ٿيل آهي.
محمد اسد، جولاءِ 1900 ۾ جرمني جي شهر ليمبرگ (هاڻ هي شهر پولنڊ ۾ اچي ٿو ۽ LVOV سڏجي ٿو) ڪِيوا ويسز نالي هڪ يهودي جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ليوپولڊ ويسز (Leopold Weiss) رکيو ويو. محمد اسد جو خاندان پشت به پشت رابي (يهودي پنڊت) ٿي رهيا پر سندس پيءُ اهو هلندڙ وهنوار ختم ڪيو ۽ مندر جو ٻائو ٿيڻ بدران بئريسٽر ٿيو. اسد کي ننڍي هوندي مذهبي تعليم سان گڏ يهودين جي زبان هيبريو ۾ به ڀڙ ڪيو ويو. هن کي اهي سڀ مذهبي ڪتاب پڙهايا ويا جن سان هو گرئجوئيٽ ٻائو (Rabi) بڻجي سگهيو ٿي. پر ان دوران هن جي فئملي اباڻو وطن ڇڏي، آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي جي يونيورسٽيءَ ۾ اسد فلسفو ۽ تاريخ جهڙا سبجيڪٽ پڙهي، اخباري نمائندو ٿيو. هو ٻه سال کن وچ يورپ جا چڪر هڻي، 1922ع ۾ پنهنجي چاچي سان ملڻ لاءِ يروشلم آيو جتي هن جي ڪيترن ئي عربن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. سال ٻه فلسطين، شام، عراق، مصر ۽ افغانستان جو دورو ڪري هو جرمني جي شهر برلن ۾ موٽيو. هن جي دماغ ۾ هر وقت اسلام بابت ڳالهيون رهيون ٿي.
هو پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو واقعو هن ريت ٻڌائي ٿو ته؛ هو هڪ ڏينهن سال 1926ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي زال ايلسا سان گڏ برلن جي سب وي ٽرين جي مٿانهين دٻي ۾ سفر ڪري رهيو هو، جنهن ۾ وڏا امير ۽ بزنيس مين سفر ڪن ٿا.... ”منهنجيون اکيون سامهون ويٺل هڪ دولتمند جي چهري ڏي کڄي ويون. هو اعليٰ پوشاڪ پهريل هو ۽ هن جي هر هڪ شيءِ ان ڳالهه جو ثبوت ٿي ڏنو ته هن وٽ زندگيءَ جو هر سک ۽ آسائش موجود آهي پر مون جڏهن سندس چهري ڏي غور سان ڏٺو ته هو نه فقط ڏکويل لڳو پر بيحد ناخوش پڻ. مون اها ڳالهه ايلسا سان ڪئي، جنهن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. ان بعد، اسان هن گاڏي ۾ ويٺل ٻين اميرن ڏي ڏٺو ته هنن کي به اسان ساڳي مونجهاري ۽ مايوسيءَ ۾ غرق ڏٺو. لڳو ٿي ته اهي ڪنهن لڪل تڪليف ۾ مبتلا هجن. هڪ گهڙيءَ لاءِ مون سوچيو ته؛ ڇا هنن کي ان جي خبر آهي؟ نه هرگز نه. هو ته سڀ ڪجهه هوندي به بي سڪونيءَ جي حالت ۾ ’اڃا وڌيڪ‘ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهن. پنهنجي زندگيءَ جو معيار اڃا بلند ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. هو اڃا وڌيڪ آسائشون، مادي سهولتون، شيون، شڪليون ۽ پاور حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن ۽ پاڻ پتوڙي رهيا آهن...“
محمد اسد ٻڌايو ته؛ ان ڏينهن شام جو گهر موٽڻ تي هن جون نظرون ٽيبل تي کليل قرآن شريف جي ڪاپيءَ ڏي کڄي ويون، جيڪو صبح جو پڙهڻ بعد ائين ڇڏي ويو هو. ”مون ان کي بند ڪري ڪتابن جي رئڪ تي ٿي رکيو ته منهنجيون نظرون ان کليل صفحي ۾ ڄمي ويون، جنهن تي قرآن جي سوره 102 التڪاثر جو انگريزي ترجمو لکيل هو. مون پڙهڻ شروع ڪيو:
You are obsessed by greed for more & more
الهاڪمُ التڪاثر
Until you go down to you graves
حَتيٰ زُرتُمُ المقابِرَ.....
(توهان کي گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ جي حرص غافل ڪيو (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويائو.)
(اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ هوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي اوهان قبرن کي پهتؤ.
(زندگي رڳو) ائين نه آهي. (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ.
وري (چئون ٿا ته زندگي) ائين نه آهي اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺنداؤ.
پڪ سان ائين نه آهي جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائي ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).
(پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (خدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي هوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو).
محمد اسد ٻڌائي ٿو ته؛ ”اهو پڙهي، ڪا گهڙي ته منهنجي زبان مان، لفظ نه پئي نڪتو. منهنجي خيال ۾، ڪتاب منهنجي هٿن ۾ لڏي ويو. مون اهو ايلسا حوالي ڪندي چيو؛ ”هي پڙهه ته سهي! ڇا هي ان ڳالهه جو جواب ناهي جيڪا پاڻ سب وي ٽرين ۾ ڏسي رهيا هئاسين؟‘ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ فيصلي وار جواب هو. مون کي هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي، هي ڪتاب الهامي آهي، جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي. جيتوڻيڪ هيءُ ڪتاب انسان کي چوڏهن سؤ سال اڳ مليو پر هن ۾ انهن ڳالهين ۽ پريشانين جو به جواب آهي جيڪي اڄ جي مونجهاري، مشيني ۽ جيٽ دور ۾ نظر اچي رهيون آهن... هن ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ، انسان جي عقل کان مٿي آهي. ان ۾ لکيل حڪمت جون ڳالهيون ۽ انسان کي ڏنل رهنمائي، رب پاڪ طرفان ئي آهي.“
بهرحال اها ڳالهه ليو پولڊ ويس لاءِ turning point ثابت ٿي ۽ هو مسلمان ٿيو. برلن (جرمني) ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي مسلمان ڪميونٽي وٽ، ليو پولڊ ويو ۽ ڪلمو پڙهي، اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. هن پنهنجو نالو ”محمد اسد“ پسند ڪيو. مسلمان ٿيڻ سان گڏ، هن ڪجهه قدم يڪدم کنيا: هن جو پيءُ جنهن جو تعلق ملڪ جي يهودي گهراڻي جي تبليغي جماعت سان هو، تنهن جي ناراضگي ڪري هن کان الڳ ٿي ويو. هن ايلسا سان شادي ڪئي، جنهن پڻ اسلام قبول ڪيو (ياد رهي ته ان کان اڳ هي ٻئي بنا نڪاح جي دوستن جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا)، هن اخبار جي نوڪريءَ کي به الوداع ڪئي ۽ حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي رواني ٿيڻ جي تياري ڪئي.
اسد، اسلام کي فقط مذهب نٿي سمجهيو، جيڪو عام طرح ٻين مذهبن کي سمجهيو وڃي ٿو يا مغربي ماڻهن اسلام کي به سمجهيو ٿي پر هن کي هر دور لاءِ هڪ ڪامل مذهب ۽ زندگي گذارڻ جو سڦل طريقو سمجهيو ٿي. اسلام روزمره جي زندگي گهارڻ لاءِ practical guide آهي، جنهن جا اصول harmoniously balanced آهن. بقول محمد اسد جي:
“Islam appears to me like a perfect work of architecture. All its parts are harmoniously conceived to complement and support each other; nothing is superfluous and nothing lacking; and the result is a structure of absolute balance and solid composure.”
مڪي پهچڻ کان نو ڏينهن پوءِ، اسد جي زال ايلسا گذاري وئي، جيڪا اتي دفن ڪئي وئي. پاڻ في الحال مڪي ۾ رهي پيو، جتي ڪعبة الله جي لئبرري ۾، هڪ ڏينهن اسد کي شهزادي فيصل سان ملڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن کيس پنهنجي والد بادشاهه عبدالعزيز السعود سان ملڻ جي دعوت ڏني. هن دعوت ۾، بادشاهه عبدالعزيز محمد اسد جي ڄاڻ، روحاني گهرائي ۽ صاف سٿري سوچ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو هو روز اسد کي پاڻ وٽ گهرائي خبر چار ڪرڻ لڳو.
اسد، مڪي ۽ مديني ۾ ڇهه سال گذاريا، جن ۾ هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪيو ۽ قرآن، حديث ۽ اسلامي تاريخ جو اونهو مطالعو ڪيو. هن عربن جي زندگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ بدو عربن سان ملڻ جلڻ رکيو ۽ هنن سان گڏ سفر ڪيو. ان بعد، وڌيڪ مسلمان ڪميونٽين ۽ ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ اوڀر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. 1932ع ۾ اسد عربستان جا پَٽ ڇڏي، هندستان (برٽش انڊيا) جو رخ ڪيو، جتي هن جي ملاقات مشهور شاعر فلاسفر ڊاڪٽر محمد اقبال سان ٿي، جنهن ويجهڙائيءَ ۾ خودمختيار مسلم رياست جوProposal  پيش ڪيو هو. ڊاڪٽر محمد اقبال، محمد اسد کي برٽش انڊيا ۾ رهي، انڊيا جي مسلمانن کي پنهنجو الڳ مسلمان ملڪ ٺاهڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ڊاڪٽر اقبال، اسد کي چوڌري نياز علي خان سان به ملرايو، جيڪو هڪ زميندار ۽ مخير انسان هو، جنهن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ ۽ جوهر آباد پاڪستان ۾ دارالاسلام ٽرسٽ انسٽيٽيوٽ ٺاهيون. اسد، انڊيا ۾ رهي پيو ۽ ڊاڪٽر اقبال ۽ چوڌري نياز علي خان سان گڏوگڏ ڪم ڪرڻ لڳو. هن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي، صحيح بخاري حديثن جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو شروع ڪيو، جنهن جي ڇپائيءَ لاءِ پريس ۽ مالي مدد لاءِ اسد حيدرآباد دکن جي نظام سان مليو. ”نظام نه رڳو مون کي ڇپائي جي پريس گهرائي ڏني، پر سه-ماهي رسالي ”اسلامڪ ڪلچر“ جو به ايڊيٽر مقرر ڪيو، جنهن لاءِ هن مون کي سٺي پگهار جي آفر ڪئي. مون کان اڳ، هن رسالي جو ايڊيٽر محمد مارما ڊيوڪ پڪٿال هو، جنهن ادارت جي ڪم کان فارغ ٿي پنهنجو سمورو ٽائيم قرآن جي انگريزي ترجمي ڪرڻ ۾ لڳائڻ چاهيو ٿي.“ اسد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي.
محمد اسد، لاهور ۾ رهي صحيح بخاري جي ترجمي ۽ هن رسالي جو ڪم ڪرڻ لڳو. 1939ع ۾ ٻي وڏي لڙائي لڳي وئي. اسد پنهنجن مائٽن کي مشرقي يورپ مان ڪڍي، پاڻ وٽ انڊيا گهرائڻ چاهيو ٿي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٻين يهودين وانگر، اسد جا والدين به گرفتار ٿي ويا، جن کي بعد ۾ نازين قتل ڪري ڇڏيو. انڊيا تي راڄ ڪندڙ انگريز حڪومت، انڊيا ۾ رهندڙ سڀني يهودين کي کڻي سوگهو ڪيو. اسد جيتوڻيڪ 13 سال کن اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ته به هن کي جرمني جو سمجهي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 1945ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تائين، هو مختلف جيلن ۾ نظربند رکيو ويو. سندس ٻي زال منيره ۽ پٽ طلال، جمالپور (پٺاڻ ڪوٽ کان پنجن ميلن جي فاصلي تي) نياز علي خان جي گهر ۾ رهيا.
اسد، نئين مسلم رياست ٺهڻ جي پاسداري ۽ حمايت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي نئين ملڪ ٺهڻ تي، اسد جي خدمتن جي عيوض، کيس پاڪستان جي مڪمل شهريت (Citizenship) عطا ڪئي وئي ۽ کيس فارين سروس ۾ نوڪري ڏني وئي ۽ هن پاڪستان جا اسلامي ملڪن سان تعلقات مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انڊيا جي ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ تي، سعودي عرب وارن پاڪستان کي پنهنجو نٿي سمجهيو. اسد پنهنجي ٻئي ڪتاب A man of Desert ۾ لکيو آهي ته هن جا جيئن ته عرب حاڪمن سان دوستاڻا تعلقات هئا، ان ڪري هو پاڻ سعودي عرب ويو ۽ پاڪستان جي وڪالت ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڀائپي ۽ دوستي پيدا ڪئي.
پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪريءَ دوران، ڪجهه سرڪاري ڪامورن کي اسد سان ساڙ ۽ حسد ٿي پيو ۽ هن جي خلاف تنقيد ۽ سٽون سٽڻ لڳا. انهن ۾ هڪ اهم ڪردار اڙدو جو مشهور ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ پطرس بخاري به هو. بقول محمد اڪرم چغتائي (اسد جي ڪتابن جي اڙدو مترجم) جي اسد ۽ پطرس بخاري جي تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا. اسد جي نظرن ۾ پطرس هڪ مغرور، خودبين ۽ رعب ڄمائڻ وارو آفيسر هو. اختلاف راءِ هن کان بلڪل برداشت نٿي ٿي. ٻئي پاسي پطرس بخاريءَ کي به اسد متعلق ڪجهه غلط فهميون هيون، جيڪي اسد جي استعيفيٰ ڏيڻ تائين جاري رهيون. هيءَ سال 1952ع جي شروع جي ڳالهه آهي. اسد چپ چاپ نوڪريءَ کان استعيفيٰ ڏئي، پنهنجي آتم ڪٿا (آٽو بايو گرافي) The Road to Mecca لکڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن آتم ڪٿا ۾ هن جي 32 سالن جي عمر تائين جو احوال آهي، جنهن ۾ هن مصر، عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جي سفر ۽ مڪي ۽ مديني ۾ زندگي گذارڻ جو احوال، سندس مسلمان ٿيڻ ۽ يهودين جي وڌندڙ Zionist تحريڪ بابت لکيو آهي. هيءُ ڪتاب لکڻ وقت، هو ٻن ٽن سالن لاءِ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ اچي رهيو هو، جتي هن پهرين نومبر 1952ع تي حميده پولا سان شادي ڪئي، جنهن اتي نوڪري ڪئي ٿي.
اسد جي پهرين زال ايلسا، جيڪا مڪي پهچڻ سان نون ڏينهن بعد گذاري وئي جرمن هئي، جيڪا کانئس 15 سال کن وڏي هئي ۽ هن کي پهرئين مڙس مان هڪ پٽ هو. اسد جي اسلام قبول ڪرڻ تي هوءَ به مسلمان ٿي ۽ پنهنجو اسلامي نالو عزيزه رکيو. 1927ع ۾ کيس مڪي ۾ مليريا ٿي پئي ۽ وفات ڪيائين. ٽن سالن بعد 1930ع ۾ اسد، عرب قبيلي سان تعلق رکندڙ منيره بنت حسين نجدي سان شادي ڪئي. عمر ۾ هيءَ اسد کان 15 سال ننڍي هئي. هن مان اسد کي اڪيلو ٻار طلال 1932ع ۾ مديني ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ بعد، هن ڪجهه عرصو هندستان ۾ پنهنجي پيءُ سان گذاريو، پر گهڻو وقت ماءُ سان رهيو، ان ڪري هو ڪيترين ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ جي طرفداري ڪندو رهيو. منيره ۽ اسد جي وچ ۾ ڪافي عرصي کان اڻ بڻت شروع ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ لنڊن ۾ اڪيلي گذاري رهي هئي. سندس ۽ هنن جي پٽ طلال جو خرچ پکو، اسد باقاعدگيءَ سان موڪليندو رهيو. 1952ع ۾ اسد جي پولا حميده سان شاديءَ جو ٻڌي، منيره ڪافي گوڙ ڪيو، جنهن ۾ طلال جون همدرديون به پنهنجي ماءُ سان هيون. ايتريقدر جو جڏهن اسد جي شاديءَ جو مصدقه اطلاع پهتو ته طلال چيو ته؛ ”اڄ منهنجو پيءُ مري ويو.“ اسد آخرڪار منيره کي طلاق ڏئي ڇڏي. ان بعد ته ماءُ ۽ پٽ جا، اسد سان تعلقات خراب ٿي ويا، جيڪي منيره جي 1978ع ۾ وفات تائين، ائين ئي رهيا. ان بعد وقت سان گڏ پيءُ پٽ جي وچ ۾ اهي فاصلا گهٽ ٿيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيءُ ۽ پُٽ جي ملاقات ٿيڻ لڳي. ايتريقدر جو 1992ع ۾ جڏهن اسد وفات ڪئي ته طلال جي پهچڻ بعد، سندس پيءُ جو ڪفن دفن ڪيو ويو.
طلال، پنهنجو ننڍپڻ لاهور، سرينگر ۽ دهليءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم جو گهڻو حصو لاهور ۾ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ۾ رهيو. طلال، ائنٿروپالاجيءَ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ نيويارڪ جي سٽي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف انٿروپولاجي جي حيثيت سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اڄڪلهه هو نيويارڪ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. 2008ع ۾ آسٽريليا جي هڪ فلمساز ڪمپنيءَ اتي جي حڪومت جي مالي تعاون سان اسد تي جيڪا دستاويزي فلم ٺاهي، ان جي پريميئر ۾ طلال مهمان خاص هو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، پر هن انهن ڪتابن ۾ پنهنجي پيءُ بابت تمام گهٽ لکيو آهي. سندس تازو ڪتاب "On Suicide Bombing" 2007ع ۾ نيويارڪ مان شايع ٿيو هو. طلال سان 2005ع ۾ نيويارڪ ۾ پنهنجي ملاقات جو احوال آمريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان.
اسد جي ٽين زال پولا به سندس پهرين زال ايلسا (عزيزه) وانگر پهرين کان شادي شده هئي ۽ هن کي مسلمان ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو جو سندس اسد سان شادي ٿي. سندس اسلامي نالو حميده هو. اسد هن سان 40 سال گذاريا، پر بي اولاد رهيو.
اسد، پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پولا بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ شادي اسد جي اڌڙوٽ عمر جي سخت جذباتي وابستگي جو نتيجو هئي. ان وقت اسد پنجاهه جي پيٽي ۾ هو، جڏهن ته پولا جي عمر ذري گهٽ اڌ جيتري هئي. هن ’عشق‘ ته هنن کي شاديءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيو، پر ان لاءِ پولا کي ته فقط پنهنجي پهرئين مڙس کان طلاق وٺڻي پئي، پر اسد کي پنهنجي نوڪري ڇڏڻي پيئي. اسد جڏهن پولا سان شاديءَ جو ارادو ظاهر ڪيو ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته پولا جي شهريت پاڪستاني ناهي، ان ڪري هن کي شاديءَ جي لاءِ پنهنجي وزارت خارجه جي معرفت وزيراعظم کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. اسد ڪومايل دل سان ان تي عمل ڪيو، پر پاڪستان جي سفير پطرس بخاريءَ سان هن جا خراب تعلقات هجڻ ڪري، هن جي درخواست رد ڪئي وئي. پر اسد پنهنجي هن اهم ۽ اعليٰ عهدي جي به پرواهه نه ڪئي ۽ هن استعيفيٰ ڏئي پولا سان شادي ڪئي.
پولا جي اچڻ سان، اسد جي زندگي ۾ ذهني سڪون ۽ جذباتي آسودگي حاصل ٿي وئي، جنهن جو پهريون ثمر ”دي روڊ ٽ مڪا“ هو. شاديءَ بعد، اسد هڪ سال اندر، هيءُ ڪتاب مڪمل ڪري پولا (حميده) نالي منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾، اسد پنهنجي زندگيءَ جو 1932ع تائين جو احوال ڏنو آهي. ان بعد جي زندگيءَ جو احوال، هن ٻئي ڪتاب ۾ لکڻ شروع ڪيو، پر مڪمل ڪرڻ کان اڳ هو گذاري ويو. بهرحال سندس زال پولا حميده هن کي مڪمل ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو ”محمد اسد- اي مئن آف دي ڊيزرٽ رکيو.“
ان ڏينهن اڙدو بازار ۾ ’ويلڪم بڪ پورٽ‘ نالي ڪتابن جي دڪان تي پنهنجا اڙدو ڪتاب ڏسڻ ويس ته ڪهڙا ڇپيا آهن ته دروازي وٽ ئي محمد اسد جو ”محمد اسد- بنده صحرائي“ ڪتاب نظر آيو، جيڪو 'Muhammad Asad- A man of the Desert' ڪتاب جو اڙدو ترجمو آهي، جيڪو جرمن زبان جي ماهر پاڪستاني محمد اڪرام چغتائيءَ ڪيو آهي.
اسد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن مان هيءُ ڪتاب ۽ ”شاهراهه مڪا“ سندس آتم ڪٿائون ۽ سفر جون ڳالهيون آهن. ان کان علاوه سندس قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسيرThe Message of the Quran پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه محمد اسد ”صحيح بخاري“ حديثن جي ڪتاب جو پڻ انگريزي ترجمو ڪيو آهي. اسد جي لکڻين ۾ ڪنهن جي دلچسپي آهي ته هن کي اسد جا هي ڪتاب پڻ پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس:
* This Law of ours
* Islam at the crossroads
* The Encounter of Islam and the West.
* Islam and Politics.
* What do we mean by Pakistan?
* The Spirit of Islam.
وغيره وغيره. ٿي سگهي ٿو ته مٿين ٻن ڪتابن (سوانح عمرين) وانگر سندس ٻيا ڪتاب اڙدو ۾ ترجمو ٿي چڪا هجن، پر انگريزيءَ ۾ عام آهن.
هيءُ مضمون لکڻ دوران، مون کي پنهنجي سفير دوست ظفرالله شيخ کان خبر پيئي ته اسد جي پهرين آتم ڪهاڻي تي The Road to Mecca تي فلم به ٺهي چڪي آهي، جيڪا هن فرئنڪفرٽ (جرمني) ۾ ڏٺي، جڏهن هو اتي جو سفير هو. محمد اسد، ويهين صديءَ جو هڪ اهم اسلامي مفڪر مڃيو وڃي ٿو. هن ننڍي هوندي کان وٺي تمام گهڻو سفر ڪيو. هو جرنلسٽ به هو ته ترجمو ڪندڙ به. کيس مشرق ۽ مغرب جون ڪيتريون زبانون آيون ٿي، جيئن ته عربي، اڙدو، هيبريو، آرميني، جرمن، انگريزي، هسپانوي وغيره. هو سفارتڪار (Diplomat)، سياسي سائنسدان، سماجي نقاد، ريفارمسٽ ۽ مذهبي عالم (Theologian) به ٿي رهيو. پاڻ 1900ع ۾ مشرقي يورپ جي شهر لمبرگ ۾ ڄائو ۽ وفات به يورپ جي شهر انڊلس (اسپين) ۾ 1992ع ۾ ڪيائين. کيس اسپين جي شهر غرناطا ۾ دفن ڪيو ويو. ڪٽر يهودي خاندان مان هجڻ جي باوجود، هن کي اسلام لاءِ چاهت هئي ۽ مرڻ تائين اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. چوندو هو ته؛ مسلمانن جو اسلام تي ٿورو ناهي، پر اسلام جو مسلمانن تي آهي. جيڪو به ملڪ يا قوم اسلام جي صحيح پيروي ڪري ٿو، ان کي خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. پاڪستان ٿيڻ تي هن پاڪستان جي آئين کي اسلامي طرز جو رکڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي. پر پوءِ ڪجهه مجبورين ڪري (جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ٿي چڪو آهي) هو ٻين ملڪن ۾ وڃي رهيو. جنرل ضياءُ پنهنجي طرز جو اسلامي آئين ۽ حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ محمد اسد کي ڪيترا ئي دفعا خط و ڪتابت ۽ سفير ذريعي پاڻ وٽ گهرايو. انهن ڏينهن ۾ اسد، پنهنجي زال پولا حميده سان پورچو گال ۾ رهيل هو. هو هڪ دفعو اسلام آباد آيو به پر پوءِ جلدي موٽي ويو جو هن پنهنجي خيال موجب، ضياءَ صاحب جون ڪجهه ڳالهيون معتبر نٿي سمجهيون، جيئن ته عورت کي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه هجي وغيره.
ھڪ ماڻهوءَ سان هن جي ملاقات ٿي، جنهن اسد جي دل ۾ اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو پيدا ڪئي. قاهره (مصر) ۾ اسد سان ملڻ وارو هيءُ ماڻهو شيخ مصطفيٰ الماراغي (1945- 1881) هو. هيءُ هڪ روشن خيال ريفارمسٽ ۽ اسلام جو ڄاڻو ۽ عالم هو، جيڪو پوءِ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر ٿي رهيو. شيخ مصطفيٰ جي خيالن جو اثر، اسد تي تمام گهڻو رهيو. اسد (جيڪو ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو)، هنن ملاقاتن مان هيءُ اندازو لڳايو ته؛ مسلمانن جو پٺتي پوڻ جو سبب اسلام ناهي، جيئن مغرب ۾ سمجهيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جو سبب اسلام تي پيروي نه ڪرڻ آهي ۽ بقول اسد (ليو پولڊ) جي:
"When properly interpreted, in a modern light, Islam could lead Muslims forward, while offering spiritual sustenance that Judaism and Christianity had ceased to provide."
بهرحال مختلف مذهبن جي ڄاڻ ۽ انهن جي عالمن سان بحث مباحثا ڪرڻ بعد، اسد جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيو ته پوءِ سڄي زندگي ان تي قائم رهيو ۽ ٻين کي به اسلام جي صحيح معنيٰ کان آگاهه ڪندو رهيو. پنهنجي ٻي سوانح حيات: A man of Desert (بنده صحرائي) ۾ هڪ هنڌ اسد، هڪ عيسائي مبلغ جو احوال لکي ٿو جنھن کيس چيو:
”اسد! تو کي خبر آهي ته تون پيدائشي يهودي هئين ۽ تون پنهنجي مذهب کان غير مطمئن هئين. تنهنجي لاءِ ته موزون ترين رستو ته اهو ئي هو ته تون عيسائي ٿي وڃين ها، پر تو ماڳهين اسلام جي چونڊ ڪئي.“ اهو ٻڌي مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ جواب ڏنومانس؛ ”اڃا سڀ ڪجهه ضايع نه ٿيو آهي، جيڪڏهن تون منهنجي هڪ سوال جو تسلي بخش جواب ڏيندين ته آئون هينئر به مسيحت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن ائين ٿيو، ته آئون ايندڙ آچر تي ئي تو سان گڏ گرجا گهر هلي عيسائي ٿيندس.“
عيسائيت جي تبليغ ڪندڙ، وڏي تجسس مان پڇيو؛ ”اهو سوال ڪهڙو آهي؟“
مون چيومانس: ”ڇا توهان، مون کي تثليث (Trinity) جو مفهوم ٻڌائي سگهندائو؟“
ياد رهي ته عيسائين لاءِ خدا جو تصور هڪ نه پر ٽي آهن. (پيءُ، پٽ ۽ روح القدس جو ذات باري ۾ اتحاد)
هو دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: ”هيءُ ايمان جو هڪ راز آهي، جنهن کي لفظن جي لبادي ۾ آڻي بيان نٿو ڪري سگهجي، پر توهان حقيقي ايمان جي دولت سان پاڻ کي پابند ڪريو ته توهان جو قلب خود بخود ان حقيقت کي سمجهي سگهندو.“
مون جواب ۾ عرض ڪيو؛ ”اهو ئي ته سبب آهي، جنهن ڪري آئون عيسائيءَ بدران مسلمان ٿيس. توهان جو مذهب چوي ٿو ته؛ پهرين ايمان آڻيو ۽ توهان جي سمجهه ۾ مذهب اچي ويندو، جڏهن ته اسلام چوي ٿو ته؛ پهرين عقل استعمال ڪريو، ڇو ته اهو ئي توهان کي ايمان ڏي وٺي هلندو.“
اهڙيءَ طرح هيءُ بحث ختم ٿي ويو ۽ اسد کي هن تبليغيءَ، عيسائي ٿيڻ لاءِ نه چيو.
اسد جا ڪتاب ۽ مضمون، ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي، دنيا جا ڪيترا ئي ماڻهو مسلمان ٿيا. انهن مان هڪ آمريڪا جي يهودڻ مارگريٽ مارڪس به آهي، جيڪا پنهنجي اسلامي نالي مريم جميلا سان هڪ ليکڪا ۽ سچي مسلمان جي حيثيت سان مشهور آهي. هن هڪ پاڪستانيءَ سان شادي ڪئي ۽ پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت سندس ڄمار اسي ورهيه آهي. اڳتي هلي پاڻ هن عورت بابت پڻ حال احوال ڪنداسين.

No comments:

Post a Comment