Wednesday, June 20, 2012

ڪهڙو آمريڪا؟ - الطاف شيخ


ڪهڙو آمريڪا؟
الطاف شيخ
اسان ڪهڙي آمريڪا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ توهان جي اڳيان جي دنيا جو گولو آهي ۽ ان کي گول ڦيرائي ڏسندؤ ته پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿي ويندوَ ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي اڌ کان وڌيڪ سمنڊ ئي سمنڊ آهي. زمين اڌ کان گهڻي گهٽ آهي ۽ اها زمين هڪ ئي چَڪَ (وڏي Piece) ۾ هجڻ بدران ڇهه ست ٽڪرن ۾ آهي، جيڪي کنڊ Continents ٿا سڏجن. انهن مان هڪ ننڍو ٽڪراٽو هيٺ ڏکڻ اڌ گول ۾ آسٽريليا آهي ۽ جتي اسان رهون ٿا، اتي يڪا ٽي ٽُڪر (کنڊ) ايشيا، يورپ، آفريڪا نالي آهن، جيڪي معمولي ۽ سنهين پٽين سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ پوءِ ڪافي پري اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا کنڊ آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان پاناما، ڪاسٽاريڪا، نڪراگئا جهڙن پنج ڇهه سنهن ملڪن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وچ آمريڪا جا ملڪ سڏجن ٿا.


اتر آمريڪا واري کنڊ ۾ ڪئناڊا، USA ۽ ميڪسيڪو ملڪ آهن، ڏکڻ آمريڪا واري کنڊ ۾ چلي، ارجنٽائن، بولويا، برازيل، پيرو، ڪولمبيا، وينزويلا جهڙا ملڪ آهن. انهن سڀني ملڪن جا ماڻهو پاڻ کي آمريڪا سڏائڻ ۾ حق بجانب آهن، جيئن اسان وٽ ايراني، سعودي يا فلپينو ۽ جپاني پاڻ کي ايشيائي سڏايون ٿا. جيئن SANA نالي هڪ سنڌين جي ايسوسيئيشن آهي، جنهن جو نالو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا آهي. هن ۾ فقط USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جا ميمبر نه آهن، پر ڪئناڊا جا به آهن، ڇو جو ڪئناڊا به آمريڪا کنڊ جو حصو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو گهڻو واسطوUSA سان پوي ٿو، ان ڪري اسان لاءِ آمريڪا معنيٰ USA ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس معنيٰ آمريڪا آهي.
هڪ ٻي ڳالهه، آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ کنڊ ته هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ان ڪري صدين کان هڪ کنڊ جي ماڻهن جي ٻئي کنڊ تائين اٺ گهوڙن تي يا پيرين پيادي اچ وڃ لڳي پئي هئي. آمريڪا جي، اسان ماڻهن کي خبر ئي نه هئي. آمريڪا جي هڪ پاسي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ خطرناڪ سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي ته ٻئي پاسي ان کان به وڏو سمنڊ پئسفڪ، يورپ يا ايشيا ۽ آفريڪا جا ماڻهو آمريڪا پهچن ته ڪيئن پهچن؟ آمريڪا باقي کنڊن سان نه خشڪي رستي ڳنڍيل هو ۽ نه وري ڪي اهڙا پاڻيءَ وارا جهاز نڪتا هئا جو ڏينهن جا ڏينهن هلي آمريڪا پهچن. يورپي، انڊيا يا چين به پهرين خشڪيءَ رستي پهتا ۽ پوءِ، گهڻو گهڻو پوءِ، سندن جهاز ڪيپ آف گڊ هوپ اُڪري، هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتا ۽ پوءِ منزلون هڻندا، انڊيا جي بندرگاهن ڪوچين، سورت وغيره کان اچي نڪتا. پنج ڇهه سؤ سال کن اڳ تائين ته سڀني سمجهيو ٿي ته دنيا اها ئي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا تائين محدود آهي. چين ۽ جپان کان ڪو پنهنجو ٻيڙو پئسفڪ ۾ ڪاهي ويو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد پويان پير ٿي کنيائين، جو اڳتي ڪنهن منزل، ڪنهن ڌرتيءَ، ڪنهن تڙ جي اميد نه هئي. اهو ئي حال ائٽلانٽڪ پاسي هو. يورپ يا آفريڪا کان ڪنهن به اولهه جو رخ رکيو ٿي ته ڏينهن ٻن بعد مايوس ٿي موٽيو ٿي.
پوءِ آمريڪا جو کنڊ ڪولمبس وڃي ڳولي لڌو. ڳولي ڇا لڌو، هو ته پنهنجي پر ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي پئي ويو، پر کيس هوش ئي نه رهيو ته ابتي پاسي پيو وڃي ۽ جي واقعي آمريڪا کنڊ جو وجود نه هجي ها ته هاڻ سندس راشن پاڻي ختم ٿي چڪو هو ۽ بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي تن ڏينهن ۾ نيويگيشن جا ڪچا ڪُتي جي موت ئي مرندا هئا، پر ڪولمبس بچي ويو ۽ هڪ نئين دنيا جي خبر آڻي هيرو جو درجو حاصل ڪيائين. ڪرسٽافر ڪولمبس 1492ع ۾ يورپ ڇڏيو ۽ اٺن سالن بعد سن 1500 ۾ موٽي اچڻ تي، جنهن نئين دنيا بابت اچي ٻڌايو، اهي ڪئريبن سمنڊ جا ٻيٽ، ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۽ اتر آمريڪا کنڊ هو. يعني ان وقت جي حالتن جو جائزو لڳايو وڃي ته يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا وڃي ڪٿان جو ڪٿان پهتا هئا، پر ڪنهن کي به آمريڪا جي خبر نه هئي. اتي فقط اتي جا اصل باشندا ريڊ انڊين هئا ۽ جنگل ئي جنگل. جن ڏينهن ۾ ڪولمبس جهاز هاڪاري پئي ويو، ان وقت هندستان ۾ لوڌي گهراڻي جي حڪومت هئي. سڪندر لوڌي دهليءَ جو 1489ع کان 1517ع تائين حاڪم هو، جنهن کانپوءِ ابراهيم لوڌي تخت تي ويٺو. مغلن جي حڪومت 1526ع ۾ شروع ٿي. يعني بابر جڏهن تخت تي ويٺو ته اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ته سمنڊ جو ڪو ٻيو ڪنارو به آهي ۽ جتي سمنڊ ختم ٿئي ٿو، اتي ٻي ڌرتي آهي. ٻيلا ۽ جبل آهن، مٺي پاڻيءَ جا درياهه ۽ جانور آهن، نه ته ان کان اڳ تائين هند، سنڌ ۽ چين ته ڇا يورپين به ٽوٽل ڌرتي ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا جو کنڊ سمجهيو ٿي، جنهن جو وچ واقعي ميڊيٽرينين سمنڊ تصور ڪيو ٿي ويو، ان ڪري ان جو نالو به اهو ئي رکيو ويو يعني ”ڌرتي جو وچ“ مزي جي ڳالهه ته ان سمنڊ جو سنڌي يا کڻي چئجي سنسڪرت ۾ به ساڳي معنيٰ وارو نالو آهي. ڀؤنچ سمنڊ، ڀونءَ يعني ڌرتي جي وچ وارو سمنڊ.
هڪ صدي چئجي يا کڻي سوا صدي جو اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي آهي، نه ته انگلينڊ توڙي يورپ پاسي رهڻ جنجال هو. اسان جي ايشيا پاسي، هندستان هجي يا سريلنڪا، ملايا (ملائيشيا) هجي يا انڊونيشيا، کاڌي پيتي کان وٺي گهمڻ ڦرڻ جا موج مزا لڳا پيا هئا. کاڌا پيتا، پوکون فصل، ميوا، ڀاڄيون، ڪاريون مريون مسالا هر شيءِ وڏي مقدار ۾ هئي. هاٿي گهوڙا، عاج، چانديون، سون، هيرا جواهر، ڪهڙي قيمتي ۽ ڪمائتي شيءِ آهي، جيڪا ايشيا ۽ آفريڪا ۾ نه هئي. يورپ پاسي ٿڌ ڪري رهڻ ته عذاب هو، پر پوک ۽ فصل جي کوٽ ڪري ماڻهو بک ٿي مئا ۽ پوءِ جيئن ئي يورپين کي ٽيڪنالاجي هٿ آئي، جهاز ٺاهيائون، تيئن پنهنجا ملڪ ڇڏي، ڦر لاءِ ٻاهر نڪري پيا. پوءِ جتي پير ڄمائڻ لاءِ پهتا ٿي، اتي ٻاهريون ٻنو اهو ئي رکيائون ٿي، ته اسان عيسائيت جو درس ڏيڻ آيا آهيون يا اسين بيمارين جو علاج ڪرڻ آيا آهيون، پر اصل ڳالهه ٻين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ ۽ اتان مال لٽي پنهنجي وطن يورپ موڪلڻ هو ۽ يورپين جي گهڻي ڊوڙ ننڍي کنڊ ۽ انڊونيشيا پاسي هئي، جيڪو علائقو ايسٽ انڊيز سڏبو هو.
يورپين جو آمريڪا پهچڻ
اڄ کان پنج سؤ سال اڳ تائين سڄي دنيا جا Navigational چارٽ ته هئا ئي ڪو نه. ايسٽ انڊيز جهازن رستي وڃڻ جو مس مس اهو هڪ ئي رستو ڳولي لڌو هئائون، جنهن ۾ آفريڪا کي ڦيرو ڪري وڃڻو ٿي پيو.
1942ع ۾ ان وقت اسپين جي راڻي صاحبه اسابيلا پنهنجي طرفان ٽي جهاز اٽليءَ جي نيويگيٽر ڪولمبس حوالي ڪري، هن کي ڏورانهين ملڪن مان مال جي ڦر لاءِ موڪليو، جنهن ۾ جهاز جو خرچ پکو ڪڍڻ بعد باقي بچت ۾ ڪولمبس جي ڏهه سيڪڙو ڪميشن مقرر ڪئي وئي هئي. ڪولمبس کي آفريڪا جو ڦيرو ڪري ايسٽ انڊيز (ملايا انڊونيشيا) پاسي وڃڻو هو، پر هن عقل جي ڊوڙ ڪري حساب لڳايو ته اوڀر پاسي وڃڻ بدران جي اولهه پاسي نڪري پوندس ته ڪجهه هزار ميلن بعد جلدي ايسٽ انڊيز پهچي ويندس ۽ اهو نه فقط ڪولمبس جو خيال هو، پر ان وقت جي هر يورپي نيويگيٽر جو خواب هو ته اهڙا رستا ڳولجن، جو منزل تي جلد ۽ ٻين کان اڳ پهچي وڃجي. ستر ڏينهن جي سفر بعد ڪولمبس جتي پهتو، اهو ڪئريبين سمنڊ جا باهاما ٻيٽ هئا. ان بعد ڪولمبس جي، سندس مرڻ (1504ع) تائين ۽ ان بعد ٻين جي، هن پاسي اچ وڃ لڳي رهي ۽ چاليهارو سالن اندر اسپيني جهازرانن، ڪئريبين ٻيٽن، ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا ۾ چڱي وڏي حڪومت ٺاهي ورتي.
ڪئريبين سمنڊ وارا ٻيٽ، جن ۾ ٽرنيڊاڊ، ڪيوبا، ٽوباگو وغيره به اچي وڃن ٿا ۽ جن کي ڪولمبس پنهنجن گهٽ ۾ گهٽ ٻن سفرن دوران ايسٽ انديز ئي سمجهندو رهيو، اهي هاڻ ويسٽ انڊيز سڏجن ٿا، جتان جا ڪرڪيٽ رانديگر مشهور آهن.
اسپين کانپوءِ ٻئي نمبر تي پورچوگالين، آمريڪا تي هلان ڪئي ۽ انهن ٻن جو اثر نه فقط سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا تي رهيو، پر اتر آمريڪا ۾ به سڄي ميڪسيڪو ملڪ ۽ جنهن کي اڄ اسان USA سڏيون ٿا، ان جي گهٽ ۾ گهٽ ڏاکڻين رياستن ٽيڪساز، فلوريڊا ۽ لوزيانا تائين رهيو، جو اتي اڄ ڏينهن تائين اسپيني ۽ ٻئي نمبر تي پورچوگالي ڳالهائي ٿي وڃي. ٻئي زبانون هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿيون، جيئن اسان وٽ سرائيڪي ۽ پنجابي کڻي چئجي يا سنڌي ۽ ميمڻي يا ڪڇي کڻي چئجي.
انگريزن ۽ فرينچن، آمريڪا بابت بعد ۾ ڪن کڙا ڪيا ۽ انهن جو گهڻو قبضو اتر واري حصي ۾ ٿيو، جنهن کي اڄڪلهه اسين يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۽ ڪئناڊا سڏيون ٿا. ڪئناڊا جون سرڪاري زبانون انگريزي ۽ فرينچ آهن. جيتوڻيڪ USA جي انگلش آهي پر ٻار آپشنل سبجيڪٽ اسپيني زبان کڻن.  اسان جي سنڌي دوستن جا ٻار به هڪ ٻئي سان انگريزي کان علاوه اسپيني ڳالهائين ٿا، جو اي ليول امتحانن ۾ هنن کي اسپيني کڻڻي پوي ٿي ۽ جن اسڪولن ۾ هو وڃن ٿا، انهن ۾ اسپيني ڳالهائيندڙ ٻارن جو وڏو تعداد هجڻ ڪري، هو رسيس ۾ هڪ ٻئي سان اسپيني ئي ڳالهائين. هونءَ سواءِ هڪ ننڍڙي ملڪ سرينام جي ٻي سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ سينٽرل آمريڪا جي ملڪن ۾ اسپيني زبان ڳالهائي وڃي ٿي. مون سان گڏ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي هر ملڪ جو ڪلاس ميٽ هو. فقط USA کان آيل همراهه انگريزي ڳالهائيندو هو، باقي چِلي، برازيل، وينزويلا، ڪولمبيا، ارجنٽائين ۽ پئراگئي کان وٺي ڪاسٽريڪا، نڪاراگئا، پاناما هانڊرس، ميڪسيڪو ۽ گئاٽامالا جا شاگرد اسپيني ڳالهائيندا هئا يا پورچوگالي. سائوٿ آمريڪا ۾ خاص ڪري برازيل ۾ هسپانوي مسلمان به ڪافي رهن ٿا، جن مان ڪيترن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته مسلمانن جي اسپين تي حڪومت ختم ٿيڻ بعد قرطبه ۽ اندلس جا ڪيترا مسلمان هيڏانهن هليا آيا هئا.
بهرحال جيئن جيئن يورپين کي هن نئين دنيا (آمريڪا کنڊن) جي خبر پوندي وئي، هو جٿن جي صورت ۾ آمريڪا ڏي پهچڻ لڳا. ڪن کي حڪومت Sponsor ڪيو ٿي يعني حڪومت هنن کي جهاز جي مسافري جي سامان سان گڏ موڪليو ٿي، ته ڪن کي وڏن واپارين ۽ امير ماڻهن، پهرين ته بزنس ۽ ٽريڊنگ پوسٽون قائم ٿينديون رهيون ۽ پر پوءِ سگهو ئي قبضا ۽ Colonization شروع ٿي وئي.
آمريڪا ۾ پهرين ڪامياب ڪالوني تقريبن هڪ سئو سالن بعد 1607ع ۾ انگريزن جيمس ٽائون وٽ ٺاهي، جيڪو شهر اڄ واري ورجينا رياست ۾ آهي. ڪجهه سالن بعد چرچ انگلنڊ جي مذهبي ظلمن کان ڀڄي، انگريز curitan عيسائي آمريڪا آيا ۽ 1620ع ۾ انهن پلاءِ مائوٿ ڪالوني ٺاهي، جيڪا اڄڪلهه مساچوسيٽ رياست آهي، ائين ته يورپ جي ٻين ملڪن جا ماڻهو به آمريڪا ۾ آيا پر ڪالوني ٺاهي قبضو ڪري ويهڻ ۾ انگريزن جو جواب ناهي، جيئن گڏيل هندستان ۾به. جيتوڻيڪ پهرين پورچو گالي وغيره آيا، انگريز آخر ۾ آيا پر اهڙا نمونا ڪيائون جو تنبوءَ مان عرب ٻاهر ۽ اٺ اندر ٿي ويو. آمريڪا ۾ به ائين ٿي ويو. 1933ع تائين انگريز ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري سان لاڳو نيو هئمسفائر کان نارٿ جارجيا تائين تيرهن ڪالونيون ٺاهي ورتيون. فرينچن جو قبضو هڪ ته ڪئناڊا تي رهيو ۽ ٻيو USA جي اڄ واري لوئيزيانا رياست تي، جنهن ۾ سڄي مسي سپي ندي به شامل هئي.
هي فرانس ۽ انگلنڊ وارا جيڪي هاڻ چڱا مڙس ٿيو پيا هلن ۽ ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي، جرمنن سان مقابلو ڪيو هئائون. تن جو اتر آمريڪا جي ڌرتي کسڻ ۾ هڪ ٻئي سان چانڊين مگسين واري لڳل هئي. ارڙهين صديءَ ۾ انگريزن ۽ فرينچن جون نارٿ آمريڪا هڙپ ڪرڻ تان ڪيتريون ئي لڙايون هليون. آخري لڙائي جيڪا ست سال هلي ۽ 1763ع ۾ ختم ٿي، تنهن ۾ ڪئناڊا ۽ مسي سپي جو سڄو اوڀر وارو پاسو انگريزن والاريو.
بهرحال هي جنگين جو سلسلو اتي ختم نٿو ٿئي، ان بعد وري انگريزن جي ڪالونين جي پنهنجي ملڪ انگلنڊ سان نيڪس تي لڙائي هلي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ جنگيون هليون، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ سڀني کي مٿي ۾ سور وجهڻو آهي. بس سمجهو ته پوءِ سڀ حصا پتيون ڪري سڌري ويا ۽ civilized ٿي اوڳرايون ڏيئي باقي دنيا کي باشڻ ڏيڻ لڳا. هتي جو اصلي باشندو ريڊ انڊين وغيره جيڪو هنن يورپين ۽ انگريزن جي اچڻ کان اڳ پنهنجي ڌرتي تي سڪون سان رهيو پيو هو اهو ويچارو اڄ تائين غريب مسڪين ٿيو پيو هلي ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ در در جا ڌڪا پيو کائي. آمريڪا ۾ لڏي رهڻ وارن پنهنجين اباڻين حڪومتن مان جان ڇڏائي.
انگلنڊ ۽ يورپ کان جيڪي ماڻهو آمريڪا اچي رهيا هئا، انهن تي سندن اباڻين حڪومتن، خاص ڪري انگلنڊ ڪنٽرول تي رکڻ چاهيو، پر پوءِ مڙيئي وڙهي جڙهي هڪ ٻئي مان جان ڇڏايائون ۽ آمريڪا وارن کي آزادي نصيب ٿي. چون ٿا ته ان آمريڪي انقلاب جي آخري جنگ 1781ع ۾ ورجينيا جي يارڪ ٽائون شهر ۾ لڳي، جنهن ۾ آمريڪن  فرينچن گڏجي انگريزن کي اهڙا کلا هنيا، جو انگلنڊ وارن کي آخرڪار آڻ مڃڻي پيئي. آمريڪا جي ڪن حصن ۾ اها لڙائي وڌيڪ ٻه سال هلندي رهي پوءِ سرڪاري طرح 1783ع  ”پئرس سمجهوتي“ هيٺ ختم ٿي وئي، جنهن موجب انگلنڊ جي آمريڪا ۾ رهندڙن جي آزادي ۽ ملڪ تسليم ڪيو.
ان جنگ جو هيرو آمريڪا جي مشهور شخصيت جارج واشنگٽن هو، جيڪو پوءِ آمريڪا جو پهريون صدر ٿيو. هڪ ٻيو همراهه جنهن هن آزادي جو پڌرنامو لکيو ۽ آئين لکڻ ۾ مدد ڪئي، اهو ٿامس جيفرسن هو ته جيڪو پوءِ اڳتي هلي 1801ع ۾ آمريڪا جو ٽيون صدر چونڊيو. فرانس جو جيڪو مسي سپي ندي جي کاٻي پاسي وارو علائقو هو، اهو هن صدر فرانس کي پئسا ڏئي خريد ڪري، آمريڪا USA ۾ ملايو، جيڪو لڳ ڀڳ ٻه ملين چورس ڪلوميٽر ڌرتي ٿيندي ۽ هوڏانهن فرانس کي به ڪهڙو سور! ڪهڙي سندن پيءُ ڏاڏي جي جاگير هئي، جن ريڊ انڊين جي ڌرتي هئي، ڪهڙي مجال جو ڪجهه ڪڇن، ويتر وڏو الميو اهو جو هيستائين هنن جو تعداد ئي گهٽجي گهٽجي وڃي فقط نمائش جوڳو بچيو هو.
فرانس ۽ انگلنڊ وارن جي آمريڪا جهڙي ڏورانهين ڏيهه ۾ رهندڙ سندن ماڻهن تي نه کڻي نه هليس گهي پر انهن ئي ڏينهن ۾ هنن جا ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ ۾ ته مزا ٿي رهيا هئا. ٺيڪ ان سال يعني 1801ع ۾ جڏهن ٿامس جيفرسن آمريڪا جو صدر ٿيو، ته فرانس مصر تي قبضو ڪيو ۽ هوڏانهن انگريزن جو جنرل ليڪ دهليءَ ۾ گهڙيو. مغل حڪومت تيستائين اڳڙين جي گڏين وانگر ٿي چُڪي هئي، جنهن کي پوءِ پنجاهه سالن بعد 1857ع ۾ هميشه لاءِ خاموش ڪرايو ويو. ان کان اڳ 1839ع ۾ انگريزن عدن تي قبضو ڪري ڇڏيو. اها پوري صدي چوڌاري ڦرلٽ ۽ قبضا جاري رهيا. سڀ يورپي موج مزي ۾ اچي ويا هئا. پوءِ هٽلر جڏهن ڏنڊو کنيو ۽ هتان ڏور اوڀر کان جپاني بدمعاشيءَ تي لهي آيا، ته سڀني جون وايون بتال ٿي ويون پوءِ ڪجهه اسان جا ليڊر پيدا ٿي پيا، ڪجهه هنن انگريزن ۽ يورپين پيدا ڪيا ۽ قبضا ڪيل ملڪ ڇڏي وڃي، پنهنجي پنهنجي گهران نڪتا.
هوڏانهن آمريڪا ۾ رهيل يورپي ۽ انگريز زمينن تي قبضا ته ڪري ويٺا پر ڪمند، تماڪ يا ڪپهه جهڙن فصلن ۾ ڪم ڪير ڪري، گهاٽن جهنگن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي ڪير ڪري. آمريڪا جا اصل باشندا نه ايتري تعداد ۾ هئا ۽ نه اهڙا همت ڀريا. پوءِ هنن کي ان جو جواب آفريڪا ۾نظر آيو. پوءِ آفريڪا مان جيڪو غلام انسانن جو ڪارگو سڄي صدي هليو، ان جون انيڪ ڏکوئيندڙ ڪهاڻيون، ڪتاب ۽ فلمون آهن، ڪيئن آفريڪا جي شهرن ۽ جنگلن مان جوان مرد شيدين کي موچڙي مار ۽ نشي پتي تي جانورن وانگر سوگهو ڪري، جهازن ۾ اڃيو بکيو آمريڪا وڪري لاءِ پهچايو ٿي ويو. انهن شيدي غلامن کان آمريڪا ۾ سخت کان سخت پورهيا ڪرايا ٿي ويا. اڄ جيڪي آمريڪا ۾ ڪارا نظر اچن ٿا، اهي گهڻي ڀاڱي انهن غلام شيدين جو اولاد آهن.
آمريڪا (USA) جون مختلف رياستون ٻين سڀني ڳالهين تي ته يڪدم هڪ ٿي ويون، پر غلامي ختم ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿي ٿيون. 1860ع ۾ جڏهن ابراهم لنڪن (جيڪو غلاميءَ جي سخت خلاف هو) آمريڪا جو صدر چونڊيو ته يارهن رياستن، يونين ڇڏي الڳ ملڪ Confederate States of America ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. انهن رياستن ۾ سائوٿ ڪئرولينا، مسي، سپي، فلوريڊا، الباما، جارجيا، لوئيزيانا، ٽيڪساز، ورجينا، ارڪنساس، ٽينيسي ۽ نارٿ ڪئرولينا شامل هيون. سائين سول جنگ شروع ٿي وئي ۽ ٻه سال هلندي رهي، ايتري قدر جو هن جنگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
This civil war was the most traumatic episode in American history.
بهرحال هن جنگ بعد، غلاميءَ (Slavery) کي، هميشه هميشه لاءِ ٻنجو اچي ويو ۽ اهو پڻ فيصلو ٿي ويو ته:
This country is not a collection of semi-independent states but an indivisible whole.
انهن سڀني ڳالهين جي فيصلن ٿيڻ بعد 1865ع ۾ هن ملڪ جو هي صدر ابراهم لنڪن جنهن کي غلاميءَ سان نفرت هئي، تنهن کي هڪ ٿيٽر ۾ قتل ڪيو ويو.
غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ حيدرآباد جو شهر نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏو ۽ سهڻو هو
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا (USA) جي ترقي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڏٺو وڃي ته اڄ کان پنج سؤ سال اڳ جڏهن ته يورپ توڙي ايشيا جا ڪيترائي ملڪ تمام اڳتي نڪتل هئا، آمريڪا ويران بيابان ۽ گهاٽو جنگل هو، جتي پڪي رستي جو هڪ ميل به ٺهيل نه هو. ڪا سائيڪل، گاڏو يا ڪو اسڪول ۽ دواخانو نه هو.
1492ع کان 1500ع تائين اسپين جي راڻيءَ طرفان ڪولمبس آمريڪا جا ٻه چار چڪر هنيا. ڪجهه ماڻهو اتي پهچايا، ڪجهه اتي جا ريڊ انڊين نموني خاطر اسپين ۾ آندائين ۽ ان سان گڏ نئين دنيا جون دلچسپ خبرون جن کي ٻڌي پورچوگالي، فرينچ ۽ ٻيا يورپين ۽ انگريز آمريڪا روانا ٿيا. ڪل وارا جهاز اڃان ايجاد نه ٿيا هئا. سڙهن (sails) تي هلندڙ ٻيڙا هفتن بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپي آمريڪا پهچندا هئا. ان اڻانگي سفر ۾ ڪيترائي جهازي بک ۽ بيماريءَ سبب مري ويا ٿي. خراب سمنڊ، خوفناڪ ڇولين ۽ طوفانن جي سٽ نه سهي، جهازين سميت جهاز ٻڏي ويا ٿي. پهريان هڪ سؤ سال ته رڳو اچ وڃ لڳي رهي. يورپ جون قومون آمريڪا پهتيون ٿي جيڪي ڪجهه مال ملڪيت، سون، عاج ۽ قيمتي ڌاتن ۾ حاصل ڪري سگهيون ٿي، اهي کڻي واپس پنهنجي يورپي ملڪ ۾ خوشحالي جي زندگي گذاريائون ٿي. ان بعد آهستي آهستي هر يورپي ملڪ آمريڪا تي ليڪو ڪڍندو ويو ته هي حصو اسان اسپين جو ٿيو، هي حصو اسان پورچوگالين جو ٿيو، هي فرينچن جو ٿيو ۽ گهرو زندگي گذارڻ ۽ رهي پوڻ لاءِ هو پنهنجي ملڪ جون زالون ۽ پورهئي مزوريءَ لاءِ آفريڪي شيدي ساڻ کڻي آمريڪا پهچڻ لڳا. ڪٿي ڪٿي مڪاني ۽ اصل رهندڙ ريڊ انڊين کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، ڪٿي جنگيون هليون، جن ۾ هنن يورپين ۽ انگريزن ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، بندوقن جو استعمال ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ريڊ انڊين کي بُل لڳو ته هنن گورن يورپين کي ٽهڪيل پاڻيءَ جي ديڳ ۾ رڌي ڪچو کائي ڇڏيو.
مڪاني ماڻهن کي قبضي ۾ آڻڻ بعد، هنن لڏي آيل يورپين جا پنهنجي ملڪ جي حڪومت سان سالن تائين جهيڙا هليا، جو يورپ جي هر حڪومت چاهيو ٿي ته هن جي قوم جا ماڻهو جيڪو آمريڪا ۾ عيش ڪري رهيا آهن ۽ وڃن مال ڦٻائيندا، ان جو هڪ حصو ٽئڪس طور يورپ موڪلين. پهرين ته ائين ئي ٿيندو رهيو، پر پوءِ جڏهن هي آمريڪا ۾ آيل نوان Settler ڏندين ڏاند ٿيا ته پوءِ پنهنجين حڪومتن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار کان آڱوٺو ڏيکارڻ لڳا.
پنهنجن ملڪن جي حڪومتن مان جان ڇڏائي، پوءِ هنن پنهنجو پاڻ ۾ ٻک وڌا ۽ ڪي سال نئين ملڪ ۾ هٿ ڪيل زمينن تان وڙهندا رهيا ته ڪنهن جي حد ڪٿان کان ڪيستائين هئڻ کپي ۽ پوءِ جڏهن انهن سڀني ڳالهين جا فيصلا ٿي ويا ته پوءِ پنهنجن نالن پٺيان دهلوي، لکنوي، ٺٽوي، لاهوري، يعني انگلينڊ، فرانس، اسپين، اٽلي جا رهاڪو سڏائڻ بدران سڀ پاڻ کي آمريڪن سڏائڻ لڳا. آئين ٺاهيائون ۽ پنهنجو جڏهن پهريون صدر چونڊيائون ته اهو سال 1789ع هو. يعني تقريبن ٻه سؤ سال کين نئين ڌرتي تي ٺهي ٺڪي رهڻ ۾ لڳي ويا. سمجهو ته 1500ع تائين ڪولمبس هي نئون ملڪ ڳولهي خبرعام ڪئي ۽ يورپين آهستي آهستي ٿي آمريڪا ڪوچ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهرين ڪامياب ڪالوني انگريزن سن 1607ع ۾ ورجينا ۾ ٺاهي ۽ پوءِ ٻين به رهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجن پراون سان جهيڙا جهٽا ڪري 1789ع ۾ جارج واشنگٽن صدر چونڊيائون ۽ ملڪ جون حدون مقرر ڪيائون، جو کين انگلينڊ، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن طرفان آزادي يا خودمختياري ئي 1783ع ۾ Treaty of Paris (پئرس عهدنامي) موجب ملي. ان حساب سان ڏٺو وڃي ته هي ملڪ USA سياست، تاريخ ۽ ڪلچر جي لحاظ کان ٻه يا سوا ٻه سؤ سال ڪو مس پراڻو آهي. يعني شاهه لطيف جي وفات 1752ع ۾ ٿي، ان کانپوءِ 30 سال رکي، آمريڪا(USA)  وجود ۾ آيو. يعني انهن ڏينهن ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي حيدرآباد، نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڏي ۽ ماڊرن هئي. حيدرآباد ته ڇا مخدوم ميان محمد جو ٻڌايل ڳوٺ مرتضيٰ آباد (جيڪو پوءِ هالا پراڻا سڏيو ويو) نيويارڪ جي بندرگاهه کان وڏو هو، جتان ڏينهن رات ٻيڙا ملتان ۽ ٺٽي ڏي روانا ٿيا. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا تمام تکي ۽ گهڻي ترقي ڪئي. يورپ ۽ انگلينڊ جي قابل واپارين ۽ سائنسدانن ۽ آفريڪا جي پورهيت ۽ پهلوان شيدين هن ملڪ کي ٻه سؤ سالن اندر خبر ناهي ڪٿان کان ڪٿي وڃي بيهاريو آهي.
آمريڪا جي تاريخ تي جتي مٿاڇري نظر وجهجي ته هن ملڪ (USA) ۾ يورپ ۽ آفريڪا جي مختلف ملڪن جي ڀانت ڀانت ماڻهن کي هي نئون ملڪ USA ٺاهي، ان تي پاڻ حڪمت ڪرڻ جي آزادي 1783ع ۾ ملي. 1789ع ۾ ملڪ جو پهريون صدر جارج واشنگٽن ٿيو ۽ پوءِ به سچ ڳالهه ته اها آهي ته هڪ سؤ سال کن آمريڪا ائگريڪلچر مان ئي ڪمائيندو رهيو. صحيح معنيٰ ۾ جي ڏٺو وڃي ته آمريڪا اوڻهين صدي جي ٻي اڌ کان وٺي وڏي ترقي ڪئي. ملڪ جو سورهون صدر ابراهم لنڪن جنهن ملڪ ۾ غلامي ختم ڪري، ملڪ ۾ رهندڙ شيدين کي برابر جا حق ڏنا، کيس 1865ع ۾ قتل ٿي ويو. ان بعد ائنڊريو صدر ٿيو. بهرحال اوڻهين صدي جي هن اڌ کان آمريڪا ۾ ائگريڪلچر سان گڏ انڊسٽريل انقلاب به آيو. پهريون ٽرانس ڪانٽينينٽل ريل روڊ 1869ع ٺهي راس ٿيو ۽ سن 1900ع تائين USA (آمريڪا) ۾ ريل جو مفاصلو سڄي يورپ جي ريل کان وڌي ويو هو. ٻاڦ جي انجڻ ۽ ان بعد پيٽرول ۽ ڊيزل جي انجڻ به ايجاد ٿي وئي ۽ آمريڪا ۾ پيٽرول جي انڊسٽري خوشحال ٿي وئي. اسٽئنڊرڊ آئل ڪمپني جو مالڪ جان راڪ فيلر آمريڪا جي امير ترين ماڻهن مان ڳڻجڻ لڳو. ائنڊريو ڪارنيگي، جيڪو اسڪاٽلينڊ جو هڪڙو مسڪين پورهيت هو، اهو رڪ جي ڪارخانن جو ڄڻ ته  شهنشاهه ٿي ويو. ٽيڪساز، لوزيانا ۽ ڏکڻ جون ٻيون رياستون ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ اڳيان وڌي ويون. گوشت پئڪ ڪرڻ جي ڪارخانن ۾ شڪاگو جهڙا شهر اڳيان نڪري آيا. اليڪٽرڪ سٽي، بلبن، گراموفون، وائرليس، ٽرانسفر ۽ موشن پڪچرز جي ايجادن مان آمريڪا وڏو فائدو ورتو. هنن وٽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هئا. ڊاڪٽر ۽ سائنٽسٽ هئا. اسپتالون ۽ يونيورسٽيون هيون، پورهيت ۽ مزور هئا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪچو مال اڻ ميو هو. ويا بهتر کان بهتر شيءِ ٺاهيندا ۽ ايڪسپورٽ ڪندا. جپانين کان به گهڻو گهڻو اڳ هنن ڪَل جا جهاز ٺاهي ورتا. آرڪيٽيڪٽ لوئس سليوان اسٽيل لوهه جا فريم ٺاهي، گهڻ ماڙ عمارتون جوڙي ورتيون. پليون ۽ ريل گاڏيون ٺاهي ورتائون. جپانين ۽ جرمنين کي به خبر نه پيئي، ته آمريڪن ماٺ ماٺ ۾ ائٽم بم جهڙيون خطرناڪ شيون به ٺاهي ڇڏيون آهن، نه ته هنن سمجهيو ٿي ته آمريڪي اهي جاهل وڏيرا آهن، جن وٽ ملڪ جون زمينون ڀليون هجڻ ڪري زمينداريءَ مان پئسو ته اچي ويو آهي، پر تعليم ۽ عقل نه اٿن. سو پرل هاربر تي جپانين پنهنجن خودڪش حملو ڪندڙ ڪامي ڪازي پائلٽن ذريعي آمريڪي ٻيڙو تباهه ڪري، پنهنجي ئي پٺي پئي ٺپري ته آمريڪا هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي ڀينگ ڪري کين هوش ۾ آڻي ڇڏيو.
آمريڪا جي مختصر تاريخ
اتر آمريڪا کنڊ تي نظر ڪبي ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس(USA)  جي ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو آهي ۽ اتر ۾ ڪئناڊا. ڪئناڊا جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ الاسڪا آهي، جيڪا وڌيڪ اولهه ۾ روس جي ٻي سرزمين سان وڃيو لڳي. وچ ۾ برنگ (Bering) سمنڊ جو ڪجهه حصو آهي، جيڪو سال جا نو مهينا ته برف ٿيو پيو آهي. الاسڪا روس (USSR) جو حصو هو، جيڪو 1867ع ۾ آمريڪا وارن روس کان خريد ڪري آمريڪا جي 49هين رياست ڪئي. ان وقت ته پيٽرول ۽ گئس جي اهميت جي خبر هئي ۽ نه ڪي اهڙيون انجڻيون نڪتيون هيون، جن ۾ پيٽرول يا ڊيزل استعمال ٿئي. الاسڪا تمام گهڻو اتر ۾ هجڻ ڪري، اُتي بيحد ٿوري آدمشماري ايسڪيموزجي هئي، جيڪي قطبي رڇ ماري انهن جون کلون ڏاکڻن علائقن ۾ رهندڙن کي وڪڻي، سال جو سيڌو پاڻي خريد ڪري ويا ٿي. سڄو الاسڪا برف ئي برف هجڻ ڪري نه ڪو فصل ٿيو ٿي، نه ڍڳيون ڍور چري سگهيا ٿي. اهڙي زمين خريد ڪرڻ تي آمريڪا راضي ٿي ويو ۽ ان وقت جي صدر ائنڊريو جانسن کي ان خريداري لاءِ ڪيترا سال پنهنجو آمريڪي عوام بيوقوف چوندو رهيو. هوڏانهن روسي پنهنجي پر ۾ خوش ته هنن بيڪار زمين آمريڪا حوالي ڪري ڪجهه نه ڪجهه ڊالر حاصل ڪري ورتا.
الاسڪا جي زمين جيڪا روس کان خريد ڪرڻ وقت غلط فيصلو سمجهيو ويو ٿي، پوءِ سگهو ئي معلوم ٿيو ته الاسڪا جنهن جي مٿان ته برف جون ڇپون نظر اچن ٿيون، پر هيٺ تيل جون نديون وهي رهيون آهن. اڄ ان الاسڪا USA کي خوشحال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو في الحال پنهنجي الاسڪا واري تيل کي بچائي مڊل ايسٽ مان خريد ڪري رهيو آهي. جڏهن ٻين جو تيل کپي ويندو ته هو الاسڪا وارو تيل آرام سان ڪڍي استعمال ڪري سگهندو.
آمريڪا جي پنجاهين رياست هوائي ٻيٽ آهي
ان ٻيٽ کان علاوه آمريڪا(USA)  ۾ ٻي ڪا واڌ نه آئي آهي. 1848ع کان سندس حدون(Territory)  ساڳيون مقرر رهيون آهن. البتا 1890ع واري ڏهاڪي ۾ ملڪ جون حدون وڌائڻ جو جنون پيدا ٿيو. اتر يورپ جي ملڪن کي ڏسي، آمريڪا (USA) ايشيا، آريماڪ ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي ماڻهن کي ”تهذيب يافته“ بنائڻ جو بار پنهنجي مٿي تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اسپين جي قبضي هيٺ آيل ٻيٽ ڪيوبا تي جيڪي ان وقت عوام سان ظلم ٿي رهيا هئا، انهن جو احوال آمريڪا وارن پنهنجين اخبار ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيو. اسپين کي باهه وٺي ويئي ته ڪالهه جا ڪنگلا ڇورا جيڪي هتان لڏي وڃي USA ۾ رهيا آهن، اهي اسان جي ڪمن تي ٿا آڱريون کڻن. 1898ع ۾ اسپين ۽ USA جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جڏهن لڙائي ختم ٿي ته اسپين جي قبضي جون ڪيتريون شيون USA جي حوالي ٿي ويون. ڪيوبا، فلپين، پورٽو ريڪو ۽ گئام ٻيٽ ۽ انهن سان گڏ هڪ ئي جهٽڪي ۾ هوائي ٻيٽ به USA حوالي ٿي ويا.
ياد رهي ته هن جنگ کان اڳ فلپين اسپين جي قبضي ۾ هو، جئين ملايا، سنگاپور وغيره انگريزن جي حوالي هئا. انڊونيشيا ڊچن جي قبضي ۾ هو. فلپين وارن جي پنهنجي مادري زبان تگالوگ آهي، پر اسپين جي قبضي ۾ رهڻ ڪري هو اسپيني به سکي پيا، جيئن انڊونيشيا وارا ڊچ زبان پڻ ڳالهائين ٿا. آمريڪا جي قبضي ۾ اچڻ بعد فلپين ۾ انگريزي زبان جو واهپو شروع ٿي ويو.
آمريڪا (USA) وارا ڪيوبا وغيره تي قبضو ڪري خوش ڪونه هئا، جو هنن خود فرانس ۽ انگلينڊ وارن کان پاڻ کي آزاد ڪرايو هو. 1902ع ۾ يعني چئن سالن بعد آمريڪي فوجين کي ڪيوبا مان واپس گهرايو ويو. فلپين واپس اسپين جي حوالي نه ٿي ٿيڻ چاهيو، بلڪ USA وارن جي 51هين رياست ٿي رهڻ ٿي چاهيو، جيئن USAوارن هوائي ٻيٽن کي 50هين رياست ڪري رکيو، پر USA فلپين کي ائين پاڻ سان رکڻ لاءِ تيار نه هو. ظاهر آهي هوڏانهن هوائي ٻيٽن تي عوام نه برابر، رب جي ڌرتي جام ۽ موسم خوشگوار ۽ هيڏانهن فلپين جي عوام بي انتها، هڪ طرف ته غربت ۽ آسماني آفتون ٻوڏون، طوفان، زلزلا ٻئي طرف. فلپين کي USA جو حصو بنائڻ معنيٰ روندڙ اڏامن يا پاڻي وارن جهازن ۾ هڪ هڪ ٿي سڀ فلپيني USA پهچي وڃن، جتي فلپين جي مقابلي ۾ هر هڪ کي وڏي خوشحالي ۽ موچارو مستقبل نظر آيو ٿي. وري USA فلپين مان به هٿ ڪڍيا. 1907ع ۾ کين هڪ لميٽيڊ خودڪار حڪومت جوڙڻ جي آزادي ڏني وئي ۽ 1946ع ۾ آلاسڪا وانگر USA جي رياست جو درجو ڏنو ويو. هوائي پئسفڪ سمنڊ جي بلڪل وچ ۾ ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جنهن جو هونو لولو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جو شروع ۾ مختصر ذڪر ڪري چڪو آهيان، ته اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر خالد زمان (جنهن ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ ٽي وي تي به ڪم ڪيو) رهي ٿو.
اپريل 1961ع ۾ روسين هڪ ٻئي پٺيان خلا ۾ راڪيٽ ڇڏيا، جن مان هڪ ۾ ماڻهو به موڪليائون، جيڪو راڪيٽ ۾ ڌرتيءَ جي چوڌاريOrbit  ۾ چڪر هڻي آيو. آمريڪا جي تنهن وقت جي صدر جان ڪينيڊيءَ پنهنجي قوم سان واعدو ڪيو ته سٺ جي ڏهاڪي پوري ٿيڻ کان اڳ آمريڪا چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ڪينيڊيءَ جو اهو واعدو جولاءِ 1969ع ۾ پورو ٿيو، جڏهن ائسٽورنا نيل آرم اسٽرانگ اپولو ٻئي ۾ چنڊ تي پهتو.
ڪينيڊي جي قتل بعد لنڊن جانسن جيڪو ان وقت وائيس پريزيڊنٽ هو، سو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ ڇهن سالن تائين (1969ع تائين) يو ايس اي جو صدر رهيو. پنهنجي صدارت واري دور ۾ هو ويٽنام واري جنگ ۾ اٽڪي پيو. 1968ع تائين آمريڪا جا پنج لک سپاهي هڪ ڏورانهين ننڍڙي ملڪ ۾، جنهن بابت ڪيترن کي ڪا خاص ڄاڻ نه هئي، ڪنهن بهتر نتيجي نڪرڻ بنا وڙهندا رهيا. عوام کي هن ڏورانهين جنگ لاءِ ڪا دلچسپي نه هئي، جنهن ۾ سندن ٻچا مارجي ويا هئا، پر سياستدانن اهو ئي سمجهيو ٿي ته اهو مهاڏو ضروري آهي ۽ ويٽنام سان گڏ سندن وڏن چين ۽ روس کي سبق سيکارڻ کپي. مال ۽ جان وڃائڻ باوجود هن جنگ مان آمريڪا کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. ملڪ اندر عوام جي هڙتالن ۽ جلوسن ملڪ جي حاڪمن کي منجهائي رکيو. لنڊن جانسن جي شهرت کي ڪافي ڌڪ لڳو. 1968ع ۾ جيئن ئي رچرڊ نڪسن صدر ٿيو ته هن ويٽناڪ جي جنگ مان پنهنجن ماڻهن کي ٻاهر ڇڪڻ شروع ڪيو ۽USA  جهڙي پهلوان ملڪ پنهنجي جان ڇڏائي سک جو ساهه کنيو. اهو ئي سبب آهي جو هن دفعي افغانستان ۽ عراق واري جنگ ۾ هٿ ڳنڍڻ کان اڳ گهڻي سوچ ويچار ڪئي ته ڪٿي وري ويٽنام واري خواري نه ٿئي.
رچرڊ نڪسن هڪ اعليٰ ڊپلوميسي جو ڪم اهو به ڪيو جو هن آمريڪا ۽ چين جا تعلقات بهتر ڪرايا. سالن کان چين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي لاءِ نفرتون پيدا ڪري رهيا هئا، انهن جو نڪسن خاتمو آندو. ان ڪم ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا جي نمائندي ڪسنجر جي پاڪستان معرفت چين جي سربراهن سان ملاقات ۽ دوستي ٿي. رچرڊ نڪسن کي جتي چين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جو ڪريڊٽ مليو، اتي هو واٽر گيٽ ڪيس ۾ ڦاسي پيو. صدارت جي Campaign ورڪ دوران واشنگٽن جي واٽر گيٽ آفيس ۾ ٺهيل ڊيموڪريٽڪ پارٽي هيڊ ڪوارٽر ۾ گهڙي آيل پنج ڌاڙيل پڪڙجي پيا. اخباري نمائندن جي Investigation جاچ تي خبر پيئي ته اهي همراهه نڪسن کي صدارت جي ڪرسي لاءِ وري چونڊرائڻ واري ڪميٽي طرفان مقرر ڪيا ويا هئا. نڪسن ان جو اعتراف نه ڪري ويتر پنهنجو ڪيس ڦٽائي رکيو، ڇو جو پوءِ اڳتي هلي رڪارڊ ٿيل ٽيپن مان سڄو راز فاش ٿي ويو. 1974ع ۾ نڪسن کي صدارت ڇڏڻي پيئي ۽ هو آمريڪا جي تاريخ جو پهريون صدر ٿيو، جنهن صدارت تان استعيفيٰ ڏني.
رچرڊ نڪسن بعد آمريڪا جا هيٺيان صدر ٿيا:
فورڊ 1974ع کان 1977ع تائين.
جمي ڪارٽر 1977ع کان 1981ع تائين.
رونالڊ ريگن 1981ع کان 1989ع تائين.
جارج بش 1989ع کان 1993ع تائين.
بل ڪلنٽن 1993ع کان 2001ع تائين.
جارج ڊبليو بش 2001ع کان 2009ع تائين.
باراڪ اوباما 2009ع کان.....

No comments:

Post a Comment