Sunday, June 02, 2013

درياءِ ٽيمس جا نظارا، بالم ۽ بئنڪاڪ - عبدالحي پليجو

درياءِ ٽيمس جا نظارا، بالم ۽ بئنڪاڪ
عبدالحي پليجو 
جوانيءَ ۾ هر سال يا ته ڪڏهن سال ۾ ٻه دفعا به بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. پهرين ته بئنڪاڪ ۾ هوٽلن ۾ رهڻ ٿيندو هو، پر پوءِ آخر ۾ هڪ دوست جي گهر رهبو هو، جنهن جي ڪري بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ته ايئر پورٽ کان سڌو انهيءَ جي گهر ڏهه ٻارهن ڏينهن صرف انهيءَ هڪ گهر تائين محدود رهبو هو، واپسيءَ ۾ بئگ هٿ ۾، سڌو ايئرپورٽ ۽ پوءِ واپس ڪراچي. صرف هڪ ڀيرو اسان ٻئي گڏجي سنگاپور وياسين. اهو ٻيو ماڻهو هو ڪيسرا سينگڪسم جاد، جنهنڪري ايترا دفعا بئنڪاڪ ويس، انهيءَ ڳالهه کي به ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. هاڻي ته نيو ايئر جو ڪارڊ به هڪ ٻئي ڏانهن ڪونه موڪليون. آخري خط 1998ع ۾ لکيائين، جنهن ۾ لکيائين ته، منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ سندس نئين گهر جي ائڊريس ۽ فون نمبر به موڪليائين ۽ چيائين ته جڏهن بئنڪاڪ اچين ته مونسان ضرور ملجان. آئون توکي پنهنجي گهوٽ سان به ملائينديس. انهيءَ کانپوءِ صرف هڪ  دفعو نيو ايئر جو ڪارڊ مليو، جنهن کانپوءِ وري نه آئون بئنڪاڪ ويس ۽ نه ڪو رابطو ٿيو. پنهنجي دل تي هي شعر لکي ڇڏيم ته:
اب ڪي هم بڇڙي، تو شايد خوابون مين ملين.
جس طرح هوئي پهول ڪتابون مين ملين.
۽ ائين پراڻين يادن ۾ گم سم ويٺو هئس ته انگريز ڊرائيور ٽئڪسيءَ جي دري کولي، اسان جي لهڻ واري ائڊريس جو پُڇيو ۽ مون صرف هي لفظ کيس ٻڌايا ته Endlshom 96 Balham A.T.O.Z هو نقشو ڏسي ڀڻ ڀڻ ڪري پوءِ اڳتي هلڻ لڳو ۽ ٿوري دير ۾ اچي ڀوراڻي جي گهر جي اڳيان بيٺو، جنهن تي 96 نمبر ڏسي اسين به ٽئڪسيءَ مان هيٺ لٿاسين. ڀاڙو ڏيئي پنهنجو سامان کڻي اچي در تي گهنٽي وڄائي سين، ته ڀوراڻي دروازو کولي اسانکي ڀليڪار ڪئي. آئون ۽ مِنا مٿي ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن هلي وياسين. محبوب ڀوراڻي سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويو، جيڪو ڪافي وقت اڪيلو رهڻ ڪري، هنن سان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿي ويو ۽ اسان به هاٽ شاور وٺي ٿوري دير آرام  لاءِ ليٽياسين، ته محبوب فون ڪري پڇيو ته توهان لاءِ چانهه موڪليان، مون چيس ته اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ۽ ائين اسان اڌ ڪلاڪ ۾ ٿورو ريسٽ ڪري ورتو ۽ چانهه به پهچي وئي. مون مِنا کان پُڇيو ته شام ٽاڻي گهمڻ لاءِ ڪيڏانهن هلبو؟ پاڻ چيائين ته پندرهن ڏينهن جو ٿڪ آهي، اڄ گهر ۾ ئي آرام ڪبو. مٿي باورچي خاني ۾ آئون دال ڀت ٿي رڌيان، سو کائي سمهي رهبو. محبوب کي چئو ته ڌنئورو ٻاهران گهرائي وٺي. مون کيس ٻڌايو ته ڀوراڻي ٻاهر Bar.B.Q ٺاهڻ هينئر ئي شروع ٿي ويو آهي، سو تو وارو ڀت هلي ٻني ۾ کائينداسين، باقي هتي لنڊن آيا ئي گهمڻ آهيون، سو جي آرام ڪيوسين ته پوءِ روز روز لنڊن ۾ ته ماڻهو ڪونه ٿو اچي، ٻيو نه ته به ڪلاڪ اڌ هت بالم جي گهٽين ۾ چڪر هڻي آياسين، ته وري ’لنڊن وارا‘ ٿي وينداسين. پاڻ چيائين ته صرف بالم گهمڻ هلبو ته پوءِ بهتر آهي. مون فون ڪري محبوب کان پڇيو، انهن چيو ته اسان ڀوراڻيءَ سان گڏجي درياءَ ٽيمس گهمڻ ٿا وڃون، سو رات جو دير سان گهر اينداسين. اسان به کين پنهنجو پروگرام ٻڌايو ته اسان ڪلاڪ اڌ بالم مان چڪر لڳائي واپس جڳهه تي پهچي وينداسين، توهان ڀلي اطمينان سان گهمي ڦري اچجو. اسان سڀ گڏجي نڪتاسين، هي ڀرسان ئي ٽيوب ۾ چڙهي هليا ويا. اسان پهرين هڪ بوڪ اسٽال تان اخبار، ۽ ٻيا پڻ ڪجهه رسالا خريد ڪري، بالم جي رستن تي اوڀر طرف هلندا ڪافي اڳتي نڪري وياسين. واپسيءَ ۾ مِنا سيف ويز سپر مارڪيٽ مان باقي هفتا رهڻ جي لاءِ ڪافي خريد ڪئي. اسان سامان کڻي واپس ڀوراڻيءَ جي گهر آياسين، جيڪو انهيءَ سپر مارڪيٽ کان گهڻو پري ڪونه هو. مِنا پنهنجي هٿن سان دال ٺاهي ۽ ٻيو ڀوراڻيءَ جو تيار ڪيل ڪجهه بار بي ڪيو کائي ٻارن سان ڪراچيءَ فون تي ڳالهائي سمهي پياسين. مِنا فجر مهل  معمول مطابق قرآن پاڪ جو دور ڪيو. جنهن کانپوءِ اسان واڪ تي وياسين ۽ ناشتو به ٻاهر هڪ بنگاليءَ جي هوٽل تي دال پورين ۽ حلوي سان ڪري پوءِ گهر آياسين، ته سواءِ ڀوراڻيءَ جي ٻيا اڃا تائين سُتا پيا هئا.
ڀوراڻيءَ اسان کي ڪلهه واري دريا ٽيمس جي سير،  ٻي جنگ عظيم جي هڪ جهاز (جيڪو هاڻ هنن درياءَ ٽيمس  ۾ سياحن لاءِ بيهاري ڇڏيو آهي) سميت ان ٽوئر جو سربستو حال احوال ٻڌايو ۽ اسانکي مشورو ڏنائين، ته توهان به اهو درياءَ ٽيمس  جو ٽوئر ڪري اچو. اهو ٽوئر لنڊن جي خاص سوکڙي ۽ يادگار آهي،  لنڊن اچڻ واري هر سياح کي ضرور سير ڪرڻ گهرجي. اسان به سڀني کي سُتل ڇڏي ٽئڪسي ڪري انهيءَ حسين يادگار ٽوئر جي لاءِ روانا ٿي وياسين، جيڪو واقعي اسانجي زندگي جي يادگار لمحن مان هڪ هو. لنڊن گهمڻ جو واقعي اڌ مزو صرف هن هڪ ٽوئر ۾ سمايل آهي، پر هن ٽوئر ۾ ماڻهوءَ سان پيارو ساٿي ساڻ شامل ضرور هجي. ٽيمس جي انهن هلندڙ سڀني ٻيڙين (بوٽس) ۾ بار روم آهن، البت اهي بار رومس تمام مهانگا آهن. اسانجي ٽئڪسي اچي درياءِ ٽيمس  جي شروعات واري جڳهه وٽ بيٺي، جيڪا ويسٽ منسٽر پل جي ڀرسان آهي، هتي ڪافي سياح بس مان لهي رهيا آهن ۽ هيٺ به ڪافي سياح بيٺا آهن، جيڪي ڏاڍو خوش نظر اچي رهيا آهن. هيٺ جهاز ۾ چڙهڻ واري جڳهه لاءِ وڏا وڏا ٿَلها ٺاهي ڇڏيا اٿن، جن  تي ٿوري دير انتظار ڪندي ئي سياح وڃيو بوٽس ۾ چڙهن. ڇو ته بوٽس جي ڪابه کوٽ ڪانهي. هڪڙي ٿي ڀرجي اڳيان نڪري، ته پٺيان بيٺل اچيو اڳئين جي جڳهه وٺي ۽ اهو سلسلو جاري آهي. اسان به پنهنجي واري تي هڪ بوٽ ۾ چڙهي پياسين، جيڪا اسانکي کڻي اڳتي رواني ٿي وئي. اسان به بوٽ جي آخري ماڙ تي چڙهي، لنڊن جي هن حسين منظر کي ڏسڻ لڳاسين. بوٽ هاڻي درياءَ جي بلڪل وچ ۾ پئي هلي. درياءَ جا ڪپر پري ٿي ويا آهن. پر انهن تي لنڊن جون ڊگهيون ڊگهيون جڳهيون پري کان ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون آهن. ٽيمس  رِور ۾ پاڻي گهڻو هئڻ ڪري، اهو ڪپرن تائين آهي، پئرس ۾ درياءَ سين بلڪل هيٺ وهڻ ڪري منجهس گهمڻ دوران اهو مزو نٿو اچي، جيڪو لنڊن جي درياءَ ٽيمس ۾ گهمڻ ۾ آهي. هتي هر جڳهه ۽ شئي صاف چٽي نظر اچي رهي آهي. جيڪا ڳالهه پئرس ۾ سين نديءَ ۾ گهمڻ ۾ ڪانهي، سين تمام هيٺ ٿي وهي، جنهنڪري ڪپرن تي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ٻيون به ڪيتريون بوٽس ٽيمس  ۾ گهمي ڦري رهيون آهن، جيڪي سڀ جون سڀ سياحن سان ڀريون پيون آهن.

لنڊن شهر مان وهندڙ ٽيمس نديءَ ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ لاءِ توهانکي سڄو ڏينهن هزارين سياح ملندا. هڪڙا پيا ٻيڙين ۾ چڙهندا ته ٻيا پيا لهندا. هن نديءَ جي ڪنارن ۽ آسپاس ۾ سير جي خيال کان نهايت پرڪشش نظارا ۽ جڳهيون موجود آهن، جتي بيحد لطف حاصل ٿئي ٿو. لنڊن شهر جي تاريخ ۽ ترقيءَ جي هن نديءَ سان نهايت گهڻي وابستگي آهي. لنڊن شهر کي هي درياهه سمنڊ سان به ڳنڍيندڙ آهي. جنهن وسيلي ماضيءَ ۾ شهر دولت ۽ طاقت حاصل ڪئي. هي درياءَ لنڊن شهر جي واپار جو مکيه ذريعو ۽ سلطنت جي واحد شاهراهه هئي. ٻيڙين ۾ هر ڪو سرڪاري جلوس هن درياءَ مان وڏي ڌام ڌوم سان ڪڍيو ويندو هو. اهي ٻيڙيون هن وقت گرين وچ ميري ٽائيم ميوزيم ۾ ڏسڻ ۾ اينديون. سمورن مکيه سياسي قيدين کي درياءَ جي رستي لنڊن تان آندو ويندو هو، جيئن سندن ساٿين کي کين ڇڏائڻ جو امڪان باقي نه رهي، جيڪو خشڪي وارن رستن تي موجود هوندو هو. جڏهن لنڊن شهر جون گهٽيون وڌيڪ ڪشاديون ڪيون ويون ته درياءَ تي تجارتي ٽرئفڪ جي رش گهٽجي وئي ۽ شهر ۾ گهوڙي گاڏيون ۽ ٽانگا هلڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment