براتيسلاوا
حُسن ۽ سلوواڪيا جي گاديءَ
جو هنڌ
اسحاق انصاري
چيڪو سلوواڪيا ۾ شهرن اندر ٽرانسپورٽ لاءِ بسون، ٽرالي بسون(جن جي مٿان
ٻه ڏنڊا لڳل هوندا هيا ۽ اهي ڏنڊا وري بجلي جي تارن کي ڇهندا هيا جنهن تي اهي بسون
هلنديون هيون)، ۽ ان کان علاوهه بجليءَ تي ئي هلندڙ ٽرامون به هونديون هيون. انهن تي
سواري ڪرڻ لاءِ اسٽاپن تي مشينون لڳل هوندون هيون جن ۾ سڪا وجھي گھربل روٽ واري ٽڪيٽ
حاصل ڪبي هئي، جيڪا وري بس يا ٽرام ۾ چڙهڻ وقت اتي ڪنهن ڏنڊي تي هڪ ننڍي مشين يا ايئن
چئجي ته ڪاغذ کي فائيل ۾ هڻڻ کان اڳ پنچنگ مشين جي ذريعي جيئن سوراخ ڪري پوءِ لڳائبو
آهي ته اهڙي قسم جي ننڍي مشين يا اوزار لڳل هوندو هو، جنهن ۾ ٽڪيٽ وجھي زور ڏبو هو
ته ان ٽڪيٽ ۾ سوراخ ٿي ويندو هو(گھڻو پوءِ ڊجيٽل اوزار آيا) سواريءَ ۾ چڙهڻ سان هرڪو
ڄڻو پهريون ڪم اهو ڪندو هو، جنهن مان هنن جي احساس جوابداريءَ جي خبر پوندي هئي. ننڍي
ٻار کي پاڻ ڀاڪر ۾ ڀري مٿي کڻي ان اوزار ۾ ٽڪيٽ وجھي پنچ ڪرڻ سيکاريندا هيا ته جيئن
اها هن جي عادت بڻجي وڃي. بسن يا ٽرامن ۾ ڪو به ڪنڊڪٽر وغيره نه هوندو هو. رڳو ڊرائيور
هوندو هو. پر تڏهن به ڪو ٽڪيٽ جي چوري نه ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو انسپيڪٽر چڙهي، ماڻهن
جي ٽڪيٽ چيڪ ڪندو هو ۽ نه هجڻ يا سوراخ نه هجڻ جي صورت ۾ ان تي ڏنڊ وجھندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن فارينر شاگرد بي ايماني ڪندا هيا. ٽڪيٽ هٿ ۾ کڻي ان ڏنڊي وٽ بيهي رهندا هيا ۽
جي ڪو انسپيڪٽر چڙهيو ته ان کي مشين ۾ وجھي سوراخ ڪندا هيا نه ته وري ٻي ڀيري لاءِ
بچائي رکندا هيا. پر اتان جا ماڻهو يا شاگرد مهيني، ٽن مهينن يا ڇهن مهينن جا اڳواٽ
پيسا ڏئي ڪارڊ حاصل ڪندا هيا ۽ پوءِ ان تي اڻ کُٽ ۽ سڄي شهر ۾ ڪنهن به سواري يعني بس،
ٽرالي بس يا ٽرام تي سواري ڪري سگھندا هيا. سياح به جيڪڏهن چاهيندا هيا ته چوويهن ڪلاڪن،
ٽن ڏينهن يا ستن ڏينهن لاءِ اهڙي ٽڪيٽ وٺي سگھندا هيا جيڪا مناسب قيمت تي هوندي هئي.
سو شروع ۾ مان به اهڙي ٽڪيٽ وٺي سڄي شهر جا چڪر هڻندو هيس.
گذريل ڀيري ڳالهه پئي هلي ڊينيوب جي ۽ ان جي ڪناري جي ته، ان ڪناري سان
به ٽرامون ۽ بسون هلندويون هيون. نديءَ جي ڪناري تي ٽرام اسٽاپ تي لهي پنڌ ڪري هڪ گھٽي
ڪراس ڪري اندر اچبو هو ته هڪ وڏو چونڪ نظر ايندو جنهن جي هڪ پاسي کان ڪارلٽن هوٽل
۽ ساووئي پب هيا ته ٻي پاسي وري ايئر لائين، ٽو.ئرسٽ ايجنسيز يا ٻيون ڪي آفيسون هيون،
ان کان علاوهه اتي آمريڪا ۽ برطانيا جا سفارتخانه به هيا. ڪارلٽن هوٽل پهريائين هوٽل
زولديفا يا گرين وُوڊ جي نالي سان هُئي، ان جي بالڪونيءَ مان هنگرين اڳواڻ لايوز ڪوسٿ
خطاب ڪيو هئو، ان کان علاوهه ان هوٽل ۾ الفريڊ
نوبل(نوبل انعام جو باني)، فرانز يوزف ۽ آئن اسٽائين جهڙا اهم ماڻهو به رهي چڪا آهن.
چونڪ يا پر ائين چئجي ته هڪ تمام ويڪري گھٽي يا انگريزيءِ وارو لفظ بوليوارد
استعمال ڪيون ته هوندي هئي، ان گھٽيءُ جي وچ ۾ وڻ، لان ۽ گل لڳل هوندا هيا ۽ اتي ئي
پٿر جو هڪ وڏو بُت ٺهيل هوندو هيو، جيڪو سلوواڪيا جي تعليمدان، ليکڪ ۽ شاعر هِوئيزدوسلواو
جو هوندو هو. سندس اصل نالو هو پاويل اورشگا، هو2 فبروري 1849 ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ ئي
وقت تعليمدان، ڊراما لکندڙ، مترجم ۽ شاعر هو. هويئزدوسلاو، جنهنجي لفظي معنى سلاون
جو ستارو، آهي، اهو هن جو قلمي نالو هو، هو 1860 تائين هنگيرين ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندو
رهيو، ڇو جو ان زماني ۾ اهو علائقو هنگري ۽ آسٽرين بادشاهت جي هٿ هيٺ هو، ماڻهو هنگرين
ٻولي ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هيا. پر پوءِ هن کي جڏهن اهو احساس ٿيو ته سلوواڪ
ٻوليءِ سان اها ناانصافي آهي ته هن پوءِ هنگري ڇڏي سلوواڪ ٻولي ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن
جي شاعري جديد سلوواڪ ريئلزم واري شاعريءَ جي علامت بڻجي وئي ۽ ماڻهو هن کي وڏو مانُ
ڏيڻ لڳا. سندس شاعري جي ڪمن ۾ سانيٽس آهن، هن جي سانيٽ جي مجموعي ۾ “بهار ۾ چهل قدمي”
يا “سانوڻ ۾ گھمڻ“ وغيره شامل آهن، ان کان علاوه هن بائيبل ۽ ٻين سلوواڪ لوڪ قصن جي
پس منظر ۾ طويل نظم ڊارمي جي صورت ۾ به لکيا. پر 1919 ۾ هن جيڪي سانيٽ پهرين جنگ عظيم
جي تباهڪارين جي خلاف لکيا، انهن کي هن نالو ئي ڏنو“ خوني سانيٽ” سندس اها شاعري نوبل
انعام لاءِ به نامزد ٿي هئي. ان کان علاوه هو سٺو مترجم به هو، هن شيڪسپيئر، گوئٽي،
پشڪن ۽ ٻين جي ادبي ڪمن کي سلوواڪ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.
هويئزدوسلاو جي ان مجسمي جو افتتاح 26 سيپٽمبر 1937 ۾ ڪيو ويو، اهو بت
ٽرامي مان ٺهيل آهي. ان بُت ٺاهڻ ۾ ووئيتيخ ايهرسڪ، يوزف پوسپيشيل ۽ يوليسوم ليهتسڪيم
شامل هيا. بت خود فن جو هڪ شاهڪار آهي.
ان هنڌ تي مان گھڻو ڪري گھمڻ ويندو هيس، خاص ڪري اونهاري ۾ اتي وڃڻ ۾
ڏاڍو مزو ايندو هيو، ڇو جو اتي مخلتف گل پوکيا ويندا هيا، انکان علاوه وڻ به ساوا ۽ گلن سان ٽمٽار هوندا هيا.
مئي ۾ ان هنڌ تي ماياليس وڻ به لڳندو هيو ته وري ڪرسمس ۾ ان هنڌ تي شهر جو سڀ کان وڏو
ڪرسمس وڻ هڻي بتين، ربنن ۽ جھالرن سان سينگاريو ويندو هو. ان کان علاوهه ان هنڌ جي
وڌيڪ ڇِڪ جو سبب اتي ٺهيل ٿيئيٽر به هو، جنهن جي عمارت به آرڪيٽيڪچر جو هڪ سهڻو مثال
آهي. اها عمارت 1884 ۾ ٺهي، ان ٿيئٽر کي “قومي ٿيئٽر سلواڪيا” جي نالي سان سڏيو وڃي
ٿو. ان هنڌ تي اوپيرا ۽ بيلي ڊانس وغيره به ٿيندي آهي. مان به اتي گھڻو ڪري ويندو هيس
۽ ڪجھه مشهور اوپيرا ۽ بيلي ڊانس به ڏٺيو هيون. بيلي ڊانس وسيلي پرفارم ڪيل “سوان ليڪ”
رشين ڪمپوزر چائيڪوسسڪي جو هڪ شاندار ڪم آهي. ان ۾ چار ايڪٽ آهن ۽ ان ڪهاڻي ءَ جو بنياد
روسي لوڪ ادب جي هڪ ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هڪ شهزادي اوديت کي هڪ جادوگر پنهنجي
جادوءَ جي زور تي هنج پکيءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. مون ان پهرين بيلي ڏسڻ کان اڳ
70 جي ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ بيلي ڊانس ڏٺي هئي. رشيا جو هڪ ثقافتي وفد آيو هيو ۽ ان هڪ
سينيما ۾ بيلي ڊرامو پرفارم ڪيو هو. بابا انيس انصاري، انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ ايس
ڊي ايم هوندو هيو ۽ هو ڪراچي جي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. ان بيلي
ڏسڻ لاءِ بابا، امڙ ۽ مان گڏجي ويا هياسين. ان وقت ان ڊانس ۽ پرفارمنس سٺو اثر ڇڏيو
هو، ان کان اڳ ۾ اهڙيون تصويرون رشين جي هڪ ڊائجسٽ “اسپوتنڪ” ۾ ڏسندا هياسين. پر جڏهن
چيڪوسلوواڪيا ۾ اهو بيلي ڏٺو هو ته تمام گھڻو مزو آيو هو. هڪ ته ظاهر آهي سينيما جي
اسٽيج ان لاءِ موزون نه هئي. جڏهن ته ٿيئٽر جي اسٽيج، سائونڊ سسٽم، لائيٽنگ سسٽم ۽
ويهڻ جو بندوبست مخصوص ۽ مختص آهي جنهنڪري ان جو مزو ئي ڪجھه ٻيو آهي. هونئن ٿيئٽر
خاص ڪري ڪلاسڪيل ٿيئٽر ۾ وڃڻ جا به پنهنجا لوازمات آهن. اتي مرد ٽو پيس يا ٿري پيس
کان سواءِ وڃي نه ٿا سگھن، ان کان علاوهه عورتون به مني اسڪرٽ، جينس يا اهڙي ڪنهن ٻي
ڊريس ۾ وڃي نه ٿيون سگھن پر ڪنهن شانائتي ڊريس يعني ڊگھي اسڪرٽ، فراڪ وغيره ۾ وڃي سگھن
ٿيون. جڏهن ته ماڊرن ٿيئٽر ۾ ته ماڻهو چڍين ۾ به هليا وڃن ٿا. ٿيئٽر جي عمارت اندران
به ڪنهن محلات جهڙو ڏيک ڏيندي آهي. جيئن ته اڳ ٿيئيٽر گھڻو ڪري مٿاهين طبقي جي ماڻهن
لاءِ هوندو هيو، انڪري اهي ٿيئئٽر به ان نموني ٺاهيا ويندا هيا، وڏا وڏا فانوس، قالين،
خوبصورت ڏاڪڻيون، مطلب ته ڪجھه دير لاءِ ماڻهو ڪنهن پراڻي دور ۾ هليو وڃي ٿو. ڊرامي
جي وقفي ۾ وري سهڻن جامن ۾ شيمپين يا جوس ڏيندا هيا. ٿيئٽر جي عمارت به اهڙي نموني
ٺهيل هوندي هئي جو ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اسٽيج کان پري محسوس نه ڪندو هو. گرائونڊ
فلور کان علاوه مٿي به ڪرسيون رکيل هونديون هيون، انکان علاوه ڪجھه الڳ بالڪونيون يا
گيلريون هونديون هيون جن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ماڻهو ويهي سگھن ٿا. انهن پراڻن ٿيئٽرن
۾ عمارت اهڙي نموني ٺاهي وڃي ٿي، جو مائڪروفون کان بغير آواز هر هنڌ ٻڌي سگھجي ٿو.
ان بيلي ڊانس کان علاوه، دنيا جي ٻين ملڪن جا اوپيرا ۽ ڊراما به ڏٺا هيا جن ۾ Don Quixote جيڪوMiguel de Cervantes جي مشهور
ناول تي ٺهيل آهي. سچ اهو آهي ته ناول پڙهڻ کان، ان تي ٺهيل بيلي مونکي وڌيڪ سٺو لڳو
۽ تمام گھڻو مزو آيو هو. اهڙي ريت وري ڪارمين، جيڪو، هڪ فرينچ ڊراماٽسٽ Prosper Mérimée جي ناويلا تي ٺهيل آهي. ان
جي موسيقي، مون کي تمام سٺي لڳي هئي نه رڳو موسيقي پر ڪردارن جي پرفارمنس، انهن جو
گيٽ اپ، ميڪ اپ به پنهنجو مثال پاڻ هو. مطلب ته اهي اوپيرا، بيلي يا ڊراما اهڙا هوندا
هيا جو ماڻهو انهن ۾ گم ٿي وندو هو. ان ٿيئٽر ۾ روز پرفارمنس هوندي هئي، پر اونهاري
۾ ڏيڊ يا شايد ٻه مهينا موڪل هوندي هئي. اتي ڪم ڪندڙ فنڪار، آرٽسٽ يا ڊائريڪٽر وغير
سڀ اتي پگھار تي ڪم ڪندا هيا.
انهن ٿيئٽرن ۾ اڪثر ڪري مان ئي هڪ ٻئي رنگ جو هوندو هيس، باقي نه ته گھڻو
ڪري اتان جا رهاڪو هوندا هيا يا وري ڪڏهن ڪڏهن ڪي ٽوئرسٽ به هوندا هيا، موڪل وارن ڏينهن
تي ته گھڻو ڪري ويانا مان بسون ڀرجي اينديون هيون. منفرد هجڻ ڪري، ۽ وري زبان سمجھڻ ڪري وقت تي داد
ڏيڻ يا مذاق تي کلڻ، نه رڳو حاضرين کي پر فنڪارن کي به عجيب لڳندو هو. انڪري ڊرامي
ختم ٿيڻ کان پوءِ يا وقفي ۾ اتي ٺهيل ڪافي شاپ وغيره ۾ ڪجھه فنڪار ته اچي ملندا به
هيا.
اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان شهر ۾ رڳو اهو هڪ ٿيئٽر نه هو پر ٻيا به هيا،
هڪ ٻيو ٿيئيٽر اولڊ ٽائون ۾ هوندو هيو جتي وري رڳو ڊراما ٿيندا هيا، ان کان علاوهه
هڪ ٻيو ٿيئٽر هوندو هو “اسٽوڊيو ايل + ايس”، اتي وري سلوواڪيا جا ٻه مشهور ڪاميڊين
ميلان لاتسيسا ۽ يوليس ساتنينسڪي“ هوندا هيا( ان ٿيئٽر جي نالي ۾ ايل، لاتسيسا لاءِ
۽ ايس، ساتنينسڪي لاءِ استعمال ٿيندي هئي. هو ٻئي مزاح جا وڏا نالا هيا ۽ انهن جي مزاح
مون کي تمام گھڻو وڻندي هئي، خاص ڪري هو جملن جملن ۾ اهڙي ڳالهه چئي ويندا هيا جو کِل
امالڪ ٽهڪ جي صورت ۾ نڪري ويندي هئي. انهن ٻنهي مان ساتينسڪي ته گذاري ويو آهي باقي
ميلان لاتسيسا زندهه آهي. ان ٿيئٽر جي ڀرسان ئي وري ٻيوٿيئٽر هو، جنهنجي عمارت به نئين
نموني جي ٺهيل هئي ۽ اتي ڊراما به نئين زماني جا ٿيندا آهن. ان ٿيئٽر ۾ به ويندو هيس ان جو سبب ڊرامو ته هوندو
ئي هيو پر اتي هڪ ادڪارا زدينا اشتودنتڪووا، جيڪا ان وقت هئي ته 45 سالن جي پيٽي ۾
پر مون کي وڻندي ڏاڍي هئي، هونئن به اها سلوواڪيا جي سهڻين اداڪارائن مان هڪ هئي. مون
کي گھڻو ڪري سندس مُرڪ ماريندي هئي. ان سان به وقفيت ٿي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اتي ئي ڪافي
پيئندو هيس.
ان کان علاوهه پراگ جا ٿيئٽر به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، اتي هڪ ٿيئٽر ۾ ته
رڳو ڪافڪا جا ڊراما ٿيندا هيا، ٻئي ۾ وري واتسلاو هاول جيڪو چيڪوسلوواڪيا جو پهريون
صدر به ٿيو هو ان جا ڊراما به هلندا هيا. ان کان علاوهه اتي به ولتاوا نديءَ ڪناري
وري هڪ پراڻي ۽ سهڻي بلڊنگ ۾ نيشنل ٿيئٽر هوندو هو ان جي ڀرسان وري ماڊرن عمارت به
ٺاهي هيائون پر ماڻهو پوءِ به ان پراڻي عمارت ۾ ڊراما ڏسڻ پسندا ڪندا هيا. اهڙيءَ ريت
هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٿيئٽر آهي.
اسان وٽ سنڌ ۾ به جيئن اڳ ناٽڪ منڊليون هر شهر ۾ هونديون هيون پر ورهاڱي
کان پوءِ اهي گم ٿي ويون، پوءِ به ڪجھه هنڌن تي ڊراما ٿيندا هيا پر ٽي وي جي اچڻ سان
اهي به ختم ٿيندا، پر تڏهن به ڪجھه شهرن خاص ڪري لاڙڪاڻي، دادو ۽ ٻين شهرن جا ڪجھه
شوقين اسٽيج ڊراما ڪندا رهيا. انهن به نون سنڌي چينلن جي اچڻ جو اثر قبول ڪيو ۽ گھڻو
ڪري سڀني اداڪارن انهن چينلن ڏانهن رُخ ڪيو جنهنڪري ڊرامي جي واڌ ويجھه به رڪجي وئي.
هاڻي ڪراچي ۾ وري آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽورم ٺهڻ کان پوءِ ڪجھه سنجيده ڊراما
ٿيڻ لڳا آهن نه ته اڳ ۾ رڳو عمر شريف ٽائيپ واهيات ڊراما ٿيندا هيا. ان کان علاوهه
ناپا جي ٺهڻ ڪري به ڪراچيءَ ۾ اسٽيج ڊرامي کي هٿي ملي آهي.
اسان الائي ڇو، پنهنجين پراڻين شين کي مٽائيندا ٿا وڃون، جڏهن ته اهو
اسانجو ثقافتي ورثو آهن، جيئن پتلي تماشي ڪرڻ وارا ملن ڪونه ٿا، يا وري ٽي وي آئي ته
اسٽيج ڊراما گھٽ ٿيڻ لڳا ۽ ڪنهن حد تائين سينيما کي ڌڪ لڳو، وري وي سي آر آئي ته رهي
کهي ڪسر به پوري ٿي وئي. جڏهن ته زندهه قومن ۾ اهي سڀ پنهنجي الڳ الڳ حيثيت ۾ زندهه
آهن ڇو جو ڪا به شئي ٻي جو پوري ريت متبادل ناهي، ٻيو ته پنهنجي ورثي کي بچائڻ لاءِ
شعوري ڪوشش به ڪرڻي پئي ٿي.
مون دوستن سان اها صلاح ڪئي هئي ته ڪراچيءَ ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پورو
هفتو ڊرامي جو ملهائڻ گھرجي، جنهن ۾ هر شهر جي هڪ ٽيم کي ڊرامي ڪرڻ جي دعوت ڏني وڃي
۽ جيڪڏهن ان کي اسان هر سال ملهائيندا رهون ته شايد اسٽيج ڊرامو وري اسان وٽ موٽي اچي.
No comments:
Post a Comment