Tuesday, June 11, 2013

مِلينسڪا دولينا - اسحاق انصاري

مِلينسڪا دولينا
هِڪ پيار واري ماٿري
اسحاق انصاري
ٻوليءَ وارو اسڪول ختم ڪرڻ کانپوءِ، ميلنسڪا دولينا(چڪيءَ واري ماٿري)، ۾ مونکي هڪ هاسٽل ملي جنهنکي اتان جي ٻوليءَ ۾ Manželský internát چيو پيو وڃي. جنهنجي معنى آهي، شادي شده وارن لاءِ هاسٽل، اصل ۾ ان هاسٽل ۾ يونيورسٽي جي شادي شده شاگردن کي رهائش ڏني ويندي هئي. ڪِنِ يونيورسٽيءَ جي ڇڙن ملازمن کي به ان ۾ رهايو ويندو هو. ان کان علاوهه پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن کي به ساڳي هاسٽل ۾ رهايو ويندو هو(ڊاڪٽريٽ جي شاگرد کي هو پنهنجي يونيورسٽي جي ملازمن جو حصو سمجھندا هيا نه ڪي شاگرد). ڊاڪٽريٽ جي شاگرد هجڻ جي ناتي، مونکي به اتي ڪمرو مليو، هاسٽل ۾ هر فلور تي ٽي دروازا هيا جن ۾ اندر داخل ٿيڻ سان هڪ ورانڊو هيو، جنهن ۾ وري ٽي ڪمرا هيا، ٻن ڪمرن کي بالڪونيون هيون ۽ هڪ کي رڳو دريون. ان ورانڊي جي هڪ ڇيڙي تي بجليءَ تي هلندڙ ماني پچائڻ وارو هيٽر لڳل هو ۽ ٻي ڇيڙي تي وري واش روم ۽ ليٽرين هو. مونکي ساڄي هٿ وراو ڪمرو مليو، جنهن ۾ بالڪوني به هئي. منهنجو ڪمرو ڇهين ماڙ تي هيو ۽ ان جو نمبر هو H-623، مونکي ڪمرو وڻيو، پر منهنجي ڪوشش اها هئي ته ان ڪمري ۾ ٻيو ڪو پارٽنر نه اچي اڪيلو رهان. ان سلسلي ۾ وري ڊاڪٽر ذڪاءَالله، ڪم آيو جنهن، اتان جي ايڊمنسٽريٽر تومڪووا کي چيو ته في الحال ڪنهنکي به ان ڪمري ۾ نه موڪلي جيڪڏهن اهڙي ڪو زور پئي ته اسان کي ٻڌائي ته جيئن اسان ڪو ٻيو بندوبست ڪيون. ڊاڪٽر ذڪاءَالله، راولپنڊي جو آهي، هن اتان ئي ڊاڪٽري ڪئي ۽ شادي ڪري اتان جي هڪ ننڍي شهر چادسا ۾ رهندو آهي. پراڻي شاگرد هئڻ ڪري يونيورسٽي ۾ سندس سڃاڻپ هئي.  ٻي ڪمري ۾ شروع ۾ ڪوئي نه رهندو هو. باقي هڪ ڪمري ۾ ايٿوپيا جا ٻه ڊاڪٽر، بهارو، ۽ ٻيو (هاڻي نالو ياد ناهي) رهندا هيا جيڪي ميڊيڪل ۾ پي ايڇ ڊي ڪندا هيا.

اها هاسٽل، ڪومينس يونيورسٽي جي هئي ۽ انکان علاوهه اتي ان يونيورسٽي جون ٻه ٻيون به هاسٽلون هيون، هڪ يارهن ٻارهن ماڙ هئي جيڪا لودووڪ اشتور جي نالي سان هئي ۽ ٻي وري آترياڪي جي نالي سان سڏي ويندي هئي. ان علائقي کي ملينسڪا دولينا جي نالي سان سڏيو ٿيو ويو. ائين کڻي سمجھجي ته اها يونيورسٽي ٽائونشپ هئي ڇو جو اتي ئي ٻه يونيورسٽيون هيون، هڪ ته ڪومينس يونيورسٽي ۽ ٻي وري ٽيڪنيڪل يونيورسٽي. جنهن جون هاسٽلون به اتي موجود هيون. شهر کان هڪ بس نمبر 39 ايندي هئي (اتي نمبر سان بس هوندي هئي نه ڪي نالن سان) جنهنجو آخري اسٽاپ، هاسٽلن وٽ هوندو هو. جيڪو منهنجي هاسٽل کان 10 منٽن جي مفاصلي تي هوندو هو. اسانجي هاسٽل تائين پهچڻ لاءِ هڪ چاڙهي چڙهڻي پوندي هئي. اهو علائقو پهاڙي اسٽائيٽل ۾ هيٺ مٿي هو. مونکي اهو علائقو ڏاڍو وڻندو هو ڇو جو مون کي ڄامشورو ياد ايندو هو. ڄامسور به يونيورسٽي ٽائونشپ جيان آهي. ٻي هڪ مناسبت اها به هئي ته جيئن ملينسڪا دولينا ۾جو هڪ بس ذريعي شهر سان ناتو ڳنڍيل هوندو هو، تيئن ان وقت جڏهن اسان پڙهندا هياسين (80 جي ڏهاڪي ۾) رڳو ايس آر ٽي سي (سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن) جي هڪ ڳاڙهي بس ايندي هئي جنهنجو وقفو هاڻي ياد ڪونهي ته اڌ ڪلا هوندو هو يا ڪلاڪ. هاڻي جيان، نه ايندا هيا اتي رڪشا، نه سوزوڪي يا وري ڪي ٻيون سواريون. هاڻي ته رڪشن جي ڪري يونيورسٽي جي سونهن ئي تباهه ٿي وئي آهي. ان زماني ۾ جڏهن بس اڃان سنڌالاجيءَ وٽ پهچندي هئي ته هاسٽلن تي آواز پهچندو هو، ان جو هڪ سبب ته اتان جي ماحول جي خاموشي، ٻيو وري بس جي انجڻ جو ڪمال هوندو، جيڪا چنگھندي، ڪارا دونهان ڪڍندي، ڄامشوري جي هيٺاهين مٿاهين تان هلندي هئي. شهر مان اُهي بسون گاڏي کاتي مان اولڊ ڪيمپس وٽان هلنديون هيون، رات جو 10 وڳي شايد آخري بس ايندي هئي جيڪو نه پهتو ته پوءِ اهو وري سول اسپتال وٽان سوزوڪي تي چڙهي، ڦاٽڪ تائين پهچندو هو جتان وري پنڌ سٽيندو هو. هونئن ان هڪ سواري جي ڪري شاگرد پنڌ گھڻو ڪندا هيا، ڦاٽڪ تائين به پنڌ ويندا هيا، ته وري ايل ايم سي هاسٽل يا ڪالونيءَ به ماني کائڻ پنڌ ئي ويندا هيا ته وري سنڌ يونيورسٽي مان نڪري مهراڻ يونيورسٽي به پنڌ ويندا هيا.
جڏهن ڄامشوري جي اسٽيشن تي بولان ميل، موهن جو دڙو ايڪسپريس يا ڪنهن پيسينجر ٽرين مان لهبو هو ته پوءِ گھڻو ڪري بس جي انتظار بجاءِ ماڻهو پنڌ ئي هاسٽلن طرف روانو ٿيندو هو. اهو پنڌ وري خاص طور تي رات جو مزو ڏيندو هو، اهو پنڌ ڄامشوري ڦاٽڪ تي ڪڙهائي کائڻ کانپوءِ وارو پنڌ هجي يا وري ڪنهن ٽرين مان لهڻ کانپوءِ هاسٽل تي پهچڻ جو هجي. انکان علاوهه سنڌلاجيءَ وٽ ٺهيل ڪينٽين تي پهچڻ لاءِ به سينٽرل لائبرريءَ وارو رستو ڏئي، پنڌ ئي پنڌ پهچبو هو.
يونيورسٽي واري بس به آخري حد تائين ڀريل هوندي هئي يعني جيستائين آخري شاگرد جي پير رکڻ جي جڳهه آهي تيستائين پئي ان ۾ ماڻهو سوار ٿيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ان بس تي سنڌ جو ناميارو راڳي علڻ فقير به چڙهندو هو ته پوءِ ڪنهن به ڇوڪري کي پهرين در مان بس ۾ داخل ٿيڻ نه ڏيندو هو، ڇو جو چوندو هو ته اهو نياڻين جو پاسو آهي، پر پاڻ سڄو وقت ان دروازي تي بيهي ڄامشوري تائين هلندو هو. شاگرد به سندس بيحد عزت ڪندا هيا ۽ هن سان ڪو به بحث يا بدتميزي نه ڪندا هيا. ڪرايو به شايد 25 پيسا هيو، اهو به ڪي ڏيندا هيا ته ڪي نه ڏيندا هيا.
سنڌ ۾ عام طور تي ٽرانسپورٽ ۾ جيڪي فقرا استعمال ٿين ٿا اهي گھڻو ڪري اردو ۾ هوندا آهن. جيئن “جاڻي دوس”، “روڪو”، “استاد بريڪ لگائو” وغيره. ڪنهن زماني ۾ اسان جي قومپرست دوستن کي ڌيان ۾ آيو ته اها وري ڪهڙي مصيبت آهي جو اردو ۾ جملا ٿا ڳالهايا وڃن، انڪري هنن ڪلينرن تي زور رکيو ته هو اهي جملا سنڌي ۾ چون. ڪڏهن ڪڏهن مزو به ڏاڍو ايندو هو، “جاڻي دوس” جو هنن ترجمو ڪيو؛ “هل ڪرينس”، “بيهارينس” وغيره. ڪلينرن کي اهو سڀڪجھه ڏکيو ته لڳندو هو پر کين مار جي ڀوءَ ايئن ڪرڻ ته مجبور ڪيو پر پوءِ اها روايت گھڻو وقت نه هلي سگھي. ٻيو ته ڇڏيو پر ان زماني ۾ هڪ ٻن مذهبي ڇوڪرن ته آذان به سنڌي ۾ ڏيڻ شروع ڪئي هئي.
”الله وڏو آ، آلله وڏو آ....“
ڳالهه هلي پئي براتيسلاوا جي اسٽوڊنٽس ٽائونشپ جي، اتي جي بس هوندي ته ماڊرن هئي، پر شهر سان رابطي جو ذريعو رڳو اهو هوندو هو. رش جي وقتن يعني صبح ۽ شام جو ان جي وقفو پنجن ڏهن منٽن جو هوندو هو، اهڙي ريت رش جي حساب سان ڪنهن وقت اهو وقفو 10 منٽ، 15 منٽ ته وري موڪلن وارن ڏينهن ۾ اڌ ڪالڪ تائين هوندو هو. جيئن حيدرآباد کان بس سنڌوندي ڪراس ڪندي هئي (ان وقت باءِ پاس ڪونه هيو، پراڻي پل تان بس ايندي هئي)،  تيئن وري هتي ڊينيوب نديءَ سان گڏ و گڏ هلي پوءِ هاسٽلن واري پاسي ڏي مڙندي هئي. گھڻي عرصي کان پوءِ اتي هڪ ريسٽورٽ ٺهيو هو جنهن جو نالو ئي بس جي نمبر جي مناسبت سان 39 هو.
منهنجي فيڪلٽي، هاسٽلن کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي هئي، بس اسٽيند وٽ هڪ سيڌي سامان جو مارڪيٽ هوندو هو، اتي ئي وري هڪ ڪافي شاپ، ۽ هڪ لانگوش (لانگوش ذري گھٽ پوريءَ وانگر هوندو هو پر انکان ڪي قدر وڏو هوندو هو) ۽ اهڙي ريت ئي تيل ۾ وجھي پچائبو هو، پوءِ ان تي وري ڪتريل پنير ۽ ٽميٽو ڪيچپ وجهي کائبو هو ته ڪي وري ان تي ٿوم جي پيسٽ هڻي، ان تي ڪتريل پنير رکي کائيندا هيا)  وڪڻڻ وارا هوندا هيا. اسٽاپ جي ڀرسان ئي هڪ وڏو قبرستان هوندو هو، جنهن جو نالو سلاووچي اودولي هوندو هو. اتان جا قبرستان اسان جي قبرستانن جيان ڀڙڀانگ نه پر وڏي ساوڪ وارا، ترتيب سان ٺهيل، سنگ مرمر جا ڪتبا، جن تي نالن ۽ تاريخن سان گڏ مئلن جا فوٽو به گھڻو ڪري ڇپيل هوندا هيا.
ان ئي رستي سان جتان بس ايندي هئي اڳتي هلبو هو ته سلوواڪيا جي ٽيليوزن اسٽيشن هوندي هئي، جنهن جي عمارت چوڏهن پندرهن ماڙ هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ ان ڀرسان هڪ مٿاهين جڳهه تي هڪ پب ٺهيو هو، اتي ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو هو ته ڏاڍو مزو ايندو هو. ڇو جو ڪي ڪي فنڪار رڪارڊنگ جي وقفي ۾ ان ئي گيٽ اپ ۾ اتي پهچي ماني به کائيندا هيا ته، ڪافي ۽ بيئر به پيئندا هيا. هڪ ڀيري ته ڏاڍو مزو آيو جڏهن هڪ فنڪار، بادشاهه سلامت جي ڊريس پهريون، لائين ۾ بيهي بيئر وٺڻ جو انتظار ڪري رهيو هو.. ان ئي هنڌ تي شام جو يونيورسٽي جا پروفيسر به ويهندا هيا، ته ٽي وي جا پروڊيوسر به ويهندا هيا. منهنجي واقفيت، اتان جي نيوز پروڊيوسر سان ٿي هئي جيڪو وري ڊاڪيومينٽريز ٺاهڻ ۾ ماهر هوندو. انکان علاوهه هن کي فشنگ جو به شوق هوندو هو. هڪ اڌ دفعو فشنگ تي به مان ساڻس گڏ ويو هيس،. هن سان گڏ سندس گھر واري به هئي ۽ ان کان علاوه سندس گاڏي ۾ هر شي هئي، ويهڻ لاءِ فولڊنگ اسٽول به هيا ته ننڍو گيس جو چلهو به هو جنهن تي ڪافي به پئي ٺهي ته مڇي مارڻ کان پوءِ اتي جو اتي ان کي فراءِ ڪري کاڌو پئي ويو. ان ئي ريسٽورنٽ ۾ تي هڪ ٽي وي آرٽسٽ ايندي هئي، نوجوان، سهڻي، ڪنهن پَرين جي ڪهاڻي جي ڪردار جيان، منهنجي دل هن سان ويهڻ تي ۽ ڳالهائڻ تي ڏاڍو چاهيندي هئي پر ڪڏهن اهڙو موقعو نه مليو. هونئن ٻين ملڪن، ۽ خاص ڪري چيڪوسلوواڪيا ۾ اهو رواج هوندو هو ته ڪنهن ٽيبل تي جيڪڏهن جڳهه خالي هوندي ته اتي ٻيو پڇي اجازت وٺڻ کان پوءِ ويهي سگھندو هو، ائين نه ته جي ٻه ويٺا آهن ته پوءِ ٻيو اتي ڪو به ويهي نه سگھندو. (پر ظاهر آهي ته هن ريسٽورنٽ ۾ ايئن نه هوندو هو، اتي ته ويهاريو ئي تعداد مطابق ويندو هو). سو مان به انتظار ۾ هوندو هيس ته ڪڏهن ٿو اهڙو ڏينهن اچي جو هن ماهه لقا کي منهنجي ٽيبل کان علاوهه ٻي خالي ٽيبل نه ملي. نيٺ، هڪ ڏينهن منهنجي من جي مراد پوري ٿي، هن منهنجي ڀرسان اچي پڇيو ته ڪرسي خالي آهي. مون کيس هائوڪار ڪئي، دل ته چئي پئي ته جھمريون پائي سندس سواگت ڪيان پر ايئن نه ڪري سگھيس. ٽيبل تي ويهڻ کان پوءِ ته اتي ويٺلن جون پاڻ ۾ ڳالهيون شروع ٿي وينديون آهن. ان ڏينهن مون به دل کولي ڳاليهون ڪيون. هن ٻڌايو ته سندس گھر به اتي ڀرسان ئي هو. ان کان پوءِ اسان جو ڪچهريون، ريسٽورنٽ کان علاوه سندس گھر ۽ منهنجي هاسٽل تي به ٿينديون رهنديون هيون.
منهنجي هاسٽل کان جيڪو رستو فيڪلٽي ڏانهن ويندو هو اهو رڳو پنڌ وڃڻ لاءِ هوندو هو. ان رستي جي وچ تي وري هڪڙي همراهه ڏاڍو سهڻو ريسٽورنٽ ٺاهيو هو، جنهنجو نالو هن ڪوليبا رکيو هو، جيڪو سڄي جو سڄو ڪاٺ مان ٺهيل هو، ان جو اندروني سينگار به روايتي ثقافتي سامان سان ٿيل هوندو ان کان علاوهه بيرن جي ڊريس به روايتي هوندي هئي. اندر روشني ۽ ميوزڪ به سيبائتي نموني سان سجايل هوندي هئي. ان کان علاوه وري ٻاهر ورانڊو ٺهيل هوندو هو، جنهن ۾ به ڪاٺ جو ن بينچون ۽ ٽيبلون رکيل هونديون هيون، اونهاري ۾ وري اتي ويهبو هو. ڪوليبا جي معنى ئي آهي ريڍار جو گھر. منهنجو اتي به وڃڻ ٿيندو هو. ان جو مالڪ هڪ سلوواڪ جوان هو. هو الائي ڇو منهنجي ڏاڍاي عزت ڪندو هو، جڏهن به ويندو هيس ته پاڻ اچي آرڊر وٺندو هو، ان کان پوءِ ڪجھه نه ڪجھه ڪامپليمينٽ طور تي به ڏيندو هو. ان ريسٽورنٽ ۾ ويڪ اينڊ تي منهنجي ٽيبل رزور هوندي هئي. جيئن اتي سنگت سان پهچبو هو ته بيرو، مون کي سنگت سميت اوڏنهن وٺي وڃي ويهاريندو هو. پوءِ اسان  جي خدمت شروع ٿيندي هئي. هونئن هن جو، اسان سان ان رويي جو وڏو سبب  شايد اهو به هو جو جڏهن هن شروعات ڪئي هئي ته اتي ٻين ريسٽورنٽ کان مهانگي هجڻ جي صورت ۾ هن وٽ گراهڪ گھٽ ايندا هيا پر اسان ريگيولر ويندا هياسين. شايد ان ڪري هو اسان جي عزت ڪندو هو، جو ميلي مچائڻ ۾ اسانجو به ڪردار هو. مان گھڻن دوستن، پروفيسرن، اديبن ۽ فنڪارن کي اتي وٺي ويو هيس، جيڪي پوءِ اتان جو ماحول ۽ سروس ڏسي، اتان جامستقل گراهڪ ٿي ويا هيا. هڪ ڀيري مون وٽ شهر کان ٻاهر جا مهمان (مهمان وري ڪهڙا هڪڙي سنگتياڻي) اچي ويا ۽ مون وٽ ڏوڪڙ هجن ئي ڪونه، پريشان ٿي ويس، پوءِ هڪدم مون کي ڪوليبا ذهن ۾ اچي وئي. کيس وٺي اتي آيس، ته هو ٻلهار پئي ويا، ايڏي آڌرڀاءُ تي منهنجي مهمان به پريشان ٿي وئي. مان کيس ويهاري سڌو ڪائونٽر تي هليو ويس ۽ کين سربستي ڳالهه ٻڏايم، ان وقت سندن مالڪ به اتي ڪونه هو، پر هنن چيو ته ڪا ڳالهه ناهي. هنن منهنجي ڏاڍي خدمت ڪئي، مونکي سندن اها ڳالهه وڻي ڇو جو بزنيس مين ۽ خاص ڪري اهڙ ن ملڪن ۾ رابطن يا واسطن جي ڪا اهميت نه هوندي آهي پر هنن منهنجو مانُ رکيو. ٻن ڏينهن کانپوءِ، پئسن ملڻ کان پوءِ جڏهن مان کين بل ادا ڪر ڻ ويو هيس ته، اڃان مونکي وڌيڪ حيرت ۾ وجھي ڇڏيائون جو چيائون ته هو اهو بل نه وٺندا ڇو جو ”اوهانجا مهمان اسانجا مهمان آهن، اوهان کي ان وقت پيسا ڪو نه هيا انڪري اسانکي خوشي ٿي ته اوهان جي ۽ اوهانجي مهمانن جي خدمت ڪري سگهياسين“ . گھڻي زور ڀرڻ کانپوءِ به هنن پيسا ڪو نه ورتا.
ان ئي ڪوليبا ۾ ويهي آندري فيرڪو، جنهنجو مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته هو اسان واري فيڪلٽي ۾ اسٽنٽ پروفيسر هو، پر سندس ادب سان واسطو هو، ان منهنجو هڪ تفصلي انٽرويو ڪيو هو. ان ڏينهن ڪوليبا واري پنهنجو وزٽنگ بڪ اسان کي ڪميٽنس لاءِ ڏنو هو ته جيئن اهو يادگار طور تي هن وٽ محفوظ رهي.
هاسٽل جي پويان وري ٻيلو هوندو هو، جنهن ۾ واڪ لاءِ وڃي سگھبو هو، انکان علاوه اتي پڪنڪ به ڪندا هياسين. ته وري ٻي پاسي هڪ لاهي هوندي هئي جتي گاهه ڦتل هوندو ۽ اتان پنڌ وڃڻ جو هڪ پيچرو هو جنهن وسيلي دُوبراوڪا پهچبو هو.
جيئن ٻولي واري اسڪول پورو ڪري، هاسٽل هٿ ڪري پروفيسر سان ملڻ ويو هيس ته هن مونکي چيو ته هاڻي هت ٻه مهينا گرمين جي موڪل آهي، انڪري گھم ڦر. مون چيو ته ڀلا ڪو ڪتاب وغيره لکي ڏيو ته تيستائين مان ان جي ريڊنگ وغيره ڪيان، ته هن مون تي زور ڀريندي چيو ته؛ ”نه ويڪيشن آرام ۽ گھمڻ ڦرڻ لاءِ آهي. انڪري گھم ڦِر.“
هن جو ائين چوڻ لڳو ته سٺو پر سوچيندو رهيس ته ڪيڏانهن وڃان، ڪهڙي ملڪ وڃان؟ ته اوچتو منهنجي ذهن ۾ آيو ته ڇو نه ڳوٺان (لاڙڪاڻي) مان چڪر هڻي اچان. بس اها ڀونئري جو مٿي ۾ ويٺي ته تياريون شروع ڪيم، ڇو جو اهو فيصلو مان ڪري چڪو هيس ته وڃبو ته بسن ۽ ريلن ذريعي ڳوٺ وڃبو. انلاءِ پهريان ته پڪ ڪرڻ لڳس ته اهو ممڪن به آهي يا نه. ان وقت ته انٽرنيٽ وغيره نه هيو، سو مون پئي مختلف ماڻهن کان پڇا ڪئي. ابرار مريءَ، مونکي ٻڌايو ته ها اهو ممڪن آهي ڇو جو ڪجھه وقت اڳ ۾ ڪي پاڪستاني ڇوڪرا ان روٽ سان ويا هيا.

سو مون به تياري شروع ڪئي ”پراگ کان لاڙڪاڻي“ جي.

No comments:

Post a Comment