چين ياترا جون يادون
مدد علي
سنڌي
جولاءِ ۱۹۸۵ع جي ڳالهه آهي، آئون پنهنجي
دوست مجاهد بريلوي سان گڏ گريٽ وال آف دي پيپلز يعني عظيم ديوار چين ڏسڻ لاءِ بيجنگ
کان ٻاهر نڪتو هوس، رستي ۾ عظيم مقبرا ڏسڻ کان پوءِ چوپاسي چهچ سائن ٻنين کي ڏسندي
يقين اچي رهيو هو ته ايندڙ مستقبل چين جو آهي، اسين ٻين دوستن ارشاد الحق حقاني، حميد
هارون، جاويد جبار، شيرا رحمان، غازي صلاح الدين، صادقا صلاح الدين، آغا مرتضيٰ خان،
پويا صلاح الدين حيدر ۽ اقبال احمد خان سان گڏ ٿرڊ ورلڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيا هئاسين.
اهو منهنجو پهريون پرڏيهي سفر هو، ان ڳالهه کي ۲۸
ورهيه لنگهي چڪا آهن. اهو
دورو ڪرڻ لاءِ مون کي منهنجي دوست ۽ برک صحافي غلام نبي مغل همٿايو هو. سندس ئي زور
ڀرڻ تي مون ان ٽوئر لاءِ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ورتي هئي.
ان وقت ڪامريڊ مائوزي تنگ منهنجو آدرش هو. سندس مقبري ۾ وڃڻ لاءِ بيجنگ
گريٽ هال آف دي پيپلز جي سامهون ٺهيل ٽن رچن اسڪوائر مقبري ۾ اندر وڃڻ لاءِ مون ۵ ڪلاڪ انتظار ڪيو هو ۽ پوءِ
ان ۾ سوين ماڻهن جي قطار سان گڏ اندر داخل ٿيو هوس. اهو دورو ڏاڍو عجيب هو، ۱۰ ڏينهن بيجنگ ۾ رهيل هئاسين
الطاف گوهر، همايون گوهر، آغا حسن عابديءَ سان منهنجي تفصيلي ملاقات هوٽل شنگريلا
۾ ٿي هئي، جتي اسين ترسيل هئاسين. ان وقت رات جو هوٽل ۾ ڊسڪو ڊانس ٿيندو هو ۽ خيرن
سان ڪوڪا ڪولا اچي پهتي هئي. ان وقت مون چين جي ان مشهور اسڪوائر ۾ فاريڊنگ سٽي (شهر
ممنوع) يعني بادشاهن جو شهر ڏسندي سوچيو هو ته هي ملڪ تيزيءَ سان ترقي ڏانهن وڌي رهيو
آهي ۽ ڪو وقت ضرور اچڻو آهي، جو چين عالمي طاقت جي شڪل نه اختيار ڪري وٺي. ان وقت مون
سوچيو هو ته چين اڳتي هلي سپر پاور طور ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو؟ پر اڳتي هلي چين معاشي
ميدان ۾ ملهه ماري ويو، هاڻ هو عالمي سطح تي هڪ عالمي طاقت ٿي ضرور اڀريو آهي هڪ ڪاٿو
آهي ته چين معاشي طور تي سال ۲۰۱۸ع
تائين آمريڪا جي برابر اچي ويندو. بهرحال ٽيڪنالاجي ۽ زندگي جي معيار ۾ چيون ٿا ته
آمريڪا کان پوئتي آهي. ان بابت ڪيتريون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. مغربي پريس جو موقف
آهي ته چين عالمي طاقت جي شڪل اختيار ڪرڻ وقت آمريڪا وانگر ان ڪري نه ٿي سگهندو جو
چين هڪ جمهوري ملڪ ڪونهي ۽ اتي ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي، جنهن کي اولهه جا ماڻهو
پسند نه ٿا ڪن. ان ڳالهه تي ڪيئن ٿو اعتبار ڪري سگهجي، چين جي تاريخ پوري ملڪن کان
جدا آهي، نو آبادياتي ملڪن ۾ جتي شاهوڪاري نظام موجود آهي، ڪميونست ملڪن کي چڱي نظر
سان نٿو ڏٺو وڃي پر ڇا اها حقيقت ڪونهي ته سنڌين وانگر چين به اڄ ڏينهن تائين ڪنهن
به ملڪ کي پنهنجي ڪالوني نه بڻايو آهي، چين لاءِ ڪيترا اهڙا موقعا هئا جو هو اوڀر ايشيا
کي پنهنجي ڪالوني بڻائي سگهيو پئي، ۱۵
عيسوي صديءَ ۾ وٽس يورپ جي
ڀيٽ ۾ هڪ وڏو سامونڊي ٻيڙو يعني سامونڊي جهاز موجود هئا پر هن ائين نه ڪيو. پر مغربي
تنقيد ڪندڙن جو چوڻ آهي ته چين ترقيءَ جي ڀيٽ ۾ يا وڏي ايراضي وارو ملڪ هنن جي حساب
سان ڪيترين صدين تائين پاڙيسري ملڪن کي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهنجي اثر ۾ ضرور رکيو
آهي. پر چيني به سنڌين وانگر پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ چاهين ٿا، هنن وٽ مڊل ڪنگڊم جو پراڻو
نظريو موجود آهي، ان جو لفظي ترجمو مون کي مشهور اديب غلام رباني آگري اهو ٻڌايو هو
ته اسين زمين جي مرڪز ۾ آهيون ۽ انساني تهذيب جو اعليٰ ترين قسم آهيون.
چين کي سنڌين وانگر پنهنجي تاريخي ڪاميابين تي يقين آهي، فخر آهي ۽ اهو
اڄ به سمجهن ٿا ته هن مهل به دنيا جي سڀ کان اعليٰ ترين تهذيب جا وارث آهن، جيئن اسين
سنڌي سمجهون ٿا ته موهن جو دڙو جي ڏهه هزار پراڻي تهذيب اسان جو ورثو آهي، سڃاڻپ آهي
۽ اسان جو شاندار ماضي آهي، چيني به سنڌين وانگر پنهنجي ئي گهر ۾ رهڻ ٿا چاهين ۽ سمجهن
ٿا ته هو ٻي دنيا لاءِ هڪ اعليٰ مثال آهن.
مون کي ياد ٿو اچي ته ڪچهري دوران پير علي محمد راشديءَ ٻڌايو ته چين
جي هڪ برک سياح زهينگ زي سال ۱۴۰۵
عيسويءَ کان سال ۱۴۳۳ع تائين چين جي اوڀرندي ۽ ڏاکڻين سامونڊي علائقي هندي
وڏي سمنڊ ۽ اوڀرندي آفريڪا تائين سامونڊي سفر ڪيا هئا. سندس مقصد مڊل ڪنگڊم جي عظمت
جو مظاهرو ڪرڻو هو، نه ڪي انهن علائقي کي فتح ڪرڻ جي مٿس ڪا رتي جيتري به خواهش غالب
هئي.
ان جي ڀيٽ ۾ فرانس ۽ انگلينڊ
پنهنجي ڪالونين جي هيروز جا جشن ملهائين ٿيون ۽ اڄ به ننڍي کنڊ جي ملڪي ڀارت، پاڪستان،
سريلنڪا ۽ برما ۾ انهن پرڏيهي فاتحن جي نالن سان رستا، اسپتالون ۽ شهر موجود آهن، بلڪه
ڪجهه ملڪن ۾ انهن فاتحن جا مجسما به نظر اچن ٿا.
مون بيجنگ ۽ ان جي پسگردائي جو دورو ڪرڻ وقت هڪ ڳالهه محسوس ڪئي هئي ته
چيني فقط ڪم ۽ ڪم ڪرڻ ڄاڻين ٿا، بلڪه هو پنهنجي ملڪ ۾ ان ڪري به رهڻ ٿا چاهين جو سندس
ملڪ تمام وڏو آهي، مٿن حڪمراني ڪرڻ تمام ڏکيو مسئلو آهي، چين جي تاريخ جو اڀياس ڪري
ڏسو توهان کي محسوس ٿيندو ته چيني حڪمرانن کي ڪيترو وقت ان ڳالهه گهڻو پريشان ڪيو ته
چين جي مٿان حاڪميت ڪيئن قائم ڪجي ۽ پنهنجي اقتدار کي سگهارو ڪيئن بڻائي سگهجي، هو
فقط ۽ فقط ترقي چاهين ٿا، مون بيجنگ جي بازارن ۾ گهمندي ڪيترن دڪانن مان (اسان سنڌين
کي وڻندڙ) چيني ڪپڙي بوسڪيءَ جي پڇا ڪئي. اها ڳالهه ۱۹۸۵ع جي آهي، دڪان وارن ٻڌايو ته بوسڪي يعني چيني سلڪ فقط پرڏيهي روانگي
واپار لاءِ تيار ٿيندي آهي. ان کي مقامي طور
تي وڪري لاءِ نه رکيو ويندو، هاڻ اوهين پاڻ ڏسو اتي پرڏيهي ماڻهن لاءِ ڪرنسي به الڳ
آهي، هتي اها ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي آهي ته سال ۱۹۷۲ ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مسٽر هنري ڪسنجر چين جي وزيراعظم چو اين لائي سان
ڳالهيون ڪندي چيو هو ته اوهان جو فرانس جي انقلاب بابت ڪهڙو خيال آهي ته چيني اڳواڻ
کيس چيو هو، ان بابت ڄاڻڻ اوهان لاءِ تمام ضروري آهي!
هي خيال آهن هڪ اهڙي ملڪ جا جنهن جي ايراضي ۹۶
لک هم چورس ڪلوميٽر آهي، اهو
اتر ڏکڻ ۽ اولهه طرفن تائين پکڙيل آهي، جنهن جي سڀ کان وڏي سرحد ۲۰ ڪلوميٽر ڊگهي آهي، سندس سرحدن
اوڀر ۾ عوامي جمهوريا ڪوريا، اتر ۾ عوامي جمهوريا منگوليا، اتر اوڀر ۽ اولهه ۾ روس،
ڏکڻ اولهه ۾ هندستان، پاڪستان، افغانستان، نيپال، سڪم ۽ ڀوٽان ۽ ڏکڻ ۾ برما، لائوس
۽ ويٽنا ۾ آهن، چين جو سامونڊي ڪنارو ۱۸
هزار ڪلوميٽر کان مٿي آهي،
اوڀر ۾ اوڀر چيني سمونڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ کان برما جا پان، فلپائن ، ملائيشيا،
انڊونيشيا ۽ بروني موجود اٿس، تنهن کان سواءِ بحرالڪاهل سندس اولهندي ڪناري تي واقع
آهي.
ڇا چين ۾ ڪي مشهور ڍنڍون موجود آهن؟ مون اهو سوال عظيم گريٽ وال آف دي
پيپلز جي سڀ کان وڏي چوٽن تي بيهي هڪ چيني دوست کان ڪيو هو، ان مهل برف جهڙي ٿڌي هوا
گهلي رهي هئي، منهنجو ساٿي مجاهد بريلوي مون کان اڳتي نڪري مون کي سڏي رهيو هو.
ها چين ۾ اٽڪل ۳۷۰
ڍنڍون آهن، انهن مان۱۳۰ اهڙيون آهن جن جي ايراضي ۱۰۰ هم چورس ڪلوميٽر کان مٿي آهي.
۽ ريگستان؟ مون سوال ڪيو هو.
هن کلي چيو هو ته اتر اولهه ۾ ناڪلي مڪان جو ريگستان به اٿس!
مون ان مهل سوين يورپين عورتن، مردن ۽ ڪيترن چينين کي ڏٺو هو، جيڪي آهستي
آهستي ديوار تان هلي رهيا هئا، اسين بيجنگ کان هلي اها عظيم ديوار چين ڏسڻ آيا هئاسين،
اها ديوار چين آهي، سندس اهو ڀاڱو بيجنگ جي
ويجهو آهي، ان ڀاڱي جو نالو اترندو جيو نگن پاس ۽ بادلنگ آهي، بيجنگ کان ۴ ڪلاڪن جي ڊرائيونگ تي واقع
آهي، (اسين ٽوئرسٽ بس ۾ آيا هئاسين) چين جي بادشاهن عيسوي صدي کان ۷۰۰ ورهيه اڳ هن ديوار ٺاهڻ جي
شروعات ڪئي، ان وقت چين تي قنشي هنگ جي حڪمراني هئي بعد ۾ ان جي تعمير ۽ مرمت ٿيندي
رهي. ۲۱۱۹۶ هزار
ڪلوميٽر (۱۳۱۷۱ ميٽر)
ڊگهي آهي، ديوار چين مسيحا ڌرتي جي اها تعميرات آهي جيڪا چنڊ تان نظر ايندي آهي، چنڊ
تان بيهي هيٺ ڌرتي تي ٻيو ڪجهه به نظر نه ايندو آهي، ڪيڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي
۽ پوءِ ديوار چين تان موٽندي منگ بادشاهه جا مقبرا ڏسي اسين واپس وريا
هئاسين، اسان جي بس بيجنگ شهر ۾ داخل ٿي چڪي هئي، جڏهن ته اسين تن چن من اسڪوائر وٽان
لنگهيا هئاسين ۽ مانوجي مقبري سامهون فاريڊنگ سٽي (شهر ممنوعا) تي نظر پئي هئي، اندر
محلن مٿان شام لهي رهي آهي ڀرسان ڪامريد مائوزي تنگ جي شاهي تصوير گريٽ هال آف پيپلز
هال ۽ ڀرسان هوا ۾ ڦڙڪندڙ عظيم چين جي قومي جهنڊي کي مون ڏٺو هو، منهنجي پويان ۵۰۰ سال پراڻا بادشاهي محل هئا.
ڪو وقت هو جو ان ۾ عام ماڻهو جي داخل ٿيڻ تي بندش هئي. اڄ روزانو ان کي هزارين ماڻهو
ڏسڻ اچن ٿا، بادشاهون، جاگيردارون، هلي پوريون ٿيون مون کي مجاهد بريلوي ٻڌايو ته اهي
محل سال ۱۴۰۶ کان
۱۴۲۰ ۾ ٺهيا هئا ۽ سال ۱۹۲۵ کان وٺي اهي ميوزيم ٿي ويا
آهن، انهن محلن کي چين جي منگ ۽ ڪنگ بادشاهن ٺهرايا هئا.
ٻئي ڏينهن آئون بيجنگ جي مشهور پل مارڪو پولو برج ڏسڻ ويو هوس، اها بيجنگ
جي هڪ پراڻي ۽ تاريخي پل آهي، جپان ۷ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي چين تي حملو ڪري اچي هن پل وٽ پهتا هئا، اتي چيني ڪامريڊن ۽ جپاني
فوج جي وچ ۾ لڙائي لڳي هئي.
مون پل ڏانهن ڏٺو هو ٻنهي پاسن کان لڳل پٿر جا ٺهيل شينهن پل جي سونهن
۾ واڌارو آڻي رهيا هئا. هي پل ۱۱
آرچن تي بيٺل آهي، سائين نثار
احمد بلوچ مون کي ٻڌايو ته هتي ۷ جولاءِ ۱۹۳۷ع ۽ ۱۸ سيپٽمبر
۱۹۳۱ تي
وڏيون جنگيون ٿيون هيون.
هن پل جي ڊيگهه ڪيتري هوندي مون پل ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”اٽڪل ۱۶۶ ميٽر ڊگهي ۽ ۹ ميٽر ويڪر اٿس“ هن چيو. اهو
دوست پاڪستاني سفارتخاني ۾ فرسٽ سيڪريٽري هو ۽ ڪيترن ڏينهن کان مون کي بيجنگ جا ڪجهه
هنڌ جهڙوڪ سمر پئلس وغيره ڏيکاري چڪو هو.
مون کي اها پل ڏسندي حيدرآباد سنڌ جي مشهور ڦليليءَ واري پل ياد اچي وئي،
پٿر جي ڪمانين سان ٺهيل پل ان جي ڀرسان ٽنڊو ٺوڙهو ۽ اوريان ٽنڊو آغا ۽ اسان جي قيصر
سئنيما ۽ (مان ماضي ۾ گم ٿي ويس. سائين ڇا پيا سوچيو؟ نثار بلوچ جي آواز تي مان سنڌ
مان موٽي اچي مارڪو پولو برج تي پهتس، اسين بيجنگ جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع هوٽل کان ۱۵ کان ۲۰ ڪلوميٽر پري فينگٽائي ضلعي
۾ هئاسين، هيٺ يونگ ڍنگ درياهه آهستي آهستي وهندو ڏٺو، اهو درياهه وڃي ملڪ جي هڪ وڏي
درياهه هاڻي ۾ شامل ٿيندو آهي. بيجنگ شهر جي مختلف ڀاڱن مان يونگ ڍنگ درياهه وهندو
آهي، درياهه جي مٿان ٺهيل اها پل سال ۱۱۸۹
۾ ٺهڻ شروع ٿي هئي ۽ ۱۱۹۲ ۾ مڪمل ٿي، ڪيترن ئي ٻوڏن
هن پل کي نقصان پهچايو، بعد ۾ ان جي مرمت به ٿي، مشهور سياح مارڪو پولو ۱۳ عيسوي ۾ چين جو دورو ڪندي
هتي آيو هو، ۱۹۴۹ع ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي ٺهڻ کان پوءِ هن پل تان موٽر
۽ بس وغيره نٿي هلي سگهي، سڄي پل جي ٻنهي پاسن کان پٿر جا ٺهيل شينهن هن پل جي ڄڻ حفاظت
ڪري رهيا هئا. ڪاش هن پل وانگر حيدرآباد جي ڦليلي واري پل جي حفاظت ٿئي ته اهو به هڪ
تاريخي ورثو بڻجي وڃي (مون سوچيو هو).
اوچتو تيز هوا جو هڪ جهوٽو منهنجو وار اڏائيندو هليو ويو، مون سامهون
بيٺل وڻن ڏانهن ڏسندي چيو هو، چين واقعي عظيم آهي ۽ ڪميونسٽ انقلاب هن کي ترقي جي راهه
تي آڻِي ڇڏيو آهي ۽ اڄ مان سوچيان ٿو ته چين ۱۹۴۹ع کان وٺي تمام گهٽ وقت ۾ ڪيڏي نه ترقي ڪري ورتي. ڪيترن ئي مغربي ملڪن
جي ننڊ حرام هوندي آهي ته اهي پنهنجي ملڪن جي بجيٽ جي کوٽ کي ختم ڪن پر چين ۾ ائين
ناهي، ڪيترا يورپي ملڪ سندس قرضي آهن. چين روانگي واپار ۾ هن وقت سڀني ملڪن کان اڳتي
آهي، هن وقت وٽس ۳۴ کرب
۽ ۴۰ ارب
ڊالرن جو پرڏيهٿي ناڻو آهي، ان ۾ ۶۵
سيڪڙو آمريڪي ڊالر، ۲۶ ڪروڙ يوروز، ۵ سيڪڙو برٽش پائونڊ، ۳ سيڪڙو جاپاني پين آهي، چين
آمريڪي بينڪ کي به قرض ڏيندڙ آهي.
No comments:
Post a Comment